ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب
پاڪستان دنيا جو اھو ملڪ آهي، جنهن ھميشه پنھنجي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم رکڻ کي پنهنجي اولين ذميواري سمجهي نڀايو آهي، پر، افسوس ته پاڙيسرين پاڪستان جي امن پسند پاليسي کي شايد ڪمزوري سمجھي انھيءَ جو ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي. پاڪستان۽ ڀارت جا ھميشه اختلاف رھيا آھن، پر ڪشميرين جي آزادي، ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم بربريت تي وڏو ۽ تاريخي اختلاف رھيو آھي. پاڪستان ۽ ڀارت ماضي۾ ھڪٻئي سان جنگيون به وڙھي چڪا آهن، ۽ ھن وقت به ٻئي ملڪ جنگي حالت ۾ آهن، صورتحال انتهائي خطرناڪ بڻجي وئي آهي، ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، ڪشميرين کان سمورا، انساني حق کسيا ويا آهن، ڪشمير ڀارت جو قيد خانو بڻجي ويو آهي. ھن وقت ڀارت ۾ ھڪ دھشتگردي جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جو، بنا ڪنهن جاچ جي، بنا ڪنهن ثبوت جي ڀارت الزام پاڪستان تي مڙھي جنگي حالتون پيدا ڪري چڪو آهي، جڏهن ته حقيقت ھي آهي، دھشتگردي جو شڪار سدائين پاڪستان ٿيندو رهيو آهي. جنهن۾ افغانستان۽ آمريڪا جي جنگ کان وٺي اڄ تائين ھزارين پاڪستاني شھيد ٿي چڪا آهن، پر پاڪستان ڪڏهن به ڀارت تي الزام ھڻي جنگي حالتون پيدا ناھن ڪيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڀارت پاڪستان۾ ٿيندڙ ھر دھشتگردي۾ واضح طور ملوث رهيو آهي، جنهن جا ثبوت پاڪستان وقت به وقت پوري دنيا جي آڏو پيش ڪري چڪو آهي. پاڪستان دشمن قوتن جي ڀارت ھر طرح جي سپورٽ ڪري رهيو آهي. تازو ڀارت سياحن جي پنهنجي ملڪ۾ ٿيندڙ قتلام جو بي بنياد الزام پاڪستان تي مڙھي، پاڪستان جي خلاف جنگي حالتون پيدا ڪري چڪو آهي. پاڪستان چيلينج ڪيو آهي، ڀارت کي، ته جيڪڏهن دھشتگردي۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ڪي به ثبوت آهن، ته دنيا جي آڏو، پيش ڪري، ڪنھن به نيوٽرل ملڪ کان جاچ ڪرائي، پاڪستان ھر ممڪن سهڪار جي لاءِ تيار آهي، پر ڀارت پنهنجي ھٺ۽ ھوڏ تي قائم آهي، ھو جنگي جنون جي ور چڙهي چڪو آهي، جنهن جو واضح ثبوت ڀارت جي پاران سنڌ طاس معاھدو ختم ڪرڻ جو باقاعدي اعلان آهي. انھيءَ کان علاوه جيڪي به ڀارت قدم کنيا آهن، اھي امن، ڀائيچاري وارا نه پر، خطي۾ ڇڪتاڻ وارا آھن. ڀارت۾ جڏهن کان نريندر مودي آيو آهي، انھيءَ ڏينھن کان، انتهاپسندي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ھندستان ۾ ظلمن وحشتن جا وڏا وڏا داستان رقم ڪيا آهن. ڀارت، امن ڀائيچاري صبر جون سڀ حدون اورانگهي اسان جي جياپي جي ذريعي سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، ته پوءِ اسان انھيءَ بزدلاڻي اعلان کي پاڪستان سان اعلان جنگ سمجھون ٿا. پاڪستان قوم بھادر غيرت مند قوم آھي، جنهن جي بلند حوصلن، ڀارتي انتهاپسندن انھن جي ايجنٽن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، پاڪستان جي قوم پنهنجي وطن جي حفاظت جي لاءِ ھر وقت تيار آهي ھو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڀارت سان جنگ جي لاءِ بلڪل تيار آهي. جيڪڏهن موديءَ پاڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ سنڌو درياءَ مان درياءَ جي دشمنن جو، خون وھندو. وقت اچي ويو آهي ته منھن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي، ۽ گجرات جي ڪاسائي نريندر موديءَ کي تاريخي شڪست ڏئي کيس دنيا ۾ عبرت جو مثال بڻايو وڃي.
وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گھنور
ميونسپل ڪاميٽي جوهي
هي ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي آفيس آهي.هن آفيس جي احاطي ۾ بيٺل ٽريڪٽر ٽرالين, لوڊر رڪشائن جي حالت ته ڏسڻ جهڙي آهي ڪي سرن جي ٽيڪ تي بيٺل آهن ته ڪي سالن کان خراب هجڻ ڪري سندن ٽائرن مان هوا نڪتل آهي. اهو ته اهو مگر ميونسپل ڪاميٽي آفيس مٿان لڳل اسلامي جمهوريه پاڪستان جو جهنڊو به ميونسپل ڪاميٽي جي ڪارڪردگي وانگيان ڪُومائجي ويو آهي. ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين نوجوان آهي ۽ منجهنس ڪم ڪرڻ جو جذبو آهي.کيس گهرجي ته ميونسپل ڪاميٽي جي 2 ڪروڙ 62 لک بجيٽ مان ڪنهن نه ڪنهن مد ۾ ڏُکيو سُکيو ڪري هڪ هزار روپيا ڪڍي آفيس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جو نئون جهنڊو لڳرائي. يقينن آڊٽ ۾ اهو هڪ هزار روپيا گهران ڀرڻو پوندس ڇاڪاڻ ته ميونسپل ڪاميٽي جي آڊٽ تمام سخت ٿيندي آهي. روپئي روپئي جو حساب وٺندا آهن. ممڪن آهي تمام محدود بجيٽ مان هڪ هزار نه به نڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ماهوار بجيٽ مان شهر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن مان ڪنهن به ڪم کي ڪاٽا ناهي ڪرڻو. ڪم پنهنجي شيڊيول موجب ئي ڪرائڻا آهن ۽ جنهن جنهن کي حصو پتي ڏيڻو آهي ان مان به ڪاٽا ناهي ڪرڻو نه ته شڪايت مٿي تائين هلي ويندي ان ڪري
ممڪن آهي اهو هڪ هزار وارو بار به پنهنجي کيسي مان ئي کڻڻو پوي. مگر لازمي آهي جنهن ملڪ جو کائون ٿا ان ملڪ جي جهنڊي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
برڪت علي لغاري
شايد ئي ڪو اهڙو انتظامي مسئلو هجي جيڪو ڳوٺ جھلوجي ۾ نظر نه اچي
يوسي ميھر علي جي 4 وارڊن ۾ جھلوجي به هڪ وارڊ آهي. آبادي ۽ ايراضي جي حساب سان هن يوسي جو شما ضلعي خيرپور جي وڏن يوسن م ڪيو ويندو آهي. گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ هن يوسي ۾ PPP سان تعلق رکندڙ چيئرمين ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي ۽ سندس ڪاميابي صرف ۽ صرف وارڊ جھلوجي جي پولنگ جي ڪري ممڪن ٿي ڇاڪاڻ ته باقي ٽن وارڊ منجهان چونڊيل چيئرمين ۽ سامهون واري اميدوار جا ووٽ تقريبن هڪ جيترا هيا. ڳوٺ جھلوجي جي پولنگ فيصلاڪن پولنگ هئي. جيڪو هي پولنگ کٽي پيو چيئرمين جو تاج سندس سر تي سجي پيو. جھلوجي جي پولنگ جو نتيجو حيران ڪندڙ هو تقريبن 80% ووٽ PPP جي اميد وار جي حق ۾ پيا ۽ صرف 20 % ووٽ سامهون واري اميدوار جي حق ۾ پيا. ان جي باوجود ھن وقت صورتحال اها آهي ته شايد ئي ڪو اهڙو انتظامي مسئلو هجي جيڪو ڳوٺ جھلوجي ۾ نظر نه اچي. گھٽين جي صفائي وقت تي نه ٿيندي آھي جنھن سبب بيماريون پکڙجي رھيون آھن. ان کان علاوه، بجلي جو مسئلو، صاف پاڻي جو مسئلو، رولو ڪتن جو مسئلو, انڪروچمينٽ جو مسئلو، پڪن رستن جو نه هجڻ، اسٽريٽ لائيٽ جو نه هجڻ، مردا جانور جو وقت تي نه کڻڻ جي ڪري ڌپ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا مسئلا چونڊيل نمائندن کي ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت سندن قانون ذميداري ۾ شامل آهن. جيڪڏھن اڄ سندن توجه صرف ڳوٺ جھلوجي جي مرڪزي قبرستان ڏانھن ڏيارجي جنهن جي چار ديواري بغير دروازن جي ڪنهن ڪم جي ڪونهي. روز جي بنياد تي ڪتا، گڏھ ۽ ٻيا جانور قبرستان م موجود قبرن جي بي حرمتي ڪن ٿا. ان مسئلي جي اطلاع ڳوٺاڻا چيئرمئن کي درخواست پڻ ڏئي چڪا آهن مگر چيئرمئن جي شايد نيت ئي ناھي ته قبرستان کي دروازا لڳائي. مان چيئرمئن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته هي ساڳيو ئي ڳوٺ آهي جنهن جي ڪري توهان چيئرمين ٿيا هئا. مان ڳوٺ وارن کي به درخواست ڪندم ته ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ سوچي سمجهي ڏين، ائين نه ٿي جو ايندڙ وقت ۾ به اسان ائين پريشان هجئون جيئن هن وقت قبرستان جي دروازا نه لڳڻ ڪري پريشان آهيون.
عظيم حسن ميتلو/ خيرپور ميرس
جنگي حالتن ۾ وفاقي وزيرن بجاءِ ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ها
هڪ طرف پوري ملڪ ۾ جنگي حالتون لڳيون پيون آهن ۽ پوري ملڪ ۾ تشويش ناڪ صورتحال آهي ۽ ٻئي طرف وري تازو صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران وفاقي ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ ڏيد سئو سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو آهي، سمجھ ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته جڏهن ملڪ ۾ وڌندڙ تيزي سان مهانگائي جي شرح جي ڳالھ ٿيندي آهي ۽ پوءِ ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي ڳالھ نڪرندي آهي ته وفاقي حڪومت چوندي آهي ته آء ايم ايف ملازمن جي پگهارن کان منع ڪري ڇڏيو آهي پر جڏهن بجيٽ کان اڳ ئي مئي مهيني ۾ وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن جي پگهارن جي ڏيڍ سئو سيڪڙو پگهارن جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو آهي ته اتي آء ايم ايف انهن کي نه روڪيو ڇا ته وفاقي وزيرن جي ايڏي واڌ نٿي ڪري سگهجي ۽ بجيٽ تي بار ٿو پوي. جيڪڏهن پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري وفاقي غريب مسڪين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير جي ڏيڍ سئو سيڪڙو پگهارون وڌايون آهن ته پوءِ هاڻي انهيءَ تي لازم ٿو ٿئي ته هو پنهنجي ووٽرن ۽ جن انهيءَ ۽ انهيءَ جي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي کي بار بار اقتدار جي ڪرسي تي پهچايو آهي ۽ گذريل 17 سالن کان سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام ووٽرن ڏياري آهي انهن ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ به تيزي سان وڌندڙ چوٽ چڙهيل مهانگائي مطابق گهٽ م گهٽ ٻه سئو 200 سيڪڙو پگهارون وڌايون وڃن. پوءِ ننڍا سرڪاري ملازم سمجهندا ته واقعي وقت جا حڪمران پنهنجي طبقي سان گڏ عوام ننڍن سرڪاري ملازمن سان به سچا ۽ مخلص آهن نه ته سنڌ جا سرڪاري ملازم سمجهندا ته صدر، وزير اعظم ۽ ڪامورا، اسٽيبلشمينٽ صرف ۽ صرف پنهنجي طبقي کي ناجائز طريقي سان نوازڻ ۾ پوري آهي. حڪمرانن کي گهرجي ته سابقه حڪومتن جيان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي شرح مطابق پگهارون وڌايون وڃن. وقت جي حڪمرانن کي اڳواٽ ئي عرض ڪريون ٿا ته جنگي حالتن ۾ جڏهن توهان غريب مسڪين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جون ايڏيون ساريون پگهارون وڌايون آهن ته خدارا هاڻي جنگ لڳي ٿي نٿي لڳي انهن حالتن ۾ ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اک نه وجهجو ۽ انهن جي پگهارن مان هڪ ڏينهن جي به نه ڪٽوتي ڪجو. ڇاڪاڻ ته اڪثر ائين ٿيندو رهيو آهي ته ڪنهن به موقعي تي ننڍن سرڪاري ملازمن کي قرباني جو ٻڪر بڻائي انهن جي پگهارن جي ڪٽوتي ڪرڻ جو غير قانوني ۽ ناجائز اعلان ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته ڪروڙين، اربين ۽ کربين روپين جا غبن هڻندڙن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي، ننڍا سرڪاري ملازم هن مهانگائي ۾ پنهنجي فيملي خاندان جي گهر جي خرچي ڪرڻ ۾ پريشان آهن.
عبدالفتاح عباسي
رات ڀٽائي سنڌ لاءِ روئندي ڏٺو اٿم!
يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻن اهڃاڻن سڀ کان گهڻو جهنجهوڙي وڌو هو. هڪ ته هن انگريز مصنف کي اهو معلوم ڪري عجب لڳو هو ته، جنهن دؤر ۾ ايشيا جي شاعريءَ لاءِ ٽي وڏيون ٻوليون، يعني فارسي، عربي ۽ هندي موجود هيون ۽ ڀٽائي اهي ٽئي ٻوليون ڄاڻندو به هو، پر پوءِ به هن پنهنجي عظيم شاعري لاءِ هڪ اهڙي غير معروف مقامي ٻولي جو انتخاب ڪيو، جنهن جي ان وقت هڪ ’لساني لهجي‘ کان وڌيڪ حيثيت ڪا نه هئي. البته جڏهن ڀٽائيءَ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ته، ان کان پوءِ ئي دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو ٿيو. ظاهر آهي ته جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جهڙي شاعر کي پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي، اها دنيا جي عظيم ۽ سڌريل ٻولين مان ئي ٿي سگهي ٿي. ٻي ڳالهه، جيڪا انگريز ماهر کي سمجهه ۾ نه آئي هئي، اها هئي ته ڀٽائيءَ پنهنجي اعليٰ شاعريءَ لاءِ جيڪي موضوع چونڊيا هئا، سي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسوي دوران دنيا جي عظيم شاعري جا ڪڏهن به موضوع نه رهيا هئا۔ان عظيم شاعر پنهنجي ٻوليء سان گڏ پنهنجي سرزمين کي به اهڙو مانُ بخشيو جو هر دور جي رهبر کي ڀٽائي کان سبق سکڻو پوي ٿو. هو مارئيء جي روپ ۾ حب الوطنيء جا جيڪي سنيها ڏئي ٿو سي سيني ۾ سانڍي رکڻ جا آهن۔ ڀٽائي جي فڪر مطابق سٺن گڻن وارن انسانن کان سڄڻ ۽ ساڻيھ يعني محبوب ۽ وطن ڪڏهن به وسرندا ناهن پر وطن سان محبت سندن ايمان جو جزو هوندي آهي. هي بيت ڪمال جو آهي ته:
سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو،
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
lموجوده دور جي حالتن کي ڏسي يقينن ڀٽائي سنڌ لاء روئندو هوندو۔ هن جيڪو سنڌ جو تصور پيش ڪيو آهي اڄ ان جي برعڪس آهي۔ سنڌ هن وقت واڳن جي وات ۾ آهي پنهنجي اڪيلي جياپي سنڌودرياء تي ڪئنال اڏي سڪائڻ جي سازش ڪئي ويئي۔ سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪمپنين کي ڏئي چڪي آهي ۽ اڃا به 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. سرڪار سنڌين کان زمينون ڦري ڪمپنين کي ڏئي سنڌين کي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.ان صورتحال ۾ ڀٽائيء جو ڪيڏو نه رنجيدو ٿيو هوندو. پنهنجا وسيلا وڪرو ڪري اقتدار کي هٿي وٺرائي ويئي آهي۔ توهان جو رهبر ۽ رهنما ته لطيف سرڪار آهي ته پوء توهان پنهنجا انگ ۽ دنگ اوپرن ماڻهن جي حوالي ڪيئن ٿا ڪريو۔پنهنجي ديس سان محبت رکندڙ قومون هميشه ترقي جي منزل ماڻينديون آهن. اهڙيون قومون هميشه ڏيهه جي حفاظت لاء هر ڪا تڪليف؛ مصيبت سر تي سهي؛ دشمنن جي سامهون ٿينديون رهيون آهن.اهڙين قومن جو نالو تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجي رهبر جي راهه ڇڏي ته کيس غدارن جي فهرست ۾ لکيو ويندو آهي۔
توهانجي روين ۽ رهزن وارن روپن ڀٽائيء کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو آهي توهان کي خالق سڀ ڪجهه ڏنو آهي جيڪڏهن توهان جا رويا صحيح هجن ته قومي آزادي ترقي ۽ خوشحالي لاء خوف جي بيماري مان نجات حاصل ڪري بي خوفي ۽ همت سان تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگهو ٿا توهان ذلت جو طوق پنهنجي گلي ۾ پاڻ وڌو آهي لطيفي فڪر ڄمي بيهي مقابلي ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو:
آئون بَندياڻي بندَ ۾, ڪ ڪي پيَس بَند
مُنهين لڳو مَيهڻُو, ڪ مُنهين ڪَڙو ڪَنڌ
مران جَي هنَ هنڌ, ته نجان مَئٿُ مليرَ ڏي.
اعجاز ممنائي
“هڪ بهترين سادي طبيعت جي مالڪ سنڌ جي سپاهي جي موڪلاڻي ”
مون اختر پروو کي پهريون ڀيرو پنهنجي مارڪيٽ گچيرو روڊ مورو ۾ ڪريانہ جو هڪ وڏو هول سيل جو دڪان کوليندي ڏٺو هو، هو زندگيءَ جو ڳچ عرصو دبئي ۾ ڪمائڻ خاطر رهيو هو، هاڻي هن مورو ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو
سندس اصل ڳوٺ مورو ڀرسان دورو بهڻ سان گڏ ڳوٺ لهڻو فقير پروو آهي، سمورو خاندان شريف ۽ نيڪ نمازي هئڻ ڪري کين سڀ عزت ڏيندا هئا، سندس والد علائقي جو چڱو مڙس ۽ زميندار هو پر پاڻ ڪڏهن بہ ڪنهن ڳوٺاڻي مسڪين کي نہ ايذايو.
اختر پروو دبئي کان واپس جڏهن مورو ۾ پنهنجو ذاتي دڪان وٺي هول سيل جو ڪاروبار شروع ڪيو تہ ڪيترن ئي ننڍن ننڍن دڪاندارن ساڻس رابطو ڪري سامان کڻندا رهيا 2004 جي لڳ ڀڳ جڏهن آئون ڇهين درجي ۾ پڙهندو هئس تہ پڙهائي کان بعد ڪجھ وقت آئون پنهنجي دڪان تي ويهندو هئس، ائين آهستي آهستي اختر پروو ۽ ان جي ڀائٽي جيڪو منهنجو هم عمر هو ان سان ڪچهري ٿيندي رهندي هئي ڪڏهن ڪڏهن تہ شام جي وقت اختر پروو دڪان منهنجي حوالي ڪري پاڻ رڪوري ڪرڻ نڪري ويندو هو، اسان جي اختر پروو سان ايتري ڀائپي وڌي وئي جو ماني ٽڪي گڏ کائڻ لڳاسين ۽ هڪ ٻئي جي خوشين ۾ غمن کي ونڊي زندگيءَ جي پنڌ کي ڌڪيندا رهياسين
اسان وٽ محترم رسول بخش پليجو صاحب اڪثر ايندو رهندو هو پوءِ لڳ ڀڳ سموري مارڪيٽ جا دوست اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پليجي صاحب جي حيرت انگيز ڪچهريءَ مان سياسي تربيت حاصل ڪندا هئا، اختر پروو پڻ اهڙين ڪچهرين جي ڪري متاثر ٿي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي، نہ صرف شموليت پر پاڻ ڪل وقتي ڪارڪن طور هر ننڍي وڏي احتجاج ۾ شامل ٿيندو رهيو، پاڻ اڳتي هلي قومي عوامي تحريڪ تعلقي جو صدر ۽ پوءِ ضلعي نوشهري فيروز جو صدر پڻ رهيو، مشرف جي آمريت خلاف احتجاج دوران گرفتار پڻ ٿيو، 2009 ۾ لانگ مارچ دوران پاڻ پنهنجي ڳوٺ مان ڀينرن جون گاڏيون ڀري آيو ۽ پاڻ ڪڏهن بہ ڏيکاء نہ ڪيو ضلعي صدر هئڻ دوران پڻ عام ڪارڪن جيان جهنڊو يا بينر کڻي هلندو هو، کيس فوٽو ڪڍرائڻ جو يا تقرير ڪرڻ جو شوق گهٽ هوندو هئس، سندس خيال هو تہ اسان سڀ سنڌ جا سپاهي آهيون ۽ ڪنهن تي ڪو ٿورو نٿا ڪيون، مون کيس اڪثر وڏن پروگرامن ۾ ڀرپور ذميواريون نڀائيندي ڏٺو آهي لانگ مارچ دوران جڏهن لانگ مارچ ضلعي نوشهري فيروز جي حدن ۾ داخل ٿيو هو تہ سمورن پانڌيئڙن جي لاءِ رهائش توڙي پاڻي جو انچارج رهيو، کيس ميٽنگ ۾ جيڪا مٿس ذميواري رکي ويندي هئي پاڻ اها بخوبي نڀائيندو هو اڪثر پروگرامن ۾ پاڻ پنهنجي گهر ڀاتين سميت شرڪت ڪندو هو سندس ڳوٺ توڙي شهر ۾ ميڙاڪا، مچ ڪچهرين رکي سجاڳي پکيڙيندو رهيو پاڻ آخري وقت تائين قومي عوامي تحريڪ سان ثابت قدم رهيو ۽ پاڻ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺل رهيو پر حڪومتي سرپرستي حاصل هئڻ ڪري سرڪاري ڌر جا اميدوار زبردستي ۽ ڏاڍ ذريعي کٽرايا ويا پر پاڻ ڪڏهن بہ ميدان خالي نہ ڇڏيو
پاڻ بيماري سبب ڇنڇر ڏينهن گمس هاسپيٽل ۾ پنهنجي زندگيءَ جون آخري هڏڪيون ڀري ابدي آرامي ٿيو سندس وڇوڙو خاندان توڙي قومي عوامي تحريڪ لاءِ وڏو سانحو آهي ڇا ڪاڻ تہ اختر پروو جهڙا سادا ۽ سچا اڳواڻ ورلي پيدا ٿيندا آهن.
ايڊووڪيٽ هدايت الله
ضلعو سجاول الئي ڇو ننڌڻڪو آھي
ٺٽي ضلعي کان الڳ ٿي 12 آڪٽوبر 2013 ۾ پنھجي ضلعي جو الڳ درجو رکندڙ لاڙ جو ضلعو سجاول الئي ڇو ننڌڻڪو آھي جنھن ۾ نه ڪا فيڪٽري نه ڪو ميڊيڪل, سائنس،انجنئيرنگ ڪاليج نه ئي ڪنھن يونيورسٽي جو ڪيمپس آھي. ھن ضلعي جي ماڻھن جي بدقسمتي چئجي يا وارثي نه ٿيڻ چئجي جو ھي ضلعو ڪافي وقت کان چورن ڦورن وٽ ڄڻ يرغمال آھي.
لاڙ جو ھي ضلعو منشيات خاص ڪري گٽڪن ۽ مين پڙين جي ڪاروبار ۾ اڳتي آھي گٽڪن جو زھر شھرن کان ٿيندو ڳوٺ ڳوٺ پھچي نسل تباھ ڪري رھيو آھي پر موجوده وقت ۾ ھن ضلعي مان امن جو پکي ڄڻ اڏامي ويو آھي. موٽرسائيڪل کان ويندي ننڍي وڏي چوري ته الڳ جڳهه تي پر چور ھاڻي تعليمي درسگاهن کي به نٿا بخشين .
ڪجھ ڏينھن اڳ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي محمد ھالو مان ڪنھن غير سرڪاري اداري طرفان مليل سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿي ويون وري ھن ئي ھفتي ھڪ ٻي پٺيان ٻه چوريون ٿيون آھن.تعلقي ايجوڪيشن آفيس سجاول مان چور سامان ۽ رڪارڊ چوري ڪري ويا ته ان جي ٻي رات ئي ضلعي سجاول جي سترنھن سئو انرولمينٽ رکندڙ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول سجاول مان چور سولر بيٽريون کڻي ويا جن جي لڳ ڀڳ ماليت 5 لک ٻڌائي وڃي ٿي
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جلد کان جلد چوريون واپس ڪرائي مستقبل جي معمارن کي ھن قھر جھڙي گرميءَ کان بچايو وڃي
غلام علي گل ٻجورو/ سجاول