سنڌ ۾ قرض ڏيندڙ اين جي اوز جون ارهه زورايون
اهو ڏسي اسان ته حيران پريشان پيا ٿيون ته سنڌ سرڪار جيڪي سنڌ جي ترقي جي نانءُ تي بين الاقومي ادارن کان قرض پئي کڻندي وڃي ڪٿي اڳتي هلي سنڌ سميت سنڌ جي رهائشين کي به ته گروي نه رکندي جو سنڌ ۾ صنعتن جي تيزي سان ختم ٿيڻ سبب سنڌ پهريان کان گهڻي بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ بيمارين جي ور چڙهي چڪي آهي، جو هر انسان پريشان آ ته آخر پيٽ گذران ڪيون ڪٿان؟ جو روزگار ملي ڪين پيو ۽ پاڻ وٽ نه ايترا مالي وسيلا هن جو ڪو ننڍو وڏو ڪاروبار ڪريون. ويتر چؤطرف کان فراڊين منظم انداز سان ڦرڻ شروع ڪيو آهي جو هائوسنگ سوسائٽيون ايتريون ٿي چڪيون جو ڪا خبر ناهي ڪهڙي قانوني ڪهڙي غيرقانوني آ؟ جو سنڌ جا لکين ان ڪاروبار سبب لٽجي چڪا ويتر سنڌ سرڪار ۽ ان جا شاطر بيوروڪريٽ ۽ غيرسرڪاري ادارن جي حصيداري جي نانءُ تي سنڌ حڪومت ايترو ڪجھه پئي فنڊ ورهائيندي وتي ڄڻ ڪي سنڌ وٽ وڏا هيرن جا خزانه هن ۽ سرسو جيڪا غير منافع بخش آ سا مائڪرو بئنڪ جيان وياج تي قرض جو ڪاروبار شروع ڪري رهي آهي. سنڌ جي پئسن تي پئي ڪمائي ۽ سنڌ حڪومت ڪنهن خزاني جي مالڪ جيان اتان ڪڍندي پئي ڏيندي وڃي جڏهن ته اهو سڀ ڪجھه قرض وٺي پئي شاهانه خرچ ڪري. ڪاغذن ۾ گهر اڏڻ ۽ سولرائزيشن ڪرڻ ڪاغذن ۾ ڳوٺ ۽ زمين تي بنگلن ۽ سياسي ڪاروباري جاين تي پيا سولر سسٽم لڳن. اسان سنڌ ۽ وفاق جي ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ تمام ادارن ۽ ايجنسين کي اپيل ڪنداسون ته صحت تعليم و فلاح جي نانءُ تي سرڪار ۽ اين جي اوز جي مشترڪه ڪرپشن کي ڏسن. سنڌ جي نانءُ تي اربين روپيه ڪيئن پيا خرچ ٿين جو نه سنڌ نه سنڌ واسي ڪجھه اڳ کان اڳرا بڻيا آهن ويتر بک بدحالي جي ور چڙهڻ سان ويچارا پيا سماجي اخلاقي معيار کان هيٺ ڪرندا وڃن جو پنڻ به غلط نه پيا سمجهن، سڀ پيا پنن جو شايد انهن پنڻ کي به ڪاروبار سمجهيو آ. سنڌ جي هزارين خيراتي ادارن جيان.
استاد جاويد هڪڙو/ شڪارپور
سنڌو تي ڪئنال ۽ سنڌ جي جياپي جو مسئلو
ڪيترن ئي مھينن کان سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف سنڌين پاران ھلندڙ تحريڪ تمام گھڻي ڪاميابي سان جاري آھي. ھيءَ ڀانئيان ٿي ون يونٽ کان به وڌيڪ ڪامياب تحريڪ نظر آهي پر اھم ڳالھ وفاقي حڪومت جو ڪو به سڌو سنئون رد عمل يا موقف نه اچڻ آهي. جنهن مان ثابت آھي ته اسان وٽ جمھوري نظام درھم برھم آھي. جتي پر امن احتجاجن ۽ عوامي مخالفت کي ڪا به اھميت ملندي نظر نٿي اچي. حڪومت پنھنجي ھٺ ڌرمي جي ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رھي آھي ٻئي طرف سنڌي قوم پاران ھلندڙ ھلچل ايتري ته سگھاري بڻجي وئي آھي جو واھڻ وستي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھندڙ ٻچن ٻڍن جي زبان تي به سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو اسان جي وفاقي سرڪار ڪو به واضح اعلان ڪو به وضاحتي بيان ڏئي ڪو فيصلو ناھي ڪري سگھي جنھن ڪري سنڌي ماڻھن ۾ ھڪ پاسي ڪاوڙ ۽ غصو ڀريل آھي ته ٻئي پاسي ڪروڙين ماڻھو اھو ٻڌڻ لاءِ آتا آھن ته وفاقي سرڪار وضاحتي بيان جاري ڪري ته“ سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالز وارو فيصلو رد ڪيو وڃي ٿو” ڇاڪاڻ ته ھي سنڌي ماڻھن جي زندگي تي سنڌو سنئون وار سمجھيو وڃي پيو پر افسوس سرڪار اڃا ھڪ ئي ڳالھه تي بيٺل نظر اچي رھي آھي. اھو وساريو ويو آھي ته تڪبر ۽ ضد ھميشه انسان کي خوار، رسوا ۽ ذليل ڪيو آھي ھي ڪئنالن واري ڳالھه به گھڻي حد تائين انا ۽ ضد ۾ ويندي نظر اچي رھي آھي جيڪو ھڪ صوبي جو ته ھونئن به نقصان آھي ئي آھي پر ھن معاملي ۽ ضد جي ڪري ملڪ خطري ۾ وڃي سگھي ٿو جنھن ڪري اسان وفاقي سرڪار کي گذارش ڪريون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ ختم ڪري ڦھلجندڙ انتشار کي ختم ڪيو وڃي. نه ته نقصان ٿيڻ جو خدشو آھي جيڪو صوبي کانپوءِ وفاقي سرڪار کي نه چاھيندي کڻڻو پئجي ويندو!
شمائلا رند
سفارشي ۽ بااثر يوسي سيڪريٽري خلاف آخر ڪير نوٽيس وٺندو؟
ڪاڇي جي تاريخي شهر ڇني جي هر مهيني لکين رپيا بجيٽ هئڻ باوجود گذريل پنجن سالن کان ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. گذريل پنجن سالن کان يوسي ڇني سيڪريٽري بااثر ۽ سفارشي هجڻ سبب ترقياتي ڪمن، صفائي سٿرائي، سي سي بلاڪ جي مد ۾ ملندڙ هر مهيني لکين رپين جي بجيٽ خرد برد ڪري رهيو آهي. ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو ترقياتي ڪمن ۽ ڇني جي عوام کي سهولتن ڏيڻ بدران بجيٽ ايئن ئي ڪاغذن ۾ پوري ٿي ويندي آهي. يونين ڪائونسل ڇني ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن. صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب شهر ۾ هر طرف گندگي پکڙيل آهي. شهر ۾ پنج سال پهريان لڳل اسٽريٽ لائٽون به خراب ٿي ويون آهن. سيڪريٽري صاحب شهر سميت يونين ڪائونسل جي اهم جاين مسجد، اسڪول، امام بارگاھن تي اسٽريٽ لائٽ لڳرائڻ ته ٺھيو پر پراڻن لڳل لائٽن کي به ٺهرائڻ کان لاچار بڻيل آهي. يوسي سيڪريٽري شهر جي مالڪي ڪرڻ ۽ يوسي ۾ آفيس کولي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران جوهي شهر جي ناڪي کان اولھه طرف سوڙھي گهٽي ۾ يوسي ڇني جي آفيس کولي اتي ڪم ڪري رهيو آهي. شهر ۾ هر طرف ڌوڙ مٽي اڏامي رهي آهي ڇني شهر مان گاجي شاھ ويندڙ زائرين جي هر روز سون جي تعداد ۾ آمد ٿيڻ روڊ رستا نه هجڻ سبب زائرين مٽي ۽ ڌوڙ مان گذرندي پنهنجا حال وڃائي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن. نالين جو گندو پاڻي روڊ رستن تي بيهڻ سبب شهر ۾ مختلف بيماريون ڦهلجي ويون آهن. ڇني شهر ۾ رات جو چورين جو پڻ آزار آهي ۽ شهر واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. برٿ سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ لاءِ ويس ته سيڪريٽري مون کان ٽي هزار رپيا فيس گهري. ايجنٽن معرفت ٺهيل ٻن ٻارن جا برٿ يونين ڪائونسل ڇني جا ئي فارم مون وٽ موجود هئا اهي ڏسڻ باوجود اهو چئي موٽائي ڇڏيائين ته مان 3000 هزار کان گهٽ ۾ ٺاهي نه ڏيندس، توهان کي جٿي وڃڻو آهي هليا وڃو. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته گذريل پنجن سالن کان يوسي ڇني لاءِ ملندڙ فنڊن جي انڪوائري ڪرائي يوسي سيڪريٽري جي عهدي تي چنبڙيل بااثر سيڪريٽري کي في الفور عهدي تان هٽائي يوسي ڇني ۾ هڪ ايماندار ۽ بهترين سيڪريٽري مقرر ڪري ڇني جي عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
منٺار شاهاڻي/ ڪاڇو
پاڻي کان سواءِ ھر ڪھاڻي اڌوري آھي.
وڏڙن کان ٻڌندا ھئاسين ته پراڻي دور ۾ ماڻھو پاڻ سان يا پنھنجي قوم سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلمن خلاف ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آھن، پر اھي پنھنجي مقصد تي ثابت قدم رهيا ته تاريخ اڄڪلهه به انھن جوڌن جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي نظر اچي رهي آھي. اھا ايم آر ڊي تحريڪ ھجي يا مظلوم طبقن سان ٿيندڙ ناانصافين، زيادتين خلاف ڪا ٻي تحريڪ ھجي انھن ۾ به ثابت قدميءَ کين ڪاميابيون ڏياريون. هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌي عوام سان ته ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جنھن ۾ گورننس، قبيلائي جهيڙا، چوري، ڦرلٽ، غربت، ڪاپي ڪلچر ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سرفهرست آهن. انھن سڀني مسئلن کان وڏو ۽ اھم مسئلو پاڻي جي کوٽ آھي. ھڪ ته پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ھميشه کان رھي آھي وري پوک لاءِ ايندڙ سنڌو درياءُ جي پاڻي تي به ڌاڙو لڳڻ شروع ٿي ويو آھي. 6 ڪينالن جو نظام ۽ گرين پاڪستان پروجيڪٽ سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ لاءِ آيو آھي. ڇوته ھي 6 ڪينال جو پروجيڪٽ پنھنجي شروعات ۾ ئي سنڌو درياءُ ۾ سنڌ جي حصي جي پاڻي ۾ مسلسل گهٽتائي نظر آئي آھي ۽ ڪيترن ئي علائقن تائين پاڻي نه پھچي سگھيو آھي. جنھن سبب سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ڪافي علائقن ۾ پوک به سٺي نه ٿي سگهي آھي. سنڌ جي آخري حصي تائين درياءُ جو پاڻي (انڊس ڊيلٽا سمنڊ جي ڪناري تائين) نه پھچڻ سبب سمنڊ جو پاڻي سجاول ۽ ٺٽي جي ساحلي علائقن جا ڪيترائي ڳوٺ ڳڙڪائي رهيو آھي. جنھن سبب ڪيترا ئي ماروئڙا گھر بدر ٿي ويا آھن. ياد رکجو… ايندڙ وقت ۾ به اگر سنڌو درياءُ جو پاڻي انڊس ڊيلٽا سمنڊ ۾ داخل نه ٿيو ته ويتر ڪيترائي علائقا سمنڊ جي نظر ٿي ويندا، جنھن سبب ڪيترا ئي ماڻهو گهرن کان دربدر ٿيندا ۽ وري پوک نه ٿيڻ سبب ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿيندي ۽ ماڻھو وري بک ۽ بدحالي ۾ ھڪ ٻئي سان وڙھندا ۽ ھڪ ٻئي جو گوشت کائيندا، ماريندا ۽ ڏوھ ڪندا. انھيءَ لاءِ پنھنجي پوري ڪوشش ڪيو پاڻ ۽ پنھنجي ايندڙ نسل لاءِ سوچيو. ايئن نه ٿئي ته پوءِ دير ٿي وڃي ۽ افسوس ڪيو ته اسين ڇا ڪيو. وقت اڃان به آھي نڪري سگهو ٿا. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌوءَ درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي وڪيلن جو ڌرڻو جاري آھي، انھن جو ساٿ ڏيو ۽ ھلندڙ دور جي تاريخي (پنھنجي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ امن واري) مزاحمتي تحريڪ جو حصو بڻجو. ڇو ته پاڻي کان سواءِ ھر مخلوق جو جيئن ناممڪن آ، پاڻي کان سواءِ ھر ڪھاڻي اڌوري آ.
عاقب چانڊيو/ خيرپور
سنڌ ۾ ڪئنال مخالف مهم، احتجاج، ڌرڻا ۽ پ پ پ جي سياست!
سنڌ ۾ ڪئنال مخالف مهم ۽ مسلسل احتجاجي ڌرڻن بعد سنڌ جي سياست ۾ پ پ پ کي پهريان کان وڌيڪ نقصان پهچي رهيو آهي ڇاڪاڻ سنڌ ۾ جي ڊي اي پهريان کان وڌيڪ پ پ پ مخالف سياست ۾ سرگرم آهي ۽ ٻيون به پ پ پ مخالف پارٽيون ڪئنال معاملي تي سنڌ ۾ سياست ڪندي سڌو سنئون ٽارگيٽ وفاق سان گڏ سنڌ ۾ حڪومت ۾ ويٺل پ پ پ کي بڻائي رهيون آهن. هن وقت وفاق طرفان نهرون ۽ ڪئنال معاملي تي سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت ۾ هوندي پريشان ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته پ پ پ وٽ اهم ترين آئيني عهدا آهن جيڪا وفاق ۾ ن ليگ سان اهم اتحادي آهي. ملڪ ۾ صدارت، سينيٽ چيئرميني، قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر، بلوچستان ۾ وڏ وزارت سان گڏ سنڌ ۾ سموري حڪومت پ پ پ وٽ آهي. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ انگ اکر لحاظ سان وڏي پارٽي آهي ان کان اگر پ پ پ کي الڳ ڪجي ۽ ان سان گڏ اتحادين جي ڳڻپ ڪجي ته ان کي پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ لاءِ صرف 05 يا 06 ميمبرن جي ضرورت پوندي. هن وقت سنڌ ۾ پ پ پ وفاق کي پنهنجي طرفان اهو باور ڪرايو آهي ۽ چيو آهي ته اسين حڪومت جي پرواهه نه ڪنداسين اوهان کي تڪراري ڪئنال منصوبي واري ڳالهه تان هٽڻو پوندو. ڏسڻو اهو آهي ته ڇا پ پ پ سنڌ جي مفادن لاءِ تڪراري ڪئنال منصوبي تي وفاق کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه. پر اها ڳالهه به پ پ پ طرفان ظاهر آهي ته اها حڪومت جي پرواهه نه ڪندي سنڌ جي عوام سان وفاداري ڏيکاريندي عوامي مفادن لاءِ ڪيتري جنگ جوٽيندي؟ هوڏانهن سنڌ ۾ مسلسل ڪئنال مخالفت ۾ احتجاجي ڌرڻا، جلسا جلوس، روڊ بلاڪ وغيره واري احتجاجن جي سلسلي جاري رهڻ باوجود وفاقي حڪومت ڪئنال مسئلي تي اڃا خاموش رهي آهي پر پ پ پ به سنڌ ۾ ڪئنال مخالفت تي اهڙي منصوبي تي عمل نه ٿيڻ واري ڳالهه تي پابند آهي. ڏسجي ته وفاقي حڪومت پ پ پ جي اتحادي هوندي ڪيترو چوڻ مڃي ٿي ۽ ڪئنال منصوبي تا هٿ کڻي ٿي .
محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل
نياز احمد ميمڻ سجاول جو نه وسرندڙ ڪردار
انجمن تاجران سجاول جو صدر ناميارو سماجي ورڪر اڳوڻو ڪائونسلر نياز احمد ميمڻ-ھڪ ملنسار، کلمک، يارويس ماڻھو به پنھنجو وقت گذاري وفات ڪري ويو. سندس جھدوجھد ڪم ڪردار نه وسرندڙ آھن. زندگيءَ جي راهه ۾ ڪي ماڻھو اهڙا ملن ٿا، جن جي صحبت دل کي سڪون ڏئي ٿي، جن جي ڳالهين مان محبت، خلوص، ۽ سچائي جو احساس ٿئي ٿو. اڄ اسان اهڙي ئي ھڪ عظيم انسان کي ياد ڪري رھيا آھيون، جيڪو هميشه سڀني سان محبت سان پيش ايندو ھو – ھڪ ملنسار، کلمک، ۽ يارويس ماڻھو، جيڪو ھاڻي اسان وٽ ناھي. هن جي مهرباني، سخاوت، ۽ دوستيءَ جو ڪو مثال نه ٿو ملي سگهي. هن سڀني جي مدد ڪئي، سواءِ ڪنهن فرق جي. دوستيءَ لاءِ هو سدائين تيار هوندو هو، ۽ ڪنهن به وقت، ڪنهن به حال ۾، ماڻهن جي ڀلائي لاءِ اڳيان وڌي ايندو هو. اسان سڀني لاءِ هن جو وڃائڻ هڪ وڏو صدمو آهي، پر سندس يادون، سندس ڪيل ڀلايون، ۽ سندس محبت هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي. الله پاڪ کان دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي صبر عطا ڪري آمين.
الھڏنو راهمون/سجاول
تڪراري ڊيم ۽ سنڌي ماڻهن جو رد عمل
سنڌ ۾ گذريل ٽن ڇهن ستن مهينن کان ڀنڀٽ مچيل آهي، جنهن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪئي پئي وڃي ۽ ساڳئي وقت سنڌو درياءُ مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي وڏو ڇيهو رسائڻ جي سازش سٽي سنڌ جون زمينون غيرآباد ڪيون پيو وڃن. هينئر تائين سنڌ ڪنگال بڻجندي پئي وڃي ڪڏهن زمينون، ڪڏهن جبل، ڪڏهن پاڻي وڪرو پيا ڪيا وڃن ته ڪڏهن ڪو نه ڪو فيصلو مڙهي وسيلن جي ڦرلٽ پئي ڪئي وڃي. سنڌ جو انقلابي شعور ميدان تي آهي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ وڪيل برادري به سراپا احتجاج بڻيل آهي ته عوامي تحريڪ ۽ ٻيون پوليٽيڪل پارٽيون جلوس ڌرڻن ۽ ريلين جي صورت ۾ احتجاج تي آهن. ڏسڻو اهو آهي ته ان ڏس ۾ حڪومتي ڌريون ڪيتريون ڪوشان آهن ۽ هيڏي وڏي هنگامي کان پوءِ به سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاچار وڏي وزير مراد علي شاھ کي ڪن تي جونءِ به نه سري آهي. ويتر تڪراري ڊيمن جو افتتاح ڪرڻ ۾ پورو آهي، ۽ ٽن ڏينهن کان وڪيل ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، جن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪئنالن جي منظوري واپس ورتي وڃي. سنڌ اڳ ۾ ئي بدحالين جي ور چڙهيل آهي ۽هڪ ئي جياپو پاڻي کسيو پيو وڃي ۽ زمينون غيرآباد ڪرڻ سان معاشي ترقي ۽ تجارت جو به وڏو نقصان ٿيندو ته ساڳئي وقت نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي به اک پٽڻ گهرجي ته هيڏو وڏو منصوبو سنڌوءَ جو پيٽ سڪائڻ جي سازش نه آهي ته ٻيو ڇاهي؟ پاڪستان کي گرين انيشيٽو ۾ تبديل ڪرڻ سان سڀني صوبن کي حق ملي سگهندا؟ ڇا ائين ڪرڻ ملڪ ۾ معاشي تبديلي ۽ تجارت مثبت انداز ۾ بيهي سگهندو؟ سوچڻ جهڙي ڳالھه آهي ته نوان ڪئنال ٺهڻ سان لکين ڪروڙين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ غيرآباد ٿينديون،70 سالن کان وٺي پنجابي حڪمران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي تابع هيٺ رکڻ لاءِ سازشون ڪري تيل، ڪوئلو ۽ گئس هڙپ ڪري ملڪ کي هلائيندڙ صوبي جو چڱو خاصو ٻيڙو غرق ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن پر سنڌ جو ماڻهو باشعور آهي جيڪو هن وقت تائين جدوجهد جي ميدان ۾ آهي، ملڪ جو صدر ايندڙ وفاقي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۽ پنهنجي پٽ بلاول کي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پنجاب جي حڪمران کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ خلاف سازشون پيون سٽي ۽ سنڌ جي زمينن، پاڻي وڪڻڻ لاءِ ميدان ۾ آهي، پر سنڌ جو شعور جيسين جيئرو آهي تيسين هنن سنڌ دشمن منصوبن، تڪراري ڊيمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ۽ وڪيلن جي جدوجهد ان ڏس ۾ هڪڙو نئون جدوجهد جو رخ ڏيئي ڇڏيو آهي سراپا احتجاج ۾ آهن، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي سر ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هي وقت آهي جدوجهد تيز ڪرڻ جو يقينن هي ڪيس سنڌ ئي کٽيندي ۽ سرخرو ٿيندي.
شمن اوٺو مهراڻوي