قوم جو ڳاٽ اوچو ڪندڙ پاڪ فوج کي سلام

 

اسان جي پياري وطن پاڪستان تي، رات جي اونداھيءَ ۾ بزدل دشمن ڀارت حملا ڪري شھري آبادي ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب پاڪستان سميت آزاد ڪشمير جي معصوم شھرين کي شھيد، زخمي ڪيو ويو ، اسان جي ملڪ جي امن پسند ماڻهن کي ميزائيلن سان نشانو بڻائي حملا ڪري ڀارت پاڻ کي دلير ۽ بھادر ملڪ ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. پر ڀارت جڏهن پاڪستان جي مختلف علائقن تي ميزائيل حملا ڪيا، ته انھيءَ آپريشن کي سنڌور جو نانء ڏنو ويو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀارت کي جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ھو ته سنڌو درياهه اسان ڪروڙين سنڌين جي تھذيب ۽ ثقافت سان اسان جي جياپي جو ذريعو آهي، اسان سنڌو جو پاڻي پیئندڙن جي لاءِ درياهه مقدس آهي۔ نريندر موديءَ ۽ ڀارت کي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن ڀارت سنڌو درياهه سان ھٿ چراند ڪئي ته پوءِ سنڌوءَ درياه مان يا ته اسان سنڌين جي لاءِ پاڻي وھندو يا پاڻي روڪيندڙن جو خون وھندو۔ انھيءَ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي بيان تي ڀارت تمام گھڻو شور شرابو ڪيو۔ نيٺ ھنن پاڪستاني سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان تي حملا ڪيا۔ رات جي اونداھيءَ ۾ دشمن جي ڪيل وار جو جواب پاڪستان جي عظيم بھادر فوج اھڙو ڏئي چڪي آهي جو ڀارت جي انتها پسندن جي حڪومت،  فوج ۽ ايجنٽن کان ويندي لٻاڙي ميڊيا جون وايون بتال ٿي ويون آهن۔ جڏهن ته پاڪستان جي قوم ۽ عوام فخر محسوس ڪري رھي آھي۔ پاڪ فوج ڀارت کي جيڪو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ان سبب ڀارت جو تاريخي نقصان ٿيو آهي۔ جڏهن ته اسان پھرين ئي چيو پئي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط مستحڪم آهي پاڪستان جي سالميت جي طرف جنهن به ميري اک سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئی ته انھيءَ جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين ملڪ دشمن جا سمورا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسین ۽ دنيا اھو پنهنجي اکين سان ڏٺو۔ جڏهن ته ھي جنگ جاري آهي۔ ھن وقت تائين دشمن کي تمام گھڻو نقصان پهتو آهي، سندس ڪيترائي جنگي جھاز ڪري چڪا آهن ڪيترائي ڊرون به ڪيرائي ڇڏيا آهن ڪيتريون ئي چوڪيون تباھ ٿي چڪيون آهن۔ اطلاع ته اھئي به آھن ته ڀارت جا ڪيترائي فوجي پاڪستان جي فوج پڪڙي ورتا آهن جنهن سبب ڀارت جا ھوش خطا ٿي ويا آهن۔ نريندر موديءَ ھن خطي کي جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي قومي جذبي سان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي۔  اسان ڪروڙين پاڪستانين کي پنهنجي وطن پاڪستان ۽ پاڪستان جي سپريم ڪمانڊر آصف علي زرداريءَ، پاڪ فوج جي سپهه سالار آرمي چيف جنرل عاصم منير ، سميت ھر پاڪستاني وطن جي لاءِ عظيم جذبو رکندڙ تي ناز آهي ته اسان جي پياري وطن پاڪستان جي واڳ ھڪ عظيم، دانشمند، بھادر، مضبوط ارادي جي مالڪن جي ھٿن ۾ آهي۔  ڀارت عقلمندي جو مظاهرو ڪندي شڪست قبول ڪري ڳالھين جي ميز تي اچي، سنڌ طاس معاھدو بحال ڪري، ڪشميرين کي حق حاڪميت ڏيڻ جو اعلان ڪري، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير جو مسئلو حل ڪري۔ گڏوگڏ ڀارت جي امن پسند عوام کي گھرجي ته ڀارت جي انتها پسندن جي حڪومت ۽ نريندر موديءَ جي خلاف جدوجھد ڪري کيس گھر ڀيڙو ڪري۔ نريندر موديءَ ۽ ڀارت ھوش کان ڪم نه ورتو ته کيس عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي۔

 

وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گهنور

 

ڀارت جا پاڪستان تي حملا

 

