بنيادي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي‎

 

موڪل واري ڏينھن تي انڊيا جا نيوز چينلز ڏٺم ته صورتحال انتهائي گمبير نظر اچي رھي ھئي. انڊيا جي نيوز چينلن جي اينڪرز جي وس ۾ ھجي ته بس فٽا فٽ پاڪستان کي گھمائي وٺن پر پاڪستان به ھڪ ايٽمي قوت آھي جنھن جو اندازو اتي جي ادارن کي خوب آھي. دشمن تعصبي آھي مڪار به آھي عوام کي پنھنجي تياري رکڻ کپي جيتوڻيڪ ائٽمي جنگ جو ڪو تڪڙو خطرو ناهي، پر بنيادي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. جيڪڏهن خدا نه ڪري، نيوڪليئر حملو ٿي وڃي ته حملي جي فوراً پوءِ: جيڪڏهن اوهان ڪنهن عمارت جي اندر آهيو، ته اتي ئي رهو ۽ کڙڪين کان پري ڪنهن اندرين ڪمري يا تهه خاني ۾ هليا وڃو. جيڪڏهن اوهان ٻاهر آهيو، ته فوراً ڪنهن مضبوط عمارت ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن ڪا عمارت موجود نه آهي، ته زمين تي ليٽي پئو ۽ پنهنجو مٿو ۽ ڳچي هٿن سان ڍڪيو. ڌماڪي کان بچاءُ: جيڪڏهن اوهان کي ڌماڪي جو اڳواٽ اطلاع مليو آهي، ته اهڙي شيءِ جي پٺيان پناهه وٺو جيڪا اوهان کي ڌماڪي جي لهر ۽ ملبي کان بچائي سگهي. تابڪاري کان بچاءُ: ڌماڪي کان پوءِ تابڪاري اوهان تائين پهچڻ کان اڳ لڳ ڀڳ 10 منٽ يا ان کان وڌيڪ وقت ٿي سگهي ٿو. انهيءَ وقت دوران ڪنهن محفوظ جاءِ تي پناهه وٺو. سرن يا ڪنڪريٽ جي ڀتين واريون عمارتون وڌيڪ تحفظ ڏين ٿيون. زمين هيٺان پارڪنگ گيراج ۽ سب وي به سٺيون پناهه گاهون ٿي سگهن ٿيون. پناهه دوران: اندر ئي رهو: جيستائين اختيارين طرفان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هدايت نه ملي، اندر ئي رهو. عام طور تي، گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪن تائين اندر رهڻ محفوظ هوندو آهي. دروازا ۽ دريون بند ڪريو: سڀ دروازا ۽ دريون بند ڪريو ۽ درزن کي ٽيپ سان سيل ڪريو. وينٽيليشن بند ڪريو: جيڪڏهن ممڪن هجي، ته فين، ايئر ڪنڊيشنر ۽ ٻاهر کان هوا کڻندڙ هيٽنگ يونٽ بند ڪريو. اطلاعن تي ڌيان ڏيو: بيٽري تي هلندڙ ريڊيو يا ٻين ذريعن کان اختيارين جون هدايتون ٻڌندا رهو. ذخيرو ڪيل سامان استعمال ڪريو: جيڪڏهن اوهان وٽ پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جو ذخيرو آهي ته ان کي استعمال ڪريو. ٻاهر کان آندل ڪا به شيءِ استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪريو. جيڪڏهن اوهان ٻاهر آهيو: ڪپڙا تبديل ڪريو: جيڪڏهن اوهان کي لڳي ته اوهان تابڪاري مواد جي اثر هيٺ آيا آهيو، ته پنهنجا ٻاهر جا ڪپڙا لاهي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجھو. وھنجو يا ڌوئو: جيڪڏهن ممڪن هجي ته صابڻ ۽ پاڻي سان وھنجو يا پنهنجي جسم جا کليل حصا ڌوئو. جيڪڏهن پاڻي موجود نه هجي ته پسيل رومال يا ڪپڙي سان صاف ڪريو. صاف ڪپڙا پايو: صاف ڪپڙا پايو ۽ اکين، نڪ ۽ وات کي بنا ضرورت جي نه ڇهو. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ: اختيارين جون هدايتون مڃو: جڏهن اختيارين ٻاهر نڪرڻ لاءِ محفوظ قرار ڏين، ته انهن جي هدايتن تي عمل ڪريو. احتياط ڪريو: ٻاهر نڪرڻ دوران احتياط سان وکون کڻو ۽ آلودگي واري هنڌن کان پري رهو. ياد رکو: نيوڪليئر حملو ٿيڻ جي صورت ۾ زنده رهڻ جا امڪان ڪيترن ئي عنصرن تي دارومدار رکن ٿا، جيئن ڌماڪي جي شدت، اوهان جي جاءِ ۽ اوهان جو ردعمل ڪيترو تيز ۽ مؤثر آهي. تياري ۽ فوري عمل اوهان جي بچاءَ جا امڪان وڌائي سگهن ٿا.

 

الھڏنو راهمون/ سجاول

ضلعي ڪشمور ۾ بدامنيءَ جا تعليم تي پوندڙ اثر

 

بدامنيءَ جي باھ بدبخت ضلعي ڪشمور جي ھرشعبي کي پنهنجي شعلن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي. ٻين شعبن جيان تعليم به سندس گِھِري لپيٽ ۾ آھي پر شايد انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن حڪمرانن کي ان آڙاھ جي تپش محسوس ڪونه ٿي ٿئي. جيستائين کانئن تپش محسوس ٿيندي تيستائين شايد وڃي رَکَ بچندي. يرغمال بڻيل ضلعي جا رھواسي سندس بيوس بڻيل پوليس ۽ انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن حڪمرانن جي مدد جا منتظر آھن پر معذور حڪومت جون ترجيحات ئي شايد الڳ آھن. ضلعي ۾ روزانو، ڦر، تشدد ۽ قتل جا درجنين واقعا ٿين ٿا جن ۾ تعليمدان به متاثر ٿين ٿا. اسڪول پڙھائڻ ويندڙ مرد توڙي عورت استادن ۽ اسڪول وزٽ ڪندڙ آفيسرن کان موبائل فون، پئسا ۽ موٽرسائيڪل ڦر ۽ تعليم حاصل ڪندڙ معصوم ٻارڙن جي اغوا جون وارداتون ٿينديون رھن ٿيون. ان دھشت واري ماحول ۾ والدين پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ کان ڪيٻائن ٿا، استاد ڊپ واري فضا ۾ جان تريءَ تي کڻي اسڪول پڙھائڻ وڃن ٿا، آفيسر اسڪول وزٽ ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا، اسڪولن ۾ شاگردن جي حاضري گھٽجي رھي آھي. مطلب بدامنيءَ  تعليم تي شدت سان وار ڪيو آھي. ‎تعليم  تاريڪي ۾ ٻڏل سماج جي لاءِ ڏيئو ھوندي آھي ۽ ڪشمور ضلعي جا تعليمدان پنھنجي رت سان ان ڏيئي کي روشن ڪرڻ کان به ڪين ٿا ڪيٻائن. شھيد استاد الله رکيو نندواڻي جھڙا جوان ان ڳالھه جا مثال آھن، جن تعليم جي شمع کي روشن ڪرڻ لاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏني. پر آخر ڪيستائين رت سان اھو ڏيئو روشن رکي سگھجي ٿو!!؟  آخر ضلعي ۾ رت جي راند ڪڏهن رڪجندي ۽ ڪڏھن امن بحال ٿيندو؟ بظاھر امن بحال ڪرائڻ لاءِ ڪو به وس وارو تيار نه آھي، يا ته وس وارا پنھنجي عيش عشرت ۾ مگن آھن يا وري وس وارا پاڻ بيوس بڻيل آھن ۽ وس وارن کي ڪا طاقت بيوس بڻائي ڄاڻي واڻي ضلعي جون حالتون خراب ڪرائي پئي. خير سبب جيڪو به ھجي ضلعو ڪشمور ھڪ دھشت زده ضلعو بڻجي چڪو آھي جتي  ٻين شعبن سان گڏوگڏ تعليم  جي شعبي تي ڪافي ناڪاره اثر پئجي چڪا آھن.

 

‎گل حسن بھلڪاڻي/ ڪنڌڪوٽ

 

عامر نواز سنڌي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جي تاريخ رقم ڪري ويو!

 

سنڌ اها امر ڌرتيءَ آهي جنهن نه ته روپلي ڪولھي کي وساريو آهي نه هوشو شيدي کي نه سورهيه بادشاھ کي نه سنڌ جي وڏي بشير خان قريشي کي ۽ نه ئي وري سائين جي ايم سيد کي. اهڙا سوين ڪردار جيڪي اڄ به سنڌ ۽ سنڌين جي ساھ ۾ سمايل آهن، انهن ڪردارن ۾ هڪ ڪردار عامر نواز وڙائچ جو اضافو ٿيو آهي. هن کان پھريان به رحمان مغل جنهن جي وڏن جو تعلق پڻ پنجاب سان هو، مگر هن جي سنڌ سان محبت جي انتھا ڏسي سنڌ کيس سرمد سنڌي بڻائي ڇڏيو. تيئن ئي عامر نواز وڙائچ کي عامر سنڌي بڻائي ڇڏيو.  هزارين تڪليفون، اذيَّتون ۽ ڀوڳنائون سھڻ باوجود سنڌين سان گڏ بيھندڙ نه صرف عامر سنڌي بلڪه هر ان وڪيل ۽ عوام جي درد رکندڙ فرد کي جنهن جنهن به سنڌو جي پاڻي خاطر جاکوڙ ڪئي! سڀني کي سرخ سلام۔

 

ذوالقرنين علياڻي/ روشن آباد

 

ڊائريڪٽر تعليم سکر ريجن ڏانهن خط

 

سائين ڊائريڪٽر تعليم اسڪولس پرائمري ريجن سکر کي هڪ نماڻو عرض ته مانوارا سائين اسان لوئراسٽاف ايجوڪيشن ضلع خيرپور ميرس جا اوهان جا ننڍڙا ملازم، اوهان سائين جن کي ادب جا هٿ ٻڌي عرض پيا ڪريون ته سائين اسان مسڪين لوئر گريڊ 1 کان 4 تائين جا ڪلارڪيءَ ۾ 15 سال گذرڻ جي باوجود به پروموشن نه ٿيا آهن. هينئر مون سميت ڪيترائي ملازم رٽائرمنٽ جي ويجهو آهن. جيڪي سڀ اوهان جهڙي ايماندار آفيسر مان ئي اميدون رکيو ويٺا آهن. جيڪي الائي ته ڪڏهن پوريون ٿينديون. سائين جيئن ته گورنمنٽ آف سنڌ اسڪولس ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمنٽ ڪراچي تاريخ 29/04/2025 تي وري پروموموشنن لاءِ هڪ ليٽر لاٿو آهي، جنهن ۾ اوهان کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. هينئر اسان لوئر گريڊ جي ملازمن جون اوهان ۾ ئي  نظرون آهن. مون سميت الائي ته ڪيترا لوئراسٽاف جا ملازم اوهان کي لڳاتار عرض ڪندا پيا اچن ۽ بار بار چون پيا ته خدارا اسان جو جائز مطالبو قبول ڪيو ۽ وري به عرض ڪيون پيا ته سائين مهرباني فرمائي پنهنجن ننڍڙن ملازمن تي رحم ڪري جلد ڪو انصاف ڪيو، ته اسان اوهان سائين جن جي دراز عمر لاءِ دعاگو رهنداسين.

 

ملازم شنباڻي

 

وڪيل قومن جي آزادي، آئين ۽ حقن جي حفاظت جا علمبردار

 

هڪ تاريخي، فڪري ۽ حوالن سان ورتل ڀرپور جائزو وٺي ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي سياسي، قانوني ۽ قومي تاريخ ۾ وڪيلن جو ڪردار محض قانوني دليلن تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪه انهن هر دور ۾ اجتماعي شعور، قومي آزادي، جمهوري بالادستي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اهم ۽ بنيادي رستو هموار ڪيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته جتي به حقن جي ڳالهه ٿي آهي، اتي وڪيل اڳين صفن ۾ رهيا آهن آزادي جو معمار ۽ اصولن جو وڪيل قائداعظم محمد علي جناح (1876–1948) جي قانوني ۽ سياسي ڪردار بابت مشهور مورخ  Stanley Wolpert لکي ٿو ته: چند ماڻهو تاريخ جو رخ تبديل ڪن ٿا، اڃا به گهٽ ماڻهو دنيا جو نقشو بدلائن ٿا، ۽ تمام گهٽ ماڻهو قوم جي قيام جو اعزاز ماڻين ٿا. جناح اهو سڀ ڪجھ ڪيو. جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ذولفقار ڀٽو جي ته متفقه آئين جو معمار ذوالفقار علي ڀٽو (1928–1979)، جنهن پنهنجي علم ۽ فهم سان پاڪستان جي عوامي سياست جو نقشو بدلائي ڇڏيو. رسول بخش پليجو (1930–2018)، مشهور قانوندان، عوامي تحريڪ جو باني، جن پنهنجي لکڻين ۽ وڪالت ذريعي سنڌ جي حقن، خاص ڪري پاڻي، وسيلن، ٻولي ۽ ثقافتي سڃاڻپ لاءِ آواز اٿاريو. جي ايم سيد (1904–1995)، “سنڌي قومي تحريڪ” جو باني، جنهن سنڌ جي سڪيولر قومپرستي جو فلسفو پيش ڪيو. سندس ڪتاب “Sindh Speaks” ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي قومپرستي قانوني ۽ جمهوري حقن تي مبني آهي. حيدر بخش جتوئي (1901–1970)، “باباءِ هاري”، جن وڪالت سان گڏ زمينداري نظام خلاف تحريڪ هلائي ۽ هارين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. هي ڪئنالن وارو مسئلو جيڪو ٻٻرلوءِ ڌرڻو هڻي ڪئنال واپس ڪيا ويا آهن ان کان اڳ به ٻٻرلوءِ ۾ ڪارروايون ٿيون جنهن ۾ ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪنن شهيد ٿيا هئا . 17 مارچ 1967ع تي ٻٻرلوءِ ۾ سنڌي قومپرست ڪارڪنن خلاف رياستي جبر جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا. عدليا جي آزادي، انساني حقن جي تحفظ، صوبن جي خودمختياري، ۽ آئين جي بالادستي لاءِ وڪيل اڳواڻن جهڙوڪ Aitzaz Ahsan، Asma Jahangir (مرحومه) ۽ ٻين جو ڪردار مثالي رهيو آهي. پاڪستان جي وڪيل تحريڪ (2007–2009) به ان جو واضح مثال آهي، جتي وڪيلن صدر مشرف جي آمريت خلاف علم بلند ڪيو. سنڌ جي زمين تي به، خاص ڪري ٻٻرلوءِ جهڙن تاريخي واقعن ۾، عامر نواز وڙائچ، سرفراز حسين ميتلو، ڪي بي لغاري، اطهر عباس سولنگي جهڙن وڪيلن جو ڪردار نمايان رهيو آهي، جن سنڌ جي حقن لاءِ نه صرف قانوني ميدان ۾ جدوجهد ڪئي، پر عوامي شعور کي به اجاگر  ڪيو. اسان کي گهرجي ته انهن وڪيلن جي اصولن، علم ۽ قربانين مان سکندي، اڄ به قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ قومن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکون.

 

ايس ايم لغاري/دادو

 

ترقي رڳو، سينٽرل پنجاب ۾ ڇو؟

 

جڏهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، ان وقت کان ملڪي خزاني جا دروازا رڳو وچولي پنجاب جي ترقي لاءِ کليل آهن. باقي ملڪ جي ٻين صوبن ۽ ڀاڱن کي سکڻا آسرا مليا آهن.نوڪريون لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، سيالڪوٽ، گجرات ، گوجرانوالا، ساهيوال، وهاڙي، سرگوڌا ۽ انهن جي آسپاس وارن کي، فيڪٽريون به اتي، وڏا وزير به اتان جا، رانديگر ۽ ميدان به اتي، سڀئي ادارا به اتي. پرڏيهه ۾ موڪليندا ته ترجيح به انهن کي ملندي، سرڪاري ٽي وي چئنلن تي به ترجيح انهن کي، ملڪي سربراهن جا دورا هجن يا وري ڪاروباري چڪر ترجيح سينٽرل پنجاب کي ملندي. موٽروي به انهن لاءِ، هوائي اڏا به گهڻا انهن لاءِ، ٻين صوبن جي زمين ورهائيندا ته به سينٽرل پنجاب وارن کي ڏيندا، باقي پنجاب جي مٿين علائقن توڙي سرائيڪي بليٽ ۾ ترقي نالي ماتر. سنڌ ۽ بلوچستان ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهن. ننڍي کان وڏي نوڪري ۾ پهرين ترجيح رڳو سينٽرل پنجاب کي ملي ٿي. بجلي گيئس ۽ ڪوئلو جٿان نڪري انهن کي ملي نه ملي پر سينٽرل پنجاب ترجيح ۾ ته پوءِ سوال اهو آهي ته باقي صوبا ۽ علائقا هن ملڪ ۾ ٻئين ۽ ٽئين درجي وارا علائقا ۽ شهري ڇو ڪيا ويا آهن؟ ڇا ملڪي آئين حڪمرانن کي اهڙي ٻي اکيائي جي اجازت ڏئي ٿو؟ عمران خان هجي، توڙي يوسف رضا گيلاني يا شهباز شريف، انهن جي حڪومتن ۾ هڪ صوبي جي مخصوص شهرن ۽ علائقن کي ترقي وٺرائڻ جي ايجنڊا آخر ڇو ٿي هلي؟ باقي ملڪ جي عوام جو ڪهڙو قصور آهي؟ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ آخر خزانو ڇو ٿو خالي رهي؟ هي ملڪ ڇويهه ڪروڙ عوام جو آهي ان کي ڪجهه علائقن تائين محدود ڇو ڪيو ويو آهي؟ هن ملڪ جي عوام آخر حڪمرانن جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟

 

شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد

 

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل سنڌ طاس معاھدو

 

