سول ڊفينس
سول ڊفينس (Civil Defense) جو مطلب آهي اهڙا قدم ۽ بندوبست جيڪي عام ماڻھن کي جنگ، قدرتي آفتن (جهڙوڪ زلزلو، باهه، ٻوڏ) يا ٻين هنگامي حالتن کان بچائڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا. سول ڊفينس جو مقصد: عوام جي حفاظت ڪرڻ. هنگامي حالتن ۾ مدد فراهم ڪرڻ. جاني ۽ مالي نقصان گهٽائڻ. ماڻهن کي تربيت ڏيڻ ته هو بحرانن ۾ ڪيئن ردعمل ڏين. ماڻهو ڇا ڪري سگهن ٿا: 1. سول ڊفينس بابت ڄاڻ حاصل ڪن: ٽي وي، ريڊيو، يا سرڪاري ذريعن کان هدايتون وٺن. 2. تربيت وٺن: فرسٽ ايڊ، باهه وسائڻ، يا ايمرجنسي حالتن ۾ مدد لاءِ ڪورس ڪن. 3. ايمرجنسي ڪٽ تيار ڪن: پاڻي، خوراڪ، دوائون، ٽارچ، ريڊيو وغيره گڏ ڪري محفوظ جاءِ تي رکن. 4. سول ڊفينس جي حڪمن تي عمل ڪن: جيڪڏهن ڪنهن علائقي کي خالي ڪرڻ جو حڪم اچي ته ان تي فوري عمل ڪن. 5. پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ رکن: ڏکين حالتن ۾ به پاڻ تي قابو رکن ۽ ٻين جي مدد ڪن. ٻارن لاءِ سول ڊفينس کي آسان ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجھايون ٿا: سول ڊفينس جو مطلب آهي: “مشڪل وقت (جهڙوڪ باهه، زلزلو، يا جنگ) ۾ پاڻ کي ۽ ٻين کي بچائڻ.” اِهو ڇو ضروري آهي؟ ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجي، پنهنجن گهر وارن ۽ دوستن جي حفاظت ڪرڻي هوندي آهي. مثال سان سمجھو: 1. جيڪڏهن باهه لڳي: فوراً ٻاهر نڪرو. وڏن کي ٻڌايو. پاڻي سان نه پر باهه وسائڻ وارو اوزار (جيڪڏهن آهي) استعمال ڪيو. 2. جيڪڏهن زلزلو اچي: ميز هيٺ ويهو. مٿي کي هٿن سان بچايو. هلو نه انتظار ڪريو جيستائين زلزلو بند ٿئي. 3. جيڪڏهن ريڊيو يا ٽي وي تي اعلان ٿئي: ڌيان سان ٻڌو. وڏن سان گڏجي محفوظ هنڌ تي وڃو. توهان ڇا ڪري سگهو ٿا؟ گهر ۾ ايمرجنسي لاءِ هڪ “بچاءُ وارو ٿيلهو” تيار رکو (پاڻي، بسڪٽ، ٽارچ وغيره) اسڪول يا گهر ۾ سول ڊفينس جي راند وانگر مشق ڪريو. جيڪڏهن ڪو ڏکيو وقت اچي، ته ڊڄڻ بدران هوشيار ٿيو.
الھڏنو راهمون/ سجاول
اقوام متحدہ بي اثر ادارو يا وڏن ملڪن جو هٿيار
جڏهن ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا جي قومن انسانيت جي نالي تي هڪ اهڙي تنظيم جوڙڻ جو سوچي ورتو، جيڪا مستقبل ۾ دنيا کي جنگ کان بچائي سگهي، تڏهن ان تنظيم جو نالو رکيو ويو “اقوامِ متحده”. نظريي طور ته هي تنظيم عالمي امن، انساني حقن، قومن جي آزادي ۽ ترقيءَ لاءِ وجود ۾ آئي هئي، پر تاريخ جي ورقن ۽ هاڻوڪي حالتن تي نظر وجهبي ته سوال اڀري ٿو: ڇا اقوام متحده واقعي امن قائم ڪندڙ ادارو آهي يا رڳو طاقتور ملڪن جو اوزار؟ اقوامِ متحده جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ان جو ڍانچو آهي، خاص طور تي سيڪيورٽي ڪائونسل جو نظام، جتي پنج مستقل ميمبر (آمريڪا، روس، برطانيا، چين، فرانس) ويٽو پاور رکن ٿا. ويٽو پاور جو مطلب آهي ته اهي ملڪ ڪنهن به قرارداد کي رد ڪري سگهن ٿا، ڀلي اها قرار داد دنيا جي سڀني ملڪن جي گڏيل مرضيءَ سان پيش ڪئي وئي هجي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته طاقتور ملڪ پنهنجي مفادن لاءِ اقوام متحده کي رٻڙ اسٽيمپ وانگر استعمال ڪن ٿا. فلسطين جو مامرو اقوامِ متحده جي بي اثريءَ جو زنده مثال آهي. 75 سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو، پر فلسطيني عوام اڃا تائين پنهنجي حقن لاءِ سڪي رهيا آهن. اسرائيل طرفان بي رحماڻو ظلم، قبضا، نسل ڪشي ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي باوجود، اقوام متحده رڳو “تشويش جو اظهار” ڪندي رهي آهي. جڏهن به فلسطين جي حمايت ۾ ڪا قرارداد پيش ٿيندي آهي، آمريڪا بنا ڪنهن شرم جي ان کي ويٽو ڪري ڇڏيندو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اقوام متحده رڳو ان وقت ئي سرگرم ٿيندي آهي، جڏهن طاقتور ملڪ چاهين؟ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جو به ڪو خاص وزن ناهي. سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جو قانوني اثر ته هوندو آهي، پر جيستائين انهن تي طاقتور ملڪ متفق نه ٿين، اهي به بي اثر رهجن ٿا. اقوام متحده جي موجوده صورت حال تي نظر وجهجي ته اهو ادارو امن جي ضمانت ڏيڻ جي قابل نه رهيو آهي. شام، يمن، افغانستان، سوڊان، ميانمار، ڪشمير – ڪهڙو اهڙو خطو آهي جتي ظلم ٿي نه رهيو آهي، پر اقوام متحده کان سواءِ مذمتي بيان جي ڪجهه نه ٿو ٿئي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقوام متحده جي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون آنديون وڃن. سڀ کان پهرين، ويٽو پاور جو خاتمو يا ان تي ڪنٽرول ضروري آهي. ڇو ته جڏهن فقط پنج ملڪ سڄي دنيا جي قسمت جو فيصلو ڪن، ته پوءِ ان کي عالمي نمائندگيءَ جو ادارو نٿو سڏي سگهجي. ان جي جاءِ تي اهڙو نظام هجي جتي هر ملڪ جي راءِ کي برابر وزن ملي ۽ انساني حقن جي حفاظت طاقت يا مفادن بدران اصولن جي بنياد تي ٿئي. اقوامِ متحده جو خواب هڪ اهڙي دنيا جو خواب هو، جتي جنگ نه هجي، ظلم نه هجي ۽ هر قوم کي عزت سان جيئڻ جو حق هجي. پر حقيقت ۾، اقوام متحده طاقتورن جي هٿان يرغمال بڻيل آهي. جيستائين ان جي ڍانچي ۾ انصاف نه ايندو، ۽ انساني حقن کي سڀني لاءِ برابر نٿو سمجهيو وڃي، تيستائين هي ادارو رڳو قراردادن جي قبرستان وانگر رهندو – جتي اميد دفن ٿيندي ۽ طاقت جي حڪمراني زنده رهندي.
حاڪم علي چانڊيو/ دادو
ٻارن جو عالمي ڏينھن ڪڏھن کان ملھايو پيو وڃي ۽ ٻارن جا حق ڇا آھن؟
ٻارن جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 1954ع ۾ يونيورسل چلڊرنز ڊي جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي ته جيئن بين الاقوامي هم آهنگي، ٻارن ۾ عالمي شعور، ۽ ٻارن جي ڀلائي کي هٿي وٺرائي سگهجي. 20 نومبر هڪ اهم تاريخ آهي ڇو ته 1959ع ۾ هن ئي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ٻار جي حقن جي پڌرائي کي منظور ڪيو. 1990ع کان ان جي سالگره پڻ ملهائيندي آهي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ، يورپ جي ٻارن جي حالت خراب هئي، ۽ گڏيل قومن جي هڪ نئين ايجنسي انهن ٻارن کي کاڌو، ڪپڙا ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ اڳتي آئي. اڄ ٻارن کان مزدوري ڪرائي وڃي ٿي، جڏهن ته هر ٻار جو حق آهي پڙهڻ. ڇوڪرين جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون ۽ شادي کان پوءِ انهن کي گهرن ۾ مجبور ڪيو وڃي ٿو ته اهي سڀئي گهر جا ڪم ڪن. اهي پاڻ به اڃا ٻارڙيون هونديون آهن ۽ ان وچ ۾ انهن جا ٻار ٿيڻ شروع ٿين ٿا. انهن کي مناسب غذا ناهي ملندي. ڇوڪرين کي ڪا به حفاظت ۽ تحفظ مليل نه آهي. هلندي ڦرندي رستي ۾ انهن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو، اغوا ڪيو وڃي ٿو. ڇوڪرين کي مڪمل غذا نٿي ملي، ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ انهن جو صحيح علاج نٿو ٿئي. يونيسيف جي رپورٽ موجب، هزارين ڇوڪريون هر ڏينهن هراسان ٿيون ٿيون، پر اهي خاموش رهنديون آهن ۽ پنهنجي گهر ۾ ٻڌائينديون به نه آهن. 38 سيڪڙو پرائمري اسڪول جا ٻار تعليم ڇڏي ڏين ٿا، جڏهن ته انهن کي صحيح طرح سان پڙهڻ ۽ لکڻ به نٿو اچي ۽ اهي مزدوري ڪن ٿا. يونيسيف مطابق هر ڏينهن 22 هزار ٻار رڳو بک سبب مرن ٿا. هر ٻار جو حق آهي اسڪول وڃڻ، پڙهڻ، بهتر غذا وٺڻ ۽ آزادي سان ڳالهائڻ، پنهنجي مسئلن کي بيان ڪرڻ ۽ حفاظت حاصل ڪرڻ. بين الاقوامي ڏينهن جو وجود گڏيل قومن جي قيام کان اڳ جو آهي، پر گڏيل قومن انهن کي هڪ طاقتور وڪالت اوزار طور اپنائيو آهي. اسان ٻين گڏيل قومن جي ڏينهن کي به ياد ڪندا آهيون مائرن ۽ پيئر، استاد، نرسون ۽ ڊاڪٽر، حڪومت جا اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن، مذهبي ۽ برادري جا بزرگ، ڪاروباري اڳواڻ ۽ ميڊيا پروفيشنل، گڏوگڏ نوجوان ۽ ٻار پاڻ به ورلڊ چلڊرنز ڊي کي پنهنجي سماجن، ڪميونٽين ۽ قومن لاءِ اهم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻارن جا حق انساني حق آهن. اهي غير متبادل ۽ عالمي آهن. پر اڄ به ڪيترن ئي هنڌن تي ٻارن جي حقن کي غلط سمجهيو وڃي ٿو، نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، يا انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ حملو ڪيو وڃي ٿو. ٻارن جي حقن کي برقرار رکڻ بهتر دنيا لاءِ هڪ رستو آهي – اڄ، سڀاڻي ۽ مستقبل ۾ به.
لڪشا ڪمليش جگرو
نوان جتوئي شھر گندگي جي ور چڙھيل
نوان جتوئي شھر جيڪو اٽڪل ڏھ کان پندرهن ھزار آبادي رکندڙ شھر آهي. شاندار ماضي رکندڙ ھي شھر ھاڻي گندگي جي ور چڙهيل آهي. نوان جتوئي يونين ڪائونسل ۾ ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪارا بڻيل آهي. نوان جتوئي شھر ۾ صفائي جو انتظام نه ھجڻ ڪري شھري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. جھڙوڪ مليريا گيسٽرو سميت مختلف چمڙي جي بيمارين جا ڪيس ھرروز وڌڻ لڳا آهن. شھر جي مين گلين يونين ڪائونسل واري گلي گورنمينٽ گرلس اسڪول واري گلي ‘پنھور محلا ‘ جانوري محلا ‘ ڪورائي محلا ‘سميت ملوڪ بازار ‘سميت مين روڊ جي مختلف جاين تي خراب پاڻي ھر وقت بيٺل رھي ٿو . چيئرمين وائيس چيئرمين صرف مال ميڙين پيا. حڪومت طرفان ملندڙ سولر پليٽون به من پسند ماڻھن ۾ ورھايون پيون وڃن. يونين ڪائونسل ۾ ايندڙ بجيٽ خبر ناهي ڪٿي خرچ ڪئي پئي وڃي! اسين واسطيدارن کي اپيل ٿا ڪيون ته چيئيمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف ڪاروائي ڪري شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بحال ڪيو وڃي ته جئين شھري مختلف بيمارين کان محفوظ ٿين!
الهھ بخش کوسو/ نوان جتوئي
پاڪستان هر خطري ۾دفاع ڪرڻ لاءِ جرئت سان سرشار آهي!.
پهلگام ۾ دهشتگردن بيگناهه سياحن کي گولين جو شڪار بڻايو جنهن ڀارتي حڪومت پهلگام سانحي تي پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ مسلسل پنهنجي توپن جو رخ پاڪستان طرف رکيو آهي. جنهن سانحي تي ڀارتي ميڊيا سنڌو سنئون پاڪستان کي ملوث ڄاڻائي پهلگام حملي بابت دنيا اڳيان واويلا مچائي. پاڪستان موجب ته پهلگام سانحو مودي سرڪار جي سازش هئي جنهن بهار اليڪشن کٽڻ لاءِ سازش رٿي. مودي سرڪار جي روايت رهي آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ دهشتگردي، پاڪ مخالفت ۽ هندوتوا جي باهه جو سهارو وٺي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جنهن 2019ع واري اليڪشن کٽڻ کان پهريان پلواما ڊرامو رچائي اقتدار تي گرفت مضبوط ڪئي هئي پر پاڪستان جو موقف ان سلسلي ۾ پڪو آهي. هن وقت پاڪستان ڀارت جي جنگي جنون کي ڏسندي ۽ ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوزيشن ظاهر ڪندي فوجي مشقون جاري رکندي ميزائيل تجربا ڪيا آهن ۽ دشمن کي بهادر پاڪ فوج پنهنجي جرئت ۽ عزم سان سرشار هجڻ جو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان هر قسم جي جارحيت مقابلي ۾ طاقت رکندڙ فوج وارو ملڪ آهي جيڪو جڏهن به ملڪي ساليمت کي خطرو هوندو آهي ته پنهنجي دفاعي هٿيارن جي استعمال جي صلاحيت به رکندو آهي. هن وقت پاڪستاني فوج پنهنجي سائنسي ايجادن، ميزائيل ۽ پنهنجي جذبي جهاد تي يقين رکي ٿي جيڪا ميري اک رکندڙ دشمن کي ڍير ڪري سگهي ٿي. ڀارت سنڌ طاس معاهدو به ختم ڪري پاڪ خلاف آبي دهشتگردي جو خواهشمند رهيو آهي پر جيڪو ناممڪن آهي. جنرل ضياءِ باري ۾ پاڪ ۽ ڀارت وچ ۾ تاريخي ڳالهه به رڪارڊ هيٺ آهي ته جنرل ضياءِ دور ۾ پاڪ جي حساس ادارن کيس آگاهه ڪيو هو ته ڀارت پاڪ تي حملو ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ضياءِ ڀارت وڃي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ خصوصي انتظامن ذريعي ضياءِ ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي جو اسٽيڊيم ۾ گڏ ميچ ڏسڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ميچ دوران جنرل ضياءِ راجيو گانڌي کي سنجيده ٿي چيو ته پاڻ گڏ هي ميچ ڏسي رهيا آهيون مگر ياد رکجو ته پاڪ جي صلاحيت کان واقف آهيو اگر اوهان ڪا غلطي ڪئي ته اسان اوهان جو ملڪ نقشي کان مٽائي ڇڏيندا سين. پاڪ اسلامي ملڪ آهي دنيا جي نقشي تي ٻيا به اسلامي ملڪ آهن پر ڀارت واحد هندو رياست آهي اميد منهنجي ڳالهه سمجهي ويا هوندا. اوهان سمجهدار آهيو هي ڌمڪي ناهي پر پيغام آهي جيڪو پاڪستان جي امن پسندي سان گڏ تحفظ جي ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ڀارت-پاڪستان جون ڪارروائيون
ڀارت ۽ پاڪستان ٻن پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان 1947ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ، جنگين ۽ مختلف فوجي ڪارروائين ۾ لڳاتار مصروف رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا شروع کان وٺي غيريقيني، تڪراري ۽ تضادن سان ڀرپور رهيا آهن، جن جي پٺيان سياسي، سرحدي، مذهبي ۽ خاص طور تي ڪشمير جو مسئلو آهي. 1947-48ع جي جنگ: آزادي کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي 1947ع ۾ ڪشمير بابت پهريون ڀيرو جنگ ڇڙي، جڏهن مهاراجا هرِ سنگهه ڀارت سان الحاق جو اعلان ڪيو. پاڪستان ان فيصلي کي قبول نه ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پهرين جنگ ڇڙي وئي، جيڪا 1948ع ۾ گڏيل قومن جي مداخلت سان ختم ٿي، ۽ ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو: آزاد ڪشمير ۽ ڀارتي والاريل ڪشمير. 1965ع جي جنگ: 1965ع ۾ ٻي ڀيرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏي جنگ ٿي. پاڪستان “آپريشن جبرالٽر” ذريعي ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ فوج موڪلي، جنهن کانپوءِ ڀارت جوابي حملو ڪيو. هي جنگ سيپٽمبر 1965ع ۾ زور وٺي وئي، پر آخرڪار سوويت يونين جي ثالثيءَ سان “تاشقند معاهدو” تحت جنگ بند ڪئي وئي. 1971ع جي جنگ: 1971ع ۾ هڪ ٻي وڏي جنگ ڇڙي، جنهن جو سبب مشرقي پاڪستان (اڄ جو بنگلاديش) ۾ سياسي بحران ۽ ڀارتي مداخلت هئي. ڀارت مشرقي پاڪستان جي آزادي پسندن جي مدد ڪئي. پاڪستان تي ڀارت پاران رات جو هوائي حملا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ پاڪستاني فوج کي شڪست ملي ۽ بنگلاديش هڪ نئين ملڪ طور وجود ۾ آيو. 1999ع – ڪارگل جي جنگ: ڪارگل واري علائقي ۾ پاڪستاني فوج ۽ مجاهدن ڀارتي پوسٽن تي قبضو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڀارت وڏي فوجي آپريشن ذريعي انهن کي واپس ڌڪيو. هي جنگ محدود هئي پر ٻنهي ملڪن ۾ وڏي تڪراري صورتحال پيدا ٿي. حاليه ڪارروائيون: پٺاڻ ڪوٽ حملو (2016): ڀارت الزام هنيو ته پاڪستان مان آيل دهشتگردن ڀارتي فوجي اڏي تي حملو ڪيو آهي. اوڙي حملو ۽ ڀارت جي سرجيڪل اسٽرائيڪ (2016): ڀارت پاڪستان جي قبضي هيٺ علائقن تي ڪارروائي ڪندي دهشتگرد ڪئمپ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. بالاڪوٽ هوائي حملو (2019): ڀارت پاران پاڪستان جي بالاڪوٽ علائقي تي هوائي حملو ڪيو ويو. ان جي جواب ۾ پاڪستان به ڀارتي جهاز کي ماريو ۽ پائلٽ گرفتار ڪيو، جنهن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو.
ظفر حسين ملاح
ڏھ ھزار ماھوار چيٽ جي پي ٽي سستي سمجھو!
چيٽ جي پي ٽي هڪ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ بوٽ آهي، جيڪو OpenAI ٺاهيو آهي. هي انسان وانگر ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ مختلف ٻولين ۾ معلومات مهيا ڪرڻ، سوالن جا جواب ڏيڻ، لکڻيون تيار ڪرڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. انساني انداز ۾ گفتگو، مضمون، اي ميل، نظم وغيره لکڻ ٻولين جي ترجمي جي صلاحيت تصويرون ۽ وڊيو ھي سڀ ڪم صرف مواد لکي حڪم ڌيڻ بعد جلد ٺھي ملندو. مثال مون کي ھڪ تصوير ٺاھي ڏي جنھن ۾ ھي منظر ھجن، مون کي ھڪ درخواست، مضمون لکي ڏي ھي موضوع آھي. اھا درخواست ورڊ پي ڊي ايف وغيرھ ۾ ھجي، درخواست کي ھن ٻولي ۾ ترجمو ڪري ڏي. درخواست ۾ ڪيترا جملا اکر نشانيون آھن. ان کان علاوھ عام پني تي لکيل اکر ھٿ توڙي ڪمپوز ٿيل ساڳي نموني سان ترجمو فارميٽ ۾ تبديلي ڪري سگھجي ٿي. ان کان علاوھ دنيا جي ھر ميدان تاريخ سائنس، ڪلچر سميت سڀني علمن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي. جنھن ۾ حالات حاضرا سميت مسقبل بابت اڳڪٿيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. ھي سروس پلي اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿي. مفت پلان ماڊل: GPT-3.5 جون خصوصيتن ۾ محدود استعمال (مثلاً، توهان کي ڪجهه سوالن جو جواب ملندو).جي پي GPT-3.5 جو استعمال محدود رسائي رش واري وقت ۾ صبر ڪرڻو پوندو. ماڊل: GPT-4 (هڪ وڌيڪ جديد ۽ بهتر ماڊل). قيمت 20 ڊالر ماهوار (جيڪو تقريباً 4000 کان4500 پاڪستاني رپين جي لڳ ڀڳ هوندو)خصوصيتن ۾ تيز رفتار وسيع جواب وقت جي بچت لامحدو اضافي سوالن جا جواب ملي سگھندا. GPT 5: اڃا تائين رسمي طور جاري ناهي، پر 2025 دوران اچڻ جو امڪان آهي. وڌيڪ يادگيري، بهتر منطق ۽ ملٽي ماڊل صلاحيتون (متن، تصوير، آڊيو، وڊيو وغيره). متوقع خاصيتون: ملٽي ماڊل صلاحيتون: متن، تصوير، آڊيو، ۽ وڊيو کي سمجهڻ ۽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت. بهتر يادگيري وڌيڪ ڊيٽا کي ياد رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت بهتر منطق: سوالن جا وڌيڪ صحيح ۽ جامع جواب مهيا ڪرڻ جون خصوصيتون شامل ھونديون. ھي ماڊل 2025 جي وچ ڌاري عوامي استعمال لا متوقع آھي. اسان جي نوجوانن کي گھرجي گھٽ ۾ گھٽ مفت چيٽ ChatGpt مان فائدو وٺي استعمال سکي وٺن ايندڙ وقت ۾ مفت سروس ختم ٿيڻ جا امڪان آھن.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي