ڪتاب تي تبصرو: سرمايو جو خلاصو
انقلاب جي طويل سفر ۾، معصومن جي قرباني، جلاوطني جا ڏک ۽ غريبي ۾ گذر ڪندڙ هڪ عظيم شخصيت جيڪو اڄڪلهه مزدورن جي دلين جي ڌڙڪن ۽ انقلابي ماڻهن جي استاد ” سرمايو” لکي هر پورهيت جي امنگ کي اجاگر ڪيو آهي، تازو ئي پڙهي پورو ڪيو آهي جنهن جو خلاصو (جيڪو اصل داس ڪيپيٽل جو خلاصو آهي) لکڻ وڃي رهيو آهيان. جيڪو پورھيتن جي اميدن تي پورو ته نه لھي پر پوءِ به ان پورهيت دوست فلاسافر جي سائنس جي بنياد تي ڪجهه ڳالهيون اوهان جي آڏو رکندس: جينئس جي ڪهاڻي- اڄ کان ٻه سئو ست سال اڳ 5 مئي 1818ع تي جرمني جي صوبي پروشيا جي شهر ٽرائر ۾ وڪيل مسٽر هينرِچ مارڪس جي گهر هڪ جينيس ماڻهو “ڪارل” جو جنم ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيئي شيون وجود ۾ آيون. جيئن پورهيت قوم ۾ آزاديءَ، عزت، خوشحالي، برابري، اتحاد، اتساهه ۽ جدوجهد جي اُمنگ. پيءُ کي اها سُڌ ڪانه هئي، ته هي ٻالڪ انسانيت جي ارتقا جو باني ٿيندو. مارڪس جنهن گهر ۾ اک کولي، اتي مذهبي ماحول سان گڏوگڏ جڳ جهان جي مشهور مفڪرن جا ڪيترائي ڪتاب موجود هئا. ڪارل مارڪس جي ابتدائي تعليم ۾ ئي جوهان هوگوٽن ۽ وائٽس لوئرڪو جهڙا انسان دوست استاد مليا. گهر ۾ انسان دوست ماحول پر سماج جي ناانصافين خلاف نفرت جو اثر ننڍڙي مارڪس جي زندگي تي به پيو. سندس والد سماجي حقيقتن ۽ دردن کان آشنا ڪندو رهندو هو، نتيجو جلد ئي سامهون اچي ويو، جو 1835ع ۾ اسڪول جي الوداعي تقريب ۾ هڪ زبردست عنوان “نوجوانن کي ڪهڙو پيشو اختيار ڪرڻ گهرجي؟” تي مضمون لکيو ته “اسان سماج ۾ پنهنجي مرضي مطابق پيشو نٿا اختيار ڪري سگهون، ڇو جو معاشي، سماجي، ذاتي مسئلا رڪاوٽ بڻبا آهن پر پوءِ به پسنديده پيشو اپنايون، جنهن جي ذريعي اسان کي انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ڪو شخص پنهنجي لاءِ ته ڪم ڪري ٿو، دنياوي علم به حاصل ڪري سگهي ٿو پر مڪمل عظيم انسان نٿو بڻجي سگهي.” مارڪس جا شروعاتي خيال منفرد هئا. هُن ئي سال مارڪس بون يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ سندس خاص شعبو “قانون” هو. شروعاتي ڏينهن ۾ جواني جي مستين ۾ گم ٿي ويو ۽ سندس وڏي ڀيڻ صوفيه جي سهيلي جيني تي موهت ٿي پيو. مارڪس جي والد ڪيئي خط موڪليا، نصيحتون ڪيون پر ڪوبه فرق نه آيو. نيٺ هينرِچ فيصلو ڪيو ته ڪارل آزاد فضا ڇڏي، سخت ماحول واري برلن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ وڃي. ڪارل والد سان جيني جي مڱڻي وارو شرط رکيو ۽ قبول به ٿيو. 1836ع ۾ برلن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. مارڪس اتي اڻٿڪ محنت ڪئي ۽ ڪتابن جا انبار پڙهي ڇڏيا. مارڪس هڪ سال اندر