آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ مان
هاڻي منھنجو جھيڙو ڪنھن فرد، قبيلي يا قوم سان ناھي، بلڪه ھاڻي منھنجو جھيڙو “مصنوعي ذھانت” (Artificial Intelligence) سان آھي. آرٽيفيشل انٽيليجنس ڏينهون ڏينهن منھنجي ذهن تي حاوي ٿيندي پئي وڃي ۽ منھنجي ذاتي صلاحيتن کي متاثر ڪري رهي آهي. مان هن جي آڏو پاڻ کي بي وس، لاچار ۽ مجبور محسوس ڪريان ٿو. آخر مان ڇا ڪريان؟ ڇا ڪيان ته مان هن جو مقابلو ڪري سگهان ۽ پنهنجي ذهن جي بوجه کي ڪجهه هَلڪو ڪري سگهان؟ مون کي اڃا تائين اھو سمجھه ۾ نه پيو اچي ته آيا مصنوعي ذھانت اسان لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار؟ مون کي لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ هيءَ مصنوعي ذھانت اسان جي عظيم ذھنن کي مفلوج بڻائي ڇڏيندي. هيءَ اسان جي سوچ، سمجھه، روين ۽ ڪردارن تي قابض ٿي ويندي. ھاڻي ئي اسان کي سوچڻ جي ضرورت آهي. ڪجهه ڪرڻو پوندو، پيش قدمي ڪرڻي پوندي نه ته اسان صرف تماشو ڏسڻ وارا بڻجي رهجي وينداسين.
عامر کوکر/نوشهروفيروز
مهانگائي، بيروزگاري ۽ خودڪشيون
پاڪستان، خاص ڪري سنڌ، اڄ هڪ اهڙي سنگين صورتحال مان گذري رهي آهي جتي عام ماڻهو جي زندگي مهانگائي، بيروزگاري ۽ مايوسي جي ور چڙهي چڪي آهي. زندگي جي معمولي ضرورتن جي فراهمي به مشڪل ٿي وئي آهي. روز مرهه جون شيون عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويون آهن، روزگار جا موقعا گهٽجي ويا آهن ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ ذهني دٻاءُ سبب خودڪشيون وڌي رهيون آهن. هي مسئلا هاڻ صرف فردن جا ناهن، پر رياست جي ناڪام پاليسين ۽ سماج جي بيحسيءَ جا نتيجا آهن. مهانگائي جا اثر پاڪستان ۾ اسٽيٽسٽڪس بيورو آف پاڪستان مطابق مارچ 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 28.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا پوئين ڏهن سالن ۾ بلند ترين سطح تي پھچي چڪي آهي. گيهه، اٽو، کنڊ، ڀاڄيون، دالون، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون روزانو مهانگيون ٿين ٿيون. عوام جي خريداري جي سگهه ختم ٿي رهي آهي. روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور، گهٽ آمدني وارا ملازم ۽ پينشن تي گذارو ڪندڙ بزرگ سخت متاثر آهن. گئس، بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار اضافو، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ علاج کي پڻ مهانگو بڻايو ويو آهي. سرڪاري سبسڊيءَ جي کوٽ سبب غريب ماڻهو بنيادي حقن کان محروم ٿي رهيو آهي. عام گهرن ۾ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست به مشڪل سان ٿئي ٿو. International Labour Organization جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 9.2 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، پر حقيقت ۾ اها شرح اڃا به وڌيڪ آهي. تعليم يافته نوجوان روزگار جي تلاش ۾ دربدر آهن. هر سال لکين شاگرد يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪن ٿا، پر مارڪيٽ ۾ سندن لاءِ نوڪري ناهي. فني تربيت جي کوٽ، صنعتي زوال، نوان انويسٽمينٽ پروجيڪٽ نه هئڻ، ۽ ادارن ۾ اقرباپروري بيروزگاريءَ جا بنيادي سبب بڻيا آهن. سنڌ ۾ خاص ڪري علائقائي ناانصافي سبب نوجوان پنهنجي ئي صوبي ۾ بي روزگار ٿي رهيا آهن. HRCP جي