ڪتابن تي تبصرو: سرمايو جو خلاصو
1841ع ۾ مارڪس فلسفي ۾ ڊاڪٽريٽ (Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪئي، پنهنجي مقالي ۾ هن ايپيڪيورس (Epicurus) جي فلسفي کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻايو جنهن جو محور مادي فلسفو هو. هن ئي سال مارڪس هڪ ڄاتل سڃاتل نوجوان اسڪالر بڻجي ويو. هن پنهنجي تيز ترين دماغ سان فلسفي کي پاڻ پتوڙي ڇڏيو هو. جيڪڏهن والٽيئر، هائن، روسو، ليسنگ، هول باخ ۽ هيگل هڪڙي ئي شخص اندر تلاش ڪجن، ته اهو شخص يقيناً ڊاڪٽر ڪارل مارڪس هوندو. 1842ع ۾ زيٽانگ اخبار جو جرنلسٽ ٿيو ۽ آڪٽوبر ۾ چيف ايڊيٽر به مقرر ٿيو. هن مختلف سياسي سماجي مسئلن تي مضمون لکيا، جن ۾ برلن جي عام ماڻهن جي زندگي ۽ حقن جي حمايت ڪيل ھئي. هن عام ماڻهن جي دردن کي مين صفحن تي جاءِ ڏني. هن جي لکڻين حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون. نيٺ پوليٽيڪل پاور جي وسيلي زيٽانگ اخبار کي وارننگ ملي ۽ مارڪس کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي. مارڪس ڪڏهن به ڪٽر هيگلي نه رهيو، هن هيگل کي گهرائي سان پڙهيو، پر ڪڏهن به پوڄاري جيان ديوتا سمجھي نه پوڄيو. مارڪس 19 جون 1843ع تي جيني سان شادي ڪئي هئي. مارڪس ڪجھه عرصو جيني جي مائٽن وٽ بيروزگار رهڻ کانپوءِ، پنهنجي دوست آرنلڊ روج وٽ پئرس هليو ويو. جتي سياسي ۽ انقلابي جلاوطنن جا هجوم هوندا هئا. هر شيءِ مان انقلاب جي خوشبوءَ ايندي هئي. اها حقيقت آهي ته پئرس ئي هو جتي مارڪس مارڪسسٽ بڻيو، جتي سائنسي ڪميونزم جو فيصلو ڪندڙ نظرين جو بنياد پيو. مارڪس انقلابي نظريي جو مطالعو جرمني کان شروع ڪري ڇڏيو ھو پر حقيقي راھ فرانس ۾ ملي. مارڪس جي اندر سياسي جنگ جي لاءِ ثابت قدمي ڏسي انقلابي مزدور مٿس فدا ٿي پيا هئا. مارڪس ڪتابن ۾ ايترو گهڙي ويو هو جو ٽي ٽي، چار چار راتيون سمهندو ئي نه هو. هن جي سموري اڻٿڪ جدوجهد ۽ وسيع علم جو نتيجو “1844ع جو معاشي ۽ فلسفياڻو مسودو.” وسيع تصنيف آهي، ان تصنيف جي وسيلي وکريل ڍانچن واري سماج جي بنياد جي نئين تصور جون شاخون ڦٽيون هيون، جنهن بابت دنيا کي ڪَل نه هئي. مارڪس جامع تصنيف ۾ هن ڳالھه کي واضح ڪيو آهي ته “انسان جي پيداواري زندگيءَ هن جي محنت آهي، جيڪا سماجي حالتن ۾ مخلتف شڪليون اختيار ڪندي آهي ۽ آخرڪار ٻه طبقا رهجي ويندا آهن؛ پورهيت ۽ سرمائيدار.” مارڪس جي خفيه سرگرمين جي حڪومت کي سُڌ پئي ته کيس ڊسمبر 1845ع ۾ ڏيھه نيڪالي ڏئي ڇڏي. 1852ع ۾ مارڪس جي ننڍڙِي ڇوڪرِي ٽن ڏينهن کان بخار ۾ مبتلا هئي ۽ نيٺ زندگي جي جنگ هارائي وئي. سندس مَيت دفنائڻ لاءِ پئسا نه هجڻ ڪري لاش ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. ڀرسان فرانسيسي رهندو هو جنهن ٻه پائونڊ ڏنا! ڪافي دير کان پوءِ کيس تابوت مليو. غربت جي باوجود عملي ڪم جاري رکيائين. 1850ع کان 1853ع تائين مشهور ڪتاب “اقتصاديات تي تنقيد” لکيو. اهڙن سورن، تڪليفن ۾ سندس زال جيني هر لمحي خوب ساٿ ڏنو. ان وقت سندس ڀاءُ جرمني ۾ وزير هو ۽ ڀيڻ کي خط لکيو ته واپس اچ. پر هن انڪار ڪيو ته “مون مارڪس سان نه بلڪه سندس خيالن سان شادي ڪئي آهي.” انگلستان ۾ رهڻ دوران هن جو پُٽ هنج ۾ وفات ڪري ويو. هن سانحي مارڪس جو اندر لوڏي ڇڏيو پر هو پنهنجي مقصد تي اٽل رهيو. 1864ع ۾ لنڊن ۾ وڏو جلسو ٿيو جنهن ۾ مارڪس به هو ۽ پورهيت وفدن شرڪت هئي. انهيءَ جلسي ۾ پورهيتن جي بين الاقوامي تنظيم جو بنياد رکيو ويو. مارڪس پنهنجي عظيم تصنيف سرمايو (Das Capital) 30 سالن جي محنت جي نتيجي ۾ 1867ع ۾ مڪمل ڪيو. مارڪس جي صحت تيزيءَ سان خراب ٿيڻ لڳي ۽ برٽش ميوزيم جي لائبريري ۾ پڙهندي پڙهندي بيهوش ٿي پيو. مارڪس جي مسلسل جدوجهد ۽ ذاتي تڪليفن جي ڪري ٻيهر صحت خراب ٿي پئي. ڊاڪٽرن جي منع جي باوجود هو انقلابي ڪمن ۾ مصروف رهيو. اوچتو ڪامريڊ جيني بيمار ٿي پئي ۽ 2 ڊسمبر 1881ع تي هميشه لاءِ الوداع ڪري وئي. اڃا مارڪس جي ذهن ۾ جيني جو غم نه لٿو ته اوچتو وڏي ڌيءَ “جيني لانگيٽ” گذاري وئي. ترت 14 مارچ 1883ع تي جينيس انسان جسماني طور تي الوداع ڪري ويو. (حصو ٻيو)
دولت ڪمار اگراڻي
مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ انهن جا حق
پهرين مئي پوري دنيا اندر مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويو جنهن ۾ پوري دنيا اندر هر مڪتب فڪر ماڻھون مزدورن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ خاطر وڏا وڏا پروگرام ريليون جلوس جلسا ڪڍي انهن سان يڪجهتي جو اظھار ڪيو ويو. مزدورن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آھن انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آھي ڇو ته ڪرڻ ۽ چوڻ ٻه متضاد عمل آھن. اڄ اسين انسان جنهن ڪم جون هدايتون ڏيون ٿا ۽ ان تي عمل نٿا ڪيون جنهن سبب اسان جي حڪمرانن کان ويندي هڪ عام ماڻھو تائين هڪ ٻئي جي حق تلفي ڪيون ٿا. ڇو ته الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ پنهنجي ٻانهن جي حقن جي ڳالھه ڪئي پر اسان الله پاڪ جي ڪنهن به فرمان تي عمل ڪرڻ جهڙو پاڻ کي ڇڏيو ناهي. مقصد واري ڳالھ اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سرمائيدار ۽ تاجر برادري سميت ملڪ جو هر سرندي وارو مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ويٺل نظر اچي نه وري اسان جي حڪومت وٽ اهڙو ڪو قانون جڙي سگهيو آھي جنهن وسيلي مزدورن کي پورو پورو حق ڏنو وڃي. ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ شهر هجن يا ٻھراڙيون سرڪاري دفتر هجن يا ڪارخانا فيڪٽريون صنعتون هجن يا زرعي فارم جتي وڃي اتي مزدور طبقي جون دانهون ۽ آهون ٻڌيون وڃن ٿيون مگر ڪوبه اهڙو هنڌ دفتر ناهي جتي مزدور کي انهن جي محنت جو پورو اجورو مليو هجي. ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي بيڊ گورننس جا خراب ۽ ناڪاري اثرات هڪ غريب مزدور کي ڀوڳڻا پون پيا سرديون هجن يا گرميون پنهنجو رت ست ڏئي هن ملڪ جي سرمائيدارن حڪمرانن ايئرڪنڊيش لگزري بنگلن گاڏين آفيسن ۾ ويٺل ڪامورن ۽ انهن جي خاندانن کي کارائي ٿو پورهيت جنهن کي الله جو دوست سڏيو وڃي ٿو ان سان دشمني سٺو سنئوڻ ناهي. اسان جي ملڪ ۾ پورهيتن جي حق تلفي ڪندڙن لاءِ ڪوبه قانون ناهي.
محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا ڪاڇو
صحافت جو عالمي ڏهاڙو ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جدوجهد جي ضرورت
هر سال 3 مئي تي صحافين جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي، جيڪو هڪ اهم ۽ باوقار ڏينهن طور سڃاتو ويندو آهي. هي ڏينھن صرف صحافين جي قربانين کي ياد ڪرڻ لاءِ ناهي، پر اهو اظهار جي آزادي، انساني حقن، ۽ صحافتي ذميوارين جي سڃاڻپ لاءِ به وقف آهي. صحافين جي عالمي ڏينھن جي پس منظر ۾ هي ڏينهن يونيسڪو (UNESCO) جي تجويز تي گڏيل قومن (UNO) پاران 1993ع ۾ منظور ڪيو ويو. هن ڏينھن جو مقصد صحافت جي بنيادي اصولن کي اجاگر ڪرڻ، آزاد ميڊيا جي اهميت کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي جيڪي پنهنجو ڪم ڪندي جان وڃائي ويهن يا ظلم جو شڪار ٿين. اظهار جي آزادي جمهوري سماج جي بنياد اظهار جي آزادي هر صحتمند ۽ ترقي يافته سماج لاءِ ضروري آهي. آزاديءَ سان ڪم ڪندڙ صحافت اقتدار جي جوابده بڻجڻ جو وسيلو آهي، جنهن سان عام ماڻهوءَ تائين سچائي پهچندي آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافت کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صحافين کي ڌمڪيون، گرفتاريون، تشدد ۽ قتل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ اظهار جي آزادي پاڪستان ۾ به صحافت جي آزادي هميشه خطري ۾ رهي آهي. ڪيترائي صحافي ڌمڪين هيٺ ڪم ڪن ٿا، ڪجهه زنده آهن پر خاموش، ته ڪي وري پنهنجا قلم وڪڻي چڪا آهن. پر اڃا به اهڙا صحافي موجود آهن جيڪي حق ۽ سچ جي تلاش ۾ پنهنجي زندگي قربان ڪري رهيا آهن. 2025ع جي رپورٽن مطابق پاڪستان ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ اڃا به هيٺ آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي وڌيڪ سنجيدگيءَ سان اظهار جي آزاديءَ جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. صحافين جي ذميواري اظهار جي آزاديءَ جي تحفظ سان گڏ صحافين تي به هڪ وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو خبرن کي بنا ڪنهن ڏوهه يا تعصب جي پيش ڪن. ڪوڙيون خبرون (Fake News)، پروپيگنڊا ۽ منافقانه رپورٽون نه صرف معاشرتي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون، پر صحافت تي عوام جو اعتماد به متزلزل ڪن ٿيون. حڪومتن کي گهرجي ته صحافين جي تحفظ لاءِ مضبوط قانون سازي ڪن. عدليا کي صحافت سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ بي طرفو ۽ جلد انصاف فراهم ڪرڻ گهرجي. هي سال صحافت جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو، جتي 180 صحافين کي سندن فرض نڀائيندي جان وڃائڻي پئجي وئي، هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته صحافين سان ٿيندڙ زيادتين ناانصافين خلاف آزاد صحافت جي لاءِ سخت جدوجهد جي ضرورت آهي.
سيد شفقت
ٽريزري آفيس ٽنڊوالهيار بابت ٿيندڙ دانهن ۽ فرياد جو انصاف ٿيڻ گهرجي
ڊي سي ٽنڊوالهيار، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، چيف سيڪريٽري سنڌ، نيب حيدرآباد، اينٽي ڪرپشن کاتو سنڌ، جي عملدارن کي اپيل ڪجي ٿي ته استادن طرفان ڪيل تازي پريس ڪانفرنس توڙي صحافين جي اڳوڻي پوسٽن ۾ لڳايل الزامن تي افسوس ڪندي ملوث عملي کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪجي ٿو. جيئن ٽريزي آفيس ٽنڊوالهيار ۽ ان جا ٻيا ڪي چند ايماندار عملدار وڌيڪ بدنام ٿيڻ کان بچاءُ ڪري سگهن. ھن حرامخوري واري بازار تي نيب جي خاموشي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جي درگذري ڪيستائين سواليه نشان بڻيل رھندي. ھن ڏس ۾ سيشن ڪورٽ جي جج صاحب کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ يا اوچتو ٽريزري آفيس جو دورو ڪري ملازمن کان تڪليفون مسئلا معلوم ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.
منظور ڪالرو/ٽنڊوالھيار
جوهي کان ايف پي بند روڊ آخر ڪڏهن مڪمل ٿيندو
ايف پي بچاءُ بند کان جوهي روڊ ڪاڇي جي چئن يونين ڪاونسلن ساوڙو، ڇِني، ٽنڊو رحيم خان، شاھ حسڻ جي هزارين آبادي رکندڙ ڳوٺن جي ماروئڙن کي تعلقي هيڊڪواٽر جوهي سان ملائيندڙ واحد روڊ آهي جيڪو هن وقت سست رفتاري سان ۽ ناقص مٽيريل سان ٺهي رهيو آهي. روڊ تي پٿر وڇايو ويو آهي. موريون نه ٺاهيون ويون جنهن سبب سانوڻي جي برساتن ۾ روڊ ٽٽڻ جا پڪا امڪان آهن. جڏهن ته روڊ سست رفتاري سان ٺهڻ ۽ روڊ تي پٿر وڇايل هئڻ سبب ڪاڇي جا مسڪين ماروئڙا جوهي ويندي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن. روڊ تي پٿر وڇايل هجڻ سبب منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رهيو آهي ۽ پٿر هجڻ سبب موٽر سائيڪل پنچر ٿيڻ ۽ حادثا معمول بڻجي ويا آهن. رهواسين ڊي سيد صالح شاھ جيلاني ايم اين اي رفيق جمالي روڊس کاتي جي انجنيئر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڇني جوهي روڊ جو سست رفتاري سان هلندڙ ڪم جو نوٽيس وٺي سانوڻي جي برساتن کان پهريان روڊ جو ڪم مڪمل ڪري ڪاڇي واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
منٺار شاهاڻي/ ڪاڇو
آريسر صاحب کي سندس ورسي جي موقعي تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.
آريسر اعلان
آزادي ۽ آجپو
چاهي ٿو انسان
آريسر آواز
آزديءَ جو عاشقو!
ساجهر جو ڄڻ ساز
آريسر امڪان
سهڻي پنهنجي صبح جو
واضح آ اعلان
آريسر اهڃاڻ
عاشق سنڌ ۽ سيد جو
سنڌڙي جنهن جي ساڻ
آريسر اتساھ
جيئن سنڌو وهندو اچي
ڌرتي جو درياھ
آريسر اتهاس
جنهن جي دل ۾ هو سدا
ڌرتي لاءِ احساس
آريسر اعزاز
سدا آهي سنڌ کي
آريسر تي ناز
سلام اڄڻ
دادو ۾ ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا مريض کي دوا نه ملڻ سبب زندنگي داءُ تي لڳي وئي
دادو ضلع ۾ ڪاري ڪامڻ بيماري ۾ مبتلا مريضن کي گذريل هڪ مهيني کان دوائن جي فراهمي بند ٿيڻ سبب دادو جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيپٽائيٽس سينٽر ۾ 150 کان وڌيڪ رجسٽرڊ مريضن سميت 300 مريضن کي ڪورس فراهمي بند آهي. دادو، جوهي، ميهڙ ۽ ڪي اين شاھ کان ايندڙ مريض روز چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هيپٽائيٽس سينٽر دادو انتظاميه جي دعويٰ آهي ته ٽينڊر نه ٿيڻ سبب سنڌ جي هيپٽائيٽس سينٽرن کي هيپٽائيٽس سي جي ڪورس دوا بند آهي. مريضن جو چوڻ آهي ته روزاني بنياد تي ڳرا ڪرايا ڀاڙا ڀري اچون پيا عملو ڪاري ڪامڻ جي دوا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب ڪورس جي دوا خانگي اسٽورن تان 40 هزار روپيا ڀري وٺڻ تي مجبور آهيون. دادو جي هيپٽائيٽس سينٽر تي لکين روپين ماليت پي سي آر مشين موجود آهي جيڪا 3 سال اڳ وقت جي سيشن جج اشوڪ ڪمار شروع ڪرائي هئي پر موجود وقت ۾ پيٿالاجسٽ ٽيڪنيشن، ليبارٽري ٽيڪنيشن ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر نه هئڻ سبب سينٽر جو عملو هيپٽائيٽس بي، سي جون ٽيسٽون لاڙڪاڻي مان ڪرائڻ تي مجبور آهي جيڪا ٽيسٽ هڪ مهيني بعد مريضن کي ملي ٿي. جڏهن ته هيپٽائيٽس سينٽر دادو جو مرڪزي بورڊ تي لکيل شهيد محترم بينظير ڀٽو جو بورڊ پڻ ٽٽڻ ۽ ڇت جي فارسلنگ ٽٽڻ سبب هيپٽائٽيٽس سينٽر ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي پيو. ڊپٽي ڪمشنر دادو، سيشن جج دادو، ايم پي اي دادو ۽ ايم اين اي دادو کي گهرجي ته هيپٽائيٽس سينٽر مريضن لاءِ بند ٿيل دوا جي فراهمي ٻيهر شروع ڪرائي، هيپٽائيٽس سينٽر جا مسئلا عوامي ڀلائي خاطر اولين بنياد تي حل ڪيا وڃن.
الله بخش خشڪ/دادو
ارسطوءَ جي جڳ مشهور ڪتاب پوئٽڪس تي تبصرو
ارسطو “Poetics” ۾ شاعري کي تقليد (Imitation) جي ھڪ صورت قرار ڏئي ٿو. ھو چوي ٿو ته انسان فطري طور تي تقليد ڪندڙ آھي، ۽ ھيءَ خصوصيت ٻالڪپڻ کان ئي انسان ۾ موجود ھوندي آھي. ادب ۽ فن به اصل ۾ ان انساني فطرت جو اظھار آھن. ارسطوءَ مطابق، شاعري جا ٽي بنيادي فرق آھن: تقليد جو وسيلو، تقليد جو موضوع ۽ تقليد جو انداز. مثلا، شاعري، موسيقي ۽ ناچ سڀ تقليد جا طريقا آھن، پر ھر ھڪ جو انداز، موضوع ۽ انداز جدا جدا آھي. ارسطو ٽراجڊي ۽ ڪاميڊي کي پڻ تقليد جون مختلف صورتون قرار ڏئي ٿو: ٽراجڊي اعليٰ اخلاق ۽ سنجيده عملن جي تقليد ڪري ٿي، جڏهن ته ڪاميڊي عام ۽ گهٽ درجي وارن عملن کي ڏيکاري ٿي. ڪتاب جو ھڪ اهم موضوع ٽراجڊي (Tragedy) آھي. ارسطو ٽراجڊي جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته اھا ھڪ اھڙي سنجيده عمل جي تقليد آھي، جيڪا مڪمل، وڏي ۽ سنگين ھجي ۽ جيڪا خوف ۽ افسوس ذريعي انسان جي احساسن جي صفائي ڪري. ٽراجڊي جو مقصد پڙهندڙ يا ڏسندڙ جي اندر رحم ۽ ڊپ جا احساس پيدا ڪري انهن کي “ڪٿارسس” (catharsis) ذريعي صاف ڪرڻ آھي. ارسطو ٽراجڊي جي ڇھه بنيادي جزن کي بيان ڪري ٿو: پلاٽ (Plot)، ڪردار (Character)، زبان (Diction)، خيال (Thought)، نغمو (Song) ۽ ڏيک (Spectacle). انھن مان سڀ کان مٿاهون جزو پلاٽ آھي، ڇاڪاڻ ته ٽراجڊي جو بنياد عملن تي آھي، رڳو ڪردار تي نه. پلاٽ جي اهميت بابت ارسطو چوي ٿو ته اھو مڪمل ھجڻ گھرجي، يعني ان جو شروع، وچ ۽ پڄاڻي واضح ھجي. ھن جي نظر ۾ بھترين پلاٽ اھو آھي، جيڪو پيچيده ھجي ۽ ان ۾ “پراڻن حالتن جو اوچتو ابتو ٿي وڃڻ” (Peripeteia) ۽ “سڃاڻپ” (Recognition) جو عنصر شامل ھجي. ارسطو اھو به چوي ٿو ته شاعر جو ڪم صرف جيڪي واقعا پيش آيا آھن، سي بيان ڪرڻ نه آھي، پر اھو بيان ڪرڻ آھي ته جيڪي واقعا امڪاني يا ممڪن آھن، سي ڪيئن ٿي سگھن ٿا. ان نظرئي تحت، شاعري تاريخ کان وڌيڪ فلسفيانه آھي، ڇاڪاڻته شاعري عالمگير سچائي بيان ڪري ٿي، جڏهنته تاريخ رڳو مخصوص واقعن جو ذڪر ڪري ٿي. ان لاءِ شاعر کي پلاٽ ٺاهڻ ۾ آزادي ھجڻ گھرجي، پر اھو پلاٽ امڪاني ۽ منطقي ترتيب ۾ ھجڻ گھرجي. ڪتاب ۾ ارسطو ڪردار جي جوڙجڪ بابت پڻ وضاحت ڪري ٿو. سندس خيال ۾ ڪردار لازمي طور “اخلاقي سڃاڻپ” رکندا ھجن. ھو چوي ٿو ته ڪردار ان وقت بھتر ٿيندا آھن، جڏهن انهن جون خاص خوبيون ۽ ڪمزورين جا مظاھرا عملن وسيلي ٿين. ھن جي نظر ۾، مثالي ڪردار اھو آھي، جيڪو تمام وڏو نه ھجي ۽ نه ئي تمام گهٽ درجي وارو، پر عام انسان جھڙو ھجي، جيڪو ڪا غلط فهمي يا انساني ڪمزوري جي ڪري مصيبت ۾ اچي وڃي. ارسطو شاعري ۾ زبان جي حسن کي به اهميت ڏئي ٿو، پر ان کي پلاٽ ۽ عمل کان گھٽ درجي تي رکي ٿو. اھو چوي ٿو ته فنڪار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اھا آھي ته ھو پلاٽ ذريعي احساس پيدا ڪري، نهته رڳو لفظن يا ڏسڻ جھڙن منظرن سان. چئن آوازن يا سطحن جو ذڪر ڪندي، اھو به چوي ٿو ته آوازن، لفظن ۽ تمثيلن جو سٺو استعمال ٽراجڊي جي ڪاميابي لاءِ ضروري آھي. آخر ۾، ارسطو “Poetics” ذريعي نه صرف شاعريءَ جو هڪ سائنسي ۽ تجزيي وارو مطالعو پيش ڪري ٿو، پر ھن ڪتاب جي ذريعي ادبي تنقيد جي ھڪ بنيادي علمي واٽ به متعين ڪري ڇڏي آھي. اھو ڪتاب اڄ به جديد تنقيد جي مطالعي لاءِ هڪ بنيادي حوالو آھي. ان مان سنڌي پڙهندڙ به سکڻ جو وڏو موقعو حاصل ڪري سگھن ٿا، خاص ڪري جيڪي شاعري، ڊرامي يا ادبي تنقيد سان دلچسپي رکن ٿا. اھو ڪتاب ٻڌائي ٿو ته ادب محض تفريح نه پر انساني جذبات، فڪر، ۽ اخلاق جي واڌ ويجھه جو ذريعو به آھي.
فاطمه بروھي/ دوڙ