ايترو ته پڙهيو جو عقل دنگ رهجي وڃي. 6مارڪس جي اها عادت رهي ته جيڪو ڪجھه پڙهندو هو ان تي پنهنجو تفصيلي خلاصو لکندو هو، جنھن عادت ياداشت کي پختو بڻائي ڇڏيو. قانون جو وسيع مطالعو ڪندي 19 سالن جي ڄمار ۾ قانون جي موضوع تي 300 صفحن جو ڪتاب لکيو. برلن يونيورسٽيءَ اندر جرمن فلاسافر هيگل جو وڏو نالو هو، جنهن جي فڪري نوجوانن جو حلقو موجود هو. سو مارڪس به هيگل مان متاثر ٿي هيگلي ڪلب ۾ شامل ٿيو. سندس دل آهستي آهستي پنهنجي سبجيڪٽ کان کڄي وئي ۽ فلسفي جي طرف مائل ٿيڻ لڳو. مارڪس اندر انقلاب اچڻ ڪري مائٽ پريشان رهندا هئا. هاڻي نه صرف والد پر امڙ به ڪارل مارڪس کي ناڪام انسان سمجهڻ لڳي. بهرحال مارڪس مائٽن جو نه سوچيو ۽ علم فلسفي جو ڊگهو مطالعو ڪرڻ لڳو ۽ ان جي باوجود عوام سان به جڙيل رهيو. مارڪس اسڪولي زماني کان وٺي پاڻ کي عظيم دانشور سڏائڻ ۽ پنهنجي علم کي بازار جو وکر بڻائڻ واري ڌنڌي کي ناپسند ڪندو هو ۽ انهن ماڻهن سان به نفرت ڪندو ھو جيڪي پنهنجي علم مان گهڻي کان گهڻو زر ڪمائيندا آهن. 10 مئي 1838ع تي سندس پيءُ گذاري ويو ۽ هن قانون جي شعبي کي الوداع چئي، پاڻ کي علم فلسفي جي وسيع مطالعي لاءِ ارپي ڇڏيو. (حصو پهريون)
دولت ڪمار اگراڻي
پورهيتن کي حق ڪڏهن ملندا؟
سنڌ ۽ پاڪستان جي مزدورن جي ڏهاڙي تي رياست پاڪستان طرف گهٽ ۾ گهٽ ان ڏينهن اجرت بغير محنت جي اعزازيه ڏيڻ جو بندو بست ڪري جو هن علمي ڏهاڙي تي لکين مزدورن پنهنجي اتحاد سان دنيا جي طاقتور ملڪ سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو حق مڃرايو. انهي ڏينهن، آمريڪا جي مزدورن مڪمل هڙتال ڪئي. 3 مئي تي انهيءَ سلسلي ۾ شڪاگو ۾ منعقد مزدورن جي احتجاجي جلسي تي حملو ٿيو، جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا. پورهيتن مزدور تحريڪ جي لاءِ جان ڏئي سرمائيداراڻي سِرشتي جو نِياءُ (انصاف) ۽ بربريت کي وائکو ڪري ڇڏيو. انهن مارجي ويل اڳواڻن چيو ته “توهان اسان کي جسماني طور ختم ڪري سگهو ٿا، پر اسان جا آواز نٿا دٻائي سگهو”هر سال پهرين مئي کي مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آ پر پاڪستان ۾ ان ڏينهن به لکين مزدو ساڳي اجرت تي ڪم ڪندا آهن. پنهجي پورهيتن جي عظيم قربانين کي ياد ڪري انهن جي عظيم جدجهد کي سرخ سلام پڻ پيش ڪندا آهن. اسان پنهجي سماج ۽ حڪومت کي اپيل ڪنداسون ته ان ڏينهن انهن محنت ڪشن کي پنهنجي اجرت ڊبل ڏني وڃي، ان ڏينهن جي مناسبت سان سندن لاءِ بهتر کاڌ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪن ته جيئن انهن کي احساس ٿي ته هو محنت ڪش اڪيلا نه پر پوري قوم انهن جي جدوجهد کي سلام پئي پيش ڪري. سلام مزدور سلام محنت ڪش.
استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور
مزدور جو ڏينهن مزدور لاءِ ناھي !
1 مئي جي تاريخ رت ۽ جدوجهد سان ڀريل آهي. 1886ع ۾ آمريڪا جي شڪاگو شهر ۾ مزدورن 8 ڪلاڪن جي ڪم لاءِ احتجاج ڪيو. پوليس فائرنگ ڪئي، ڪيترائي شهيد ٿيا. ان جي ياد ۾ 1889ع ۾ پئرس ۾ “Second International” پاران هي ڏينهن عالمي مزدور ڏينهن طور تسليم ٿيو. اڄ به 80 کان وڌيڪ ملڪ هي ڏينهن موڪل طور ملهائين ٿا. پر پاڪستان ۾، هي ڏينهن مزدورن لاءِ گهٽحڪومتي بالا آفيسر شاھي نمائشن لاءِ وڌيڪ آهي. پاڪستان جي آبادي جو 37 سيڪڙو ڪم ڪندڙ آهي. 72 سيڪڙو کان وڌيڪ غير رسمي شعبي سان لاڳاپيل آهن. 90سيڪڙو مزدور بنا لکت واري معاهدي جي ڪم ڪن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون جي موجودگي باوجود، عملي طور تي ان تي عمل نٿو ٿئي. 2024ع ۾ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37,000 رپيا مقرر ڪئي، پر اڄ به هزارين مزدورن کي 25,000 کان 30,000 رپيا ئي ڏنا وڃن ٿا. ڪيترين جاين تي اجرت بنا لکت جي، دير سان، يا غيرقانوني ڪٽوتين سان ڏني وڃي ٿي. روزمرهه جي زندگي ۾ خرچ ڪرايو مسواڙ : 12,000–18,000 رپيا، راشن: -20,000 کان 15,000 رپيا، ٻارن جي تعليم: 5,000 رپيا، کان 80000 ھزار رپيا دوائون/آمد و رفت: 5,000–8,000 رپيا. کل خرچ 40,000–50,000، جڏهن ته آمدني 25,000–30,000 رپيا آهي. (ذريعو: سنڌ ليبر ڊپارٽمينٽ رپورٽ 2024ع) ڪٿي ته وري اڄ به عورت مزدور کي 30–50 سيڪڙو گهٽ اجرت مردن جي ڀيٽ ۾، ڏني وڃي ٿي ته ڪٿي وري ھن کي جنسي هراسان، تحفظ جي کوٽ، ميٽرنٽي ليون تي عمل نه ٿيڻ. (ذريعو: عورت فائونڊيشن 2023ع) ھاري مزدور- سنڌ جي هاري مزدور سان سندس وڏيري ڀوتار جا ناحق ڪٽوتيون ڪمداريون بيگريون ۽ سندس ظلم ڀاڻ ٻڄ وياج جي لھڻ تي زميندار ڏين ۽ سندس ڪيل محنت جڏھن فصل تيار ٿئي ته بس جي ھٿ اچيس ته صرف ڪڍي ۽ ڪاڻ سڄو سال فري ۾ لوڙي لوڙي سندس جسم نڍال . (ذريعو: PILER رپورٽ 2022) اڄ به نجي ادارا مزدورن کي ڪم تي آڻين ٿا. اڄ به اسان جي ملڪ پاڪستان اندر 1.2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار ڪم ڪن ٿا. تعليم بدران هوٽلن، بٺن، ورڪشاپن ۾. اجرت 500–700 رپيا ڏينھن رات ھڪ ڪري محنت مزدوري ڪن ٿا، مزدور فقط نعرو نه، پر رياست جي بقا جو بنياد آهي. جڏهن مزدور پنهنجي ئي ڏينهن تي بک، ڪم ۽ بيحسيءَ جو شڪار هجي، ته اهو ڏينهن صرف نمائشن جو ڏينهن آهي، انصاف جو نه. “جنهن جا هٿ ملڪ ٺاهين، اُن جي پگهار عزت جو معيار هجڻ گهرجي.”
