ڪتابن تي تبصرو: سرمايو جو خلاصو
ڪجهه ٻيون ڳالهيون
جنهن لکيو آهي ته، پورهيت شڪاگو جو هجي يا هندستان جو، پورهيت سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن. واقعي ڏٺو وڃي ته ايئن ئي آهي انهن جو رشتو محنت جو رشتو آهي، جنهن ۾ واضح ٿئي ٿو ته اها ئي اعليٰ مخلوق آهي جنهن جي محنت ۽ پورهئي جي سگهه جي ڪري پورا ملڪ کائن پيئن، اوڍين ۽ ترقي ڪن ٿا ۽ انهن جو پنهنجو فقط پيٽ ٿو ڀرجي. ايئن تاريخ پڙهي وڃي ته فلسفي جا ڳرا ڪتاب ڪڏهن به پيٽ نٿا ڀري سگهن پر حقيقي اتساهه پيدا ڪندڙ، حق لاءِ آواز اٿاريندڙ شعوري سکيا جو بنياد مارڪسزم ۾ ملي ٿو. “خدا کان اھو انسان منڪر ڪونهي، جيڪو عوام جي خدا جي متعلق عوام جا خيال قبول ڪري ٿو. ” وڏي معنيٰ رکندڙ جملو آهي، مطلب ته خدا انهيءَ انسان کي انڪار نٿو ڪري سگهي جنهن وٽ انسانيت لاءِ رهنمائي ھجي، انهن جي خيالن کي قبول ڪري انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو احساس هجي. مارڪس جي ڌي سوال ڪيو هو ته “بابا! تباهي ڇا کي چئو ٿا؟” مارڪس جواب ڏنو ته “امان! ڪنڌ جهڪائڻ کي.” اسان جو سماج اڄ به سرمائيداري نظام جو محتاج آهي، اڄ به غريب طبقو وڏيرن جي ونگار وهي ٿو، بيحسي، لاشعوري ۾ غرق آهي، غلامي جي زنجير ۾ جڪڙيل آهي. اسين شعوري طور تباهه آهيون، اسين غلام آهيون. “سرمايو” جنھن کي لکڻ ۾ ٽيھه سالن کان به مٿي عرصو لڳو ھو ۽ ڏيڍ سئو سال اڳ جو لکيل ڪتاب سليم جمالي جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آهي. سرمايو هڪ اهڙي تصنيف آهي جيڪو دنيا جي ڪاروهنوار هلائڻ وارن لاءِ نه بلڪه دنيا هلائڻ وارن تي لکيو ويو آهي، جيڪو صرف ۽ صرف “پورهيت ” آهي ۽ دنيا کي اڏيندڙ، کارائيندڙ، ترقي ڏياريندڙ دنيا جو آرڪيٽيڪٽ (ڪاريگر) پورهيت جيڪو اڄ تائين لَٽي کان آجو ۽ بي گهر بکيو سمهي ٿو، جنهن جي حقن لاءِ جدوجهد جو واضح بنياد “سرمايو” ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ پيرن اگھاڙن کي حڪومت ڪرڻ جي لاءِ سائنسي ڏاڪي به ڏاڪي طريقا سمجهايل آهن ته ڪٿان ۽ ڪيئن امير ماڻهو جيڪي مزدورن جو پورهيو کائيندا آهن سي امير مان امير ٿيندا ٿا وڃن ۽ اُهي مسڪين مزدور غريب مان غريب تر ٿيندا ٿا وڃن. ان سانئس کي سمجهندي خبر پئي ته اڄ جي دور ۾ اڪثر ڪري پورهيت طبقي جا ماڻهو پراڻن پُهاڪن، چوڻين تي ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ته ‘بٺي تي سِرون پچائيندڙ مزور ڪڏهن ترقي نه ڪندو’ ۽ هڪ ٻيو به ‘گارمينٽ جو ڪاريگر به ڪنهن جو پِٽيل اٿوَ سو اهو به امير ڪين ٿيندو’ ۽ اهو به چوندا آهن ته ‘رازو جيڪو سڄي عمر جايون اڏي سو اهو ڪڏهن به پنهنجي ماڙي ڪونه اڏيندو، اهي چوڻيون اڪثر عام ماڻهو چون ۽ سورهن آنا سچ به مڃين. ان پورهيت قوم کي ڪا سُڌ ڪانهي ته اھا ھڪ الڳ سائنس آهي جنهن ۾ هيٺئين طبقي جي ماڻهن (پورهيت، مزور، هاري) کي ايترو اجُر ملڻ کپي؛ جو پيٽ ڀري ماني کائي سگھن ۽ اولاد پيدا ڪري سگهن ته جيئن اها پورهيت قوم سدائين وڌندي رهي ۽ انهن جي سرمائي ۾ اضافو ٿيندو رهي. اسان تعليم يافته ماڻهو رڳو پڙھ پڙهان ۾ مصروف آهيون. اسان کي گهرجي ته انهن اونداهي رات جي تاريخي چوڻين کي پرھ ڦٽي جي پوشاڪ سان ڍڪيون. انهن پورهيتن جي لوھ جهڙي بدن ۾ سون جهڙن خيالن جي اڏاوت ڪيون، مزدورن جي خالي پيٽ جي بک ڀرڻ لاءِ انصافي جنگ جوٽڻ لاءِ علمي ڪارتوس جا ڪارخانا اڏيون. والٽيئر چيو آهي ته “اهي ڪتاب ئي آهن، جيڪي اسان جي دلين ۽ ذهنن کي روشن رکن ٿا ۽ اوهان کي انهيءَ حقيقت جو شعور هئڻ کپي ته جڏهن کان دنيا جُڙي آهي. وحشي نسلن کي ڇڏي ڪري اُن تي ڪتابن ئي حڪمراني ڪئي آهي.” ڪتاب ئي آهن جيڪي دنيا ۾ جيئڻ سيکارين ٿا، انسانيت سان پيار ڪرڻ سيکارين ٿا، جدوجهد ڪرڻ سيکارين ٿا، حقن خاطر وڙهڻ لاءِ اُڪسائن ٿا. (حصو آخري)
دولت ڪمار اگراڻي
صحت سان لاڳاپيل وزن ماپيندڙ اوزارن تي موسم جا اثر
موسمي تبديليون، خاص طور تي انتهائي گرمي، سيارو ۽ نمي، صحت لاڳاپيل ڊجيٽل ۽ دستي وزن اوزارن جي درستگيءَ تي اثرانداز ٿين ٿيون. هن مختصر تجزيي ۾ انهن اثرن ۽ ممڪن حلن تي روشني وڌي وئي آهي. ڊجيٽل اوزارن تي اثر: ڊجيٽل وزن ماپيندڙ اوزار، سينسرن، بيٽرين ۽ برقي سرڪٽ تي دارومدار رکندا آهن. تيز گرمي سرڪٽ کي نقصان پهچائي ٿي، سينسرن جي حساسيت گهٽ ٿي سگهي ٿي ۽ نتيجا غلط ٿي سگهن ٿا. سياري ۾ بيٽريون ڪمزور ٿين ٿيون ۽ اوزار سست ٿي پون ٿا. نمي سبب شارٽ سرڪٽ يا ڊسپلي خراب ٿيڻ جا خطرا وڌن ٿا. دستي اوزارن تي اثر: روايتي تورارا، جيڪي ڪاٺ يا ڌاتوءَ مان ٺهيل هوندا آهن، به موسمي تبديليءَ کان متاثر ٿين ٿا. گرميءَ ۾ ڦولجڻ، سياري ۾ سسڻ يا نمي سبب زنگ، انهن اوزارن جي درستگي ۽ عمر گهٽائي سگهن ٿا. ممڪن حل: موسمي مزاحمتي مواد جو استعمال اوزارن جي پائيداري وڌائي سگهي ٿو. خودڪار سينسر جيڪي ماحول مطابق پاڻ کي ترتيب ڏين. ڪلين ڪنٽرول جڳهون جتي گرمي پد ۽ نمي قابو ۾ رکي سگهجي. باقاعده ڪيلبريشن ۽ سافٽويئر جي مدد سان تصديق، اوزارن جي اعتماد کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. مقامي ماحول مطابق ڊيزائن جي ترقي، خاص علائقن لاءِ موثر حل ٿي سگهي ٿي. نتيجو: صحت سان لاڳاپيل اوزارن جي درستگيءَ لاءِ موسمي اثرن کي نظر ۾ رکندي مقامي، سائنسي ۽ جديد حل ڳولڻ ضروري آهي، جيئن ته صحت جون خدمتون وڌيڪ اعتماد جوڳيون بڻجن.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
سخي ڄام ڏاتار جي درگاهه لاوارث ڇو؟
سنڌ صوفي بزرگن اوليائن ۽ درويشن جي سرزمين رهي آ. انهن هستين جي محبت امن ڀائيچاري ۽ انسانيت جي پيغام سبب سنڌ جو سماج هزارين سالن کان مذهبي رواداري جو مثال بڻيل آهي. اهڙن ئي روحانيت سان ڀرپور هستين مان هڪ اهم نالو سخي ڄام ڏاتار جو آهي جن جي درگاهه نه رڳو سڄي سنڌ پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ زائرن لاءِ به عقيدت جو مرڪز آهي. افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي هن اهم روحاني ماڳ جي حالت ڏسڻ وٽان ناهي، ان جي مک وجھ آهي بنيادي سهولتن جي کوٽ انتظامي نااهلي صفائي جي ابتر حالت پيئڻ جي صاف پاڻي جي اڻاٺ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ واٽر ڊرينيج جهڙا سنگين مسئلا جيڪي زائرين ۽ مقامي رهواسين لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻيل آهن. درگاهه جي ويجهو انفرااسٽرڪچر جي کوٽ آهي روڊن جي خراب حالت ۽ پارڪنگ جي سهولتن جي اڻهوند سبب ميلن ۽ خاص موقعن تي ٽرئفڪ جام معمول بڻيل آهي. اسپتال ايمبولينس سروس يا ايمرجنسي مدد لاءِ به ڪا مناسب سهولت موجود ناهي. اهڙي حالت ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هي مسئلا آخر ڪير حل ڪندو؟ ڇا اوقاف کاتو ضلعي انتظاميا يا سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي؟ يا هميشه وانگر صوفي درگاهن کي نظرانداز ڪري رڳو انهن مان مالي فائدو حاصل ڪيو ويندو؟ هي درگاهه نه صرف هڪ روحاني ماڳ آهي پر سياحتي ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت به رکي ٿي جيڪڏهن هتي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته نه فقط زائرن کي سهولت ملندي پر مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا.
مير مرتضيٰ شر/ڄام صاحب
يونيورسٽيون يا بيروزگاري جا ڪارخانا؟
ڪو زمانو هو، جڏهن ماڻهو چوندا هئا ته “ڏسو فلاڻو نوجوان پڙهي رهيو آهي، ڪا وڏي نوڪري ڪندو، خاندان جو نالو روشن ڪندو.” هاڻ زمانو اهو آهي ته ماڻهو چون ٿا “ڏسو فلاڻو پڙهي پيو، هاڻ پڪ سان بيروزگار ٿيندو!” تعليم، جيڪا ڪنهن قوم جو مستقبل سنوارڻ جو ذريعو هجڻ گهرجي، سا اسان وٽ بيروزگاري، مايوسي ۽ خود اعتمادي جي کوٽ جو ڪارخانو بڻجي چڪي آهي. اسان جي ملڪ ۾ هر سال نيون يونيورسٽيون کوليون وڃن ٿيون. بلڊنگون ته جديد بڻجن ٿيون، پر سوچ پراڻي آهي. نصاب جو معيار 90 جي ڏهاڪي ۾ بيٺل آهي، جڏهن ته دنيا Artificial Intelligence، Robotics ۽ Blockchain تي ڳالهائي رهي آهي. استاد ڪلاس روم ۾ لکيل نوٽس پڙهائين، شاگرد انهن کي حفظ ڪن ۽ پوءِ انهن ئي نوٽس جي آڌار تي امتحان پاس ڪن. نتيجو؟ نوڪري جي انٽرويو ۾ جڏهن سوال ٿيندو آهي ته “تون ڇا ڄاڻين ٿو؟”، تڏهن جواب ٿيندو آهي، “سائين، مان BBA پاس آهيان!” اسان جي يونيورسٽين جي اها حالت آهي، جو لڳي ٿو ته تعليم نه، پر ڊگري ورهائڻ جو مشن هلندڙ آهي. “4 سال پڙهو، ته ڊگري ملندي” — اها ئي هڪڙي اميد آهي، جيڪا شاگردن کي صبح جو بس ۾ بيهڻ لاءِ، ڪلاس ۾ حاضري لاءِ ۽ ليڪچر دوران سمهڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪري ٿي. حقيقت اها آهي ته ان ڊگري جي مارڪيٽ ۾ ڪا به قيمت ناهي، جيستائين ساڻس گڏ ڪنهن وزير، ايم اين اي يا ايم پي اي جي سفارش نه هجي. نوجوان جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ته کيس اميدن جا جبل ڏيکاريا وڃن ٿا. “اوهان قوم جا معمار آهيو”، “اوهان جو مستقبل روشن آهي”، “پڙهو ته دنيا توهان جي قدم هيٺ هوندي” پر 4 سالن بعد جڏهن ڊگري هٿ ۾ اچي ٿي، تڏهن دنيا نه، پر بيروزگاري، احساس ڪمتري ۽ گهر وارن جو دٻاءُ قدمن هيٺ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪا نوڪري ملي به وڃي، ته ماهوار پگهار ايڏي ٿوري جو شاگرد سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته ان کان ته Uber هلائڻ يا Freelancing ڪرڻ وڌيڪ فائديمند آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهيل علم عملي دنيا ۾ نه ٿو هلجي ڇو ته جيڪو پڙهايو ويو، سو نه وقت سان لاڳاپيل هو، نه مهارت تي ٻڌل. اسان جي تعليمي نظام ۾ سڀ کان وڏو فقدان آهي “Critical Thinking” جو. شاگرد کي سکيا ئي ناهي ته سوال ڪيئن ڪجي، تجزيو ڪيئن ڪجي، فيصلا ڪيئن ڪجن. بس يادگيري، نقل ۽ ميموري تي انحصار. نتيجي ۾، اسان وٽ بيروزگار ڊگري هولڊر ته آهن، پر مسئلا حل ڪندڙ ماڻهو نه آهن. جيڪڏهن ڪو نوجوان وري پاڻمرادو ڪجهه ڪرڻ چاهي، جهڙوڪ ڪاروبار، اسٽارٽ اپ يا آن لائين ڪم. ته نه رڳو نظام سندس آڏو رڪاوٽ بڻجي بيهي ٿو، پر معاشرو به چوندو آهي، “پٽ، ڊگري حاصل ڪري، نوڪري ڪر، ڪاروبار ته انهن لاءِ هوندو آهي جن وٽ پئسو هجي.” ان ڪري اسان جو نوجوان آخرڪار هڪ فائيل هٿ ۾ کڻي آفيسن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور ٿئي ٿو. اها به حقيقت آهي ته ڪيترن ئي يونيورسٽين ۾ اڄ به رٽائرڊ استاد پڙهائين ٿا، جيڪي پاڻ ڪمپيوٽر، نئين ٽيڪنالاجي يا دنيا جي تبديل ٿيندڙ مارڪيٽ جي باري ۾ اڻڄاڻ آهن. استاد پاڻ اڻڄاڻ، ته شاگردن کان علم جي اميد ڪيئن؟ جيڪڏهن حڪومت واقعي تعليم کي ترجيح ڏئي ته پهرين قدم طور نصاب کي جديد دنيا سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. يونيورسٽين ۾ انڊسٽريز سان تعاون وڌائڻو پوندو، ته جيئن شاگرد رڳو ڪتابي نه، پر عملي سکيا به حاصل ڪن ۽ سڀ کان اهم، استاد کي استاد ٿيڻ کان اڳ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. استاد، جيڪو متاثر ڪندڙ هجي، نه ته صرف حاضري لاءِ ليڪچر ڏيندڙ. ۽ پوءِ سڀ کان اهم ڳالهه: تعليم کي “نوڪري لاءِ ذريعي” سمجهڻ بدران “زندگيءَ لاءِ تياري” سمجهڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي سيکاري سگهون ته هو پاڻ کي سنواري سگهن، ته پوءِ نوڪري ڪندڙ نه، پر نوڪري ڏيندڙ بڻجي سگهن ٿا. جڏهن تعليم بيروزگاري جو سبب بڻجي وڃي، تڏهن سمجهي وٺو ته مسئلو شاگردن ۾ نه، پر سسٽم ۾ آهي.
حاڪم علي چانڊيو/دادو
ڪڏهن ٿيندو احساس سنڌ جي حڪمرانن کي؟
جڏهن ٿيندو احساس پپلزپارٽي کي پنهنجي ڪيل سنڌ سا دغا جو تيستائين شايد هو حڪومت کان ڪڍيا نه وڃن جو چوندا هن ني ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو. پر افسوس انهن کي پنهنجي ناقابل معافي جي غلطي جو نه ڪو احساس آ نه ڪا ندامت. ويتر هو اڳين کان اڳرا ٿي پيا وڏيون ٻٽاڪون هڻن ته هنن وفاق کي مجبور ڪيو جو هنن ان منصوبي تي جاري ڪم روڪيو جنهن جي نه متعلقه ادارن کان منظوري ورتي نه بين الصوبائي وزارت کان منظوري ورتي نه سي سي آءِ کان ان جي منظوري ورتي پر پوءِ به هو دهل شرنائين تي پيا نچي ڪڏي جشن ملهائين ته هنن پنهنجي قيادت جي غلطي جو تدارڪ ڪري ورتو جيڪا هنن کان ٿئي ئي ڪين هئي. بس دوکي ۽ فريب سان نالو استعمال ڪري صدر زرداري جو سنڌ جو ساهه سڪايو هو جو پاڻي جياپو آ سنڌ جو جي پاڻي ناهي ته سنڌ ناهي. جو سنڌ سنڌو مان بڻي آ ۽ سنڌ ناهي ته پوءِ پاڪستان به ناهي جو پاڪستان مڪمل ئي سنڌ جي س سان آهي. اسان جي سنڌ هر نيڪ ڪم ۾ اڳين کان اڳري رهي آ سالن صدين کان. سڀ کان پهريان سنڌ قرارداد پاڪستان پاس ڪئي ۽ پاڪستان جي گهر ڪئي ان سنڌ سان پورو پاڪستان پيار ڪري اهو ان جو حق آ. جنهن ڀارت کان پاڪستان ايندڙ ھر مذهب ۽ رنگ نسل کي پنهنجائپ جو پيار ڏنو سنڌين پنهنجون ملڪيتون انهن لاءِ وقف ڪيون پر ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو طعنو ۽ مهڻو نه مليو. بدقسمتي سان ان سنڌ کي برساتن ۽ ٻوڏ توڙي ڪرونا جي وبا ۾ به وفاق پاڪستان کان عالمي امداد جو پورو حصو نه مليو جو مجبورن بلاول ڀٽو پنهنجي سنڌ جي وزيراعليٰ کي عالمي بئنڪن کان قرض کڻي به سنڌ جي ڏکن جو ڪجھه مداؤ ڪرڻ جو سبب بڻايو . جيڪو هڪ ڪمري جو گهر ٺاهڻ لاءِ سرسو سميت ٻين اين جي اوز ۽ سنڌ بئنڪ جي ڪرٽ عناصرن جي مدد وٺڻي پئي ته جيئن حڪومت ڪنهن پاڪستاني اداري جي خوف کان آزاد رهي جنهن سان 3 لک روپيه امداد ڏئي هر تباهه حال خاندان کي مجبور پيو ڪيو وڃي ته هو 16×18جو ڪمرو بڻائڻ لاءِ 2.5 فوٽ جو بنياد چار فوٽ اوچائي سان سيمنٽ جي اوساري ڪرائي جنهن سان في خاندان جو پنهنجو خرچ پڻ ٽي لک روپيه اچي پيو جو سران ۽ ٻيو عمارتي مٽيريل چؤڻ تي مهانگو ٿي ويو آ جنهن تي SPFA ۽ سرسو وارن جي امداد فڪس ٿيل آ. جڏهن ته بين الاقوامي ادارن کان 2 ارب ڊالر جيڪي پاڪستاني ست سؤ ارب ٿي وڃن ٿا. ايتري وڏي رقم جنهن جي سست روي سان ورهاست ۾ لڳي پيو ته اين جي اوز پلس سرڪاري اهلڪار ان پئسي تي وياج پيا کائين ائين ٿرديپ سميت تمام اين جي اوز هاڻي مائڪرو بئنڪن جيان 36سيڪڙو سان قرض پيون ڏين غريب بي پهچ عورتن جي گروپ کي جنهن ۾ عورتن جي حراسمينٽ پڻ ٿئي پئي. سو حڪومت سنڌ سميت تمام وفاقي ادارا ان جي فرانزڪ آڊٽ ڪن ته آيا ورلڊ بئنڪ سميت تمام بين الاقوامي ادارن کان مليل فنڊ ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿيا آهن. ٽن سالن ۾ ترسيل مڪمل ڇو نه ٿي آهي ماڻهو امداد جا اڄ به منتظر آهن لکين سنڌ واسي جن جو برسات ۽ ٻوڏ ۾ نقصان ٿيو.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
منشيات سنڌ ڳڙڪائي رهي آهي
سنڌ جا وسيلا تين وال پيا ٿين، زمينن جي نيلامي نوڪرين وانگر جاري آهي، امن جو پکي ڪڏهوڪو اڏامي ويو. صحت ۽ تعليم جي بهتري لاءِ غريب خلق جاکوڙ ۾ آهي، پاڻي تي وڏي ڀاءُ جا پهرا ۽ رڪاوٽ جاري آهي، ترقي ايتري جو آسمان تي پهتل آهيون. دانش ۾ ڪيترائي ور پيل آهن، ٽي ڏهاڙا اڳ شاعر مير حسن آريسر هن ئي اخبار ۾ ڪالم لکي هڪ نئين خطري کان خبردار ڪيو آهي ته لاڙ پٽ جي سون ورني زمين کي رڳو سمونڊ نه پيو ڳڙڪائي پر ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان جي خلق کي پان گٽڪي، ٺري، شراب ۽ مائي جهڙي نشي حوالي ڪيو ويو آهي. اهو نشو آڻيندڙ مدد خان، هلاڪو خان ۽ تاتارين جي اولاد ديدا دليري ۽ چالاڪي سان لاڙ پٽ کي منشيات جو زهر ڏيئي سندن زمينون ڀڳڙن مٺ خريد ڪري وانا، وزيرستان، ڪابل ۽ قنڌار مان ڪٽڪن جا ڪٽڪ آڻي آباد ڪري رهيا آهن. قوم نشي ۾ ڌت لڳي پئي آهي ۽ انهن کي خبر ئي ناهي ته ڪيئن کين ڪينسري بيمارين جي ور چاڙهي سندن پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي. هي هڪ خطرناڪ صورتحال آهي جنهن جي ور چڙهي لاڙ پٽ جي خلق وقت کان اڳ موت جي منهن ۾ وڃي رهي آهي. انهن علائقن جا مها چئمپين سياستدان ۽ قانون جا رکوالا خبر ناهي ڇو هن زهر منشيات جي روڪ لاءِ ڪو تحرڪ نٿا وٺن، آخر انهن کي ڪهڙي نانگ سنگهيو آهي؟ يا ڪهڙي شيشي سنگهائي وئي جو سڀ جا سڀ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف اکين تي پٽيون ٻڌي ويٺا آهن کين رهزنن ۽ قاتلن جي هي گهري سازش نظر نه پئي اچي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد