اچو ته هندستان سان مقابلو ڪريون
هندستان هن وقت دنيا ۾ وڏي معاشي طاقتن ۾ شمار ٿي رهيو آهي. ان وٽ اسرائيل وانگر جديد سيٽ لائيٽ ٽيڪنالاجي آهي. تعليم ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهي. واپار ۾ دنيا هندستاني واپارين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. آمريڪا ۽ چين اسان جي پاڙيسري ملڪ سان بهترلاڳاپن لاءِ آتا آهن. انڊيا ۾ ڪڏهن به ڊڪٽيٽرن جي حڪومت نه رهي آهي. فوج جو ڪم رڳو ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آهي. حڪومتي ڪاروهنوار ۾ فوج جو ڪجهه به نه وڃي. عدليا آزاد آهي. سياسي مداخلت نه آهي. پريس کي ڪو لهر نه ڪو لوڏو، پيڪا جهڙا ڪي به ڪارا قانون نه آهن. فن جي دنيا حڪومت جي اثر کان آزاد آهي، جنهن ڪري باليووڊ هن وقت فلمن ۾ اڌ دنيا تي راڄ ڪري پئي. راندين ۾ انهن وٽ ميرٽ آهي، سفارش ڪلچر ناهي. زراعت ۾ جديد مشنري ۾ اسان کان گهڻو اڳتي آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ سان سچا آهيون ۽ هندستان کي مات ڏيڻ چاهيون ٿا ته تعليم، انصاف، محنت، ايمانداري ۽ برابري ذريعي پنهنجي ملڪ کي ترقي وٺرايون. ڪامورن وانگر ناڻي جي ڦرلٽ ڪري پرڏيهه ۾ ڀڄي نه وڃون پر رٽائرمينٽ بعد به ملڪ ۾ رهي ڪري ترقي لاءِ جاکوڙيون. هتي امن امان کي سڌاريون. هڪ صوبي جي مخصوص طبقي کي فائدا ڏيڻ بجاءِ سڀني کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏئي هندستان جو مقابلو ڪريون. قانون ۽ آئين تي عمل پيرا ٿيون.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد
سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟
سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو اِهو مطلب آهي ته ڀارت جيڪو مسلسل ڊيم ۽ بئراج ٺاهي پاڪستان ڏانهن ايندڙ دريائن جو رُخ مڙهي رهيو هو، هاڻ اُهو انهن دريائن جو پاڻي مڪمل طور بند ڪري ڇڏيندو. راوي، ستلج ۽ بياس ۾ اڳ ئي واريون اُڏامي رهيون آهن، هاڻ چناب ۽ جهلم تي به ڀارت بي تحاشا ڊيم ٺاهي سگهندو ۽ انهن دريائن ۾ به هاڻ صرف واري رهجي ويندي. ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدو 1965، 1971، 1999 ايستائين جو 2019 ۾ به معطل نه ٿيو هو. ڀارت ان کان اڳ صرف ڌمڪيون ڏيندو رهيو ته اُهو معاهدو معطل ڪندو، پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ڀارت واقعي ان کي معطل ڪيو آهي. سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو مطلب آهي ته جنگ مڙهي پئي وڃي. پاڻي کان سواءِ پاڪستان ۾ زراعت جو تصور به نٿو ٿي سگهي. هاڻ ته پاڻيءَ تي جنگ جي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
الھڏنو راهمون/ سجاول
درياءُ تي ڌاڙو ڪتاب شايع ٿي ويو
ملڪي سالميت ۽ سنڌو درياءُ جي تحفظ لاءِ سنڌ جي ناليواري دانشور، اديب، ليکڪ پير ڪرم ﷲ الاهي دلبر سائين جو ” درياءُ تي ڌاڙو” نالي هڪ نئون ڪتاب شايع ٿي ويو، هن ڪتاب ۾ شرعي حوالن سان تحقيقي روشني وڌل آهي. سنڌو درياءُ تي قانوني، آئيني، اخلاقي، انساني، قدرتي ۽ شرعي حوالي سان سڀ کان پهريان حق سنڌ جي عوام جو آهي، هن ڪتاب ۾ وڌ کان وڌ اوائل دور جي حوالن کان جديد طرز زندگيءَ ۽ قانوني نقطن موجب سنڌو درياءُ تي سڀ کان اڳ ۾ سنڌ جي عوام جو حق آهي، هي ڪتاب درياءُ تي ڌاڙو سنڌ جي سمورن ماڻهن لاءِ پر خاص ڪري وڪلا حضرات لاءِ وڏي ڪم جو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت واري پاڻي مامري تي تحرير ٿيل ڪتاب ۾ اهي سموريون معلوماتي ڳالهيون سمايل آهن جن جي هن وقت ضرورت آهي. پير ڪرم ﷲ الاهي دلبر سائين نقشبندي اهڙي بهترين ڪاوش ۽ اهم ترين موضوع تي قلم کڻي ملڪ پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن، پڪن پوڙهن، شاگردن ايندڙ نسل مستقبل جي معمارن جي خدمت ڪئي آهي اهڙي ڪتاب جي اشد ضرورت هئي، جنهن ۾ ملڪ پاڪستان جي چئني صوبن جي عوام ۾ ميٺ محبت، پريت، پيار، اخوت ڀائيچاري جي ضرورت آهي. پاڪستان آهي ته سنڌ آهي ۽ سنڌ آهي ته پاڪستان آهي ٻئي لازم ملزوم آهن. وقت جي حڪمرانن کي گهرجي ته ملڪ جي سمورن صوبن جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ۽ ڪنهن جي به صوبي جي اهم معاملن خاص ڪري پاڻيءَ جي مامري ۾ ناانصافي ٿيڻ نه گهرجي.
عبدالفتاح عباسي
هڪڙو سوال؟
پاڪستان جي قيام کان پوءِ سڀ کان وڏو سوال جيڪو قدرتي وسيلن بابت سامهون آيو، اهو هو ته پاڻي جو مالڪ ڪير؟ 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي سان گڏ ئي پاڻي جي بندوبستن جي ورهاست ٿيڻي هئي، پر ان وقت جي سياسي ۽ فني غفلتن سبب اهو مسئلو لاوارث ڇڏيو ويو. ان پسمنظر ۾ 1960ع ۾ جيڪو معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيو، اهو “انڊس واٽر ٽريٽي” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر عوامي حلقن ۾ ان کي ” سنڌ طاس معاهدو” چيو وڃي ٿو. 19 سيپٽمبر 1960 تي ڪراچي ۾ پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم جواهر لال نهرو، عالمي بينڪ جي ضامن ٿيڻ سان هن معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي موجب، هندستان کي اوڀر وارا ٽي درياءُ (راوي، بياس، ستلج) ۽ پاڪستان کي اولهه وارا ٽي درياءُ (سنڌو، چناب، جهلم) ڏنا ويا. ابتدائي طور تي ان معاهدي کي “پاڻي تي جنگ کان بچاءُ جو ضامن” سمجهيو ويو، پر وقت سان گڏ ان تي وڏا سوال اٿيا. ايوب خان جي دور ۾ اها ڳالهه عام ڪئي وئي ته پاڪستان کي اولهه جا طاقتور درياءُ مليا آهن، جن سان زراعت ۽ توانائيءَ جي واڌاري جا دروازا کليا. پر حقيقت اها آهي ته ڀارت کي جيڪي درياءُ مليا، انهن جي ڪنٽرول ذريعي هو وقت بوقت پاڪستان خلاف دٻاءُ لاءِ استعمال ڪري ٿو. چناب ۽ جهلم تي ڀارت جي طرفان ڊئم ۽ بئراج اڏڻ سبب پاڪستان جي زراعت، خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ، بار بار خطري ۾ رهي آهي. سنڌ، جيڪو سنڌو نديءَ جو اصل وارث آهي، ان کي هن معاهدي جي وقت، اعتماد ۾ نه ورتو ويو. نه سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث ٿيو، نه ئي سنڌ جي عوام سان صلاح مشورو. نتيجي طور، پاڻي جي ورڇ جي پاليسي هميشه ناانصافي تي ٻڌل رهي. جڏهن به ڀارت پاڪستان لاءِ پاڻي روڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته پنجاب ۽ وفاقي اختياريون واويلا ڪن ٿيون، پر سنڌ لاءِ پاڻي جي کوٽ هڪ “معمولي” مسئلو بڻجي ويندو آهي. طاس معاهدي کانپوءِ سنڌ لاءِ پاڻي صرف “بچيل پاڻي” بڻجي ويو، جنهن سان ڪچي جا علائقا، ڊيلٽا ۽ سامونڊي حيات تباهه ٿيڻ لڳا. اڄ، جڏهن موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ هند-پاڪ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي چڪي آهي، ته انڊس واٽر ٽريٽي جو جائزو وٺڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. پاڪستان کي نه فقط ڀارت سان نئين سر پاڻي بابت ڳالهين جي ضرورت آهي، پر اندروني طور به پاڻي جي ورڇ بابت صوباڻي معاهدن کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن سنڌ جهڙا علائقا انصاف حاصل ڪري سگهن. انڊس واٽر ٽريٽي هڪ سفارتي فتح هئي يا سياسي غلطي؟ ان جو فيصلو تاريخ ڪندي، پر هاڻوڪي صورتحال ڏسي اهو چئي سگهون ٿا ته جيڪڏهن پاڻي تي خودمختيار پاليسي نه اختيار ڪئي وئي ته ايندڙ نسلن لاءِ سنڌو ندي صرف تاريخي داستان بڻجي ويندي. انڊس واٽر ٽريٽي، جيڪا 1960ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عالمي بينڪ جي ضامن ٿيڻ سان طئي ٿي، پاڪستان لاءِ پاڻي جي حياتيءَ واري لائين سمجهي وڃي ٿي. هي معاهدو پاڪستان کي سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهن مان پاڻي حاصل ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو، جن تي سنڌ صوبي جي زراعت، ماحول ۽ معيشت جو دارومدار آهي. جيڪڏهن ڀارت هي معاهدو ختم ڪري ٿو ته ان جو سڀ کان وڏو ۽ سڌو اثر سنڌ تي پوندو. سنڌ ۾ زرعي زمينون سڪي وينديون، پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڊيلٽا ختم ٿي سگهي ٿو ۽ سمنڊ جو لوڻ بدين ۽ ٺٽي تائين پهچي سگهي ٿو. ماڻهو بيروزگار، بي گهر ۽ بک جا شڪار ٿي سگهن ٿا. هن حساس وقت تي وفاق کي گهرجي ته ڀارت سان پاڻيءَ جي هر حرڪت تي اک رکي ۽ سنڌ سميت سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺي. ڇو ته پاڻي رڳو سياست نه، پر زندگيءَ جو سوال آهي.
حاڪم علي چانڊيو/دادو
آخر ڪنهن جو قصور آهي
اسان جو ڪو قصور ته ٻڌائي وفاق پاڪستان جو اسان جو نه ڪو داد پيو ٿئي نه ڪو فرياد پيو سڻي. الله رب العزت جي ان فرمان جيان ته انڌا ٻوڙا ۽ گونگا لڳا پيا هن. جنهن فيصلي سان ملڪ جي اتحاد ۽ قوم جي ڀائيچارگي کي هاڃو رسي ڀلا ان تي ايترو زور ڇو پيو ڏنو وڃي؟ بدقسمتي سان ان اهم منافرت جي فيصلي ۾ قوم جي اتحاد جي علامت ادارو پاڪ فوج تي آڱر پئي کڄي. شهبازسرڪار جي پٺڀرائي جي قيمت تي پنهجو وجود آئيني بڻايو SIFC جي پليٽ فارم کي آڻي جڏهن ته اهو نج حڪومت جي پاليسين ۽ سندن بيورو ڪريسي جو مينڊيٽ آ. پر ڇا ڪجي جو اسان جا حڪمران نااهلين باوجود به پاڻ کي بزور حڪمران پيا سڏائين. جن جي دل نه ضمير مطمئن آھي ته هنن ڪو ملڪ جو مينڊيٽ حاصل ڪيو آهي سو جڏهن پرائي حق تي ڌاڙو هڻڻ وارا حڪمران بڻجندا آهن پاڪستان جي مقتدره کي سوچڻ گهرجي ته جن پاڪستان ٺاهيو اهي اڄ پاڪستان مخالف قوتن جا آلاڪار ڇو پيا بڻجن. ڪٿي اهو ته ناهي جو حڪمرانن جي غلط سوچ سبب پيا پاڪستان مخالف سوچ جو شڪار بڻجن. سو قومي اتحاد لاءِ سڀني کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ملڪ قوم کي متحد رکڻو پوندو. پنجاب نه پورو پاڪستان ترقي ڪري اهڙو منصوبو جوڙڻو پندو.
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
سنڌو: وهڪرو رڳو پاڻيءَ جو نه، پر پورهئي، پيار ۽ پيڙا جو آهي!!
سنڌو درياءُ، جيڪو سڀني لاءِ سنڌ جي شروعات ۽ انتھائي اهميت رکندڙ قدرتي ورثو آهي، نه صرف اسان جي تاريخ، پر ثقافت ۽ شناخت جو عڪاس به آهي. اهو صرف هڪ پاڻيءَ جو ذريعو نه آهي، پر ان جي اهميت ان مان گهڻن سطحن تي وڻندڙ ۽ اثرائتر آهي. سنڌو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ ۽ روزاني ۾ گهرائيءَ سان جڙيل آهي، صديون گذرڻ باوجود پنهنجي موجودگي سان سنڌ جي هر پاسي حياتيءَ جي وهڪرن کي برقرار رکيو آهي. سنڌو درياءُ جو آغاز تبت جي هيماليا جبلن مان ٿيندو آهي، جتي اهو گهڻين ندي نالن جو سنگم بڻجي، وڏي شان سان وهي ٿو ۽ پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ پنهنجي رنگين ۽ اثرائتي سرحد ڇڏي ٿو. سنڌو، جنهن کي ان زماني ۾ “Indus” ۽ “Sindhu” طور سڃاتو ويندو هو، ان کي هڪ عرصي کان “زندگيءَ جو سرچشمو” قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه، سنڌو درياءُ هن ڌرتيءَ جي ارتقائي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جتي تهذيبن ۽ ثقافتن جي جنم، ترقي ۽ خاتمي ۾ ان جو اهم حصو رهيو آهي. سنڌو درياءُ ڪڏهن به صرف هڪ پاڻيءَ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر هڪ اهڙي پل بڻيو آهي جنهن ذريعي سنڌي ماڻهن جا جذبا، ڪاميابيون، ۽ ڏک گڏ ٿي رهيا آهن. سنڌو ۾ موجود روايتن، رسمن ۽ ثقافتن جو پل پل ڪري ماڻهن کي ڳنڍڻ ۽ هڪ ٻئي سان ميل جول رکڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. ان ۾ زندگيءَ جي سڀني رنگن جو اظهار موجود آهي. سنڌو جي ڪنارن تي آباد ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو، جڏهن پنهنجي روزمرهه جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءُ کان پاڻي استعمال ڪن ٿا، تڏهن اهي ان ۾ پنهنجو عقيدت، احترام ۽ تعلق ڳڻين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌو نه رڳو هڪ قدرتي ذريعو آهي، پر هڪ ثقافتي، تاريخي ۽ روحاني سانڍڻ وارو عنصر بڻجي چڪو آهي. انهي صورتحال ۾، سنڌو درياءُ جي تحفظ لاءِ عوامي شعور پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ جي مناسب استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ قدرتي وسيلن جو احترام ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪاوشن جي ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر هڪ سنڌي لاءِ سنڌو درياءُ هڪ مقدس ۽ سڀني کان اهم ذريعو آهي، جيڪو انسانيت جي نيڪي، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت بڻجي چڪو آهي. سنڌو درياءُ کي بچائڻ ۽ ان جي اهميت کي سمجهڻ اسان سڀني جو فرض آهي. جڏهن سنڌو درياءُ سلامت آهي، تڏهن سنڌي ثقافت، معيشيت، ۽ زندگيءَ جو نظام پڻ سلامت رهندو آهي. ان ڪري، سنڌو درياءُ کي بچائڻ لاءِ هڪ مربوط ڪوشش ۽ شعور ضروري آهي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن کي ان جي اهميت ۽ خوبصورتي کان آگاهه ڪري سگهجي. سنڌو، سنڌ جي ثقافتي ورثي، تاريخي عظمت، ۽ حياتيءَ جو سنگ سنگت آهي. ان ۾ زندگيءَ جو جيوت آهي، ان ۾ سنڌ جي عظمت آهي، ۽ ان ۾ مستقبل لاءِ اميدون ۽ خواب آهن. سنڌو درياءُ، صرف پاڻي ناهي، اهو سنڌ جي جان ۽ دل آهي. تڪراري ڪينالن جي اڏاوت سنڌ لاءِ هڪ انتهائي حساس، جذباتي ۽ حياتي مسئلو آهي، جيڪو رڳو پاڻي جي کوٽ جو نه، پر قومي وسيلن جي مالڪي، وفاق جي ناانصافي ۽ بين الصوبائي لاڳاپن جي نازڪ صورتحال جو عڪس آهي. سنڌو درياءُ پاڪستان جي حياتي رڳ آهي، ۽ ان مان نڪرندڙ پاڻي سنڌ لاءِ زراعت، واپار، ماحوليات ۽ ثقافت جو اهم سرچشمو آهي. 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو فارمولو طئي ٿيو، پر ان تي عملدرآمد هميشه کان متنازع رهيو آهي، خاص طور تي پنجاب جي مڪاري سبب. پنجاب پاران “تڪراري ڪئنالن” جي اڏاوت، خاص ڪري بغير ٻين صوبن جي مشاورت جي، هڪ طرفي قدم آهي، جيڪو وفاقي يڪجهتي کي سخت ڌڪ ڏئي ٿو. تازو تڪراري ڪينال منصوبا: 1. چشما جي ڪناري تي نوان ڪينال 2. پنجند، تونسه ۽ ٻين علائقن مان نڪرندڙ انيڪ ڪينال، جيڪي سڌيءَ ريت سنڌو درياءُ تان پاڻي وٺن ٿا 3. انهن ڪينالن لاءِ بجيٽ رکڻ، بغير IRSA (پاڻي ورڇ واري وفاقي اداري) جي منظوري. سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. کوٽ سبب زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن. ڪينالن جي واڌ سان سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽ ٿيندو، جيڪو زرعي معيشت، ماحوليات ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ به خطرناڪ آهي. ڊيلٽا جي تباهي: سنڌو ڊيلٽا، جيڪو سنڌ جي سامونڊي پٽي جي حياتي آهي، پاڻي جي کوٽ سبب سوڪهڙي جو شڪار آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي حلقن پاران هن قدم کي “وسيلن جي ڌاڙي” ۽ وفاقي ناانصافي قرار ڏنو پيو وڃي. وڪيلن جو ڌرڻو: ٻٻرلو ڌرڻي ذريعي وڪيلن پنجاب ويندڙ شاهراهون بند ڪيون، جيڪو هڪ نئين قسم جي سياسي تحريڪ جو جنم آهي. قومپرست، مذهبي، سماجي ڌرين جو ساٿ: مختلف ڌريون پهريون دفعو هڪ پيج تي نظر اچي رهيون آهن. سنڌ حڪومت شروع ۾ انڪار، پوءِ تضاد ۽ هاڻ خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سنڌو درياءُ جي بچاءُ لاءِ وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن جو ڪردار اهم رهيو آهي. وڪيلن طرفان “نوٽيفڪيشن کانسواءِ واپسي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي” جو نعرہ، هڪ مضبوط موقف جو اظهار آهي. ان موقف سان، سنڌ جي عوام جو اهو مطالبو واضح آهي ته سنڌو درياءُ کي بچائڻ لاءِ سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان احتجاج ۾، وڪيلن، سياسي اڳواڻن ۽ عوامي اڳواڻن جي گڏيل ڪوشش سنڌو جي بچاءُ لاءِ هڪ مضبوط آواز بڻجي وئي آهي. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٿيل احتجاج، ڪونه ڪا رواجي سياسي مظاهرو هو، بلڪه اها قومي سڃاڻپ، تهذيب ۽ ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو اظهار هو. وڪيلن جي سڏ تي، جڏهن شاعر، فنڪار، شاگرد، مزدور ۽ علمبردار گڏ ٿيا، تڏهن اهو احتجاج هڪ تخليق بڻجي ويو ايئن ڄڻ درياءُ جي سڪل پيٽ تي شاعري لکي پئي هجي. تڪراري ڪينالن جي اڏاوت نه رڳو سنڌ جي پاڻي، پر ان جي خودمختياري، وسيلن جي مالڪي ۽ وفاق سان تعلقات جو امتحان آهي. جيڪڏهن هن مسئلي تي واضح ۽ منصفاڻي فيصلا نه ٿيا، ته اها هڪ وڏي سياسي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
فرحان علي سهتو