هندستان جي ڄمو ۽ ڪشمير رياست کي ڏنل اهي پاڻي مختص ڪرڻ ان جي آبپاشي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ  لاءِ گهٽ آهن. جڏهن ته معاهدي پاڪستان جي سنڌو درياءُ جي طاس ۾ 80.52 سيڪڙو پوکيل زمينن کي سيراب ڪرڻ  لاءِ ڪافي پاڻي جي اجازت ڏني هئي. جيتوڻيڪ، هندستان پاران رن آف رِور (RoR) هائيڊرو پاور پروجيڪٽس ڪيترا به ٺاهي سگهجن ٿا، هڪ RoR منصوبي جو آپريٽنگ پول محدود گنجائش جو آهي ته جيئن گهٽ وهڪري جي عرصي دوران پاڻي جي اسٽوريج کي محدود ڪري سگهجي. جڏهن ته هڪ آر او آر پروجيڪٽ ۾ گيٽ ٿيل اسپل وي جي پويان سرچارج اسٽوريج محدود ناهي، جيڪو مون سون جي موسم دوران پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ  لاءِ ڪارآمد آهي ته جيئن بهترين ثانوي بجلي جي پيداوار  لاءِ. گهٽ اجازت ڏنل اسٽوريج جي ڪري، ڄمو ۽ ڪشمير رياست پابند آهي ته انهن کي فعال رکڻ  لاءِ پنهنجن ذخيرن مان مهانگي ڊي-سلٽنگ جو سهارو وٺي. پاڪستان ڄمو ۽ ڪشمير رياست جي اپ اسٽريم ۾ معتدل پاڻي جي اسٽوريج جي اجازت نه ڏيڻ سان اضافي فائدا پڻ وڃائي رهيو آهي، جنهن جو پاڻي آخرڪار سياري جي موسم ۾ گهٽ وهڪري دوران پاڪستان ڏانهن ان جي استعمال  لاءِ جاري ڪيو ويندو ۽ ان جي علائقي ۾ ڪجهه ڊيمن جي ضرورت کان بچي ويندو. جڏهن ته پاڪستان ڪيترن ئي سالن جي وهڪري کي روڪڻ  لاءِ وڏي پئماني تي ذخيرا رکندڙ گهڻ مقصدي پاڻي ذخيرا ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جهڙوڪ 4,500 ميگاواٽ ديامير-ڀاشا ڊيم، 600 ميگاواٽ اکوڙي ڊيم، 4,320 ميگاواٽ داسو ڊيم، 7,100 ميگاواٽ بونجي ڊيم، 4,866 ميگاواٽ ٿا ڪوٽ ڊيم، 2,400 ميگاواٽ پٽن ڊيم، 15,000 ميگاواٽ ڪٽزارا ڊيم، 700 ميگاواٽ آزاد پٽن ڊيم، 884 ميگاواٽ سڪي ڪناري ڊيم وغيره. ڪنهن به ڊيم جي ٽٽڻ جي صورت ۾، پاڪستان ۾ هيٺاهين وارا علائقا ۽ هندستان ۾ ڪڇ جو علائقو بي مثال پاڻي جي ٻوڏ جو شڪار ٿيندا ڇاڪاڻ ته اهي ڊيم انتهائي فعال زلزلي وارن علائقن ۾ واقع آهن.  جڏهن ته، هندستان کي IWT مان فوجي فائدو حاصل آهي ڇاڪاڻ ته ان جو دائرو هندستان ۾ واقع دريائن جي سنڌو نظام (اوڀر ۽ اولهه ٻنهي دريائن) جي بيسن علائقي تائين محدود آهي ۽ آرٽيڪل II  (1 کان 4) ۽ III  (2 کان 3) مطابق IWT صرف پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ هندستاني حصي ۾ موجود / وهندڙ پاڻي جي حصيداري سان تعلق رکي ٿو. IWT مطابق پاڪستان پاران دريائن جي سنڌو نظام جي هندستاني حصي ۾ واقع ڊيمن، بئراجن، پاور اسٽيشنن وغيره تي بمباري IWT جي خلاف ورزي آهي جيڪا IWT جي منسوخي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان چناب درياءُ تي هندستان جي نئين ڊيم منصوبي بابت عالمي بينڪ سان خدشا اٿاريا، چيو ته اهو سنڌو پاڻي معاهدي (IWT) جي مطابق ناهي ۽ دليل ڏنو ته هندستان انهن ذخيرن کي پاڪستان ۾ مصنوعي پاڻي جي کوٽ يا ٻوڏ پيدا ڪرڻ  لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. 2019ع ۾ پلواما حملي کان پوءِ پاڻي وسيلن جي مرڪزي وزير ۽ حڪمران پارٽي بي جي پي جي هڪ سينئر اڳواڻ نتن گڊڪري چيو ته حملي سان پاڪستان کي الزام لڳائڻ جي سزا ڏيڻ  لاءِ هندستان مان وهندڙ سڀ پاڻي هندستاني رياستن ڏانهن موڙيو ويندو. جنهن کي پاڪستاني حڪومت رد ڪيو ۽ مذمت ڪئي. جل شڪتي جي مرڪزي وزير رتن لال ڪٽاريا چيو ته ٽنهي مقرر ڪيل دريائن مان پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ  لاءِ “هر ممڪن ڪوشش” ڪئي ويندي. سيپٽمبر 2024ع ۾ هندستان باضابطه طور تي معاهدي جي نظرثاني جي درخواست ڪئي ۽ ساڳئي وقت پاڪستان معاهدي جي اهميت جي تصديق ڪئي ۽ درخواست ڪئي ته هندستان معاهدي جي شقن جي تعميل جاري رکندو. 1 مارچ 2025ع تي، هندستان باضابطه طور تي 45 سالن کان پوءِ راوي ندي جي پاڻي جي وهڪري کي پاڪستان ۾ روڪي ڇڏيو. 23 اپريل 2025ع تي هندستاني حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير جي پهلگام جي بئسارن وادي ۾ هڪ دهشتگرد حملي کانپوءِ معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا. هندستاني حڪومت معطلي  لاءِ قومي سلامتي خدشن جو حوالو ڏنو.

 

سيد مختيار علي /لاڙڪاڻو