رپورٽ مطابق هر سال پاڪستان ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو خودڪشي ڪن ٿا، جن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوان ۽ معاشي دٻاءَ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن. خاص ڪري لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ جيڪب آباد جهڙن ضلعن ۾ غربت ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون وڌي رهيون آهن. ماڻهو جڏهن پنهنجن ٻارن لاءِ کاڌو، دوائون يا اسڪول فيس نه ڏئي سگهن، ته نفسياتي دٻاءُ وڌي ٿو. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته نه صرف مرد، پر هاڻ عورتون به خودڪشيون ڪري رهيون آهن. پاڻمرادو زندگي ختم ڪرڻ جا واقعا رڳو انگ نه آهن، پر معاشري جي اندروني گهاءُ جو اظهار آهن. مجبورين ۽ محرومين جا ڪجھه انساني پاسا. غربت رڳو بک ناهي، پر اها عزت نفس جو قتل آهي. بيروزگار نوجوان پنهنجي صلاحيتن تي بي يقينيءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن. عورتون، جيڪي گهرن جي ساهتيون آهن، مهانگائيءَ ۾ سخت ذهني اذيت ۾ اچن ٿيون. ٻار، جيڪي تعليم جا خواب ڏسندا آهن، غربت سبب اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا. اهو سڄو منظر هڪ انساني الميي کان گهٽ ناهي ان سڄي وارتا پويان حڪومتي پاليسين جي ناڪامي سرڪاري سطح تي واعدا، اسڪيمن ۽ پاليسين جي اعلانن کانسواءِ عملي طور تي ڪو اثرائتو قدم نظر نه اچڻ آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ڪنٽرول لاءِ ايمرجنسي منصوبا جوڙيا وڃن تعليم ۽ فني تربيت کي مارڪيٽ سان ڳنڍيو وڃي عورتن لاءِ گهريلو صنعتون قرض ۽ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي
بيروزگار نوجوانن لاءِ Start-up اسڪيمن کي آسان بڻايو وڃي نفسياتي هيلپ لائنز، ڪائونسلنگ سينٽرز ۽ Awareness مهمون هلائجن خودڪشي ڪندڙ خاندانن لاءِ فوري مالي مدد ۽ بحاليءَ جا ادارا قائم ڪيا وڃن. مهانگائي، بيروزگاري ۽ خودڪشيون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. جيڪڏهن انهن مسئلن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته سماج تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويندو. هاڻ وقت اچي ويو آهي ته رياست، سماج، ميڊيا، ادارا ۽ فرد سڀ هڪ نئين ذميواريءَ سان قدم کڻن. عوام کي زنده رکڻ لاءِ، انهن مسئلن جي بنيادن تائين پهچي حل ڪڍڻ ضروري آهي.
ساقي ارشاد لورڙ
ريلوي نظام جا مسئلا ۽ عوام جا سوال
ٽرينون پهريون ڀيرو 19هين صديءَ ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿيون، جڏهن صنعتي انقلاب (1750-1840) دوران پٽڙي ۽ لوڪوموٽو جي ترقي عمل ۾ آئي. دنيا جي پهرين ريلوي لائن 1825ع ۾ انگلينڊ ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪا اسٽاڪٽن ۽ ڊارلنگٽن جي شهرن کي هڪٻئي سان ڳنڍيندي هئي. مسافرن لاءِ پهرين ريلوي لائن 1830ع ۾ مانچسٽر ۽ ليورپول جي وچ ۾ شروع ڪئي وئي. پهرين مڪمل پيماني تي ڪم ڪندڙ ٻاڦ ريلوي لوڪوموٽو 1804ع ۾ برطانيه ۾ رچرڊ ٽريويٿڪ ٺاهي، جيڪو ڪارنوال ۾ جنم وٺندڙ هڪ قابل ۽ ماهر انجنيئر هو. هن لوڪوموٽو ۾ هاءِ پريشر ٻاڦ جو استعمال ڪيو ويو، جيڪو هڪ پاور اسٽروڪ ذريعي انجڻ کي هلائيندو هو. ان ۾ هڪ وڏي فلائي ويل کي به شامل ڪيو ويو ته جيئن پسٽن راڊ جي حرڪت کي هموار ڪري سگهجي. پاڪستان جي تاريخي