ساقي ارشاد لورڙ
ٽائون ڪاميٽي سوڀوديرو وڏيري جي ور چڙهيل
سوڀوديرو ٽائون ۾ چيئرمين جو ووٽ يوسي طاھر کھڙو جي ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ رجسٽرڊ ٿيل آھي. لوڪل گورنمينٽ سنڌ جي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي ۽ سوڀوديرو مٿان کيس مسلط ڪيو ويو. ڏيڍ سال کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود امپورٽيڊ چيئرمين سوڀوديرو ٽائون ۾ ھڪ ٽڪي جو ڪم ناھي ڪرايو. پاڻ ڪراچي رھندو آھي. واٽس ايپ ذريعي ملازمن کي ھدايتون جاري ڪري ٽائون جو ڪم ھلائيندو آھي. ھو مھيني جي آخري ٻن تاريخن ۾ اچي ايندڙ بجيٽ ڪڍرائي گاڏيءَ ۾ ٽائون جو تيل وجھرائي وري ڪراچي روانو ٿيو وڃي. سوڀوديرو ٽائون جي بجيٽ جيڪا گورنمينٽ طرفان اچي ٿي تقريبن ھڪ ڪروڙ ٽيھه لک رپين کان مٿي آھي. پر ھن وقت تائين ڪو به ڪم ناھي ٿيو. امپورٽيڊ ٽائون چيئرمين ھن مھل تائين تعارفي اجلاس کان علاوہ ڪو به اجلاس طلب ناھي ڪيو نه ئي ڪا بجيٽ پاس ڪئي اٿائين. پاڻ آفيس ۾ ناھي ويھندو، سوڀوديرو جو عوام پنھنجي ٽيڪس جو پئسو شھر جي ترقي تي خرچ ڪرڻ گھري ٿو. ٽائون جي بجيٽ ڪنھن سياسي ڀوتار يا وڏيري جو لائين خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ناھي. اسان اعليٰ اختيارين کان گھر ٿا ڪيون ته ھن وقت تائين سوڀوديرو جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي آھي ان جو اسان شھرين کي حساب گھرجي نه ته ٻي صورت ھڪ تاريخي عوامي جھدوجھد کي تيز ڪري پاڻ مرادو پنھنجي ٽيڪس جي حفاظت ڪرڻ جي شروعات ڪئي ويندي.
مير عقيل عباس ٽالپر/ سوڀوديرو
سنـڌ جـو فِـڪري امام
سَيئِي جوڀَنَ ڏَينِھَن، جڏِھن سَڄَڻَ سَفرِ ھَليا، ھـي لطيفي سٽـون اڄ به ھَنيئڙي تي انھن وڻجارن جي لاءِ ھُري رھيون آھن جيڪي پنھنجون حسين گھر واريون ۽ محبوبائن کـي پويان ڇڏي ھليا ته لطيف عشق جي وڇوڙي جي دانھن ڪئي، پـر اڄ آئون ڪنھن تڙ يا ڪنڌيءَ ڪناري ڪنھن وڻجاري جي انتظار ۾ ناھيان بيٺل، اسان پنھنجي جسقم چيئرمين دنيا جي ڏاھي انسان سائين عبدالواحد آريسر جـي يادن کي ساريندي وري ھـي سٽون ارپيون ٿا ته مَن آزادي جي خواب ساڻ ٻئي جـنم ۾ اسان ساڻ ھجين.
سَرَ لوهيڙا ڳَڀيا ،ڪُسرَ نِسرِيا ،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.
۳ مئي جـو اھو ڏينھن جڏھن سنـڌي جي قومي تحريڪ لاءِ جھدوجھد ڪندڙ ھڪڙي ڏاھي اڳواڻ ۽ دانشور جي دماغ سوچڻ چڏي ڏنـو ھو، اڄ انھي انسان تـي لکڻ لاءِ پنھنجن جُملن کـي محبوبي پُڪارون آڇيندي پنھجي مطالعي جا سمورا حوالا ڏيان ٿـو ته شِل قلم اسان جـي دراوڙ ديس جـي ديوتا کـي لفظن سان اھڙو تراشيندي ڀيٽا جا اھڙا چِٽ اُڪيري جُـو انھي جي شخصيت سان انصاف ٿي سگھي. عبدالواحد آريسر ادب، ٻولي، سنـڌ جي سياست ۽ تاريخ جـو نرالو نالو آھي جيڪو ادب جي اُڀ تي سدائين لاءِ جُھولندو رھندو، جنھن نه رڳـو آزادي لاءِ جھدوجھد ڪئي پر اڙانگي راھ تـي پنڌ ڪندي سياست سان گڏ پنھنجي قلم ذريعي سـنڌ جي ادب ۾ ايئن سمايل ھوندو ھـو جيئن ڪنھن ٿاريلي عورت جي دل ۾ پنھجي محبوب جي موٽڻ جي آس دُکندي رھـندي آھي. سائين عبدالواحد آريسر جنھن جـي لکڻين ۾ پنھجي سنڌ ديس جي دردن ڏُکن جي ڪھاڻي، محبوبي خُماريل نيڻن جا منظر، وسندڙ ٿر ۽ چرندڙ مال جي ڌڻن ۾ وڄندڙ موسيقي ساز آواز ۽ زاديءَ جـو مڪمل خواب پنھجي لکڻين ۾ ڪنھن اعزاز طور اڳيان اڳيان جرڪندو رھندو ھـو. آريسر جڏھن مدرسي کان رُخ موڙيندي پنھجي آسن، اُميدن، جذبن، خوابن جي ساڀيان سائين جي ايم سيد جي فِڪر ۾ ڏٺي ته بھار جي تازي گُل جيان سنڌ جي باغيچي ۾ ٽڙيو ته آزادي جو نظريو ڏيندڙ سن جي عظيم انسان پنھجي نظرئي سان اھڙو ته واس ڏنـو، جـُو پوءِ سموري سنڌ انھي جـو استقبال گلابن ۽ اجرڪن سان ڪرڻ لڳي ۽ پنھنجي ڌرتي مٿي آزادي جي خوشبوءِ سُنگھڻ لاءِ پنھنجي ذھين کـي سنڌ جي مٽيءَ ۾ ويڙھيندي پاڻ کي آزادي جو امام ٿيڻ تائين رسائي ڇڏيائين، ۽ پـوءِ انھيءَ درميان جيڪي تڪليفون، اذيتون، جسماني ٽارچر ڏنا ويا ته ٻئي پاسي پاڪستان جي نامِ نھاد حڪمرانن انھيءَ جي ضعيف جسم کان ايترو خوفزده ٿيڻ لڳا، جُـو بلوچستان جي نواب خير بخش مري ۽ سنڌ جي سائين جي ايم سيد وانگر انھي جو نالو ب پاڪستان لاءِ ريڊ الرٽ بڻيل رھيو. عبدالواحد آريسر زندگي جي آخري ڏينھن تائين قومپرست سياست به رومانوي ۽ ديومالائي ڪردار وانگي ڪندو آيو، ساري حياتي سيڪيولر ۽ ترقي پسند سوچ اختيار ڪنـدي تحرير ۽ تقرير ذريعي سنڌ جـي ھوائن ۾ محبوبي ۽ خُماريل ھڳاءُ ڇڏيندو رھيو، ان پنھنجو اڙانگو رستو انھي لاءِ اختيار ڪيو ھـو ته مظلوم قوم جي رھنمائي ڪنـدو رهيو ته جيئن سنـڌي قوم جو آواز پوري دنيا ۾ گونجي ته قديم تھذيب يافته قـوم جيڪا دنيا جي سڌريل ۽ مُـعاشي طـور خوشحال رھي چڪي آھي ۽ پوءِ ھٿ ٺوڪين دليلن ذريعي ۴۷ ۾ آزادي جي نالي تـي ڌرتـيءَ کـي غلام ۽ قوم کـي محڪوم بڻايو ويو. انھيءَ ڏينھن کان سنـڌ جا سمورا حق مال غنيمت بڻائي کاڌا ويا. آريسر سائين جي ايم سيد جي فڪر جو مشعلِ راھ بڻجي رمـندو رھيو، ڇـو ته انھي جي گودڙي ۾ زندگيءَ گذارڻ جو نالو رڳو ساھ کڻڻ ۽ ماني کائڻ نه ھـو، پـر زندگي معنيٰ محبت، پيار، امن، ھمدردي ۽ مسلسل جھدوجھد جو نانءُ ھـو. آزادي جـو راھي صدين جو ٿڪ پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي کڻندي ڪڏھن به ڪنھن کي مَيار نه ڏنـي ھميشه سـنڌ سان گڏ بيهندو ھـو. هن سنڌ سان عشق ۽ نڀاءُ ڪيو. هو سراپا سنڌ هو!
اشـفاق سُـومرو
ميرپور خاص ۾ پ پ پ جو جلسو ۽ پاڪ فوج جون مشقون
ميرپور خاص ۾ بلاول ڀٽو جو جشن سنڌو جلسي کي خطاب جنهن ۾ پ پ پ چيئرمين ڪئنال معاملو رد ڪرائي ڪاميابي ماڻي سنڌ جي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز ۾ پ پ پ جا وڏا عوامي جلسا ڪري سنڌو پاڻي روڪڻ معاملي تي سنڌ جي عوام وٽ سرخرو آهي. اها ئي ڳالهه آهي ته پ پ پ سنڌ جي هر ڊويزن ۾ ڪئنال معاملي تي آواز اٿاري ڪاميابي ماڻي جشن سنڌو ملهائي هر هنڌ پنهنجي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي جنهن ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيڻ جي ڳالهه ڪري پاڪ فوج ۽ عوام جو حوصلو وڌائي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو جيڪو خود مضبوط حوصلي وارو ليڊر آهي جنهن جلسي ۾ عوام کي ڪئنال رٿا ختم ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پ پ پ عوام جي حقن جي حفاظت ۽ ملڪ جي مڪمل دفاع لاءِ پاڪ فوج سان هر محاذ تي گڏ ۽ سندن حمايت ڪندي. ٻي ڳالهه ته هن وقت ڀارت جي جنون کي ڏسندي پاڪ فوج پاران مشقون به جاري آهن جنهن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيڻ جي تياري آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪ فوج هڪ طاقت آهي جيڪا فوج دشمن جي جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي دفاع خاطر پوزيشن سنڀالي پابند رهندي آهي. پاڪستان ۾ اندروني سطح تي به معاملا گهڻا آهن پر هن وقت پاڪستان لاءِ ڀارت پاران جارحانه اعلانن بعد پاڪ فوج به مڪمل جواب ڏيڻ جي تياري هيٺ آهي پاڪستان ڪڏهن به دشمن کان خوف ناهي کائيندو. پاڪستان جي عسڪري قوت وٽ جديد هٿيار آهن جيڪو خود ائٽمي طاقت آهي ۽ ڀارت سان جنگيون پڻ وڙهي چڪو آهي جيڪو پنهنجي هٿيارن جو استعمال مجبوري ۾ ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان مڪمل تباهي ڦهلائي سگهجي ٿي. هن وقت ملڪي دفاع باري ۾ دشمن کي اهو پيغام ڏيڻ ضروري آهي ته ملڪ جو هر ماڻهو هر ادارو هر پارٽي پاڪستان جي دفاع ۾ هڪ آواز آهي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل