ڀارت دشمني نه وڌائي

 

پاڪستان جا صوبائي مسئلا رفتا رفتا حل طرف وڌي رهيا هئا. خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جهڙن صوبن ۾ دهشتگردي جي پکڙيل لهر تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو. سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ، خاص ڪري ڪئنالن بابت به ڳالهيون ۽ ڪوششون جاري هيون. ان وقت پاڪستان جي صورتحال اهڙي نه هئي جيئن بنگلاديش ۾، جتي نوڪرين جي ڪوٽا خلاف احتجاجن جي لهر حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻي. پاڪستان ۾، باوجود اپوزيشن ۽ حڪومت جي اختلافن جي، سمورا معاملن حل طرف وڌي رهيا هئا. اقتصادي لحاظ کان به مثبت تبديليون اچي رهيون هيون. ان دوران، ڀارت ۾ هڪ اهم واقعو پيش آيو. ڀارت جي زير انتظام ڪشمير جي سياحتي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي حملي جو الزام اڻ سڌي طرح پاڪستان تي لڳايو ويو. ڀارت، ان حملي کي جواز بڻائي، 60 سال پراڻو سنڌ طاس معاهدو ڪينسل ڪرڻ، پاڪستاني شهرين جون ويزائون رد ڪرڻ، 48 ڪلاڪن اندر پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏيڻ، سفارتي عملي کي گهٽائڻ ۽ پاڪستاني عسڪري عملدارن کي “ناپسنديده” قرار ڏيڻ جا قدم کنيا. ڀارت کي گهرجي ته هو پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي واڌاري سان گڏوگڏ، ڏکڻ ايشيا ۾ امن، ڀائيچاري ۽ بهتر لاڳاپن جي واٽ تي قدم وڌائي. افسوس جو، هن وقت ڀارت ان جي ابتڙ پاليسين تي عمل پيو ڪري. ان ڪري کيس پاڪستان مخالف پاليسين کي ڇڏڻ گهرجي.

 

اسد سميجو/مھيندروپار ٿر

 

محببت، محنت ۽ خدمت جو نالو: محمد سليمان ميراڻي

 

ڪنهن داناءُ جو قول آهي ته ”دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ عهدن جي نه، رويي جي ضرورت هوندي آهي.“ ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ محمد سليمان ميراڻي بلاشبه انهن ماڻهن مان هو، جن جو نالو صرف آفيس جي فائلن ۾ نه، پر ماڻهن جي دلين ۾ لکيل آهي. سائين محمد سليمان ميراڻي 1965ع ڌاري ڳوٺ نئون آباد، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو ۾ محمد عالم ميراڻي جي گهر جنم ورتو. هڪ سادو، غريب، پر علم دوست ماحول سندس شخصيت کي ورثي ۾ ڏنو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. سندس پيشورانه سفر 1983ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ٽريزري آفيس ۾ سب اڪائونٽنٽ طور ڀرتي ٿيو. جدوجهد، ايمانداري، ۽ خدمت جو جذبو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. 1989ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اڪائونٽنٽ بڻيو. وقت سان گڏ ترقي حاصل ڪندي، آخرڪار ٽريزري آفيسر جي عهد تي پهتو. قمبر شهدادڪوٽ مان 24 اپريل 2025ع تي سرڪاري ذميوارين مان رٽائر ٿيو. سائين هميشه نرم مزاج، خدمتگار، يارن جو يار ۽ سچو ماڻهو رهيو. آفيس ۾ اسٽاف سان برابر ۽ دوستاڻو رويي سان پيش ايندو هو. عام ماڻهن لاءِ سندس آفيس هڪ اميد جو مرڪز هئي. هو نه رڳو سرڪاري ڪم ڪندو هو، پر ڪيترن ئي غريبن لاءِ سندن ٻارن جي تعليم، نياڻين جي شادي ۽ روزگار جي سلسلي ۾ مدد ڪندو هو. سائين محمد سليمان ميراڻي هڪ اهڙو آفيسر هو، جيڪو فائيلن ۾ نه، پر ماڻهن جي دلين ۾ سڃاتو ويندو. سندس نالو هميشه محبت، محنت ۽ خدمت جي علامت طور ياد رکيو ويندو.

 

شعيب احمد جاگيراڻي

 

عزيز سانگي جهڙن اداڪارن جو قدر ڪڏهن ٿيندو؟

 

سنڌ جي اداڪارن جو قدر ڪڏهن ٿيندو؟ هي سوال اڄ هر حساس دل ۾ گونجي رهيو آهي. اسان جي لاپرواهي ۽ خاموشي ڪيترن ئي باصلاحيت اداڪارن ۽ ڊائريڪٽرن کي اسان کان پري ڪري وئي آهي، پر اسان اڃا تائين ان ڳالهه تي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ۽ نه ئي اسان هن وقت پنهنجن فنڪارن جو ڪو خاص قدر ڪري رهيا آهيون. ان جو واضح مثال عزيز سانگي جهڙو باصلاحيت اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي، جيڪو گذريل ستن سالن کان هڪ ڪيس ۾ ڦاٿل آهي. اهو ڏاڍو افسوسناڪ آهي ته اسان سنڌ واسين يا سنڌ جي ڪنهن به بااثر شخص هن معاملي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪو به سنجيده قدم نه کنيو آهي. اهو سچ آهي ته فن معاشري جو عڪس هوندو آهي ۽ فنڪار ان عڪس کي پنهنجي فن ذريعي زندگي بخشيندا آهن. اهي پنهنجي ڏات ۽ صلاحيتن سان اسان جي ثقافت ۽ تاريخ کي زنده رکندا آهن. پر جڏهن اسان انهن جو قدر نه ڪندا آهيون، ته اهي مايوس ٿي ويندا آهن ۽ آهستي آهستي اسان کان پري ٿيڻ لڳندا آهن. اسان کي اهو سمجھڻ گهرجي ته فنڪار اسان جي معاشري جو هڪ اهم حصو آهن ۽ انهن جو قدر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. اسان کي گهرجي ته انهن کي مالي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪريون، انهن جي فن کي ساراهيون ۽ انهن جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون. عزيز سانگي جو معاملو هڪ مثال آهي، جيڪو اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اسان پنهنجي فنڪارن سان ڪيترو انصاف ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن اسان هاڻي به نه جاڳياسين ۽ پنهنجي فنڪارن جو قدر نه ڪيوسين، ته پوءِ اسان کي مستقبل ۾ ان جا اگرا نتيجا ڏسڻا پوندا.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

نيڪي ۽ واويلا‎

 

ڪجھه ماڻھو ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ ڦاٿل مسافرن کي برياني جا پاڪيٽ ڏئي وڊيوز وائرل ڪري رھيا آھن. جيڪڏھن ڪنھن جي مدد سپورٽ ڪرڻ چاھيو ٿا ته انھي جي وڊيوز رڪارڊنگ نه ڪيو . توھان جي نيڪي قبول آھي ۽ انھي جو اجر الله ضرور ڏيندو .. سستي شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن جي معصوميت، احساسن ۽ مجبورين سان نه کيڏو … ۽ ڌرڻي ۾ ڦاٿل مسافرن کي پاڻي ۽ کاڌي سان گڏ تحفظ به ڏيو .

 

نويد خان سومرو/راڌڻ اسٽيشن

 

پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو روز بکيا پيٽ سمهندا آهن؟

 

گذريل ڪجهه سالن ۾، پاڪستان پنهنجي آبادي جي ضرورت کان وڌيڪ خوراڪ پيدا ڪئي آهي ۽ ڪڻڪ ۽ چانور پيدا ڪندڙ هڪ وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي. تنهن هوندي، پاڪستان جا سڀ کان غريب ۽ ڪمزور ماڻهو، خوراڪ جي مجموعي پيداوار ۾ واڌ جي باوجود، مناسب ۽ غذائيت سان ڀرپور خوراڪ خريد ڪرڻ کان قاصر آهن. پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ دائمي غربت، بار بار ايندڙ آفتون ۽ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام غذائي قلت ۽ خوراڪ جي عدم تحفظ ۾ اضافو ڪن ٿا. گڏيل قومن جي عالمي خوراڪ پروگرام (WFP) جي رپورٽ موجب پاڪستان جي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غذائي قلت جو شڪار آهي ۽ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو ٻار نشونما ۾ رڪاوٽ جو شڪار آهن. پاڪستان کي شديد موسمي حالتن ۽ آفتن جو پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. 2013ع کان وٺي، پاڪستان ۾ سوڪهڙو هڪ عام مسئلو بڻجي چڪو آهي، جيڪو بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ روزگار ۽ گهريلو خوراڪ جي حفاظت کي متاثر ڪري ٿو. انٽيگريٽيڊ فوڊ سيڪيورٽي فيز ڪلاسي فڪيشن (IPC) هڪ معياري نظام آهي جيڪو شديد غذائي عدم تحفظ جي شدت ۽ وسعت کي درجه بندي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. IPC جي درجابندي “گهٽ ۾ گهٽ” (IPC 1) کان “قحط” (IPC 5) تائين ڪئي وئي آهي ۽ اهو مختلف ملڪن جي وچ ۾ موازن لاءِ موزون آهي. مالي سال 2020ع دوران، يو ايس ايڊ جي آفيس فار فوڊ فار پيس (FFP) گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (UNICEF) کي 20 لک ڊالر مهيا ڪيا ته جيئن پنجن سالن کان گهٽ عمر جي شديد غذائي قلت وارن ٻارن لاءِ غذائيت بابت ڪميونٽي خدمتون فراهم ڪيون وڃن، جن ۾ علاج لاءِ خوراڪ جي فراهمي پڻ شامل آهي. ان کان علاوه WFP بلوچستان ۽ سنڌ جي پسمانده ڪميونٽيز، ننڍن زميندارن ۽ زمين کان محروم خاندانن کي انهن جي شرڪت جي بدلي ۾ مشروط خوراڪ جي مدد فراهم ڪري ٿو. هي شرڪت روزگار جي تربيت ۽ ڪميونٽي جي اهم وسيلن جي بحالي لاءِ خوراڪ جي بدلي ڪم جي سرگرمين ۾ شامل آهي.

 

لڪشا ڪمليش جڳرو

 

سنڌو درياءُ جي هاڻوڪين لهرن جيان خاموش استاد ۽ ڪجھه ادبي تنظيمون

 

سنڌو درياءُ تي ٺهندڙ غيرقانوني ڪئنالن جو معاملو ڪو نئون ناهي، پاڻيءَ جي چوري ته 1991ع کان به اڳ جي آهي. درياءُ جي وهڪري کي روڪڻ ان جي فطري لڪيرن کي بگاڙڻ ۽ ڌرتي جي پاڻيءَ کي مخصوص حلقن تائين محدود ڪرڻ جا قصا سامهون اچن ٿا. پر افسوس ته انهن انتهائي اهم مسئلن تي ايترو جوش ايترو احتجاج نظر نٿو اچي جيترو استاد تنظيمون پنهنجن ذاتي حقن پگهارن يا سروس اسٽرڪچر لاءِ ڪنديون رهيون آهن. اهو چوڻ ته پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ غلط آهي سراسر ناانصافي ٿيندي، هر شعبي وانگر استاد به پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ جو مڪمل اختيار رکن ٿا. پر جڏهن ساڳيون تنظيمون ڌرتيءَ جي وسيلن سنڌو درياءُ جي وهڪرن ۽ عام ماڻهن جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ خاموش رهن ٿيون يا ٿڌيون نظر اچن ٿيون ته سوال ضرور پيدا ٿين ٿا. ڇا شعور جي واڌ ويجهه صرف ذاتي مفادن تائين محدود آهي؟ ڇا استاد صرف تعليمي نظام جا نه پر سماجي انصاف جا به رهنما ناهن؟ اهڙي خاموشي، جتي پاڻيءَ وانگر زندگي به وهي وڃي ٿي، اتي علم جا ڏيئا به وسامي سگهن ٿا. استاد جي آواز کي صرف پنهنجي ذات تائين محدود نه هجڻ گهرجي. جڏهن درياءُ خود رڙ ڪري ٿو سندس لهرون ڪتاب جي اکرن وانگر غائب ٿي ويون آهن ته هاڻي جيڪڏھن استاد آنسو گئس، واٽر ڪينن ۾ ايندا ته سول سوسائٽي کين خراج تحسين پيش ڪندي.

 

اديب لاڙڪ

هڪ چٺي چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو ڏانهن

 

محترم جناب چيئرمين پاڪستان پ پ بلاول ڀٽو زرداري صاحب اميد ته اوهان بلڪل خيريت سان ۽ هميشه الله جي امان ۾ هوندا. سائين منهنجا هڪ ننڍڙو ۽ مختصر عرض اوهان جي خدمت ۾ رکندس ته پ پ هن ملڪ عوام جي حقن ۽ جمهوريت خاطر جيئن جانين جون قربانيون ڏنيون آھن شايد پاڪستان جي ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ناهن ڏنيون جنهن جي بدولت پ پ طاقت جو سرچشمو عوام کي ئي سمجهي ٿي ۽ اها ئي عوام جيڪڏهن پ پ جي حڪومت ۾ پيئڻ جي پاڻي ڍڪ صحت جي اڻھوند ۽ روڊ سميت ٻين بنيادي سهولتن لاءِ پريشان ھجي ۽ سنڌ جي عوام جا اوهان پاڻ کي وارث ۽ حقيقي ليڊر سڏرايو منهنجي خيال ۾ اهو ٿي نٿو سگهي. ڇو ته پ پ هميشه عوام کي بنيادي سهولتن سان آراسته ڪندي آئي ڪڏهن به سنڌ جي عوام پ پ جي گذريل ويل حڪومتن ۾ ايتري بدضن ۽ خفا نظر ناهي ڏٺي جيتري هاڻ عوام جي لهجي مان محسوس ڪيو ۽ ڏٺو وڃي پيو. ڇو ته پ پ پهرين پنهنجي ڪارڪنن کي عزت ڏيندي هئي ۽ هاڻ اها پ پ سنڌ جي سردارن وٽ گروي ٿي وئي. سموري سنڌ ۾ اهم ذميواريون سنڌ جي سرادرن کي ڏنيون ويون آهن جنهن لاءِ ڪهڙي ضلعي تعلقي يا يوسي جو مان نالو کڻان يوسي جي چيئرمين شپ کان ويندي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز تائين سمورا عهدا سرداري گهراڻن جي ماڻھن جي حوالي ٿيل آھن. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پ پ سان واڳيل مسڪين ووٽرن جي دانهن نه پيا ورنائن. دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جو جيڪڏهن نالو کڻجي ته هتان جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي جنهن ٻنهي هن تعلقي سان جيڪو حشر ڪيو آھي شايد سنڌ ڪنهن ٻئي تعلقي سان نه ٿيو هجي. ڏاڍو افسوس ٿي رهيو آهي ته جيڪا پ پ عوامي خدمت جون دعوائون ڪندي رهي آهي اها پارٽي عوام کي سهولتن لاءِ سڪائي رهي آهي. ايتري قدر جو ترقياتي ڪمن ۽ ٺيڪن تي سندن وڏا اختلاف موجود آھن. جوهي تعلقي جي ٻوڏن ۾ تباھ ٿيل روڊ جنهن ۾ ڪاڇي جو شهر ڊرگھ بالا سرفهرست آھي جنهن روڊ کي پندرنهن ورهيه وهامي ويا آھن پر پ پ قيادت اختلافن جو شڪار هجڻ سبب هي روڊ نه ٺھي سگهيو آھي جنهن جا ڪروڙين رپيا ٺيڪيدارن هضم ڪيا پر مجال آ جو انهن کان اڄ تائين ڪنهن پڇا ڪئي هجي.  ڇا ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ۽ شهيد راڻي جو اهو مشن هو ته پ پ جي هڪ ٻه سياسي مخالفن جي سزا هزارين ماڻھن کي ملي؟ جيڪڏهن پنهنجي والده جيان عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاھڻ چاهيو ٿا ته سڀ کان پهرين پ پ کي سرداري نظام کان آجو ڪرايو ۽ ٻيو پراڻن ڪارڪنن ۾ جيڪا مايوسي ڇانيل آھي اها ختم ڪري انهن کي عهدن ۾ اوليت ڏيو ۽ پوءِ هر ضلعي تعلقي يوسي سطح تائين ايم اين اي ايم پي اي ۽ يوسي اميدوارن جي هر ڇهن مهينن جي ڪارڪردگي رپوٽ وٺو ته سڀني جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا ڪاڇو

 

سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن سان مسلسل ناانصافي!

 

سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ پڙهندڙ غريب ۽ محنتي شاگردن سان انصاف جو جنازو ڪڍيو پيو وڃي. هتي اهڙا ڪيترائي شاگرد آهن، جيڪي روزانو پنڌ، سائيڪل، موٽر سائيڪل يا پبلڪ ٽرانسپورٽ ذريعي مالي مجبوري سبب يونيورسٽي اچن ٿا، پر افسوس جو انهن شاگردن کان زبردستي “ٽرانسپورٽ فيس” وصول ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ اهي ٽرانسپورٽ جي سهولت ئي نٿا وٺن. ناانصافي جي حد ته ان وقت ٿي وئي، جڏهن فيس جمع ڪرائڻ وقت انهن شاگردن تي دٻاءُ وجهي، ڌمڪيون ڏئي ۽ تذليل ڪئي وڃي ٿي. جڏهن غريب شاگرد بغير ٽرانسپورٽ فيس واري چالان لاءِ درخواست ڏين ٿا ته انهن کي پهريان “انڊرٽيڪنگ فارم” وٺڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، وري “پوائنٽ انچارج” جي دستخط لاءِ موڪليو وڃي ٿو ۽ پوءِ وري چيو وڃي ٿو ته پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي اچو ته توهان پوائنٽ جي سهولت نه وٺندا. هي عمل شاگردن جي دل آزاري ۽ بيعزتي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ان کان به وڌي ڪري شاگردن کي آفيس اندر اچڻ کان روڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو شاگرد آفيس اندر اچي وڃي ته ان کي بيعزت ڪري آفيس مان ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر زيادتي ۽ ظلم آهي. ڇا غريب هجڻ گناهه آهي؟ ڇا حق جي ڳالهه ڪرڻ بيعزتي جو سبب آهي؟ اسان مطالبو ڪيون ٿا ته يونيورسٽي انتظاميا جي ان ناانصافي جو نوٽيس وٺي، غريب شاگردن سان انصاف ڪري ۽ ذميوار عملدارن خلاف سخت قدم کڻي!

 

شان سنڌي / کپرو

 

ڪئنالن جو مسئلو ۽ پ پ پ جي منافقي!!!

 

دوستو مبارڪن کي سيريس نه وٺو، ڪئنالن جو ڪم بدستور جاري آھي، اڄ فيصلو ڪيو ويو ته 02 مئي تي سي سي آءِ جو اجلاس منعقد ٿيندو جنھن ۾ ڪئنالن جي متعلق حتمي فيصلو ٿيندو. ھاڻي ڏسجي ته سي سي آءِ ۾ ٽوٽل 8 ميمبر آهن جنهن مان 5 ميمبر پنجاب جا آهن جڏهن ته هڪ ڪي پي ڪي، هڪ بلوچستان ۽ هڪ ميمبر سنڌ جو يعني مراد علي شاھ آھي. هاڻي اهو ته طئي آهي ته پنجاب جا پنج ميمبر ڪئنالن جي سراسر حمايت ڪندا ۽ هوڏانهن ڪي پي ڪي جو ميمبر علي امين گنڊاپور به ڪئنالن جي مڪمل مخالفت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته هن جو موقف آھي ته باقي ڪئنال رد ڪيو پر ڪي پي ڪي لاءِ اعلانيل ڪئنال  چشمه رائيٽ بينڪ ڪينال (CRBC) هر حال ۾ ٺھڻ گهرجي. هاڻي صرف سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻه ميمبر بچن ٿا جن جو به موقف ڪئنالن واري معاملي تي شروع کان منافقانه رهيو آهي. جيئن اڄ به واضح هو ته عوام کي مبارڪون ڏئي بيوقوف ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيائون ته هاڻي اهڙي اجلاس ۾ ڪئنالن جو فيصلو ڪيئن واپس ٿي سگهي ٿو؟؟؟ سو عرض ته دوست ساڳي پوٽينشل سان جدو جهد جاري رکن ته جيئن ڪئنالن جو فيصلو حتمي طور تي واپس ورتو وڃي.

 

اياز بلوچ /تنگواني

سراپا احتجاج سنڌ ۽ سيٽيل صوبيدار

 

ڇھن ڪينال جي خلاف جڏهن سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اتي ڪجھه ماڻهو مير جعفر ۽ مير صادق وارو ڪردار ادا ڪري رھيا آهن. جن مان ڪجھه پوليس جا ڪرپٽ ۽ بي فيض صوبيدار اڳڀرا آهن.  خيرپور ڪنڌرا روڊ تي ويٺل پرامن باشعور سنڌي نوجوانن  تي پوليس جو صوبيدار ۽ سپاهي لٺبازي ۽ بدتميزي ڪري رھيا آهن. جنهن جا ثبوت ويڊيوز ۾ موجود آهن. انهن نائون ملن کي شايد اھو ادراڪ ناهي ته کين رٽائر ٿي گھر ڀيڙو به ٿيڻو آهي . کين ھي جھان ڇڏي ڌرتي ماتا جي گود ۾ سمھڻو به آهي. پر نڪ نه ناسان ھو ٻڏن ڇاسان… اعليٰ اختيارن کي پرزور اپيل آهي ته اھڙن صوبيدارن جي خلاف ايڪشن کڻن نه ته پرامن سنڌ واسي ڪٿي قانون جو احترام ڪرڻ نه ڇڏي ڏين…

 

احسن مجتبيٰ

 

تڪراري ڪئنالن بابت سنڌ صوبي جا اعتراض

 

پاڻي جيڪو نه صرف انساني حيات لاءِ ضروري آهي پر زراعت جي شعبي لاءِ پڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ صوبو زراعت  وارو صوبو آهي جنھن جي معيشت جو گھڻو ڀاڱو زراعت آهي جنهن لاءِ پڻ پاڻي ھڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.  ٻئي طرف وفاقي ۽ پنجاب حڪومت پاران گڏيل سھڪار سان زرعي شعبي ۾ ترقي لاءِ 6 ڪئنال ٺاهي گرين پاڪستان انيشئيٽو جي نالي سان ڪارپوريٽ فارنگ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن مطابق چولستان جي ھزارين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪيو ويندو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ پنجاب صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ جي شڪايت ٿيندي آهي پنجاب جا آبادگار پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪندا آهن ٻئي پاسي صوبي سنڌ جا آبادگار پڻ پاڻي جي کوٽ بابت احتجاج ڪندا رھندا آھن. ان صورتحال ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالھه اھا به آهي ته پنجاب صوبو چولستان منصوبي لاءِ ايترو پاڻي ڪٿان آڻيندا جڏهن ته پاڻي  ملڪي ضرورت کان به گھٽ آهي. الاباغ ڊيم ٺاهڻ واري منصوبي کي پڻ سنڌ جي عوام رد ڪري ڇڏيو هو پر ھينئر چولستان منصوبي لاءِ 06 ڪئنالن ٺاهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ پڻ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ عوام جو ھڪ ئي موقف آهي ته ان منصوبي کي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته صوبي جون جيڪي زمينون آباد آهن ان لاءِ ئي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويندي آهي ته ان منصوبي جي تعمير سان سنڌ صوبي کي بنجر بڻايو پيو وڃي ۽ جيستائين وفاقي حڪومت اھو منصوبو ختم نه ڪندي تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو. سنڌ جي عوام جو اھو ئي مطالبو آهي ته تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ھر صورت ۾ ختم ڪيو وڃي.

 

سيد مختيار علي / لاڙڪاڻو