سنڌو درياءُ جي خاطر سنڌي ماڻهن جي تاريخي جدوجهد
سنڌو درياءُ سنڌ جي ساهه، سڃاڻپ، ۽ تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. هي درياءُ رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو نه، پر سنڌي قوم جي فڪر، زندگي، ادب، سياست ۽ مزاحمت جو محور آهي. جڏهن به سنڌو درياءُ جي وهڪرن تي ڌارين هٿ وڌو، ته سنڌي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ، پاڻيءَ ۽ حقن جي حفاظت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي. برطانوي دور ۾ سنڌو درياءُ تي بند ٻڌا ويا، واهن جي ورڇ ۾ ناانصافيون ٿيون ۽ سنڌ جو پاڻي پنجاب ڏانهن موڪليو ويو. ان دور ۾ به ڪيترائي سياسي اڳواڻ، اديب ۽ سماجي ڪارڪن اٿي بيٺا. پير علي محمد راشدي، جي ايم سيد ۽ حشو ڪيولراماڻي جهڙن ماڻهن سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ سياسي سوچ وڌائي. 1950ع کان پوءِ جڏهن وفاق پاڪستان ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن سنڌي قوم متحد ٿي درياءُ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن ان ڊيم کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏنو. شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ لکيو:
“سنڌو! تون سڀني جو آھين،
پر تون فقط منهنجي آھين!”
هي سٽون رڳو شاعراڻو اظهار نه، پر درياءُ لاءِ قومي محبت جو اعلان هيون. وقت به وقت نوان ڊيم ٺاهڻ، درياءُ جي قدرتي وهڪرن کي بند ڪرڻ ۽ انڊس واٽر ٽريٽي ذريعي غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف سنڌي ماڻهن مسلسل احتجاج ڪيو. سنڌي آبادگار تنظيمون، قومپرست پارٽيون ۽ سول سوسائٽي پاڻيءَ جي حقن لاءِ سڄي سنڌ ۾ ريليون، جلسا ۽ ڌرڻا ڪيا. سنڌي شاعرن، اديبن ۽ صحافين درياءُ جي مسئلي کي پنهنجي تحريرن، شاعري ۽ مضمونن جو موضوع بڻايو. سچل سرمست، لطيف سائين، شيخ اياز، انور پيرزادو ۽ تاج جويي جهڙن فڪر سان وابسته ماڻهن جي تحريرن درياءُ سان محبت، درد ۽ جدوجهد کي عام ڪيو. اڄ به جڏهن درياءُ جو ڊيلٽا سڪي رهيو آهي، ماحولي تباهي وڌي رهي آهي ۽ پاڻيءَ جون ناانصافيون جاري آهن، ته سنڌي ماڻهو، خاص طور نوجوان نسل، درياءُ لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. سوشل ميڊيا، احتجاجي ريليون ۽ ماحولياتي تحريڪون – سڀ درياءُ جي حفاظت لاءِ سرگرم آهن. نتيجو: سنڌي ماڻهن جي جدوجهد رڳو پاڻيءَ لاءِ ناهي، بلڪه اها پنهنجي سڃاڻپ، وجود ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ آهي. سنڌو درياءُ سنڌي قوم جي رت ۾ وهندڙ اها روشني آهي، جنهن لاءِ سنڌي هر دور ۾ آواز اٿاريو، جدوجهد ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون.
ظفر حسين ملاح
سنڌ جي ڀوتار ڏانهن چٺي
ڀوتار سائين، تون چپ ڇو آهين؟ جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ زمينداري تنهنجي آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ نقصان به توکي ئي ٿيڻ وارو آهي، پر پوءِ به تون خاموش آهين، آخر ڇو؟ ڪهڙي وجه آهي؟ نه تون ڪا ڪوڪ ٿو ڪرين، نه دانهن. ٻئي پاسي ڪوڙل، جنهن وٽ صرف ايڪڙ زمين آهي، اهو به ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ٽيون ڏينهن کان بک ۽ اڃ تي ويٺو آهي. پر تون ڀوتار سائين، پنهنجي بنگلي ۾ گهري ننڊ ۾ ستل آهين. آخر ڇو ڀوتار سائين؟ توکي اٿڻو پوندو، اڳتي اچڻو پوندو، ڀوتار سائين!
عامر کوکر/نوشهروفيروز
علي انور مير جت 1957 – 2024 ع
معاشري ۾ ڪجھ اھڙا انسان ھوندا آھن جيڪي شھرت جا محتاج نه ھوندا آھن، بلڪه انھن جو ڪردار ۽ عمل ئي انھن جي سڃاڻپ ھوندو آھي. اھڙي ئي ھڪ شفيق، باوقار، مھربان شخص جي ڳالهه ڪجي ٿي جنهن جو تعلق نه صرف اسان جي خاندان، براداري لاءِ قابل فخر ھو بلڪه پوري علائقي لاءِ باعث رحمت ھو.
محبت جن جي من ۾، سي ميرا ڪين ٿين
اول ڏئي سجدو الله کي، پوءِ خلق جي خدمت ڪن
اھي ڪيئن نه ولي ٿين، جن عشق ڪيو الله سان
ھي بيت بيشڪ علي انور جي زندگي جو داستان کولي ڏي ٿو. ٽنڊي الھيار ضلعي جي ڳوٺ بھار ميرجت علي اڪبر ميرجت جي گھر اک کوليندڙ علي انور ميرجت 1957 ۾ جنم ورتو ، پرائمري تعليم حيدراباد جي ان وقت جي انتھائي معروف نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس والد مختيارڪار علي اڪبر ميرجت جي وڇوڙي کان پوءِ سندس سر تي سندس ڏاڏي چيئرمين ماستر حاجي بچل ميرجت جي پڳ آئي جنھن پڳ سان مرحوم پنھنجي پوري حياتي وفا ڪئي. مرحوم ڪڏھن ڪنھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي، نه ڪڏھن ڪنهن سان بدسلوڪي ڪئي، هن جي ذات هڪ سايادار وڻ مانند هئي جنهن جي هيٺيان هر ڪو سڪون محسوس ڪندو هو. ھن جيئن ھوش سنڀاليو اوطاقون آباد ٿي ويون، مال متن جا قسم قسم اچي ويا. مرحوم جو پنھنجي برادري سان ته بي انتھا پيار ھو. سندس اوطاق هميشه آباد رھندي هئي پري پري کان ڪھي آيل مھمان بنا ماني چانهه جي نه ويندا ھئا. راڄ ڀاڳ جي چوري ھجي يا جھيڙو مرحوم علي انور جي اوطاق جا دروزا ھميشه کليل ھوندا ھئا. نه صرف راڄ علي انور ميرجت ستن راڄن جا مسئلا ٻڌي حل ڪندو ھو. چاھي اُھي جت ڪاڇي جا ھجن يا ڪشمور جا يا بلوچستان جا هن جي محبت ۽ شفقت سڀني سان ھوندي ھئي. بيشڪ هو اسان جي وچ ۾ نه آهي پر ان جون يادون، ان جون ڳالهيون، ان جو عظيم طرز زندگي هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهنديون. علي انور ميرجت اسان کي سيکاري ويو ته اصل عظمت دولت يا شهرت نه بلڪه ٻين جي خدمت ۾ آھي.
اجمل مير جت/ڪراچي
ٿر جي راڄوڻي سياست جي انوکي ڪردار جي ڪهاڻي
نظرياتي سياست بدران ٿر ۾ راڄ ڀاڳ جي سياست رهندي آئي آهي ۽ گُذريل ٻن اليڪشن کان اڳ ۾ ڪڏهن به ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ڪونه رهي. هميشه امن، آشتي ۽ پيار پاٻوهه واري ديس ۾ ”هڪڙو چئي ته ٻيو سَهَي“ واري سنڌي چوڻي مثل رواج رهيو آهي، پر هاڻي ڪُجهه ڌرين جي اقتداري لالچ وڌي وڃڻ سبب اڻ سهپ ۽ پرتشدد جون ڪارروايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. شايد انهيءَ اقتداري ڊوڙ وارن کي صرف هڪڙي ئي واٽ سُجهي ٿي ته عزت ۽ مان مرتبو صرف ۽ صرف اقتدار، اختيار ۽ هٿيارن جي زور تي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. نه ته حياءَ ۽ مت شرم جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڪونه وڃن ها! پر اهڙي وٺ وٺان ۽ انا جي ڊوڙ واري دؤر ۾ به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ٿر جي عام ماڻهو لاءِ ڏڍ ۽ ميٺ محبت ۽ راڄ ڀاڳ جي پرگهور لهندا اچن ۽ وقت وارن جا وار سَهَي به صبر جو دامن ڪونه ٿا ڇڏين. اهڙن ئي ڀلوڙ ڪردارن منجهان آهي ارباب مقبول احمد راهمون جيڪو ظاهري طور 22 سيپٽمبر 2014ع ڌاري هن فاني دنيا کي خيرباد چئي چڪو آهي. ٿر جي رڻ ڪنڌيءَ تي آباد ڳوٺ سينگالو ۾ ارباب نور محمد راهمون جي گهر ۾ اک کوليندڙ هن راڄ جي رکوالي کي سندس والد جي وڇوڙي بعد راهمان برادري جي سرواڻي ملي پر ٻالڪ وَهِيءَ ۾ مليل تمام وڏي ذميواري کي هُن 30 سالن کان مٿي جي عرصي تائين خوب نڀايو. ارباب نُور محمد راهمون ته 1953ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، پر کيس ڪا شرافت ۽ ايمانداري جي اهڙي سُتي مليل هئي، جو ڪڏهن به سندس حوالي سان ڪنهن ڪرپشن ۽ خيانت جو ٽِڪو سندس دامن تي نه لڳو. وقت جي وهڪري ۾ لُڙهڻ بدران اُصولن ۽ راڄ ڀاڳ کي سنڀالڻ جو ڪٺن ڪم ڪندو رهيو. فقير منش ماڻهو هميشه توڪل تي هلندڙ، سادو ايڏو جو ڪو نئون ماڻهو ڏسي ته اعتبار ئي نه اچي ته ڪو هيءُ ٿر جي وڏي برادري جو سردار آهي، هميشه سادگي وارو لباس، بنا باڊي گارڊ جي عام ماڻهن جي وچ ۾ ۽ غريبن جو يار! فيصلا به اهڙا ڪري جو مخالف به ساراهه جا ڍُڪ پيا ڀرين، ڪو غريب غُربو سڏي ته آڌي جو به پُڄيو وڃي ۽ وري جي ڪو اقتداري ڌُر ڪوٺ ڏئي ته وڃڻ وقت به سؤ دفعا سوچي. ڪڏهن به ڪنهن جي گِلا نه ڪري ۽ نه ٻُڌي. هڪڙا ماڻهو دوکا ڪري سياسي طور نقصان رسائين پر پوءِ به جي لنگهي اچن ته سڀ ڪُجهه معاف ڪريو ڇڏي. هُن ڪڏهن به پنهنجي زبان سان ڪنهن کي بُرو ڀلو ڪونه چيو، پر جي سندس واتان ئي ڪو حال پُڇي ها ۽ سندس سوچ جي برعڪس کيس ملندڙ موٽ جو ڪاٿو شايد هُو ائين ڏئي ها:
کیا حال پوچھتے ہو میرے کاروبار کا٬
اندھوں کے شہر میں آئینے بیچتا ہوں!
اڄ جڏهن ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ٿي وئي آهي، اقتداري حوس ۾ ذات برادري جي جهيڙن جي باهه ٻارڻ کان شروع ٿيندڙ ڪهاڻي هاڻي مذهبي رنگ به وٺڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ٿر جي وسيلن تي نظر رکندڙ ويڙهه ۽ تشدد جي ماحول کي مچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، اُتي هتان جي سماجي تاڃي پيٽي، روايتن، اصولن، ثقافتن ۽ ڌرتي ڌڻين جي ساڃاه رکندڙ ماڻهن جو ڏڪار پيو محسوس ٿئي ۽ ارباب مقبول جهڙن فقير صفت هستين جي تمام وڏي ضرورت آهي، جيڪي ذاتي مفاد قربان ڪري اجتماعي فائدو ڳولهين ۽ راڄ ڀاڳ جي سياست ۽ ساڃاهه رکندڙ هُجن.
علي نواز راهمون
لاڙڪاڻي جي يونيورسٽي: علم، اميد ۽ ترقي جي راهه
مان اوهانجي معزز اخبار جي وساطت سان سنڌ جي باشعور طبقي، علم دوست حلقن، سياسي قيادت، بيوروڪريسي، ڪاروباري برادري ۽ عام ماڻهن کي اپيل ٿو ڪيان. يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو سنڌ جي اُڀرندڙ علمي ادارن مان هڪ آهي، جيڪو قيام کان وٺي تحقيق، جدت، واڌاري ۽ علمي روشنين جي واٽ وٺي اڳتي وڌي رهيو آهي. هي ادارو رڳو تعليم جي فراهمي نه، پر لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي نوجوانن لاءِ اميدن جو مرڪز به بڻجي چڪو آهي. هتي جو هر شاگرد، پنهنجي مستقبل لاءِ سچن اميدن سان، جدوجهد ڪري رهيو آهي. اسان جو اخلاقي، سماجي ۽ قومي فرض آهي ته انهن اميدن جي ساڀيان لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون. اؤرڪ جي حيثيت سان، اسان جي ذميواري آهي ته علمي، صنعتي، سماجي ۽ عالمي ادارن سان لاڳاپا وڌائي، نون موقعن کي جنم ڏيون. پر هي تبديلي تڏهن پائيدار بڻبي، جڏهن سماج جا سڀ طبقا هن مشن ۾ شامل ٿين. ان سلسلي ۾ هي چند اهم تجويزون آڇجن ٿيون: 1. سياسي اڳواڻن کان اپيل آهي ته هو لاڙڪاڻي جي هن واحد سرڪاري يونيورسٽي کي قانوني تحفظ، مالي وسيلن ۽ ترقياتي رٿائن ۾ اوليت ڏين. 2. بيوروڪريسي ۽ سرڪاري اداري تي ذميواري آهي ته هو بنيادي سهولتن جي فراهمي، جيئن جديد ليبارٽريز، هاسٽل، لائبريريون ۽ فئڪلٽي جي ڀرتين لاءِ جلد قدم کڻن. 3. سماجي ۽ ڪاروباري ادارا يونيورسٽي سان ايم او يو، اسڪالرشپس، فنڊنگ ۽ انٽرن شپ ذريعي عملي سهڪار ڪن. 4. عام ماڻهو خاص ڪري لاڙڪاڻي واسي، هن اداري کي پنهنجو اداري سمجهن، ان جي سار سنڀال، ترقي، ۽ عزت لاءِ گڏجي آواز اٿارين. هي صرف يونيورسٽي نه پر علم، ترقي، سڃاڻپ ۽ خود اعتمادي جي علامت آهي. اچو ته گڏجي لاڙڪاڻي جي يونيورسٽي کي علم جو قلعو بڻايون، جتي هر دروازي تي اميدن جا ڏيئا روشن هجن. لاڙڪاڻي جي يونيورسٽي اسان جي آهي، اچو ته ان کي اسان سڀ گڏجي وڌايون.
ڊاڪٽر ثنالله مستوئي/يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو
سنڌ پوليس ۾ SPD1 ٽيسٽ ڏيندڙ نوجوان نوڪري جي آسري ۾
جيتوڻيڪ سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ھن فاقاڪشي جي ظالم دور ۾ ھڪڙي پاسي نوڪريون نه ھجڻ ۽ پرائيويٽ ڪمپنين ۾ پگھارون نه ھجڻ ۽ ھيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ مزدور کي وقت تي سندس ڪمائي نه ڏيڻ ڪري حالات ڏينھون ڏينهن بدتر ٿيندا پيا وڃن. ۽ ٻيو ڪجھه وقت کان سنڌ ۾ جڏهن کان مفادپرست ذھنن ۽ عوامي ڄاتل سڃاتل وجودن جي ھٿن ۾ اقتدار حوالي ٿيو آھي ان کان پوءِ انهن ڌرين جو ھڪ مشن ھميشھ رھيو آھي سو اھو ته سنڌ جي نوجوانن کان نوڪريون ڏيڻ جي آڙ ۾ ڪاغذ جمع ڪرائڻ ۽ ڪيترائي ڀيرا ٽيسٽون ڏيارڻ کانپوءِ پنهنجا نوازيا وڃن ٿا. جنهن سان سنڌ جي نوجوانن کي وڏو خرچ ڪرايو وڃي ٿو ۽ پوءِ اھي نوجوان سراپا احتجاج ٿي روڊن تي اچن ٿا پر انھن جا جائز مسئلا حل نٿا ٿين. ھڪڙي پاسي صوبائي حڪومت جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار طرفان اعلان ڪيا ويندا آھن ته جلد سنڌ ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه ھزار پوليس کاتي ۾ نوڪريون ڏيڻ وڃون پيا ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪافي وقت کان ڪيترائي نوجوان ٽيسٽون پاس ڪري انتظاري آھن ته ڪڏهن ٿو آرڊر ملي. انهن جي سازش جو اندازو ان منجھان به لڳائي سگهجي ٿو ته تازو SPD1 جي ذريعي سنڌ واسين کان ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو غريب طبقو محنت سان پاس ٿيو ۽ سفارشين جو تعداد گھٽ ھئڻ ڪري ڪوشش ڪئي وئي ته اھي ڪينسل ٿين. پر بعد ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ وانگر سازشي طريقي سان مارڪن جي لمٽ سليڪٽ ڪئي وئي ۽ ڪافي نوجوانن کي ويٽنگ ۾ ويھاريو ويو آھي ته توھان کي جلد آرڊر ڏينداسين. اسان وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي گھرو وزير، صوبي سنڌ جي ھر ڊويزن سان لاڳاپيل ڊي آءِ جي، سنڌ جي ھر ضلعي جي ايس ايس پي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي پرزور اپيل ٿا ڪيون ته جلد کان جلد سنڌ جي SPD1 تحت سنڌ پوليس جي ٽيسٽ جا ويٽنگ وارن نوجوانن کي جلد آرڊر ڏئي اھي خالي جايون ڀريون وڃن ۽ سندن مايوسي ختم ڪري کيس پوليس کاتي ۾ نوڪري جا آرڊر ڏنا وڃن.
عبدالغني”عبد” آريسر ساڍر/عمرڪوٽ
سنڌ ۾ وياج جي وڌندڙ ڪاروبار خلاف قدم کڻو
ڪو وقت هو جڏهن مٽ مائٽ دوستيون رشتا ڀائپيون سڀ بنا ڪنهن لوڀ لالچ منافعي جي هڪ ٻئي جي ڏک سک تڪليفن ۾ عين وقت ڪم ايندا هئا. ماڻھن وٽ دوستي ۽ ڀائپي جو وڏو ڀرم هوندو هو. اگر ڪنهن کي ڪا تڪليف ايندي هئي ته ان جي اها تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ دوست رشتيدار گڏجي ڪم ايندا هئا. پر هاڻي اهي سڀ رشتا مفاد لوڀ لالچ منافعي خوري ۽ وياج تائين محدود ٿي ويا آھن ڪو به رشتو اهڙو ناهي رهيو جيڪو بنا ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي ڪم اچي. لالچ کان سواءِ ڪو به ڪابه مدد نه ٿو ڪري. جيڪڏهن هن وقت ڪنهن به مسڪين کي ايمرجنسي ۾ ڪجھه پئسن جي ضرورت پوي ٿي ۽ اهو پنهنجي ڪنهن به مائٽ يا دوست کي صدا ٿو هڻي ته ان کي منافعي کان سواءِ ھڪ پئسو به نٿو ڏنو وڃي. واڌي ۽ وياج تي ان مسڪين جي مدد نه پر ان سان ڄڻڪ سنئين سڌي دشمني ڪئي وڃي ٿي پر اهو آهي ته مجبور انسان پنهنجي مجبوري ترڪ ڪرڻ لاءِ ڪو به ڏکيو قدم کڻي سگهي ٿو. اهڙا هزارين مسڪين افراد جيڪي هن وقت وياج جهڙي وبا ۾ ورتل آھن جنهن جا گهر اجڙندي ڏٺا ويا آھن ڪيئي مسڪين وياج جا قرضي هئڻ ڪري پنهنجون مصوم نياڻيون به وڪڻي قرض ۾ ڏين ٿا ليڪن پوءِ به وياج خورن جي ناجائز قرضن ۾ جڪڙيل رهن ٿا. پهرين چيو ويندو هو ته صرف سون ڳھه وياج وٺڻ لاءِ رکبا هئا پر هن وقت هر طريقي سان وياج جو ڪاروبار اوج وٺي ويو آھي. مثلن ڏوڪڙ پئسو، اناج، ڪلر، ٻج ڀاڻ، موٽر سائيڪل، چوپايو مال سميت ٻين ڪيترن ئي طريقن سان هي ڪاروبار سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر کان ويندي ٻھراڙين جي ڳوٺن تائين ڦھلجي ويو آھي. وياج خور هاڻي هروقت ڪنهن نه ڪنهن مسڪين ۽ مجبور کي ڦاسائڻ جي تلاش ۾ ھجن ٿا. سنڌ ۾ هن وبا ڪيئي خاندان اجاڙي ويران ڪيا آھن. حڪومتي سطح کان ته وڏيون خبرون هلايون وڃن ٿيون پر عمل تر جيترو به نٿو ڪيو وڃي. ها جيڪڏهن وياج ۾ ڦاٿل مسڪين ڪنهن آفيسر يا پوليس ٿاڻي ته ڪا شڪايت کڻي پهچي ٿو ته ان جي داد رسي بجا# وياج خور جي شڪايت کي تقويت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته پوليس ۽ قانون کي ان وٽان ڪجھh پئسن ملڻ جي اميد هجي ٿي. سو سنڌ ۾ هن ڪبيره گناه ۽ شريعت جي خلاف ڪڌي ڪم ۾ انسان جڪڙجي ويا آھن. غريب مسڪين ماڻھن جي ڪير دانهن ورنائڻ وارو ناهي هر نئون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن مسڪين کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. ڪيترائي خاندان جيڪي پنهنجون ملڪيتون مال نياڻيون وڪڻي رهيا آھن پر وياج خورن مان آزاد ٿيڻ ناممڪن بڻيل آھي. سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته وياج جي ڪاروبار ڪندڙن خلاف فوري طور سخت قانون لاڳو ڪري انهن خلاف قدم کنيا وڃن ۽ هن ڪاروبار تي پابندي عائد ڪري مسڪين غريب خاندانن جا گهر زندگيون اجڙڻ کان بچايون وڃن.
محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھ بالا ڪاڇو
پي ٽي وي تعصب ڇو ٿي ڪري
جيئن وفاقي حڪومت ڪئنالن جي معاملي تي مسلسل پنجاب جي ترجمان بنجي وئي آهي تيئن وفاقي ٽي وي ۽ ريڊيو به هڪ صوبي جي آواز کي اهميت ڏيئي رهيا آهن. پي ٽي وي کي بجلي بلن ذريعي چئني صوبن مان پئسا اوڳاڙي هلايو پيو وڃي پر ان جون خبرون ۽ پروگرام صرف پنجاب جي حمايت ۾ هلن پيا. اها هن ملڪ جي عوام سان وڏي ويساهه گهاتي آهي. هڪ صوبي جو راڳ ڳائڻ پي ٽي وي وارن جي بي ايماني کي ظاهر ڪري رهيو آهي. هي حڪومت فارم ٤٧ تي آئي آهي. باقي عوام هنن کي ووٽ نه ڏنو آهي. انهي ملڪي عوام جو آواز پي ٽي وي تي دٻايو ويو آهي، جنهن مان پڪ ٿئي ٿي ته هنن وٽ ڪوڙ سواءِ ڪجهه ناهي. هنن وٽ دليل ناهن، هي بي ايمان ۽ ٻهروپيا آهن. ٻي ڌر جو موقف ٻڌڻ کان لاچار آهن. جيڪا ڳالهه جمهوريت دشمني جي ذمري ۾ پئي اچي. پي ٽي وي ھر دور جي جمهويت دشمن حڪمران جو ساٿ ڏئي پنهنجي ساک وڃائي آهي. هن ملڪ جي اعليٰ عدليا کان مطالبو ڪجي ٿو ته پي ٽي وي جهڙي وفاقي اداري جي اهڙي عمل خلاف نوٽيس ورتو وڃي. ان کي چئني صوبن جو ترجمان ادارو بنايو وڃي. ان جا اينڪر مسلسل ڪوڙ هڻي ملڪي ايڪي کي ڌڪ رسائي رهيا آهن.
شفيق احمد ڪانڌڙو/نصيرآباد