سورهيه بادشاهه کان پوءِ وڪيلن جو سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌو درياءُ لاءِ تاريخ ساز ڌرڻو
وفاقي حڪومت طرفان پنجاب صوبي جي ريگستان چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ناجائز طريقي سان سنڌو درياءُ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي آرڊيننس پاس ٿيڻ خلاف سنڌ ڌرتي واسين ڪئنالن واري فيصلي کي تڪراري ڄاڻائي صوبي پنجاب ۽ وفاقي حڪومت خلاف جدوجهد واري دکايل چڻنگ مختلف سياسي سماجي مذهبي قومپرست تنظيمن وڪيل برادري ۽ هر طبقي جي ماڻهن ننڍن توڙي وڏن ڳوٺ واهڻ وستي کان ويندي شهرن تائين آهستي آهستي وڏو مچ مچائي ڇڏيو جتي هر گهٽي، گهر، اوطاق، آفيس، چونڪ چوراهي، رستي، سفر سواري ۾ هڪ آواز بڻجي ويو ته: “ڪئنال سمورا نامنظور”سنڌ جي وڪيل برادري جي صدر ايڊوڪيٽ عامر نواز وڙائچ ڪراچي پريس ڪلب تي اينٽي چولستان ڪئنال واري جدوجهد کي خطاب ڪندي 18 اپريل 2025ع تي ٻٻر لوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو. جيڪو جاري آهي. ايڏي 48-49 سينٽي گريڊ واري سخت گرمي ۾ ڌرڻي ۾ خوف، مهل، موسم، سهولتن جي پرواهه بنا پنهنجو گهر سمجهي ويهي رهيا آهن جتي سنڌ جي ٻچن پاڻ ملهائيندي شاميانا پاڻيءَ جون سبيلون شربت ٽن ويلن جي ماني ۽ دليون وڃائي ڇڏيون آهن. هڪ پاسي ٻٻر لوء باء پاس تي وڪلاءِ برادري جو مرڪزي ڌرڻو جاري آهي ته ٻئي پاسي پنجاب ويندڙ مين شاهراهن تي سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو ٻين اڳواڻن طرفان جلسا ڪري ۽ ڌرڻن جو سلسلو به جاري آهي. اقتداري ڌر پاڪستان پيپلزپارٽي به ڪئنالن خلاف مظاهرا جلسا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئنالن خلاف ڌرڻا جائز آهن ان ڪري اسان ڪو قدم نه پيا کڻون. سوشل ميڊيا جي خبر مطابق ٻٻر لوءِ ڌرڻي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪجھ گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهو صبح جو 4:30 بجي هوائي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌ بار ڪائونسل جو صدر ايڊوڪيٽ عامر نواز وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙيون حرڪتون اسان جا حوصلا پست نٿيون ڪري سگهن. هر مشڪل سان منهن ڏئي ڪينالن وارو فيصلو واپس وٺندا سين ۽ سڀاڻي يعني سومر ڏينهن سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس آهي جنهن ۾ وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين جيستائين ڪئنالن وارو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي. هاڻي ڏسجي ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب صوبو ان پنهنجي هوڏ تان لهي ڪئنال وارو فيصلو واپس وٺي ٿو يا سنڌ ڌرتي وارن کي اڃا قربانيون ڏيڻيون پونديون.
غلام حسين قادري/لاڙڪاڻو
خيرپور جي پوليس جي آبادگارن کان ڪڻڪ جي ديرن تان ڦر!
اتر سنڌ ۾ ھڪ قسم جي وبا پکڙجي وئي آھي جنھن ۾ پوليس ھاڻي ڪڻڪ جي ديرن تي پھچي ان جو مڻ آبادگارن کان وٺي ٿي. پوليس ھڪ محافظ ادارو آھي. سنڌ ۾ جڏھن پوليس جي ڪردار جي ڳالھ ڪجي ته عوام جو اعتبار به کڄي وڃي ٿو ۽ ھاڻي ته غريب ھارين آبادگارن کي بخش نه ٿا ڪن. اتر سنڌ ۾ ھن وقت ڪڻڪ لھڻ جيئن ئي شروع ٿي آھي ته پوليس به ڪڻڪ جي ديرن تي وڃي آبادگارن کان ان وٺي رهي آهي. جڏھن ته پوليس وارن جي پگھار به آھي ان کانسواءِ ڦر مار ۽ ڪرپشن جو پئسو به جام آھي. خيرپور جي پنواڙي علائقي ۾ منھنجو وڃڻ ٿيو، آبادگارن سان ڳالھه ٻولھه ٿي، آبادگارن چيو ته ھر سال جيئن ئي ڪڻڪ لھي ٿي ته پوليس جا ھٽا ڪٽا جوان پھچي ان جا مفت ۾ مڻ وٺن ٿا. اھڙي مھانگائي جي دؤر ۾ اسان جا خرچ ئي نه ٿا لھن ويتر پوليس وارا مفت ۾ ان وٺن ٿا. ھي پوليس وارا ته پنڻ وارن فقيرن کي ئي ماري ويا آھن. پوليس ته سنڌ م امن امان ته نه ڪرائي سگھي آھي. خيرپور ضلعي م ھنن ٻن مھينين جي دوران لڳ ڀڳ 10 کان مٿي قتل ٿي چڪا ھن، روز ڦرون ۽ ڌاڙا آھن واپاري طبقو قرآن پاڪ کڻي پوليس کان امن ڪرائڻ جي لاءِ اپيل ڪري رھيو آھي. پر پوليس ته ڪڻڪ جي ديرن ۽ ان گڏ ڪرڻ جي لاءِ نڪتل آھي. اها پوليس ڊپارٽمينٽ جي توھين آھي ۽ پوليس جي پھريان ئي ساک خراب آھي مٿان وري اھڙا پوليس وارا ته رھيل کهيل ساک کي نقصان پھچائي رھيا آھن. اسان سنڌ پوليس جي آءِ جي، ايس ايس پي خيرپور ۽ گهرو وزير کي گذارش ٿا ڪيون ته اھڙن پوليس سپاھين تي نظر رکن ۽ انھن کي اھڙي قسم جي ڪم کان روڪين. ڇو ته اھو ڪم انھن مستحق ۽ لاچار غريب ۽ بي سھارن جو آھي جن جو ڪو اوھي واهي نه آھي. جيڪي فقير آھن انھن کي وٺڻ گھرجي نه ڪي پوليس وارن کي. اھڙن ملوث پوليس سپاھين جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ گھرجي ته جيئن آئنده غريب آبادگارن کي تنگ نه ڪن جيڪو انھن جو اصل ڪم آھي ان ڪم تي ڌيان ڏين.
شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ
وڪيلن جو جذبو زنده باد
وڪيلن جو هي بي مثال احتجاج هڪ جُهُنجھاري سگنل آهي ته حق لاءِ اواز اٿارڻ لااءِ اڃا ماڻهو جيئرا آهن. وڪيلن پاران جيڪو بي مثال احتجاج جاري آهي، اهي نه صرف هڪ مسئلي خلاف آواز آهي، پر اهو حق، اصول ۽ عوامي مفادن لاءِ بي لوث جدوجهد جي عظيم علامت آهي. سندن اندر جوش ۽ جذبو اهڙو آهي، جيڪو هر مظلوم، هر حق جي ڳولا ڪندڙ دل کي همٿ ڏئي ٿو. اهو ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي ته اڄ به اسان جي سماج ۾ اهڙا بهادر، شعور وارا ماڻهو موجود آهن، جيڪي ذاتي مفادن کان مٿانهان ٿي عوام جو آواز بڻجن ٿا. اڄ سموري سنڌ انهن وڪيلن جي جوش، جذبي ۽ بيباڪي کي ساراھي پئي.
ھمير گھمرو/پير ڳوٺ
سنڌو درياءُ لاءِ سياسي قيادت کي احتجاجي ڌرڻي ۾ فوٽو سيشن بجاءِ ويهڻ گهرجي
دنيا وارن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڪروڙين عوام کي پنهنجي جسم جان جيان سنڌو درياءُ بادشاهه پيارو آهي، سنڌو درياءُ جي مٿان ڇهه ڪئنال ته ڇا پر سنڌي قوم پاڻي جي لپ به ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. سنڌ جي عوام کي سنڌو درياءُ پنهنجي اولاد جيان صدين کان پاليندو نپائيندو پيو اچي. سنڌ جو ماڻهو پاڻيءَ جي مامري لاءِ وڏو حساس آهي ۽ رهندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪروڙين عوام جو جياپو سنڌو درياءُ بادشاهه آهي. پهريان ته سنڌو درياءُ جي مٿان ڪينال ٺاهڻ تي ڪوڙ هنيا ويا ته نه ٿو ٺهي پر جڏهن سنڌي ميڊيا پاڻ ملهائيندي چولستان جي ويران سنسان ريگستان جهڙي حصي تي پنجاب ۽ وفاقي حڪومت پاران ڪرايل ترقياتي ڪمن جي زور شور سان هلندڙ ڪم کي ڏيکاريو ويو ته حڪومت ٽال مٽول ڪندي نظر آئي. آخر ڪار حڪمرانن به تسليم ڪيو ته واقعي ڪينال ٺاهيا وڃن ٿا ۽ پوءِ سنڌ دوست ڌرين قومپرست پارٽين مذهبي جماعتن سميت سڀ کان وڌيڪ وڪيل برادري جو نمايان ڪردار رهيو آهي، ڪراچي پريس ڪلب پوءِ وڪيل ڪنويشن ۽ بعد ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ کي چورائڻ لاءِ وڪيل برادري لڳايو آهي جنهن ۾ سمورين قومپرست، مذهبي جماعتن، ساڃاهه وند ڌرين، مختلف سرڪاري غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن ورڪرن ڀرپور شرڪت ڪئي آهي. انهي ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته سموري سنڌ جون جيڪي به جماعتون آهن اهي وڪيل برادري سان هڪ سئو سيڪڙو گڏ متحد منظم ايڪي اتحاد ۾ يڪجا آهن. معذرت سان پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رڳو سياسي قيادت اڳواڻ فوٽو سيشن لاءِ وڪيل برادري جي احتجاج تائين محدود نه هجن بلڪ ڪجهه وڪيل برادري جي معزز ايڊووڪيٽ مطابق ته جيڪي به سياسي، مذهبي، قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ قيادت آهي اهي ڌرتي جي ڪيس ۾ سنڌ سان نينهن نڀائڻ جي مامري ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هڪ رات نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ پورو ڏينهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ نٽهڻ اس گرمي جي تپش جو احساس وٺن ۽ پنهنجي ڪارڪنن ورڪرن کي به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرائين ته جيئن سنڌ دشمن ڌرين کي خبر ملي ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس روڊ تي رڳو وڪيل ئي نه پر سنڌ جي حلالي فرزندن ۾ هر سنڌ دوست پارٽي جا هزارين لکين ڪارڪن به موجود آهن. ڏسو ته وڪيل برادري جي لڳايل احتجاجي ڌرڻي واري ڪئمپ ۾ ٻئي ڏينهن ئي نام نهاد سنڌ دشمنن فائرنگ ۽ قاتلاڻي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪڏهن اتي احتجاجي ڪئمپ ۾ هزارين لکين عوام هجي ها يا سياسي قيادتون سربراهه موجود هجڻ ها ته ڪنهن ۾ شايد جرئت نه ٿئي ها، پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان فائرنگ سو به هڪ نه بلڪ ٽي گاڏيون کلي عام ڪري وڃن ٿيون. جڏهن ته سنڌ پنجاب جا رستا بند پيل آهن. يعني غدار ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ پڪا ظاهر ٿي بيٺا آهن.پنجاب وارا چون ٿا ته هاڻي ته سنڌو درياءُ جي مٿان ڪينال ٺاهڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي ڇاڪاڻ ته هاڻي پنجاب جي عزت جو مسئلو آهي، اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته توهان جي عزت جو مسئلو آهي پر سنڌ جي ڪروڙين عوام جي زندهه رهڻ جو سوال آهي. توهان جي عزت پنهنجي جاءِ تي پر ڪروڙين سنڌ جي سنڌي، بلوچ، سرائيڪي، اردو ۽ ٻين زبانن ڳالهائيندڙ جي زندگين جو سوال آهي. سنڌ جو عوام ڪو انوکو منفرد سوال يا ڳالهه نٿو ڪري بلڪ عام ۽ سادي ڳالھه ڪري رهيو آهي ته سنڌو درياءُ بادشاهه تي سنڌ جا ماڻهو ڪو به ڪئنال برداشت نٿا ڪري سگهن. ان لاءِ نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي گهرجي ته سنڌ ڌرتي جي ڪروڙين عوام جي جذبات جي عڪاسي ڪندي فوري طور تي جلد از جلد ملڪي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو وڃي ته اهي صدارتي ايوان يا وزيراعظم سيڪريٽريٽ مان هڪ نوٽيفڪيشن ظاهر ڪن ته سنڌودرياءُ تي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو ۽ ڪو به ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن جي ڪا به والار يا قبضو نه ڪيو ويندو. انهي ٿوري حڪومتي ڳالهه بعد سموري سنڌ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ۽ انتهائي گنڀير بڻيل صورت حال بهتر ۽ نارمل ٿي ويندي. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌ جا غيرت مند اڳواڻ ڪارڪن ورڪر هزارين لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي ڪري قومي ٻڌي جو مظاهرو ڪنداسين ته يقين وڪيل برادري جا ويتر اڃا وڌيڪ حوصلا بلند ٿيندا ۽ سنڌ جي تحريڪ ڪاميابي سان فتح حاصل ڪندي.
احمد رضا عباسي
چنگچي بند، بسون اوورلوڊ: ڪراچي واسي ڪهڙي طرف وڃن؟
گذريل ٽن مهينن دوران ڪراچيءَ ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ماڻهو خطرناڪ روڊ حادثن جو شڪار ٿيا آهن، جن مان گهڻا واٽر ٽينڪرن ۽ ڊمپرن جي تيز رفتاري سبب مارجي ويا يا زخمي ٿيا. پر ان تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ سنڌ حڪومت چنگچي رڪشن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي. هي پابندي خاص طور تي انهن پورهيت طبقي جي ماڻهن لاءِ زهر بڻجي وئي آهي، جيڪي هن سواري ذريعي پنهنجو روزگار ڪمائيندا هئا، جن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو ورڪنگ ڪلاس، سرائڪي ۽ سنڌي برادريءَ جا ماڻهو خاص طور شامل آهن. حڪومت جي هن قدم سان انهن ماڻهن جي روزي روٽي تي لت اچي وئي آهي. ٻئي پاسي، لکين عام شهري جيڪي روزانو چنگچي رڪشن ذريعي پنهنجي آفيسن، ڪارخانن، يا ٻين جاين تي پهچندا هئا، هاڻ سخت مشڪلاتن ۾ آهن. ڪراچي ۾ اڳ ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام انتهائي ناقص آهي، رستن تي ڪا مناسب ۽ مڪمل ٽرانسپورٽ موجود ناهي. هاڻ جڏهن چنگچي رڪشا بند ٿي ويا آهن ته ماڻهو نه صبح وقت تي پنهنجي آفيسن تي پهچي سگهن ٿا، نه شام جو وقت تي گهر موٽي سگهن ٿا، جنهن سان انهن جي ذاتي، خانداني ۽ معاشي زندگي به متاثر ٿي رهي آهي. حڪومت چيو ته هنن بي آر ٽي (Red Line) بسن جو نظام آندو آهي، پر حقيقت ۾ اهي بسون مسلسل اوورلوڊ ٿين ٿيون. انهن بسن ۾ ايتري سواري ڀرجي وڃي ٿي جو نه رڳو ماڻهن کي بيحد پريشاني ٿئي ٿي، پر بسون به خراب ٿي روڊ تي بيهي رهجن ٿيون. نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿئي ٿو ۽ ماڻهن کي وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. حڪومت کي گهرجي ته انهن بسن جي تعداد ۾ واڌ ڪري، ته جيئن اوورلوڊنگ جو مسئلو ختم ٿئي ۽ ماڻهو آرام سان سفر ڪري سگهن. اها به حقيقت آهي ته هاڻ اونهارو شروع ٿي چڪو آهي، ماڻهن لاءِ رستن تي بيهڻ، بسن جو انتظار ڪرڻ، ۽ پوءِ اوورلوڊ بسن ۾ سفر ڪرڻ انتهائي عذاب بڻجي ويو آهي. حڪومت کي اهڙي پابندي لاڳو ڪرڻ کان اڳ مناسب منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ها. جيڪڏهن پهريان ڪراچيءَ جي رستن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جون گاڏيون وڌايون وڃن ها، عوام لاءِ سستو ۽ آرامده سفر يقيني بڻايو وڃي ها، پوءِ چنگچي رڪشن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو قدم سمجهداريءَ وارو لڳي ها. پر موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو اهو قدم نه رڳو بي تدبيريءَ جو عڪاس آهي، پر اهو سنڌ جي پورهيت طبقي جي روزگار، عام ماڻهن جي آرام ۽ وقت جي پابنديءَ تي سڌي ريت حملو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هي فيصلو ٻيهر غور سان ڏسي، چنگچي رڪشن جي متبادل فراهم ڪري.
علي رضا سومرو/ڪراچي
شڪارپور جي عوام کي ايڏو نه ستايو
جن شڪارپور شهر سميت پوري ضلعي جي عوام کي هر طرف کان محصور ڪيو آ نه بجلي نه گئس نه پاڪ صاف پاڻي نه صاف سٿري ساهه کڻڻ لاءِ هوا ميسر آ. ويتر بدامني جي باهه جي هر طرف پئي فرياد ٿئي. اسان جي ضلعي جا سمورا سياسي گهراڻا سواءِ جتوئي برادرس ۽ پٺاڻ آغا طارق جي خاندان جي سڀ پپلز پارٽي ۾ حڪومت سنڌ جو حصو هئڻ سبب شڪارپور جي پوليس توڙي سموري انتظاميه بيوس بڻي پئي پنهنجي ناڪامي و نامرادي جو داستان پئي سڻائي. شهر شڪارپور قبضه مافيائن ۽ روينيو جي ڪرپٽ عملدارن ۽ انهن جي سهوليتڪار اسٽامپ وينڊرس مافيا جي ور چڙھيل آهي. ھڪ هٽي سبب هر جائز ڪم جا به هزارين روپيه رشوت پيا وٺن جو انهن جو هڪ مضبوط نيٽ ورڪ ٺهيل آهي. عام عوام کي اهڙا ڪوڙا نوٽيفڪيشن ڏيکاريندا جو الله جي امان سيل سرٽيفڪيٽ هجي يا ستون فارم داخلا هجي يا کاتو سڀ جا فڪس اگھه مقرر ٿيل آهن. سرڪار ڪاغذن ۾ سڀ آنلائن ڪيا آهن پر عملي طور اڄ به سڀ ست کان اٺ سئو فيصد وڌيڪ رشوت تي پيا ڪم ٿين. هاڻي کاتي جو خرچ 30 کان 50 هزار ڪيو ويو آهي ۽ سيل سرٽيفڪيٽ جو 15 هزار کان 45 هزار. روينيو رڪارڊ ۾ داخلا جا 10 هزار کان پنجاهه هزار رپيا تپيدار پيو وٺي ۽ سند داخلا لاءِ عليحده 10 کان پندرنهن هزار سٽي سروي آفيس وٺي. سو ان سنڌ جي نظام ڪرپشن جو ڪو سدباب ٿيڻ گهرجي. اسان جي شهر جو روينيو محڪمو هڪ ڪميونٽي جي فردن حوالي آ جنهن جي ڪري ساري سرڪاري ملڪيت انهن جي پنهنجي بڻيل آ. تپيدار سٽي سروي سب رجسٽرار اسٽامپ وينڊرس مطلب سڀ ڀوتار جا ماڻهو آهن. سو قبرستان، پارڪ، اسڪول، ڪاليج سمجهو انهن جا آهن جڏهن چاهين چوديوار اندر گهر پلاٽ ڪري وڪڻن ڪوڙين داخلائن سان. حد ته اها آهي جو ڪوڙن کاتن تي هائوسنگ سوسائٽيز بڻائي پيا کپائين. اسان به انهن جو شڪار ٿياسون جنهن جي ڪمپلين کڻي اينٽي ڪرپشن وياسون ته جواب مليو سندن ڪم سرڪاري ملازمن کي قابو رکڻ آ سرڪاري محڪمن کي نه ۽ نه ئي خانگي ماڻهن جي فراڊ ۽ 420 تي. سو جڏهن اها سوچ رهندي ادارن جي ته پوءِ الحفيظ والامان ته چوڻ سنت رسول الله آهي ئي.
استاد جاويد هڪڙو/ شڪارپور
پ پ پ پاران ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ جلسن جو اعلان!
سنڌ ۾ حڪومت ۾ هوندي پ پ پ وفاق کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اسين ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهنداسين سنڌ جي مفادن لاءِ پٺتي نه هٽنداسين ثابت قدم رهنداسين. هن وقت ڳالهه آها آهي ته جتي سنڌ ۾ سموريون پارٽيون وفاقي تڪراري ڪئنال منصوبي تان سراپا احتجاج آهن ۽ ڌرڻا ڏئي رهيون آهن اتي سنڌ ۾ حڪومت ۾ هوندي پ پ پ به پنهنجو عوامي پاور شو ڏيکاريو آهي ۽ حيدرآباد ۾ وڏو جلسو ڪري وفاقي طاقتن کي ٻڌايو آهي ته اسين سنڌ ۾ ڪنهن به اهڙي منصوبي جيڪو سنڌ جي مفاد ۾ نه هجي ان تي پنهنجي ڳالهه تان نه هٽنداسين. اسان اهڙي تڪراري منصوبي ڪڍڻ خلاف سراپا احتجاج آهيون ۽ رهنداسين. ايتري قدر جو ڏکيو وقت ڇو نه ڏسون پنهنجي ڳالهه مڃرائي ڏيکارينداسين. اسان کي سنڌ جي عوام چونڊرائي حڪومت ۾ ويهاري ٿي ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته اسين سنڌ دشمن ۽ تڪراري منصوبي تي خاموشي اختيار ڪيون. جنهن لاءِ پ پ حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو. جيڪا ڳالهه پ پ پ طرفان سنڌ جي ووٽر عوام سان وفاداري واري ۽ ثابت قدم رهڻ واري ساراهه جوڳي آهي. اڃا پ پ پ پنهنجو وڌيڪ عوامي پاور شو ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ جلسن جو اعلان ڪيو آهي ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ مورچو پاڻ سنڀاليو آهي. هن وقت پ پ پ جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو وڏي حوصلي سان پرعزم نظر اچي رهيو آهي ۽ گهڻو مطمئن پڻ آهي. اميد جيڪو اڃا وڌيڪ سنڌ جي مفادن خاطر سنڌ جي عوام وٽ سرخرو رهندو پاڻ مڃرائي ڏيکاريندو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل