پاڪستان خلاف فضائي جارحيت جو ڀارت کي سڌو جواب!.
ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ ميزائيل حملن بعد ۽ پاڪستانين جي جاني نقصان بعد پاڪستان طرفان به ڀارت کي ڀرپور جواب مليو آهي جنهن 05 ڀارتي رافيل جهازن ۽ برگيڊ هيڊڪوارٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اها ئي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جي بزدلاڻي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. جڏهن ڀارت پاڪستان جي فضائي حدن ۾ حملي لاءِ 4 جهاز اڏاريا جن کي پاڪستان طرفان هڪ گاڏي تي نصب ڪيمري سسٽم وسيلي بيوس ڪيو ۽ انهن کي ڪيرائي وڌو جيڪا پاڪ فوج جي چاڪ و چوبند ۽ پرجوش جوانن جي ڪاميابي آهي، جيڪي ملڪ جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن. هن وقت پهلگام واقعي کان بعد پاڪستان جي ٽنهي فوجن جا جوان پنهنجو مثال پاڻ آهن. ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي چيف ايئر مارشل ظهير بابر جنهن جنگي مشقن ۾ پاڻ حصو ورتو هو ۽ دشمن کي ٻڌايو هو ته انهن جي فوج ڪيتري چاڪ و چوبند آهي جيڪا پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ لاءِ بيتاب رهندي آهي جيڪا ڀارت طرفان پاڪستان خلاف هر جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهندي آهي. هن وقت جن سان پاڪستاني قوم مڪمل يڪجهتي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. جيتري قدر پاڪستان فوج جي جوابي قدمن جو تعلق آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي طاقت آهي جنهن جي فوج جي صلاحيتن کان دنيا واقف آهي پاڪستان جو دشمن ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪابه دير ڪندو. جيڪو هر جارحيت جو دشمن کي فوري جواب ڏيندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڀارت پنهنجي شرارتي حرڪتن ۽ هر قسم جي جارحيت کان پاسو ڪري جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪستان خود هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ڪھاڻي: داخل ٿيندڙ دروازو ۽ نڪرندڙ ميرٽ
چمڪندڙ چھرا، سڌو سترهين گريڊ جي پوسٽ تي آفيسرن طور نظر آيا. آفيس جي فضا ۾ ٿڌڙي حيراني ڇانئجي وئي. سڀئي چون پيا، امتحان ته ٿيو هو، پر ڪنهن ڏٺو؟ ڪنهن کي نوڪري ملي! هڪ پراڻو آفيسر، جنهن جي خدمت جا سال فائيلن سان گڏ پراڻا ٿي چڪا هئا، انھن نون ڀرتي ٿيل آفيسرن کان پڇيو: بابا، تعليم ڇا آهي اوهان جي؟
هڪ مسڪرائيندي چيو، بي ڪام. ٻئي فخر سان، ساڳيو، بي ڪام! ٽيون ٿورو ماٺ ڪري: بس، بي ڪام ، پر اڳتي پڙهڻ جو ارادو آهي.
آفيسر وراڻيو: ايتري اوچي ڪرسي، ايتري سادي ڊگري؟ اسان ته ڏهاڪن جا ڏک کاڌا آهن، تڏهن به دروازن تي بيٺل آهيون! ماشاءَ ﷲ خوشنصيب آھيو! توھان جنھن منزل تي پھتا آھيو اتي پھچڻ لاءِ آفيس جي سينئرن کي پنجويھه کان ٽيھه سال لڳي ويندا آهن. پوءِ آفيسر هڪ ٻيو سوال ڪيو: توهان کي ڪمپيوٽر هلائڻ ايندو آهي؟ اسان وٽ صرف ڪمپيوٽر جو ڪم آهي.
انهن جواب ڏنو: سر، شارٽ ڪورس ڪيا آهن، ڪمپيوٽر سان دوستي آهي، انشاﷲ جلدي سکي وينداسين ! ۽ پوءِ آفيس ۾ سڀ ڪنهن جي زبان تي هڪ جملو هلڻ لڳو: ڪروڙن جو ڪمال آ، نوڪري جي ڳالھه آ. پگهار ۾ پيا پنڌ ڪرڻا، ميرٽ کي سلام آ!
شعيب احمد
ڪنهن در ڏجي دانهن.؟سانگي برادري جو تڪرار حل ڪرايو
هيءَ ڪهاڻي دل کي ڏکوئيندڙ هڪ اهڙي اداڪار، ڊائريڪٽر جي آهي، جنهن پنهنجي فن سان زندگين ۾ رنگ ڀريا، پر اڄ پاڻ بي رنگ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. محترم عزيز سانگي گذريل ستن سالن کان روپوش آهي. هن روپوشي جو سبب اسان جي سماج جي اها تلخ حقيقت آهي، جتي ڏوهه ڪو ٻيو ڪري ٿو ۽ سزا ڪنهن ٻئي کي ڀوڳڻي پوي ٿي. عزيز سانگي ۽ سانگي برادري جو هي جهيڙو ڪو پهريون يا آخري واقعو ناهي. ماضي ۾ به اهڙا وڏا جهيڙا ٿيا آهن، جن ۾ ويهن خونن جا فيصلا به ٿي چڪا آهن. پر افسوس جو سانگي برادري جي ٻن خونن جو مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. لاڙڪاڻو، جنهن کي وڏن سردارن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، اُهي سردار جيڪي هر وقت عوام جي هڏڏوکي هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، اهي هڪ ستن سالن جي پراڻي ۽ ناسور بڻيل تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن. هڪ وڏو سوال جيڪو هر شعور رکندڙ انسان جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي اهو هي آهي ته ڇا واقعي لاڙڪاڻي جا اهي بااثر سردار يا مذهبي جماعتن جا اڳواڻ هن جهيڙي کي ختم ڪرڻ نٿا چاهين؟ ڇا انهن جي خاموشي هن تڪرار کي وڌائڻ جي خواهشمند آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ انهن جي انسانيت ڪٿي آهي؟ انهن کي خدا ۽ سندس رسول ﷺ جو واسطو ڏئي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اهي پنهنجن ذاتي مفادن کي هڪ طرف رکي هن نازڪ صورتحال جو احساس ڪن ۽ هن تڪرار کي حل ڪرائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻن. ڇو ته دير ٿيڻ سان معاملو وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو ۽ ان جو اثر سڄي برادري ۽ علائقي کي ڀوڳڻو پوندو. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته ڪير اڳتي وڌي هن دانهن کي ٻڌي ٿو ۽ هن مسئلي جو ڪو دائمي حل ڪڍي ٿو. امن جي دعويٰ رکندڙ چنا محلا سميت سڄي سانگي برادري ۽ علائقي جو امن امان به داءُ تي لڳل آهي. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته ڪير هن مظلوم جي دانهن ٻڌي ٿو ۽ ڪير هن مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرو ٿئي ٿو. ڇا ڪو اهڙو در آهي جتي انصاف جي گهر ڪئي وڃي ۽ هن درد جو درمان ٿي سگهي؟
ناشاد شوڪت شنباڻي
هڪ خط تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ڏانهن!
محترم جناب سيڪريٽري تعليم سنڌ سائين زاهد حسين عباسي اميد ته خوش هوندا. سائين اسان اهي ئي بدنصيب آهيون جن کي تعليم کاتي پاران 2023ع ۾ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ آفر آرڊرز ڏنا ويا، بدقسمت ان جي ڪري جو شايد آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ آفر آرڊرز ملندي 18 مهينا گذري ويا ان کان پوءِ وڃي جوائننگ ڏني وئي، اڃا به ذهني اذيت جو سلسلو جاري آهي ڇاڪاڻ ته اڃا تائين به پگهار جاري نه پئي ٿي سگهي. ٿيڻ ته ائين کپي جو اسان کي آفر آرڊرز کان پوءِ جوائننگ ۾ ئي تمام گهڻو ذهني اذيت جو شڪار بڻايو ويو هاڻي پگهارون ڏيڻ وقت ته ٿورو رحم ڪيو وڃي پر گذريل پنجن مهينن کان اڃا تائين پگهارن وارو مسئلو حل ڪرڻ ته ٺيو پر اڃا تائين ڊيٽابيس به سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن ناهي اماڻيو ويو. سائين ڇا تعليم کاتي جو صرف اهو ڪم وڃي رهيو آهي ته استادن کي ذهني اذيت ڏيندو رهي. سائين اسان آفر آرڊرز حاصل ڪرڻ کانپوءِ مسلسل هن کاتي هٿان ذهني اذيت جو شڪار بڻجي رهيا آهيون جنهن جي وڏي وجه تعليم کاتي جا بالا آفيسر آهن خدارا هنن کي ڪا هدايت ڪريو ته اسان استادن کي پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻن نه ته مجبور ٿي اسان استاد سراپا احتجاج بڻجنداسين.
سيد علي رضا شاه/ ٻيلو سجاول
ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين جي سنڌ سان ويساھ گهاتي
انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي آھي، ھر سيڪنڊ ھر منٽ ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان دنيا جي ماڊيول ۾ ھڪ نئين شيءِ داخل ٿيو وڃي، دنيا ھڪ گلوبل وليج ٿي چڪي آھي ۽ اھا سموري دنيا اسان جي کيسي ۾ پئي آھي. اھڙي جديد سائنسي دؤر ۾ به سنڌ جو نوجوان انٽرنيٽ جي سھولت کان محروم آھي، اندازو لڳايو ته اھڙي ڊجيٽل دور ۾ به سنڌ جو ٽيلنٽ حڪومتي نااھلين سبب پنھنجي صلاحيتن کي دنيا اڳيان نروار نه ڪري سگھيو ته پوءِ ايندڙ وقت ھو دنيا سان ڪيئن مقابلو ڪندو؟ انٽرنيٽ جو مسئلو تقريبن سنڌ جي ھر ضلعي ۾ آھي جنھن جو متعدد ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوئي تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، ھڪ پرائيويٽ ڪمپني جيڪڏهن پنھنجي ڪسٽمر جي شڪايت جو ازالو نٿي ڪري ته پوءِ ھن جو مطلب اھو ٿيو ته ڪمپني پنھنجا ٽپڙ ويڙهڻ واري آھي. ڪجهه ڏينھن پھريان حڪومت پاڪستان آمريڪا جي ھڪ سيٽلائيٽ ڪمپني اسٽار لنڪ کي نو آبجيڪٽوشن سرٽيفڪيٽ (NOC) پڻ جاري ڪيو آھي ته ھُو پنھنجون خدمتون پاڪستان ۾ ڏيئي سگھي ٿي، پر ريسرچ ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو آھي ته ھن ڪمپني جا پئڪيج تمام گھڻا مهانگا آھن جيڪي عام ماڻھو برداشت نٿو ڪري سگهي. ٻي پاسي فائبر انٽرنيٽ جو ڪاروبار عام ٿي ويو آھي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ فائبر انٽرنيٽ جا ڪنيڪشن لڳي رھيا آھن، جنھن سان سنڌ جي شھري علائقن کي ته سھولت آھي پر ڳوٺن جا ماڻھو ھن سھولت مان لاڀ حاصل نه ڪري سگھيا آھن. فائبر انٽرنيٽ جي سيڪيورٽي بابت به اسان کي ڪئين خدشا آھن، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي PTA کي گھرجي ته ھن بابت پنھنجي SOP جاري ته جيئن جيڪا ڪمپني انھن معيارن تي پورو لهي ته ھن کي اجازت ڏني وڃي ته جيئن عوام ڪنھن وڏي ڊجيٽل فراڊ کان بچي سگھي. ھن دور ۾ نوجوانن کي جٿي تعليم ، صحت ۽ روزگار جي آھي تيئن ئي دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ھلڻ لاءِ تيز ترين انٽرنيٽ جي پڻ ضرورت آھي، حڪومت کي گھرجي ته نوجوان کي اھا سھولت جلد مھيا ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جو نوجوان دنيا سان مقابلو ڪري سگهي.
عامر کوکر/ نوشهروفيروز
نوشهروفيروز ۾ 80 ڪروڙ روپين جو ترقياتي اسڪينڊل
نوشهروفيروزسنڌ جي اُها ڌرتي، جتي راڳ وڄن ٿا، جتي فصل گُلن وانگر لهرن ٿا، جتي انسان محبت سان جيئڻ چاهين ٿا. اڄ اوتاهه ڪري رڙيون پئي ڪري. نه پاڻي ملي ٿو، نه تعليم، نه صحت، نه روزگار ۽ مٿان ظلم جو ايترو ته وڏو طوفان، جو 80 ڪروڙ روپين جو ترقياتي اسڪينڊل سندس زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي. هي لٽ مار ناهي، هي بربريت آهي! هي ڪرپشن نه، هي عوام جي جسم مان رت ڪڍڻ واري ڪارروائي آهي. ترقي جي نالي تي، وزيراعليٰ جي خاص فنڊ مان ايم پي اي ممتاز چانڊيو جي حلقي لاءِ جاري ٿيل 80 ڪروڙ روپيا، عوام تائين پهچڻ کان اڳ ئي هاءِ ويز جي انجنيئرن، آفيسرن، سپرا، اي سي ۽ ٺيڪيدارن جي وچ ۾ ورهائجي ويا. ڪن ماڻهن کي اڳواٽ ئي رقمون ادا ٿي ويون، حالانڪه اهي ڪم اڳ ئي مڪمل ٿيل هئا. ڇا اهو انصاف آهي؟ ڇا هي عوام لاءِ فنڊ هئا يا ٺيڪيدارن جي عيش لاءِ؟ ايوانن کان سوال آهي: ڇا سنڌ صرف نعرن لاءِ آهي؟ سنڌ سان ائين ڇو؟ ڪراچي، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد ته وري به ڪجهه حصي ۾ ترقي ڏسن ٿا، پر نوشهروفيروز؟ مورو؟ ڀريا؟ ڪنڊيارو؟ محراب پور؟ ھنن علائقن کي ته ڄڻ جسم مان ڪڍيل هڏين وانگر ڀڃي بيهاريو ويو آهي. هر دور ۾ محروم، هر حڪومت جي دور ۾ بي وس! پر هاڻ ته حد ٿي وئي – هاڻ ته عوام جي ترقي جي نالي تي ساڳين پراجيڪٽن جا نالا ٻيهر لکي، نوان فنڊ کڻي، ڌارين وانگر ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. نوشهروفيروز جو عوام – رڙيون ڪري ٿو، پر ٻڌڻ وارو ڪير؟ هتي رستا ڀڳل، نالا بند، ڳوٺ ٻڏل، نوجوان بيروزگار، نياڻيون تعليم کان محروم، زالون اسپتال کان اڳ ئي گهر ۾ دم ڏئي ڇڏين. پر ٺيڪيدارن جا بنگلا ٺهڻ ۾ مشغول. آفيسرن جا ٻار پرڏيهي اسڪولن ۾، ۽ هتي جو غريب پيءُ پنهنجن ٻچڙن کي هڪ ڪاپي به وٺي نه ٿو سگهي. آخر سنڌ جي هن ڌرتيءَ تي ائين ڇو ٿو ٿئي؟ اسان جا ووٽ، اسان جا وسيلا، اسان جا فنڊ – اوهان جي هوٽلن، اوهان جي فائلن، اوهان جي بي ضمير پاليسين ۾ هضم ڇو ٿي وڃن ٿا؟ مان اوهان سڀني کان ٿو پڇان – سنڌ جو عوام اوهان کان اهو ئي سوال ٿو پڇي: 1. 80 ڪروڙ روپين جي جوابدهي ڪير ڪندو؟ 2. ڇو ساڳيا پراجيڪٽ ٻيهر ڏيکاري فنڊ جاري ڪيا ويا؟ 3. ڇو بغير اشتهار، خفيه نموني ٺيڪيدارن کي ٺيڪا مليا؟ 4. ڇو اين آءِ ٽي هٽائي وئي؟ 5. آخر ڪڏهن سنڌ جا ضمير جاڳندا؟ جيڪڏهن هاڻ به خاموشي رهي ته سڀاڻي هر ضلعي ۾ اهڙي ئي ڦرلٽ ٿيندي. نوشهروفيروز جي هي بيدردي سان ٿيل ڪرپشن جو اسڪينڊل، فقط هڪ علائقي جي نه، بلڪه سڄي سنڌ جي غيرت جو امتحان آهي. جيڪڏهن اڄ اسين خاموش رهياسين ته ايندڙ نسلن جي روئڻ جا ذميوار به اسين هونداسين. مطالبو آهي ته: فوري عدالتي انڪوائري، ڪرپٽ عملدارن ۽ ٺيڪيدارن جي فوري گرفتاري، شفاف جاچ، عوام آڏو سڀني منصوبن جي تفصيل مهيا، سياسي سرپرستن جو نالو پڌرو ڪيو وڃي
آفتاب ملاح/ ڪنڊيارو
شڪايتن جو جديد نظام اختيار ڪرڻ گهرجي
آءِ جي سنڌ توجه ڏي پنهنجي آن لائن شڪايتي پورٽل تي ساڻ واٽس ايپ ۽ اي ميل شڪايتن تي پڻ شڪايت نمبر جاري ڪري شڪايتن جي ترت حل جو ڪو مڪينيزم ٺاهي صرف ڪمپلين درج ڪرڻ بعد ٽريڪ نمبر ڏيڻ نه پر پوري ان جي اپڊيٽ ساڻ هارڊ ڪاپي شڪايت ڪندڙ کي ڏني وڃي. ساڻ هر ضلعي جي ڪمپلينٽ سيل کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته هر شڪايت ڪندڙ کي پنهنجي شڪايت جو نمبر ساڻ آفيس جي مهر پڻ هڻي ڏني وڃي ڪاپي تي ته جيئن شڪايت ڪندڙ کي ثبوت هجي ته هن شڪايت ڪئي ان جي حل نه ٿيڻ تي هو بالا آفيس لک پڙهه ڪري سگهي. اسان جولاءِ 2024 ۾ پنهنجي گهر جي گهٽي مان موٽر سائيڪل چوري جي شڪايت لکيدر ٿاڻي ساڻ 15 ۽ آءِ جي جي پورٽل تي ڪئي پر نه اڄ تائين موٽر سائيڪل ملي نه ئي آءِ جي آفيس کان لکت ۾ اميد افزا جواب. ها باقي ٿاڻي تي وڃڻ سان اها اميد ڏياري پئي وڃي جيئن ملندي تيئن توهان ڏي فون ڪنداسون. اسان ته چونداسين 90 سيڪڙو چوري جون موٽر سائيڪلون يا ته ڪٻاڙ ۾ کپايون وڃن يا وري چنگچي رڪشن ۾ پيون استعمال ٿين يا وري ٻهراڙين ۾ گاهه پٺي طور ڪاٺي جو گاڏو ۽ موٽرسائڪل جو استعمال پيو ٿئي سو هر چنگچي کي به هڪ نمبر ڏيو ساڻ انهن ۾ موٽرسائيڪلن جي چيچز نمبر و انجڻ نمبر لازمن نمايان هڻن ته جيئن چڪاس ڪندڙ پوليس کي انهن جي خبر پوي. سو اسان هڪ دفعو ٻيهر آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪنداسون پنهنجي واٽس ايپ ۽ اي ميل ۽ پورٽل تي ٿيندڙ شڪايتن جو هفتيوار جائزو وٺو ته ڪيتريون شڪايتون ٿيون ڪهڙن آفيسرن انهن جو ازالو ڪيو ڪهڙن آفيسرن انهن شڪايتن کي ردي سمجهي اڇلايو يا ائين چؤن ان کي تحقيقات قابل ئي نه سمجهيو. اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي مان هر عوامي مسئلي جي حل جو فائدو ورتو وڃي ۽ ساڻ ھفتي ۾ شڪايت جو حل ڪڍڻ گهرجي ۽ سائل کي پنهنجي فرياد داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻن تي نه وڃڻو پوي جنهن لاءِ آنلائن فرياد داخل ٿي ساڻ ھڪ حلفيه بيان سان ته جيئن ڪو ڪوڙي شڪايت نه ڪري سگهي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته سنڌ جي رستن جي ترقيءَ تي خاص ڪم ڪري
سنڌ پاڪستان جو هڪ اهم ۽ قديم صوبو آهي، جيڪو نه صرف قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر ان جي جاگرافيائي حيثيت به انتهائي اهميت رکي ٿي. سنڌ جا ڪيترائي علائقا، خاص ڪري ڳوٺاڻا ۽ پٺتي پيل علائقا، اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. انهن مان هڪ اهم مسئلو خراب ۽ ٽٽل رستا آهن، جيڪي نه صرف ماڻهن لاءِ تڪليف جو باعث بڻجن ٿا، پر واپار، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن کي به متاثر ڪن ٿا. وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته ملڪ جي هر حصي سان برابريءَ جو سلوڪ ڪري ۽ جتي به ترقي جي ضرورت هجي، اتي بغير ڪنهن فرق جي ڪم ڪري. سنڌ جي روڊن جي حالت ڏسڻ وٽان ناهي، خاص طور تي ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ ۽ ٻين پٺتي پيل ضلعن ۾ روڊن جي کوٽ سبب ماڻهو مشڪل زندگي گذاري رهيا آهن. روڊ رڳو سفر لاءِ نه پر واپار، روزگار، تعليم ۽ اسپتالن تائين رسائي لاءِ تمام اهم آهن. جيڪڏهن سٺا ۽ محفوظ رستا موجود هجن ته ماڻهو آسانيءَ سان پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ لاءِ خاص ترقياتي پروگرام ترتيب ڏئي ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي مضبوط روڊ تعمير ڪرائي. سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ جي روڊن تي ڌيان ڏيندي ته نه صرف سنڌ جا ماڻهو خوشحال ٿيندا، پر سڄو ملڪ اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيندو.
ظفر حسين ملاح