پ پ پ ڪئنال رٿا روڪرائڻ ۾ ڪامياب!
پ پ پ ڪئنال رٿا روڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف اتفاق راءِ کان سواءِ ڪئنال نه ٺاهڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. جنهن معاملي تي وفاقي حڪومت اڳتي نه وڌڻ جي پ پ پ کي پڪ ڏني آهي جيڪا ڳالهه پ پ پ جي هن وقت وڏي ڪاميابي آهي ۽ جيڪا وفاق کي پنهنجي ڳالهه مڃرائي سنڌ جي عوام سان وفاداري ۽ انهن جي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙڻ واري ڳالهه تي پابند ٿي سنڌ جي عوام ۽ ووٽرن وٽ مڃتا ماڻي سرخرو پڻ ٿي آهي. جنهن لاءِ پ پ پ ڪئنال رٿا روڪرائڻ تي جشن ملهايو. ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ مسلسل 12،10 ڏينهن مڪمل جلسا جلوس ڌرڻا روڊ بلاڪ وڪيلن پاران ڪئنال معاملي تي مڪمل احتجاج ۽ سنڌي قوم سنڌو درياءُه معاملي تي متحد ٿيڻ ۽ احتجاج ڪرڻ بعد وفاقي حڪومت تائين سنڌ جي صورتحال باري ۾ سموري رپورٽ ته پهتي پر وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪجهه ڏينهن ترڪي وارو دورو مڪمل ڪري ملڪ واپسي تي سنڌ جي صورتحال ۽ انهن احتجاجن باري ۾ جڏهن کيس معلومات ملي ۽ سنڌ حڪومت جي پريشاني سان گڏ کيس پ پ پ جو موقف پڻ معلوم ٿيو ته پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو. بلاول ڀٽو پاران ان معاملي تي شروعاتي ڏينهن کان بعد ۾ 18 اپريل واري وڏي جلسي ڪرڻ، ان معاملي تي سنڌ جي عوام سان مڪمل پابند ٿي بيهڻ واري ڳالهه، سنڌ جي سموري ڊويزن ۾ وڏا جلسا ڪرڻ واري اعلان بعد پ پ پ چيئرمين وزيراعظم سان ان معاملي تي ملاقات ڪئي ۽ معاملي تان هٽڻ واري ڳالهه مڃرائي ڏيکاري. ياد رهي ته جنهن پ پ پ وفاق ۽ پنهنجي اتحادي اڳيان سنڌ ۾ حڪومت جي پرواهه نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي هن وقت پ پ پ وفاق کي ڪئنال معاملي تي هٽرائي ڳالهه مڃرائي ڪامياب وئي آهي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
پُرامن ڌرڻن کان رت جي درياءُ تائين
سنڌ جي ديس تي وري وحشي طوفان هلي پيو آهي. سنڌو درياءُ تي ٺهندڙ قاتل ڪئنالن خلاف جڏهن سنڌ جو غيرتمند عوام اٿيو، تڏهن رياست جي ڪاري فوج پنهنجي ئي ماڻهن جي رت سان هٿ رنگي ڇڏيا. پرامن ڌرڻن تي لٺبازي، شيلنگ، گرفتارين ۽ بيرحماڻين جو طوفان هلايو ويو. پر اهي ظالم نٿا ڄاڻن ته سنڌ جي ڌيئرن ۽ پٽن جي مزاحمت جي ديوار کي ڪنهن به گوليءَ، ڪنهن به لٺ سان نه ڪيرائي سگهبو! سنڌ جي ڌرتي اڄ ٻيهر تڙپي رهي آهي، جتي پرامن ڌرڻن تي ظلم جا نوان مثال قائم ڪيا پيا وڃن. سنڌو درياءُ تي ٺهندڙ تباهين جي علامت ڪئنالن خلاف جڏھن عوام پنهنجي ڌرتي ۽ پاڻي لاءِ سندرو ٻڌي، رڳو سچ ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي ته پوليس پنهنجي وحشياڻين ڪاررواين سان ميدان تي لٿل نظر آئي. پرامن ماڻهن تي شيلنگ، لٺبازي ۽ گرفتاريون رڳو اقتدار جي بي رحم چهري کي بي نقاب ڪري رهيون آهن. ظلم جي انهن وحشي ڪردارن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته ڌرتيءَ سان دغا ڪندڙ ڪڏهن به سلامت نٿا رهي سگهن. هر لٺ جو ڌڪ، هر شيل جو ڌماڪو، عوام جي سيني ۾ انقلاب جو ٻج پوکي رهيو آهي. هي بيرحماڻيون ڪاروايون ظلم جي ايوانن کي لوڏيندڙ زلزلا بڻجي اڀرنديون. جن حڪمرانن پوليس جي هٿن ۾ لٺيون ڏنيون، شيل ڏنا، انهن جي نالن تي تاريخ لعنت موڪليندي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي پاڻي، پنهنجي حقن تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندا. توهان جو ظلم اوهان جي اقتدار جا بنياد کائي ڇڏيندو. جنهن ڌرتيءَ تي ظلم ٿيندو، اتي بغاوت جو ٻج به جلد پوکجي ٿو، ۽ اها بغاوت اوهان جي تختن کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندي. اهو ڪير وساري سگهي ٿو ته جتي به رياست پنهنجي ئي ماڻهن خلاف هٿيار کڻي بيهي رهي آهي، اتي تاريخ جو پاسو سدائين مظلومن جي حق ۾ پلٽجندو آهي. هي خون، هي زخم، هي بيچيني، بغاوت جي نئين باهه ڀڙڪائيندي. انهن ڪارواين جا ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي اقتدار جي نشي ۾، ڌرتيءَ جي حُرمت وساري ويٺا آهن. تاريخ گواهه آهي ته جتي به آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اتي مزاحمت جا نعرا وڌيڪ بلند ٿيا آهن. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي درياءُ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ آخري ساھ تائين وڙهندو. ظلم جي آڱرين ۾ ڪڏهن به سچ جا نيرا نه وسامي سگهندا. هي ڏکيا ڏينهن ضرور گذرندا، پر جيڪي اڄ ظلم جا آرڊر ڏئي رهيا آهن، سندن نالا سڀاڻي شرم جي ڪتابن ۾ لکيا ويندا.
حاڪم علي چانڊيو/دادو
پختي عزم سان ويٺل وڪيل ۽ رياستي جبر
سنڌ ڌرتي ابتدا کان وٺي، قرباني ۽ مزاحمت جي علامت رهي آھي. ان مزاحمتي تحريڪ ۾ ڪڏهن بشير قريشي، مير مرتضيٰ ڀٽو، ارشاد رانجهاڻي سميت سوين ڏهيسر قرباني ڏيئي سنڌ کي سلامتي بخشي ويا. اڃا اهو سلسلو کٽو ناهي. اڄ ٻٻرلوءِ جي سرزمين سنڌو درياءُ جي بقا جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. گذريل ڏهن ڏينهن کان لڳل ڌرڻو عوامي تحريڪ بڻجي چڪو آهي.گهرن ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ کي قوم جا مياري ۽ ڏوهاري سمجهي رهيا آهن. سندن ضمير کين ملامت پيو ڪري ته جن کي نچي ڪڏي، دشمنيون پلئه ۾ کڻي ووٽ ڏياري ايوانن ۾ موڪليوسين اهي ئي اسان کان پنهنجا جائز حق پيا کسين. پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڌرتي جو سودو پيا ڪن. اسان کي بک ۽ بدحالي ڏيئي پاڻ عياشيون پيا ڪن. پرامن ڌرڻن تي وحشياڻو تشدد پيا ڪن. اسان جا وسيلا ڌارين کي وڪڻي خوشي جا جشن پيا ملهائين. ظلم جي انتها اها آهي ته ڪوڙا ڳوڙها ڳاڙڻ لاءِ احتجاج پيا ڪن يعني ظالم سان گڏجي ظلم به ڪن پيا ۽ مظلوم سان گڏجي ماتم به پيا ڪن. آخر اهڙي منافقت خلاف شعور يافته بيداري جي تحريڪ ته ضرور هلائيندو ڇوته هرڪو پنهنجي گهران کائي ٿو ڪوبه ڪنهن جو زر خريد غلام ڪونهي. هزارين ماڻهو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي گرمي جي شدت هوندي به ڏينهن رات ٽينٽ ۾ ويٺل نظر اچن ٿا. ھن ڌرڻي ۾ عوام جي وڏي پيماني تي شرڪت، خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن جي موجودگي، اِهو ثابت ڪري ٿي ته هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ آسان ناھي رهيو. وفاقي سرڪار جا سمورا وعدا ڪوڙا ثابت ٿيا آهن، جڏهن ته سندن هر ڏوهه ۾ ساٿاري بڻيل پيپلز پارٽيءَ جي روايتي دوکيبازي، توڙي طاقتور ادارن جي خاموشي، سنڌ جي ماڻهن جي مزاحمت کي روڪي نه سگهي آهي. حڪمرانن کي ٻڌايون ٿا ته ھاڻي عوام توهان جي مڪارين کي سمجهي چڪو آهي، سنڌ جو عوام هاڻي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري چڪو آھي. هاڻي دوکو ڪوڙ ۽ سکڻا آسرا نه پر عمل ٿو چاهي، انصاف ٿو چاهي ۽ حقن لاءِ عملي جدوجهد ٿو چاهي. ٻٻرلوءِ جو ڌرڻو سنڌ جي جاڳرتا جو ترجمان آھي. جيڪڏهن هن ڌرڻي کي توهان يا وفاق طرفان مثبت موٽ نه ملي ۽ توهان ڌرڻي ڌرين کي ٿڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سمجهي ڇڏيو اها تحريڪ پارليامينٽ تائين پهچي توهان کي ڌڪي ٻاهر ڪڍندي ۽ توهان کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز
سنڌ جي آواز کي ورنايو
طاقت جي مست ھاٿين ۽ سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي ميري نظر رکندڙ قوتن جي روين ۽ سوچ مان صاف نظر اچي ٿو ته سنڌ جي ھيءَ جدوجھد ڊگھي ھلندي. ان دوران جتي جدوجھد جي سڀني ميدانن ۽ ذريعن جي اهميت آھي، اُتي ھن معاملي بابت گھربل سجاڳيءَ ۽ ڄاڻ جي به اهميت آھي. گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ جي پاڻيءَ جي ماھرن ان بابت مسلسل لکيو آھي. پليجي صاحب ۽ ٻين مورخن به سنڌ پنجاب جي پاڻي تڪرار تي ڪتاب لکيا آهن ۽ رسول بخش پليجي جي سياست جو تقريبن دارومدار سنڌ جي پاڻي تي رهيو آهي. پنجاب جي اهڙي قسم جي هٺ ڌرمين کي سائين جي ايم سيد سمجھندي عليحدگي جو نعرو هڻڻ تي مجبور ٿي پيو. تازو چولستان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي حوالي سان هلندڙ هن تڪرار مان صاف صاف نظر اچي رهيو آهي! پاڪستان کي ٻاهرين قوتن کان نقصان رسي ٿو سگهي. پنجاب جون وڏي ڀاءُ واريون بيواجيون بجا ليڪن ايترو ڏاڍ ۽ جبر سو به پاڻي جي اڻھوند واري وقت ۾ چولستان آباد ڪرڻ، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي 80 سيڪڙو کوٽ آهي مٿان وري هٺ ڌرمي جو انوکو مثال آهي. سنڌي قوم اڪثر ننڍين وڏين ڳالھين کي نظرانداز ڪيو آهي. سنڌين جو سنڌو درياءُ ۾ ساھ آهي جيڪڏهن ساھ بند ٿيندو ته لڇ لڇان ته ضرور ٿيندي. هن نازڪ گهڙي ۾ پاڪستان آرمي ۽ عوام کي حاضر دماغ رهڻ ضروري آهي. پاڙيسري ملڪ ڀارت کان ڪنهن نه ڪنهن قسم جي سازش ضرور ٿيندي. هڪ ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي عيان نظري رهي آهي. اهو به ممڪن آهي اڃا ڪا ٻي شطرنجي چال وڙھڻ جي ڪوشش ڪري. موجوده پير صاحب پاڳاري به مريدن ۽ پاڪ فوج کي الرٽ رهڻ جو چئي ڇڏيو آهي. مالڪ سائين منهنجي وطن عزيز کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. آمين ثم آمين
ذوالقرنين علياڻي/روشن آباد
ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ وارو عمل جاري!
سنڌ جي ڌرتي، جيڪا هزارين سالن کان علم، ثقافت ۽ محنت جي نشاني رهي آهي، اڄ به پنهنجي وسيلن جي مهرباني سان ملڪ جي معيشت کي جياري رهي آهي. تيل هجي، گئس هجي، زراعت هجي يا بندرگاهون، سنڌ جي مٽي اڄ به مالا مال آهي. پر افسوس! جڏهن ترقياتي منصوبن جي ورهاست ٿئي ٿي، ته سنڌ کي رڳو اميدن جا آسرا ملن ٿا، عملي طور تي ڪجهه به نه. تازو مرڪزي ترقياتي ڪم ڪندڙ پارٽي (CDWP) 11 منصوبن جي منظوري ڏني آهي، جن تي 101.053 ارب رپيا خرچ ٿيڻا آهن. ان مان پنجاب لاءِ ته 78.5 ارب رپين جا وڏا وڏا منصوبا آهن: ميڊيڪل يونيورسٽيون، نوان روڊ، سيوريج نظام ۽ سياحت لاءِ بين الاقوامي فنڊنگ. ۽ سنڌ لاءِ ڇا؟ رڳو هڪ منصوبو: سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو ميرپورخاص ڪيمپس، جنهن جي لاڳت صرف 1.699 ارب رپيا آهي. بس! ڇا هي ناانصافي ناهي؟ سنڌ جا نوجوان به تعليم چاهين ٿا، پر ڇا هڪ ميرپورخاص ڪيمپس سان لکين نوجوانن جا خواب پورا ٿيندا؟ سنڌ جا ڳوٺ به روڊ، اسپتالون ۽ صاف پاڻي چاهين ٿا. سنڌ جا شهر به نوان ترقياتي منصوبا گهرن ٿا، جيئن اڄ جو جديد دور گُهر ڪري ٿو. اسان سوال ٿا ڪيون: ڇا سنڌ جو ڪيس صرف وسيلن جي فراهمي تائين محدود آهي؟ ڇا اسان جي مائرن، ڀينرن، ٻارن کي جديد اسپتالن، يونيورسٽين، روڊن ۽ صنعتن تي حق ناهي؟ ڇا وفاق لاءِ سنڌ جو نالو صرف ٽيڪس ۽ وسيلن تائين رهجي ويو آهي؟ اسان سنڌ جا رهواسي، نھايت ڏک ۽ شڪايت جي لھجي سان وفاق کان سوال ٿا ڪيون ته: سنڌ کي ترقيءَ جي ميز تي برابر جي جاءِ ڇو نه ٿي ملي؟ اسان جون قربانيون ڏسي، اسان سان انصاف ڇو نٿو ٿئي؟ اسان کي رڳو هڪ ڪيمپس نه پر: نيون ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيون گهرجن. هر ضلعي لاءِ نيون جديد اسپتالون گهرجن. روڊن، رستا ۽ انفراسٽرڪچر ۾ وڏي سيڙپڪاري گهرجي. نوجوانن لاءِ جديد روزگار جا موقعا گهرجن.
ناصر علي جلباڻي/ ھوت خان جلباڻي
نواز ليگ سبق نه سکيو
سنڌ دشمن پيپلز پارٽي جيان نواز ليگ به تاريخ مان سبق نه سکيو آهي.ان جا وزير ساڳيا نوي جي ڏهاڪي وارا پرو اسٽبلشمنٽ بيان ڏين پيا. اقتدار اچڻو وڃڻو آهي. سنڌ ڪڏهن به ملڪ دشمني نه ڪئي آهي پر هن وقت عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ نواز ليگ جا وزير سنڌ دشمن ٿي بيٺا آهن. هو ساڳي اسٽبلشمنٽ واري ٻولي پيا ڳالهائين. کين ياد رکڻ گهرجي ته اسٽبلشمنٽ انهن مان ڪم ڪڍي اڳ وانگر اهڙو حشر ڪندي جو سندن اهو بيانيو هوندو ته مجهي ڪيون نڪالا! سنڌ جو مڊل ڪلاس به ميدان ۾ اچي ويو آهي.نوي جي ڏهاڪي واري مڊل ڪلاس کي پيپلز پارٽي سڻڀو گرهه ڏيئي ماٺ ڪرايو هو، جيڪي عوامي جدوجهد کان ڀڄي ويا. هاڻي هي نئون مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته پ پ پنهنجي جهول ۾ ڪنهن تي اعتبار نه پئي ڪري وڏيرا وري مڊل ڪلاس جا شروع کان ويري رهيا آهن انهن وٽ چمچن جي کوٽ ناهي.جنهن سبب مڊل ڪلاس پڻ ويڳاڻپ جو شڪار هو. وڪيلن جي هي جدوجهد ڪا نئين ۽ تڪڙي ناهي اڀري سالن کان ڪاري ڪوٽ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين انهن اقتداري ڌرين کان نفرت کي جنم ڏنو آهي. ڪراچي ۾ اسٽبلشمنٽ جي آشيرواڌ سان 12 مئي ٢٠٠٧ تي ٿيل قتل عام هجي يا وري وڪيلن کي زنده ساڙڻ وارا ايم ڪيو ايمي ڪلور توڙي ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي سوين وڪيلن جون قربانيون ڪنهن کان وسريون آهن؟ وڪيل مسلسل عتاب ۽ عذاب ۾ رهيا آهن. عدالتي جج به هاڻي سياسي ماڻهو مقرر ڪندا ته باقي ڇا بچيو.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد
وڪيلن جو ڌرڻو ۽ حڪومت جون ذميواريون
سنڌ جي وڪيلن سنڌ لاءِ منظم ۽ مستحڪم ڌرڻو هڻي پاڪستان جي اسٽبلشمنٽ سميت پنجاب جي حڪمرانن کي اهو چٽو ۽ واضح پيغام ڏنو ته جيستائين سنڌ مخالف سوچ نه مٽائيندا تيستائين سنڌ جا هي دلير بهادر فرزند پنهجي سنڌ ماءُ جي خوشحالي جي واحد ضمانت سنڌو درياءُ تي ڪنهن به قسم جي ڪئنال يا ڊئم جي اڏڻ جي ڪوشش کي ڪين ڪامياب ٿيڻ ڏيندا، جو سنڌ جو وجود ئي درياءُ سان سلهاڙيل آهي. جنهن فطرت سان هٿ چراند ڪئي اها قوم تباهه ٿيندي. اها ئي الله ۽ رسول لله جي تعليم آهي ۽ پنجتن پاڪ جي پاڪ سيرت پڻ اهو درس فطرت ڏي ٿي ته قدرت جي قانون جي انحرافي جنهن ڪئي اهو تباه ۽ برباد ٿيندو. چون پيا ته سمنڊ ۾ پاڻي وهائڻ پاڻي جو زيان آ پر دور جديد جي تعليم ۽ سائنس اهو ثابت ڪيو آ ته دريائن جو سمنڊن ۾ پوڻ قدرتي فطري عمل آ، جنهن سان هر قسم جي آبي حيات توڙي نباتات و ارضيات جي زهريلي مادن کي ختم ڪري ماحول کي بيمارين کان پاڪ پرفضا ماحول پئي بڻائي ۽ زرعي آبادي توڙي زيرزمين پاڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جو سبب پئي بڻجي. هاڻي جڏهن کان اسان محدود سوچ تي هلڻ شروع ڪيو آ ۽ واهن ڍنڍن ڍورن توڙي زرعي زمينن ۾ سيمنٽ سان زمين طرف پاڻي ورڻ جا رستا روڪيا هن تڏهن کان اسان جون زرعي زمينون زهر آلود نمڪيات سان سم ۽ ڪلر جي ور چڙهن. هزارين نه پر لکين ايڪڙ زمين سمنڊ جي کاري پاڻي پائڻ سبب ڪنهن به جيوت لاءِ ڪارآمد ناهي رهي جنهن سبب آبي توڙي زميني پرند چرند جيت مڇين جي اڻاٺ پئي ٿيندي وڃي. سو اسان پنهجي عقل کان آري حڪمرانن ۽ عقل کل سمجهڻ وارن فوجي ڀائرن کي گذارش پيا ڪيون الله جي قانون سان هٿ چراند نه ڪيو. قدرتي وهڪرن کي نه روڪيو. اجايا ڊيم ٺاهي مالي جاني نقصان نه ڪيو. اسان پنهنجن وڪيل ڀائرن جوانن کي سلام ٿا پيش ڪيون جن پنهنجي سنڌ امڙ لاءِ پنهجي پرآسائش زندگي کي الوداع چئي نٽهڻ اس ۽ تيزترين گرم موسم ۾ پنهنجي هڙؤن الله پاڪ جي رحمت تي يقين رکي توڪل جو نعرو بلند ڪري پنجاب سميت سنڌ دشمنن جي رستا روڪ ڪئي جنهن تي وقت جا حڪمران ته ڇا دنيا حيران آ ته ڇا هي آهي اها سنڌ جنهن کي هر وقت اهي پيا طعنا مليا ته اهي مري ويا هن موهن جي دڙي جيان، پر نه هاڻي دنيا کي خبر پئي سنڌي نه ڪالھه مئا هئا نه آئنده ائين مرنده. تاقيامت پنهنجي پياري الله تي يقين ۽ پنجتن پاڪ جي پاڪ سيرت تي عمل ڪندي صبر شڪر سان پيا خاموش انقلاب آڻيندا رهندا. انشاء الله سنڌ سرخرو رهندي هميشه پنهجن غيور فرزندن سان اسان دعاگو آهيون پاڪستان هميشه زنده باد ۽ سنڌ ھميشه شادآباد رهي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل سنڌ طاس معاھدو
سنڌ طاس معاهدو (IWT) هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو هڪ معاهدو آهي، جيڪو عالمي بينڪ پاران ترتيب ڏنو ويو ۽ ڳالهين ذريعي سنڌو درياءُ ۽ ان سان لاڳاپيل ندين ۾ موجود پاڻي کي استعمال ڪيو ويو. ان تي 19 سيپٽمبر 1960 تي ڪراچي ۾ ان وقت جي هندستاني وزيراعظم جواهر لال نهرو ۽ ان وقت جي پاڪستاني صدر ايوب خان دستخط ڪيا. هي معاهدو ٽن “مشرقي دريائن” – بياس، راوي ۽ ستلج جي پاڻي تي ڪنٽرول ڏئي ٿو جيڪو هندستان ۾ واقع آهي ۽ انهن جو سراسري ساليانو وهڪرو 41 ارب ڪعب ميٽر (33 ملين ايڪڙ فوٽ) آهي هندستان کي، جڏهن ته ٽن “اولهه دريائن” سنڌو، چناب ۽ جهلم جي پاڻي تي ڪنٽرول جيڪو هندستان ۾ واقع آهي ۽ جن جو سراسري ساليانو وهڪرو 99 ارب ڪعب ميٽر آهي پاڪستان کي ڏئي ٿو. هندستان کي هندستان ۾ واقع سنڌو دريائن جي نظام ذريعي کڻي ويندڙ ڪل پاڻي جو تقريباً 30 سيڪڙو مليو جڏهن ته باقي 70 سيڪڙو پاڪستان کي مليو. هي معاهدو هندستان کي مغربي دريائن جي پاڻي کي محدود آبپاشي جي استعمال ۽ لامحدود غير استعمالي استعمالن جهڙوڪ بجلي جي پيداوار، نيويگيشن، ملڪيت جي ترڻ، مڇي جي پيداوار وغيره لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اهو مغربي دريائن تي منصوبن جي تعمير ۾ هندستان لاءِ تفصيلي ضابطا مقرر ڪري ٿو. معاهدي جي تمهيد ۾ نيڪ نيتي، دوستي ۽ تعاون جي جذبي سان دريائن جي سنڌو نظام مان بهترين پاڻي جي استعمال لاءِ هر ملڪ جي حقن ۽ ذميدارين کي تسليم ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ هي معاهدو ٻنهي قومن جي سيڪيورٽي پهلوئن سان ڪنهن به طرح سان ڳنڍيل ناهي، پاڪستان، اوڀر ۽ اولهه ٻنهي دريائن جي هيٺاهين حصي ۾ وهندڙ قوم هجڻ جي ڪري، ڊڄي ٿو ته هندستان پاڪستان ۾ ٻوڏ يا سوڪهڙو پيدا ڪري سگهي ٿو، خاص طور تي جنگ جهڙين حالتن ۾. (حصو پهريون)
سيد مختيار علي /لاڙڪاڻو