اسان جي حڪومت جي تياري اڌوري رهجي وئي ۽ دشمن مڪمل تياري سان پاڪستان تي حملا آور ٿي ويو ۽ اسان پنهنجي قوم جا لاش نعره تڪبير سان دفن ڪندا رهجي وياسين۔ هميشه جيان حملن کان پوء هنگامي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ڪوٺائي ان جو اختيار فوج حوالي ڪيو ته هو جڏهن مناسب سمجهي پاڪستان تي حملي جو جواب ڏئي جيڪا نهايت افسوس جي ڳالھ آ جيڪا فوج گذريل ٽن سالن کا هر قسم جي جنگ لاء تيار هئي اها حملي بعد به حڪومتي منظوري جي منتظر نڪتي جيڪا نهايت تشويشناڪ ڳالھ آ۔ جنهن فوج جو ڪم ئي مڪمل چوڪسي رکڻ ۽ دشمن جي هر جنگي حملن جو بروقت ترت جواب ڏيڻ هوندو آ سا حڪومت کان منظوري وٺڻ لاء پئي هنگامي اجلاس ڪوٺائي۔ جنهن شخص جو پورو گهر هڪ ڌڪ سان هليو وڃي ان جو درد ناقابل بيان آ پر سلام آ ان مجاهد ڪشميری کي جنهن پنهنجي رب جي رحمت تي اڄ به اعتماد ظاهر ڪيو ۽ چيو دشمن کان هو خوفزده نه ٿيندا بلڪه هاڻي پوري قوت سان ڀارت تي حملو ڪري پنهجي ڪشمير کي آزاد ڪرائيندا۔ پنهنجي آزاديء جي تحريڪ نئين روح سان شروع ڪندا۔ ڀارت بزدل رات جي انڌيري ۾ حملو ڪيو پر اسان ڏينهن جي روشنيء ۾ حملو ڪنداسون ته هن کي خبر پوي ته الله تي يقين رکڻ وارا ڪيئن حملو هن ڪندا آھن۔

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور

 

گھارو شھر لاءِ بائي پاس روڊ جي اشد ضرورت‎

 

گهارو شھر جي مرڪزي روڊ تي روزانو کوٽايون، ترقياتي ڪم ۽ سياسي ريليون يا احتجاج هئڻ ڪري ٽرئفڪ جي رواني سخت متاثر ٿئي ٿي. اهڙين حالتن ۾ شھرين ۽ مسافر گاڏين کي ڪلاڪن تائين ٽرئفڪ جام ۾ ڦاسڻو پوي ٿو، جنهن سبب اسڪول، اسپتال، آفيسن پھچڻ ۽ ٻين اهم ڪم ڪار ۾ دير ٿئي ٿي. سنڌ حڪومت کان گذارش آهي ته گھارو شھر لاءِ ترت هڪ مؤثر بائي پاس روڊ جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن مسافر  گاڏيون شھر ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ بائي پاس وسيلي گذري سگهن. هي قدم نه رڳو ٽرئفڪ جو دٻاءُ گهٽ ڪندو، پر عام ماڻھن جو قيمتي وقت پڻ بچائي سگهندو.

 

علي رضا سومرو/ڪراچي

 

تلھار جو شھر ٻيھر منشيات جو ڳڙھ بڻجڻ لڳو؟

 

تلھار ۾ ھڪ ٻه منشيات فروش اڳ ۾ گٽڪو، سفينا جا وڏا ڊيلر ھوندا ھئا جن جو ڪاروبار وڏي عروج تي ھلندو ھو۔ جڏھن بدين سي آئي اي ۽ ايس ايس پي نوٽس ورتو ۽ تلھار ۾ مختلف جاين تي رات جي پيٽ ۾ گھرن ۾ ڇاپا ھڻي ثبوتن سان گڏ پڪڙي پوليس ڪيس داخل ڪيا ھئا ان کانپوء منشيات فروشن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو ھو۔ جيئن جيئن تلھار ۾ بھترين آفيسر ايندا رھيا تيئن تيئن منشيات مڪمل طور تي بند ٿيڻ لڳي ۽ اھي وڏا ڊيلر منھنجي خيال ۾ جوء ئي ڇڏي ويا بدين ضلعي مان بدر ٿي خوف مان ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڪرڻ لڳا۔ اڄ به پراڻا تلھار جا منشيات جا ڊيلر مٺي ميرپورخاص یا ٻين ضلعن ۾ ساڳيو ڪاروبار ڳريون منٿليون ڏيڻ بعد ڪري رھيا آھن۔ ھن وقت تلھار پوليس کان لڪي مختلف جاين تي مختلف ماڻھو منشيات جو ڪاروبار ڪري رھيا آھن۔ ھن وقت تلھار ۾ گٽڪو، مائو، سفينا، مين پڙي، چرس، ڀنگ، آفيم، آئس جھڙي منشيات جو ڪاروبار ڳجھ ڳوھ ۾ ھلايو پيو وڃي جنھن جي ڀڻڪ به پوليس کي ناھي پئي۔ شھر ۾ مختلف جاين تي ڪيبينن توڙي گھرن مان ساڳيو منشيات ۾ ڪم ايندڙ وکر رکي ٻاھر گراھڪ جي آرڊر موجب اوترو ئي کڻائي اچي ٻاھر ڏنو ويندو آھي۔  منشيات ھلائيندڙ ٻه سئو کان ھڪ ھزار جي منشيات پنھنجي کيسي ۾ رکي ڪيبينن کان ٿورو پري بيھن ٿا جڏھن گراھڪ اچي ٿو تہ ڪيبين تي ويٺل ھڪ اشاري سان ان گراھڪ جو گھربل سامان فوري گھرائي وٺي ٿو۔ اھڙي ريت ھر نشو وکر وانگي ھلي رھيو آھي۔ منشيات فروش پوليس جي اکين ۾ مٽي وجھي کلي عام ھي ڪاروبار ڪرڻ لڳا آھن۔ ايس ايچ او کي گھرجي ته ھو مختلف چوڪن تي قائم ڪيبينن تي نظر رکي ثبوتن سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙن کي پڪڙي منشيات ايڪٽ تحت ئي ڪيس داخل ڪري ھن موذي مرض مان عام ماڻھن کي بچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري۔

 

عاجز انور لاشاري

 

تعليم تي سوديبازي؟ نوشهري مان اٿندڙ هڪ جهونج

 

نوشهروفيروز جي پيپلز اسڪول ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي ضلعي ۽ ريجنل اختيارين خلاف سيشن جج ۽ ايڪس آفيشيو جسٽس آف پيس نديم بدر قاضي پاران ڏنل تاريخي حڪم مقامي سطح تي تعليم جي نالي تي هلندڙ بيقاعدگين کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت نه رڳو ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر اينٽي ڪرپشن کاتي کي پڻ جاچ جي هدايت ڪري هڪ اهم مثال قائم ڪیو آهي. هي فيصلو غلام فاروق مستوئي جي داخل ڪيل درخواست جو آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته سندس نياڻي، جنھن داخلا ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ان کي داخلا نه ملي. هن الزام هنيو ته اسڪول انتظاميا بااثر ماڻهن، اسٽاف جي مٽن مائٽن ۽ مخصوص ڌرين کي بوگس داخلا ڏني. پڇا ڳاڇا تي کيس موتمار ڌمڪيون به ڏنيون ويون. عدالت، ٻنهي ڌرين جي دليلن کي ٻڌڻ بعد، ايس ايچ او نوشهروفيروز کي ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ اينٽي ڪرپشن کي قانوني جاچ شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي واضح ڪيو آهي ته تعليم جهڙي حساس شعبي ۾ ڪنهن به قسم جي ناانصافي يا اقرباپروري کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن معاملي سان صرف هڪ فريادي جي نه پر پوري ضلعي جي والدين جي اميدن جو تعلق آهي. جيڪڏهن تعليم، جيڪا مستقبل جي تعمير جو بنياد آهي، ان ۾ به سياسي مداخلتون، سفارش ۽ ڪرپشن کي جڳهه ڏني وڃي ته پوءِ انهن شاگردن جو ڇا قصور، جيڪي محنت ڪري ٽيسٽ پاس ڪن ٿا پر دروازا سندن منهن تي بند ٿي وڃن ٿا؟ هاڻي حڪومت، SEF ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي صرف رپورٽون نه پر عمل ڏيکارڻو پوندو. جيڪڏهن اسڪولن جي داخلا نظام ۾ اهڙيون بيقاعدگيون آهن ته انهن جو خاتمو ترجيحي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي. هن عدالتي حڪم کي هڪ موقعو سمجهي، تعليمي ادارن جي اندر احتساب جو عمل تيز ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان تعليم کي ئي ڪرپشن کان محفوظ نه رکي سگهياسين، ته پوءِ ترقي، برابري ۽ معاشرتي انصاف صرف ڪتابن جي ڳالهين تائين محدود رهجي ويندا.

 

آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو

 

اچو ته عورتن کي آزاد بنايون

 

عورت هڪ اهڙي پياري مخلوق آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ خاموش ماحول ۽ تمام گهڻي ذهانت جي ضرورت آهي۔ عورت ٿيڻ جو سفر ڪيترو نه خوبصورت ۽ دلڪش هوندو آهي۔ عورت هڪ وقت ۾ هزارين ڪردار ادا ڪري ٿي، هوءَ ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي زال، ڪنهن جي ماءُ آهي، ان سان گڏ هوء ڪنهن جي چاچي ته ڪنهن جي ماسى۽ مامى به آهي۔ عورت ڏاڍي مضبوط آهي۔ ڪجهه مهينا اڳ مون هڪ ڪتاب پڙهيو، جنهن جو نالو “The Book of Woman” آهي

هي ڪتاب 226 صفحن تي مشتمل آهي، مڪمل طور تي عورت جي سمورين سرگرمين کي مدنظر رکندي لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ عورت جي خوشين، مسئلن، سماج سان تعلق، سوچ، حقن، راز ۽ سندس بنيادي ضرورتن بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

جنهن طريقي سان هن ڪتاب ۾ عورت جي پسند ۽ ناپسنديده شين بابت ذڪر ڪيو ويو آهي، شايد اهي ڳالهيون صرف هڪ عورت ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. مون کي سڀ کان وڌيڪ حيرت ان ڳالهه تي ٿي ته هي ڪتاب لکڻ وارو هڪ مرد آهي! عورت ۽ سماج جي وچ ۾ تمام گهڻو فاصلو آهي. هي سماج عورت کي پابندين جي دائري ۾ ڍڪڻ ۽ غلام بڻائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته عورت آزادي سان محبت ڪري ٿي. اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته اسان آزاديءَ جي صحيح معنى نٿا ڄاڻون. منهنجي نظر ۾ آزاديءَ جي صحيح معنى آهي ته عورت کي رڳو گهر تائين محدود نه ڪيو وڃي، هن جي هٿن ۾ چوڙين جي بدران قلم ڏنو وڃي ۽ هن کي پنهنجي مڪمل خيالن کي سماج جي سامهون رکڻ جو حق حاصل هجي. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون هيون، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ مان پاڻ به ڏک ۾ هيس. اهي ڳالهيون مڪمل طور تي درست لڳي رهيون هيون، پر جڏهن مون سماج ڏٺو ته اهي سڀ حقيقت کان تمام پري نظر آيون. مون وٽ اڄ مڪمل لفظ نه آهن ته مان بيان ڪري سگهان ته هي ڪتاب ڪيترو بهترين آهي۔ اهو لازمي آهي هر عورت لاءِ ته هوءَ هي ڪتاب پڙهي ۽ سمجهي ته هوءَ ڪيتري حسين آهي. جيڪڏهن عورت جي قرباني جي ڳالهه ڪيون ته هوءَ هر روز قرباني ڏئي ٿي، ماءُ جي محبت کي نظر ۾ رکندي ھو پنهنجي ٻارن کي پهرين کارائي ٿي ۽ پوءِ جيڪو به ٿڌو بچیل کاڌو گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پيٽ ڀرڻ لاءِ پاڻ کائندي آهي۔ کاڌى جو سواد ھن تڏھن ڇڏى ڏنو جڏهن هن پاڻ تي ذميواريون  وڌیون، عورت گهر توڙي ٻاهر جا ڪيترائي ڪم بهادري ۽ شعور سان ڪندي آهي۔ هن پاڻ کي ايترو ته مضبوط ڪيو آهي جو طوفان اچڻ تي به سندس پنھنجو ايمان ۽ همت ٽٽي نہ. مان پاڻ هڪ عورت آهيان، جڏهن مون پاڻ کي هن شفا جي جدوجهد ۾ ڏٺو، مون محسوس ڪيو ته هڪ وڏي شهر ۾ اڪيلو رهڻ ۽ گهر جي چوڌاري ۽ ٻاهران سڀ ڪم ڪرڻ آسان ناھي عورت جڏهن ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته هو چوويهه هزار ڪم ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪري ٿي، ان ۾ اڳتي وڌڻ ۽ تاريخ جي صفحن تي پنهنجو نالو سونهري لفظن ۾ ڏسڻ جي تمنا قائم رھي ٿي۔ عورت هڪ دیوی آهي ۽ ان جي عزت ڪرڻ سڄي سماج جو فرض آهي، اسان کي عورتن جي ڪوششن کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ سندس همت وڌائڻ گهرجي۔ هن جي ڪم کي ساراهيندي هن کي اڳتي وڌڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گھرجي۔ اچو ته هر ان عورت کي پنهنجي ڀيڻ ۽ ماء جو درجو ڏیون جیڪا پنھنجو نالو روشن ڪرڻ لاء پنھنجي حفاظت جي دائري مان نڪري ۽ پنھنجي حق لاء آواز اٿاری ٿي، اچو ته سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته اڄ کان هر عورت کي آزاد بڻائينداسين ته جيئن هو هن سماج ۾ پنهنجا ڪم ڪري ۽ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي سگهي ۽ سماج اندر اوتري عزت بنائي سگھجی جیتری ھڪ مرد جي آهي۔

 

لڪشا ڪمليش جڳرو