مزدورن جو عالمي ڏينهن‎

 

هر سال پهرين مئي تي پورهيتن ۽ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائي نه رڳو 1886ع ۾ شڪاگو جي مزدورن جي ڏنل قربانين کي ياد ڪيو وڃي ٿو پر ان سان گڏ اڄ جي دور ۾ پورهيتن کي درپيش مسئلن جي حل  لاءِ ڪوششون وٺڻ جي جدوجهد به ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ۾ مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان ٿي. پورهيت جو اسان جي زندگي ۾ تمام اهم ڪردار آهي. کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙي تائين ۽ گهر جي تعمير سوڌو ضرورت جي هر اها شي جنهن کي غريب توڙي امير استعمال ۾ آڻي ٿو ان ۾ مزدور جو پگهر ۽ رت شامل هوندو آهي پر افسوس جو اسان سڀني  لاءِ سهولتن جا سامان گڏ ڪرڻ واري ان طبقي کي ڪي به سهولتون حاصل نه آهن. ويتر گھڻين جاين تي کين نه رڳو پنهنجي محنت جو پورو اجورو نٿو ڏنو وڃي، پر ان  لاءِ کيس ذليل ۽ خوار ٿيڻو پوي ٿو، جيتوڻيڪ اسلام مزدورن جي حقن ادا ڪرڻ جو حڪم هن انداز ۾ ڏنو جو فرمايو ويو مزدور کي سندس مزدوري پگهر سڪڻ کان اڳ ڏني وڃي جيئن هو پنهنجي گهروارن  لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري سگهي. مزدورن ۽ محنت ڪش انهي طبقي کي سندن جائز حق ڏيڻ اسان سڀني جو مذهبي ۽ اخلاقي فريضو آهي ۽ ان ۾ ڪئي ويندڙ ڪوتاهي جو الله کي حساب ڏيڻو پوندو.

 

مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي

 

مزدورن جو عالمي ڏينھن‎

 

پھرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينھن آھي ملڪ ۾ ھر پورھيت مزدور کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جيڪي پنھنجي ڏينھن رات محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته جڏھن سرمائيدار طبقي مزدورن کي ڪچلڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ معاشي طور مضبوط ھئا پر مزدورن کي مناسب مزدوري نه ڏني وڃي پئي. جنھن ڪري مزدورن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه پيون ٿين. ان صورتحال ۾ ھي تحريڪ پھرين مئي 1886ع شڪاگو کان شروع ٿي. تحريڪ جو مقصد اھو ھو ته ھڪ ته مزدورن جي پورهئي جو وقت مقرر ڪيو وڃي ۽ انھن کي اجرت پوري ڏني وڃي. ائين جرمني ۾ 1933 ع ۾ ليبر ڊي ملھايو ويو ۽ پاڪستان ۾ 1972 ع ۾ سرڪاري طور موڪل جو اعلان ڪيو ويو ھو ۽ مزدورن جي  لاءِ پاليسي ٺاھي وئي ھئي. اڄ پھرين مئي تي پوري دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملھائي مزدورن سان اظھار يڪجهتي ڪيو پيو وڃي. انساني حقن جون تنظيمون به ھن ڏينھن تي ريليون ڪڍي اجرت وڌائڻ  لاءِ آواز بلند ڪن ٿيون. ھن مھانگائي جي دور ۾ مزدور پنھنجا ٻچا پالڻ ۾ پورو آھي. مزدور طبقو نه ته پنھنجي ٻچن کي صحيح طرح سان تعليم، صحت ۽ کاڌ خوراڪ ڏئي سگھي ٿو. بلڪه اھو بنيادي سھولتن کان به محروم اھي. جيڪڏھن مزدوري آھي به ته اھا ھن مھانگائي جي حساب سان تمام گھٽ آھي. ھن ڏينھن جي حوالي سان مطالبو ڪجي ٿو ته مزدورن جي اجرت کي وڌايو وڃي انھن جي  لاءِ خاص پيڪيج ھجڻ گھرجي جيڪو ھر سال انھن کي ڏنو وڃي. انھن کي سرڪار جي طرفان علاج، تعليم ۽ ٻيون سهولتون مفت ڏنيون وڃن. مھانگائي کي مدنظر رکندي مزدور طبقي جي اجرت کي وڌائڻ گھرجي جيڪو انھن جو حق آھي. م

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

شڪاگو کان سنڌ تائين حقن جي اڻٿڪ جنگ

 

پهرين مئي سموري دنيا ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن انهن لکين مزدورن جي قربانين کي ياد ڪرڻ  لاءِ هوندو آهي جن پنهنجي حقن  لاءِ آواز اٿاريو جيلون ڪاٽيون تشدد سٺو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي جان جي قرباني به ڏني. 1886ع ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ٿيل مزدور تحريڪ جي نتيجي ۾ 8 ڪلاڪ جي ڪم واري اصول جو بنياد پيو جيڪو اڄ به مزدورن جي حقن جو بنيادي جزو آهي. سنڌ سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدور اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. گهٽ اجرت غيرمحفوظ ڪم، سماجي تحفظ جي کوٽ ۽ غيرمنصفاڻي رويي جو شڪار آهن. حڪومتي ادارن، فئڪٽرين، زراعت، بندرگاهن ۽ بازارن ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش اڃا تائين پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ  لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته اڪثر مزدور رجسٽرڊ ئي ناهن جن کي بيماري حادثي يا بيروزگاري جي صورت ۾ ڪا به سوشل سڪيوريٽي نٿي ملي، ٻئي طرف عورت مزدور، ٻارن کان محنت وٺڻ ۽ موسمي يا عارضي روزگار به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. اڄ جي ڏينهن تي ضرورت آهي ته مزدورن سان همدردي جا لفظ فقط تقريرن تائين محدود نه رکن پر عملي قدم کنيا وڃن. مزدورن جي اجرت ۾ واڌ صحت ۽ سوشل سيڪيورٽي ۽ ڪم جي محفوظ ماحول جي ضمانت ڏني وڃي. پهرين مئي رڳو تاريخ جو ڏينهن ناهي پر اها يادگيري آهي ته حق وٺڻ  لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ انصاف صرف ان وقت ممڪن آهي جڏهن آواز گڏ هوندو.

 

مير مرتضيٰ شر/ڄام صاحب

 

جاگيرداري نظام ۾ مظلوم طبقن جي حقن جي ڦرلٽ

 

بيشڪ اهي انسان تاريخ ۾ شاندار روايتن سان ياد ڪيا وڃن ٿا، جن ظلم، جبر، حق تلفين ۽ استحصال خلاف حق جو آواز بلند ڪيو ۽ قومي غلاميءَ خلاف بغاوت جو جهنڊو کنيو. جياپي  لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ايندڙ نسلن  لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾ جاگيرداري نظام رائج هو. مارڪسزم جي فڪر ۽ فلسفي اهو ٻڌايو هو ته انساني سماج ۽ تاريخ مختلف دورن ۾ مختلف نظامن مان گذري آهي ۽ پيداواري ذريعن توڙي پيداواري اوزارن جيئن جيئن ترقي ڪئي آهي تيئن تيئن ابتدائي اشتراڪيت سان پهرين غلام داري دور ۽ پوءِ جاگيرداري دور آيا. هي دور سرمائيداري نظام جو آهي جيڪو اڻٽر طور سوشلزم طرف ويندو. مارڪسزم جي عظيم استادن سوشلزم کي ڪميونزم تائين پهچڻ  لاءِ پهريون ڏاڪو سمجهيو ته سوشلزم ترقي ڪري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي ويندو، پر تاريخ جي تجزئي اسان کي اهو ٻڌايو ته ايئن ڪٿي به نه ٿيو. سوويت انقلاب هڪ اهم ڪوشش هئي ته هي سرمائي جو نظام تبديل ڪري سگھجي ٿو. سوشلزم ڪو خيالي نظريو نه پر هڪ حقيقت آهي. عالمي سوشلسٽ تحريڪ جو هي هڪ ننڍو ۽ اهم قدم هو جنهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته طبقاتي نظام ۽ ان جي هر صورت کي ڊاهي سگھجي ٿو. ايتري تائين جو هڪ صحيح انساني معاشرو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن هي طبقاتي سماج هر صورت ختم ٿي وڃي. ٿورو غور سان ڏسنداسين ته سوشلزم ۾ سرمائيداري جو بنيادي ميڪنزم موجود آهي. 1. يعني پيداوار ۽ ان جي ورهاست مارڪيٽ جي ذريعي ٿيڻ، سرمائيداري ۾ به ساڳي صورتحال آهي. پيداوار کي نفعو ڪمائڻ  لاءِ مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اتان سماج ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو. 2. اجرتي نظام: سرمائيداري نظام جي بنيادي خصوصيت اجرتي نظام آهي، جنهن جي ذريعي سرمائيدار مزدور جو استحصال ڪري ٿو. ساڳئي صورتحال سوشلزم ۾ به موجود آهي يعني ”صلاحيت آهر ڪم ۽ ڪم آهر اجورو“ ٻنهي ۾ اجوري وارو نظام برقرار آهي. 3. ڪرنسي سسٽم: ڪرنسي سسٽم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان سرمائيدار مزدور جي محنت چورائي ٿو. ڪامريڊ ڪارل مارڪس نقد ڪرنسي کي بين الاقوامي دلال ڪوٺيو آهي. سوشلزم ۾ به ساڳيو ڪرنسي سسٽم بحال رکيو ويو، جنهن سرمائيدارن جي نئين طبقي کي جنم ڏنو، جيڪو سوشلزم جي ناڪاميءَ جو سبب بڻيو. موجوده وقت ۾ دنيا جو هڪ رخو ( امريڪا جي جارحيت) هئڻ ڪري پوري دنيا خصوصي طور مسلمانن ۾ وڏي بيچيني پيدا ٿي رهي آهي جنهن جا خطرناڪ نتيجا خصوصي طور تي پاڪستان، عراق، ايران، مصر، شام، فلسطين، سعودي عرب وغيره تي پئجي رهيا آهن ۽ اهي عظيم تهذيبون سرمائيدار نظام جي خوراڪ جو کاڄ بڻايون پيون وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين کي سرمائيداري جي اوسر جو سائنسي تجزيو ڪري جدلياتي ماديت جي اصولن مطابق پنهنجي منشورن ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن ۽ ڊائريڪٽ ڪميونزم  لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

 

ڪاشف نوراني

 

مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ عام موڪل‎

 

اڄ جتي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملھايو پيو وڃي اتي منهنجو مزدور بابا تي مزدوري تي ويل آهي پوءِ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موڪل ڇاجي آهي؟ اڄ پھرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عام موڪل ڪئي وئي آهي پر منھنجو مزدور بابا پيٽ پالڻ  لاءِ ٽن وقتن جي ماني  لاءِ مزدوري تي ويل آهي. “اي مزدور تنهنجي پگھر ۾ آھي گلاب جي گل جي خوشبو جنهن خوشبو جو مزو ھر فرد حاصل ڪري ٿو.” دنيا ۾ ھر جاءِ تي مزدور طبقي جو اھم ڪردار آهي چاھي آفيسن ۾ پاڻي ڀرڻ ماني ٺاھڻ وغيره ھجي اسپتالن ۾ صفائي جو ڪم ھجي، اسڪولن ۾ پڻ صفائي وغيره ھجي، اتي مزدورن جو اھم ڪردار رھيو آهي. اصل ۾ ڪم سڀ مزدورن وارو ئي ڪندا آهن، پر رڌ پچاءُ، صفائي ڪرڻ، پاڻي وغيره ڀرڻ ۾ آفيس ھجي، اسڪول ھجي يا اسپتال ھجي اتي اھم حصو ان مزدور جو آهي، پر ٻھراڙي ۾ ڪاٺ جي مزدوري ڪندڙ ھجي، دڪاندار ھجي يا ريڙهو ھلائي گذر سفر ڪندڙ ھجي، ان کي ته ھر صورت پنهنجي روزگار تي وڃڻو آهي نه ويندو ته ٽن وقتن جي ماني ڪٿان کائيندو؟ موڪل تي پيءُ ۽ پٽ جي گفتگو……….!!!

پٽ: بابا اڄ تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موڪل آهي پوءِ تون اڄ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

پيءُ: پٽ مزدوري تي وڃان ٿو.

پٽ: پر بابا موڪل آهي.

پيءُ: اڙي پٽ موڪل ڪندس ته ٽن ويلن جي ماني ڪيئن کائينداسين؟ اھا موڪل صرف سرڪاري مزدورن جي ھوندي آهي پاڻ روز وٺڻ کائڻ وارا آھيون پنهنجون ڪھڙيون موڪلون؟ توهان جو بابا مزدوري تي ويندو تڏهن ته توهان جي  لاءِ ٽن وقتن جي ماني جو بندوبست ڪندو.

پٽ: بابا ان جو مطلب ته توهان ھميشـ مزدوري تي ويندا توهان  لاءِ موڪل بي معنيٰ آهي! توهان ڪا به موڪل نه ڪندا نه ئي ڪڏهن گھر ويھي آرام ڪندا! ڇو ته اسين روزانو وٺڻ کائڻ وارا آھيون. بابا پوءِ ڪنهن سرڪاري نوڪري جي ڳولا ڪر ته جيئن پاڻ سرڪاري موڪل جو لطف وٺي سگهون.

پيءُ: ھا پٽ دعا ڪر ته الله پاڪ سرڪاري نوڪري ڏي ته جيئن پاڻ ٽن وقتن جي ماني سڪون سان کائون پر دنيا ۾ الائي ته ڪيتريون ضرورتون آهن دنيا ھر روز مرڻ پرڻا بيماريون سيماريون آهن تن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو الله پاڪ پاڻ تي ٻاجھه فرمائي!

پٽ: آمين بابا الله پاڪ رحيم ڪريم آهي جيڪو اسان تي ڪرم ضرور ڪندو. خير منهنجو بابا مزدوري تي روانو ٿي ويو.

آخر ۾ آئون پنهنجي بابا سائين کي ٻنهي نيڻن سان سلام پيش ڪيان ٿو جنهن پاڻ کي ڏک سور درد ڏئي مون کي بادشاهن جيان پاليو آهي اڄ آئون جيڪڏهن ڪجهه آھيان ته پنهنجي بابا سائين جي ڪري ئي آھيان.

 

راجامبارڪ سولنگي/ٻيلوشھر

 

مزدورن جو عالمي ڏينهن جشن يا ماتم ؟‎

 

هر سال پهرين مئي تي”مزدورن جو عالمي ڏينهن” ملهايو ويندو آهي. ريليون ڪڍبيون آهن، تقريرون ٿينديون آهن، قومي اڳواڻن طرفان بيان جاري ڪيا ويندا آهن ۽ مختلف فورمن تي مزدورن جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ويندو آهي. پر جڏهن اهو سڀ ختم ٿئي ٿو، ته مزدور وري پنهنجي حالتن ڏانهن موٽي ٿو وڃي. گهٽ اجرت، بي تحفظ روزگار، خراب ڪم جون حالتون ۽ نظرانداز ٿيل بنيادي حق. هي ڏينهن اُن تاريخ جي يادگيري آهي جڏهن مزدور پنهنجي حقن  لاءِ آواز اٿاريو، قربانيون ڏنيون ۽ آخرڪار ڪجهه حق حاصل ڪيا. پر جڏهن اسان پاڪستان جي مزدور طبقو ڏسون ٿا ته سوال اڀري ٿو ته ڇا هي ڏينهن اسان  لاءِ واقعي “عيد” آهي، يا رڳو هڪ رسمي تقريب جنهن سان حقيقي مزدور جو ڪو واسطو ئي ناهي؟ پاڪستان ۾ مزدور جي حالت انتهائي افسوسناڪ آهي. سرڪاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ملڪ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مزدور غير رسمي شعبي سان لاڳاپيل آهن، جن وٽ نه ته روزگار جو ڪو تحفظ آهي، نه ئي ڪا بيماري يا حادثي جي صورت ۾ مدد. گھڻا مزدور بغير ڪنٽريڪٽ، بغير ميڊيڪل ۽ بغير ڪنهن ريٽائرمنٽ سڪيورٽي جي ڪم ڪن ٿا. پاڪستان ۾ اندازي موجب تقريباً 70 ملين کان وڌيڪ ماڻهو مختلف قسمن جي مزدوري سان وابسته آهن، جن مان گھڻائي غير رسمي شعبي سان تعلق رکي ٿي. ڪم جي حالتن جي ڳالهه ڪجي ته اڪثر مزدور خطرناڪ ماحول ۾ بغير سيڪيورٽي انتظامن جي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪيترا ئي مزدور هر سال مشينن جي حادثن، عمارتن جي ڊهڻ، يا زهريلي ڪيميڪلن جي اثرن سبب جان وڃائين ٿا. انهن حادثن جو نه ڪو حساب آهي، نه ئي ڪو موثر حفاظتي نظام.گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو قانون ته پاڪستان ۾ موجود آهي، پر ان تي عملدرآمد هڪ وڏو سوال آهي. ڪيترن ئي ادارن ۾ مزدورن کي قانوني مقرر ڪيل اجرت کان گھٽ ڏني وڃي ٿي، خاص ڪري انهن شعبن ۾ جتي مزدور غير منظم ۽ اڻ پڙهيل آهن. ٻارڙن جي مزدوري پڻ هڪ وڏو الميو آهي. هزارين ٻار اسڪول وڃڻ بدران هوٽلن، دڪانن، ورڪشاپن يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. اهي نه رڳو پنهنجي معصومي وڃائي ويهن ٿا، پر سندن مستقبل به ان اونداهي چڪر ۾ گم ٿي وڃي ٿو. حڪومتي پاليسيون هجن يا عدالتي حڪمناما، انهن جي عملداري ايتري ڪمزور آهي جو زميني حقيقتن تي اثر نٿو پوي. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان مزدور کي صرف پهرين مئي تي ياد ڪرڻ بند ڪريون. اسان کي ضرورت آهي مستقل پاليسين جي، جيڪي مزدورن  لاءِ اجرت، تحفظ، تعليم، صحت ۽ عزت نفس کي يقيني بڻائين. قانونن جي صرف موجودگي ڪافي ناهي، انهن تي سختي سان عملدرآمد ضروري آهي. مزدورن جي آواز کي دٻائڻ بجاءِ، انهن کي ڳالهائڻ، منظم ٿيڻ ۽ پنهنجا حق طلب ڪرڻ جو حق ڏيڻ کپي.

 

حاڪم علي چانڊيو/دادو

 

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل سنڌ طاس معاھدو

 

لليينٿل جي خيال کي ورلڊ بينڪ (پوءِ انٽرنيشنل بينڪ فار ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ) جي آفيسرن ۽ بعد ۾ هندستاني ۽ پاڪستاني حڪومتن پاران چڱي طرح قبول ڪيو ويو. يوجين آر. بليڪ، جيڪو ان وقت ورلڊ بينڪ جو صدر هو، لليينٿل کي ٻڌايو ته سندس تجويز “سڄي دنيا ۾ سٺي معنيٰ رکي ٿي”. بليڪ لکيو ته بينڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي ترقي ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ ان ڳالهه تي پريشان هئي ته سنڌو تڪرار صرف هن ترقي  لاءِ هڪ سنگين رڪاوٽ ٿي سگهي ٿو. ٽئين پارٽي جي ثالثي تي هندستان جي پوئين اعتراضن کي بينڪ جي اصرار سان حل ڪيو ويو ته اهو تڪرار جو فيصلو نه ڪندو پر معاهدي  لاءِ هڪ نالي طور ڪم ڪندو. بليڪ پڻ سنڌو تڪرار جي “فعلي” ۽ “سياسي” پهلوئن ۾ فرق ڪيو. هندستاني ۽ پاڪستاني اڳواڻن سان پنهنجي خط و ڪتابت ۾، بليڪ زور ڏنو ته سنڌو تڪرار کي حقيقي طور تي حل ڪري سگهجي ٿو جيڪڏهن اختلاف جي فعال پهلوئن کي سياسي غورن کان سواءِ ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. هن هڪ اهڙي گروهه جو تصور ڪيو جيڪو تاريخي حقن يا مختص ڪيل سوالن کي ڇڏي، سنڌو درياءُ جي پاڻي کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي سوال کي حل ڪري. بليڪ هندستاني، پاڪستاني ۽ ورلڊ بينڪ انجنيئرن تي مشتمل هڪ ورڪنگ پارٽي جي تجويز پيش ڪئي. ورلڊ بينڪ جو وفد هڪ صلاحڪار گروپ جي طور تي ڪم ڪندو، جنهن کي تجويزون پيش ڪرڻ ۽ تيز ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ذميوار هوندو. ورڪنگ پارٽي کي پنهنجي افتتاحي بيان ۾، بليڪ ٻڌايو ته هو گروپ جي ڪاميابي بابت ڇو پراميد هو؟ سنڌو درياءُ جي تڪرار جي جلد حل  لاءِ بليڪ جون اميدون وقت کان اڳ هيون. جڏهن ته بينڪ کي اميد هئي ته ٻئي ڌريون پاڻي جي ورڇ تي هڪ معاهدي تي پهچنديون، پر نه هندستان ۽ نه ئي پاڪستان پنهنجي موقف تي سمجهوتو ڪرڻ  لاءِ تيار نظر آيا. جڏهن ته پاڪستان سنڌو درياءُ جي پاڻي تي پنهنجي تاريخي حق تي اصرار ڪيو ۽ اولهه پنجاب جو اڌ حصو ريگستان جي خطري هيٺ هو، هندستاني ڌر دليل ڏنو ته پاڻي جي پوئين ورڇ مستقبل جي ورڇ کي مقرر نه ڪرڻ گهرجي. ان جي بدران، هندستاني ڌر ورڇ جو هڪ نئون بنياد قائم ڪيو، جنهن ۾ مغربي درياءُ جو پاڻي پاڪستان ۽ اوڀرندي درياءُ جو پاڻي هندستان ڏانهن ويندو. بليڪ کي جيڪي اهم ٽيڪنيڪل بحثن جي اميد هئي، اهي سياسي غورن جي ڪري رڪاوٽ بڻجي ويا جن کان هن بچڻ جي اميد ڪئي هئي. آخرڪار، 1954ع ۾ تقريبن ٻن سالن جي ڳالهين کان پوءِ، عالمي بينڪ پنهنجي تجويز پيش ڪئي، محدود ڪردار کان اڳتي وڌيٻنهي پاسن کي بيسن جي مستقبل  لاءِ ٺوس منصوبن تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪيو. تجويز ۾ هندستان کي بيسن جون ٽي اوڀر واريون شاخون ۽ پاڪستان کي ٽي اولهه واريون شاخون پيش ڪيون ويون. اولهه جي دريائن مان پاڻي موڙڻ ۽ پاڪستان پاران وڃائي ويندڙ اوڀر دريائن جي فراهمي کي تبديل ڪرڻ  لاءِ ڪينال ۽ اسٽوريج ڊيم ٺاهڻا هئا.

 

سيد مختيار علي /لاڙڪاڻو