شهر ڪراچي ۾، 13 مئي 1861ع تي پهرين ريلوي لائن عوامي ٽرئفڪ لاءِ قائم ڪئي وئي، جيڪا ڪراچي شهر ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ 105 ميلن جو فاصلو طئي ڪندي هئي. ڪراچي شهر ۽ ڪياماڙي جي وچ ۾ لائن 16 جون 1889ع تي کولي وئي. 1897ع تائين ڪياماڙي کان ڪوٽڙي تائين لائن کي ٻيڻو ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان جي ريلوي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ريلوي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ٽرينن جي دير ٿيڻ جو آهي، جيڪو روزانو هزارين مسافرن لاءِ ذهني ۽ جسماني تڪليفون پيدا ڪري ٿو. ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ۽ اهم ذميواريون ڇڏي، ٽرينن جي انتظار ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بيهي رهن ٿا. اهو مسئلو خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ سنگين ٿي وڃي ٿو، جن کي هنگامي صورتحال ۾ ڪنهن جاءِ تي پهچڻو هوندو آهي. ريلوي اسٽيشنن تي بنيادي سهولتون جهڙوڪ صاف پاڻي، واش روم ۽ مناسب ويهڻ جا انتظام موجود نه آهن. اونهاري جي سخت گرمي هجي يا سياري جي سخت سردي، مسافرن کي ڪنهن به قسم جي سهولت فراهم نه ڪئي وڃي ٿي. اهو نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو ريلوي انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ تي به وڏا سوال اٿاري ٿو. ريلوي گاڏين ۽ پٽڙين جي مناسب سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري حادثا ٿين ٿا، جيڪي نه صرف جانين جو نقصان ڪن ٿا پر ملڪ جي معيشت تي به ڳرو اثر وجهن ٿا. خراب ٿيل انجن ۽ پراڻي ٽيڪنالاجي ٽرينن جي رفتار ۽ اعتماد ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. ريلوي جي موجوده حالت جو وڏو ذميوار ان جو ناقص انتظام آهي. وسيلا هجڻ باوجود به مناسب منصوبابنديءَ جي کوٽ ۽ ڪرپشن سبب ريلوي نظام ۾ بهتري نظر نٿي اچي. عوام جي شڪايتن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ مسئلن کي حل نه ڪرڻ ريلوي نظام لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. نيادي سهولتن جي فراهمي: ريلوي اسٽيشنن تي صاف پاڻي، واش روم ۽ ويهڻ لاءِ مناسب جڳهه مهيا ڪئي وڃي. ٽرينن جي وقتن جي پابندي: ٽرينن جي وقتن جي پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري: پٽڙين ۽ انجڻين جي سار سنڀال لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪئي وڃي. اداري ۾ شفافيت: ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قانون نافذ ڪيا وڃن ۽ عوام جي شڪايتن کي ترجيح ڏني وڃي. جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال: ڊجيٽل ٽڪيٽنگ ۽ ٽرين ٽريڪنگ سسٽم متعارف ڪرائي عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ريلوي پاڪستان جي عوام لاءِ سفر جو هڪ اهم ذريعو آهي، پر ان جي موجوده حالت ۾ اصلاحي قدمن جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن ريلوي نظام ۾ بنيادي تبديليون نه آيون ته اهو عوام جي لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندو ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪندو. ريلوي انتظاميا کي ان سلسلي ۾ فوري طور تي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن عوام جو اعتماد ٻيهر بحال ٿي سگهي.
لڪشا ڪمليش جڳرو
جهالت
سنڌ جا ماڻهو ايتري قدر جهالت ۾ وڪوڙيل آهن، جو هو نه رڳو پاڻ تڪليفون سهندا آهن، پر ٻين کي به ساڳي عذاب ۾ وٺي ايندا آهن. جهالت جا ڪيترائي روپ آهن، پر هتي مان فقط هڪ اڻ وڻندڙ ۽ افسوسناڪ قسم جي سوچ تي لکڻ چاهيان ٿو . جيئن وڏڙا چئي ويا آهن، وهم جو ڪٿي ۽ ڪنهن به ڊاڪٽر وٽ علاج ناهي. اها سوچ، جيڪا اسان جي سنڌي سماج کي پيرن ۽ فقيرن جي بيحد عقيدت جو باندي بڻائي وئي آهي. مون بار بار پاڻ کان پڇيو ته آخر ڇو اسان جي سنڌي قوم انهن پيرن فقيرن جي چڪر ۾ ايترو ڦاٿل آهي؟ ڇا اهي واقعي ڪجھه ڏين ٿا؟ يا فقط نسلن کان نسلن تائين هلندڙ هڪ بي بنياد عقيدي جو ڦيرو آهي؟ ڇا واقعي الله کان پوءِ انهن جي حيثيت ايتري آهي، يا اسان بي علميءَ ۾ انهن کي ايترو مٿانهون بڻائي ڇڏيو آهي؟ ڇا ايندڙ نسل به اهڙي سوچ ملندي؟ مون کي شهرن جي حالتن جو گهڻو علم نه آهي، پر ڳوٺن جي ته ڄاڻ ڀرپور اٿم. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته ماڻهوءَ کي جيڪڏهن بخار به اچي، ته هو پهرين دوا جي بدران پير يا فقير وٽ وڃي ٿو، “ڌاڳو” وٺڻ لاءِ. سر ۾ سور هجي، پيٽ ۾ سور هجي، ٻار روئي، جانور بيمار ٿئي، نئين گاڏي وٺجي يا پراڻيءَ ۾ خرابي اچي هر شيءِ جو حل انهن جي نظر ۾ صرف ۽ صرف “ڌاڳو” آهي. زندگي جا اڪثر فيصلا، علاج، توڙي عام مسئلا به انهن ڌاڳن جي آسري تي ڇڏيا وڃن ٿا. هي حقيقت دل کي ڏارڻ واري آهي. دنيا چنڊ، مريخ ۽ ٻين سيارن تائين پهچي وئي آهي، ۽ اسان جي قوم اڃا تائين پيرن فقيرن جي ڌاڳن ۾ ڦاٿل آهي. ان جو وڏو ڪارڻ آهي علم جي کوٽ. جيڪڏهن اسان علم جي راهه اختيار ڪجي ها ته اڄ اها حالت نه هجي ها. لکڻ لاءِ ته اڃا گهڻو ڪجهه آهي، پر ٿوري ڳالهه به ڪڏهن ڪڏهن وڏي تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. مان پوري سنڌ جي عوام کي هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري تعليم ڏانهن قدم وڌايو، پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي زندگي کي هن انڌي جهالت مان ڪڍو. اسان جي ايندڙ نسلن کي انهي انديشي ۽ بي علميءَ کان بچايو، ته جيئن سندن مستقبل روشن ٿئي ۽ سنڌ مان اهڙي جهالت جو هميشه لاءِ خاتمو ٿئي.
لالچند ڀيل/ ملڪاڻي
راڪاس بدامني ۾ تباهه ٿيندڙ سنڌ جو امن ۽ ڇهه ڪئنال هڪ سازش جون ٻه ڪڙيون آهن؟
سائين جي ايم سيد پنهنجي محفلن ۾ هڪ مثال ڏيندا هئا ته ڪنهن واڙ جي ٻاهران ڌنارن کي بگهڙن جا پيرا نظر آيا انهن شام جو اچي پنهنجي وڏي کي اها ماجرا ٻڌائي ته وڏي جواب ۾ چيو بابا بگهڙن ڪهڙو قصور پنهنجا ڪتا ڀاڙيا ٿي پيا آهن تڏهن ٿا اسان جا لوڙها لتاڙين اگر ڪتا ڀاڙيا نه ٿين ها ته بگهڙن کي ڪهڙي طاقت هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ساڳيو ئي نظام برقرار رکيو ويو آهي ڇا ماجرا آهي آخر اهو فرسوده نظام تبديل ڇو نه پيو ٿئي؟ ماڻهو هڪٻئي جو ماس پيا پٽين ڪير ڪجهه ڪون ٿو ڪڇي! پر تاريخ ڪڏهن به ڪنهن کي معاف نه ڪندي هتي انسانيت تڪليف ۾ آهي پر اسان جي پوليس سياست بيورو ڪريسي سڀ پئسن کي اهميت ڏئي صوبي جا وسيلا بيرحمي سان لٽي رهيا آهي. انهن جو ڪڌو ڪردار لڪي به نه ٿو سگهي ظاهر نظر اچي پيو ته هي ويرين جا واهرو ٿيل آهن. اهو تسلسل ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي ته مٿان وردي ۾ لڪل آفيسر پئسن خاطر پنهنجو ايمان ئي نه پيا نيلام ڪن پر هن غريب بي پهچ سماج کي پنهنجي پيٽ جي بک جو ٻارڻ ٺاهين پيا. پر انهن کي اها به خبر ناهي ته عروج پٺيان زوال به ضرور اچڻو آهي فيصلو تاريخ کي ڪرڻو آهي ته هتي سياستدانن ئي نه پر انهن جي ٽيڪ تي عوام جي محافظ پوليس بيورو ڪريسي به ويل وهايا آهن. شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سکر، خيرپور ضلعو هڪ دفعو ٻيهر ڏوهن جي ور چڙهي ويا آهن، جڏهن پوليس آفيسر به سياستدانن جي نقش قدم تي هلي پيا آهن صاحب نڪري ٿو چمچا پاسا وٺن ٿا سيلفين جا ٽڙڪا ڏسي انتظاميا خاموشي تماشائي بڻجي وڃي ٿي. سپريم ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو ته ججن کي صاحب ڪوٺي من پسند فيصلن جي اميد نه رکو. اسان جج ئي ڪافي آهيون پوءِ چمچن کي ذري برابر ندامت نه ٿي ته اسان به ماڻهن کي پنهنجي اوقات مطابق اهميت ڏيون ته سڌارا ممڪن ٿي سگهن ٿا. پر مجال آهي جو اسان سڌرون سپاهي کي صاحب قرار ڏئي اسان پنهنجي زوال جو آغاز ڪيو آهي. ايس ايس پي اگهور ننڊ ستل هجڻ عوام بي يارو مدگار بڻجي ويو آهي. جعلي نمائندا ته ظاهر ئي ڪونهن ڄڻ ڪوما ۾ ويل آهن. ماڻهن جي ڪو دانهن ڪوڪ ٻڌن هتي تڪ ۾ ورلي اچن ته چمچا کڻي تعزيت جون ڊگهيون لسٽون ڪڍن ٿا ۽ ڏهاڪو صحافي پويان ڊگين ۾ لٽڪي اتي پهچن ٿا. ان جي سياسي مخالفن جي لاءِ اسڪرپٽ لکي ڏيندا، فارم 47 وارو نمائندو 80سيڪڙو تنقيد الزام مخالف تي لڳائي ايس پي جو نالو کڻڻ لڳندو ته چمچو ڪن ۾ کڻي ڀڻڪ ڏيندو. سائين مان ڦلاڻي ٿاڻي تي پاڻ وارو بورچي صوبيدار لڳرايو فلاڻي چوڪي تي هي تو وارو گارڊ مقرر ڪرايو ته اتي همراهه ڦيري کائيندي چوندو ته ايس ايس پي سٺو ڪم پيو ڪري، سوال ڪندڙ سڀاڻي بنگلي تي اچجو افطاري ڪنداسين اتي سنگت پهچندي ته امن امان وسري ويندو. اچو مقامي ٿاڻن تي ته اتي سپاهي صوبيدار لڳا پيا آهن. صوبيدار وري ٿاڻي تي پٽيوالي طور سرگرميون ڪندي نظر اچن پيا. اهي حال رهيا ته پوليس ٿاڻا صرف ماضي بڻجي ويندا. اهو ڪتابن ۾ پڙهنداسين ته اسان وٽ اهڙو فورس هوندو هو جتي وڃ رشوت ئي رشوت ڏوهاري ماڻهو کڻي لک روپيو ڀونگ وٺن پوليس ماڻهو پنج لک روپيا ڀونگ وصول ڪري، هاڻي ٻڌايو بهتر ڪير ٿيو؟ ڏوهاري موٽر سائيڪل کسن ته گاڏي جي معيار مطابق ڀونگ وصول ڪن ۽ پوليس موٽرسائيڪل کسي ته 50 هزار رشوت وٺي اگر نه ڏئي سگهي ته پنج ڀاتين مٿان پوليس مقابلي جو ڪيس درج ڪندا. جيڪڏهن جعلي نمائندن ڏي ڪنهن ڪم سانگي وڃ ته 20 هزار چمچن لاءِ هجن تڏهن پڪوڙو بسڪوٽ نصيب ٿيندو ورنا ڌڪا کائي راڄ پيا ذليل ٿيندا. ان ڪري اسان جي علائقن شهرن کي بدامني جو راڪاس وڪوڙي ويو آهي. هر طرف ڏوهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي بس ائين ٿو لڳي هي علائقو ايٿوپيا ٿي ويندو، جتي اڄ جي هن جديد دور ۾ ماڻهو پٿر دور واري زندگي گذاري رهيا آهن. امن جو پکي اڏامي ويو آهي اسان جي سرسبز بهارن کي نظر لڳي وئي آهي. علائقا سنسان شهر بي رونق نظر اچن پيا. هر ماڻهو ڄڻ غيرمحفوظ آهي پر اسان کي افسوس اهو آهي ته سياسي ماڻهو جيڪي وڏيون دعوائون ڪندا آهن ۽ هڪٻئي خلاف زهر اوڳاڇيندا آهن اڄ اهي به خاموش تماشائي نظر اچن پيا. آخر هن سماج کي ڇا جي سزا پئي ملي؟
ابراهيم خليل جتوئي
سنڌوءَ مان نڪرڻ وارا نوان ڪينال – سنڌ لاءِ هڪ وڏو خطرو
سنڌو درياهه، جنهن جي وهڪرن تي سنڌ جي ساهه، زراعت، ماحول ۽ سڀيتا جو دارومدار آهي، اڄ خطري ۾ آهي. حڪومت پاران سنڌو درياهه مان ڇھه نوان ڪينال ڪڍڻ جو منصوبو، ظاهري طور ترقيءَ جو قدم لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ هي سنڌ لاءِ تباهيءَ جو دروازو کولي سگهي ٿو. سنڌ، جيڪو اڳ ئي پاڻي جي کوٽ، خشڪ ٿيندڙ زمينن ۽ ڊيلٽا جي سڪڻ جهڙن مسئلن سان منهن ڏئي رهيو آهي، اُن لاءِ هي نوان ڪينال وڌيڪ اونداهي کڻي اچي سگهن ٿا. اتر وارا علائقا درياهه جو پاڻي اڳواٽ ئي روڪيو ويٺا آھن، مٿان وري ھي ڪينال هيٺين علائقن (سنڌ) تائين پاڻي پھچڻ ناممڪن ڪري ڇڏيندا. ان جو سڌو اثر زرعي معيشت، کاڌ خوراڪ جي پيداوار، مقامي ماڻهن جي روزگار سان گڏوگڏ پيئڻ جي پاڻيءَ تي پوندو. ماحولياتي طور به هي رٿا انتهائي خطرناڪ آهي. سنڌوءَ جي ڊيلٽا، جيڪا سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه کان بچاءَ لاءِ هڪ قدرتي بند آهي، هاڻ سڪڻ شروع ٿي وئي آهي. ان مان مٺو پاڻي نه وهڻ سبب زمينون ڪلراٺيون ٿين پيون ۽ آبي حيات ختم ٿيڻ لڳي آهي. ھي ڪينال ٻيڻو خطرو ڪري ڇڏيندا. اهو پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي ته هي منصوبا رڳو فطرت سان نه، پر وفاقي يڪجهتيءَ سان به ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ واسين ۾ اڳ ئي احساس محرومي آهي ۽ جيڪڏهن بنا صلاح مشوري اهڙا منصوبا لاڳو ڪيا ويا ته بين الصوبائي تڪرار وڌڻ جا امڪان به وڌي سگهن ٿا. سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جو حق آهي. پر ان جي ورهاست منصفاڻي هئڻ گهرجي. حڪومت کي گهرجي ته ترقيءَ جي نالي تي سنڌ لاءِ خطرناڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ۽ سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ قومي سطح تي نئين سوچ اختيار ڪري. جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ۽ عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو رھندو، حڪومت يا رياست جي ڪڏهن ھن ڪينال منصوبي کي ختم نه ڪيو ۽ ھن عوامي ردعمل کي غلط طريقي (تشدد ذريعي) سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ ردعمل خطرناڪ ايندو، ھن ردعمل جو نتيجو نوان نقشه ٺاھڻ جو به سبب ٿي سگھي ٿو.
امن لغاري