وسيلن جي ڦرلٽ ۽ عالمي توسيع پسندي – اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟
دنيا جي سياست اڄ به طاقتور ملڪن جي مفادن جي چوڌاري ڦري رهي آھي. خاص طور تي آمريڪا جھڙا ملڪ، جيڪي پنهنجون حدون وڌائڻ لاءِ نه رڳو سفارتي چالبازين ۽ اقتصادي ڪنٽرول ذريعي ڪم ڪري رهيا آھن، پر سڌي مداخلت ۽ فوجي طاقت سان به ٻين ملڪن جي خودمختياري کي للڪاري رهيا آھن. هو ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي اٿل پٿل ڪرائي، ان تي پنهنجو تسلط ڄمائڻ لاءِ سازشون رٿين ٿا. انهن جي واڌاري جي خواهش ايتري ته بي رحم ٿي چُڪي آھي جو هو نه رڳو ٻين ملڪن جي وسيلن تي قابض ٿي رهيا آھن، پر سندن خودمختياري تي به وار ڪري رهيا آھن. پر افسوس جي ڳالهه اها آھي ته اهڙن ملڪن جي حدون وڌائڻ جو بنيادي ڪارڻ اسان جا پنهنجا ڪمزور نظام آھن. اسان جي حڪومت وسيلن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ انهن کي لٽائڻ ۾ رُڌل آھي. اسان وٽ ڪڏهن نااهلي ته ڪڏهن ڪرپشن سبب، ملڪ جا قدرتي خزانا، زميني وسيلا ۽ اقتصادي بنياد بيرحميءَ سان برباد ڪيا پيا وڃن. حڪومتن جي بيحسيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهون ٿا ته نه ڪا مستقبل لاءِ ڪا پاليسي ترتيب ڏني وڃي ٿي، نه ئي عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪو عملي قدم کنيو وڃي ٿو. ان بدران، هر دور ۾ حڪمران پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ قومي وسيلن کي بين الاقوامي ڪاروباري ادارن، عالمي مالياتي ادارن، ۽ طاقتور ملڪن جي حوالي ڪن ٿا. اسان جو ملڪ، جيڪو ڪنهن دور ۾ پنهنجي زرعي، معدني ۽ صنعتي وسيلن سبب خوشحال ٿي سگهي پيو، اڄ پرڏيهي قرضن ۾ ٻڏي چُڪو آھي. اسان جو سون جهڙو زرعي نظام تباهه ٿي رهيو آھي، اسان جا ڪارخانا بند ٿي رهيا آھن ۽ عوام غربت جي ور چڙهيل آھي. جڏهن ته عالمي طاقتون اسان جي زمين، پاڻي، ۽ اقتصادي خودمختياري تي چنبا وکيري رهيون آھن، اسان جا حڪمران پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قومي خزاني تي هٿ صاف ڪري رهيا آھن. سوچڻ جي ڳالهه اها آھي ته جيڪڏهن آمريڪا، چين، روس، يا ٻين طاقتور ملڪن کي پنهنجي حدون وڌائڻ جو حق آھي ته اسان وٽ پنهنجا وسيلا محفوظ رکڻ جو حق ڇو نٿو هجي؟ اسان ڪڏهن پنهنجي دولت ۽ اثاثن جي مالڪي ڪنداسين؟ اسان ڪڏهن انهن سياسي راندين کان آجا ٿينداسين، جيڪي اسان جي ملڪ کي ڏيوالي جي ڪناري تي آڻي بيهارين ٿيون؟ هڪ قوم تڏهن ترقي ڪري ٿي، جڏهن اها پنهنجي وسيلن تي پاڻ ڀاڙي، پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ۽ پنهنجي مستقبل جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ رکي. جيستائين اسان پنهنجي وسيلن جي مالڪي نه ڪنداسين، تيستائين عالمي طاقتون اسان تي راڄ ڪنديون رهنديون. حڪمرانن جي نااهليءَ کي چئلينج ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. عوام کي جاڳڻو پوندو، نه ته هڪ ڏينهن اسان جو ملڪ صرف هڪ نظرياتي حد تائين محدود رهجي ويندو، جتي نه ڪا خودمختياري هوندي، نه ئي ڪا خوشحالي.
اياز چوپاڻ/ ڍورونارو
اچو تـ زرعي موبائل ايپ مان فائدو کڻون!
ٽيڪنالاجي جو مقصد صرف اھو ناھي ته اوھان وٽ وڏي مشينري جديد اوزار ليب ھجي، اڄ جي دور ۾ اسان جي ھٿ ۾ جيڪو اوزار جنهن جو نالو موبائل فون آھي ان جي تمام وڏي اھميت آھي. اسان موبائل ٽڪ ٽاڪ، لنڪڊ ان، فيس بڪ، واٽس ايپ، ٽيليگرام، بيگو، سنيپ چيٽ، انسٽاگرام، پنٽريسٽ، ريڊٽ، يوٽيوب، وئي چيٽ، لائين ڪلب، ھائوس ٽمبلر، آءِ ايم او، بليو اسڪاءِ، ٽئچ ڊسڪار، سينا، ويبيو، ڊسرڪ ويب وغيرھ تي پنهنجا اسٽيٽس رکڻ ڏسڻ لاءِ ايپ انسٽال ڪيون ٿا باقي موبائل فون مان اھو فائدو نـ ٿا کڻون جيڪو کڻڻ گھرجي. اسان جو ملڪ ھڪ زرعي ملڪ آھي زراعت جي ڀلي لا پاڪستان سميت دنيا ۾ سوين موبائل ايپليڪيشن ٺاھيون ويون آھن. اسان انھن کي استعمال ڪري لاڀ حاصل ڪري سگھون ٿا. ياد رکڻ گھرجي ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ کان اڳ اسان کي پنهنجي واسطيدار اداري کان موبائل ايپ جي تصديق ڪرڻ انتھائي ضروري آھي. هتي زرعي مقصدن لاءِ ڪجهه قابل ذڪر موبائل ايپس آھن. ايگريڪلچر اينڊ فوڊ: ھي ايپليڪيشن مختلف اشاعتن تائين رسائي فراهم ڪن ٿيون، جن ۾ ڪتاب، جرنل ۽ تحقيقي مضمون شامل آهن. ڪسان سهولت: هندستان جي حڪومت جي زراعت ۽ هارين جي ڀلائي واري وزارت پاران تيار ڪيل هڪ ايپ، جيڪا موسم، مٽي جي صحت ۽ مارڪيٽ جي قيمتن بابت معلومات فراهم ڪري ٿي. ڪراپ انشورنس: هي ايپ جيڪا هارين کي فصل جي انشورنس پاليسين کي سمجهڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ايگري ايپ: هڪ پليٽ فارم جيڪو هارين کي زرعي ماهرن سان ڳنڍي ٿو، فصل جي انتظام، ڪيڙن جي ڪنٽرول ۽ مٽي جي صحت بابت صلاح فراهم ڪري ٿو. فارم لاگ: هڪ ايپ جيڪا هارين کي انهن جي فارم جي سرگرمين کي ٽريڪ ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جنهن ۾ پوک، فصل جي ڪٽائي ۽ فصل جي نگراني شامل آهن. پلانٽيڪس: هڪ ايپ جيڪا AI سان هلندڙ ٻوٽي جي سڃاڻپ استعمال ڪندي آهي ته جيئن هارين کي ٻوٽن جي بيمارين ۽ ڪيڙن جي تشخيص ۾ مدد ملي سگهي. هڪ مفت ايپ جيڪا فصلن جي بيمارين ۽ آفتن جي تشخيص لاءِ تصوير جي سڃاڻپ استعمال ڪندي آهي، جيڪا 30 وڏن فصلن کي ڍڪيندي آهي ۽ 18 ٻولين ۾ موجود آهي. ايگرو ايڊوائزر: هڪ ايپ جيڪا فصل جي انتظام، مٽي جي صحت، ۽ موسم جي اڳڪٿي تي هارين کي ذاتي صلاح فراهم ڪري ٿي. فارم وائز: هڪ ايپ جيڪا فصلن جي نگراني، مٽي جي نقشي سازي ۽ پيداوار جي اڳڪٿي سميت درست فارمنگ حل پيش ڪري ٿي. ايگري: هڪ ايپ جيڪا هارين کي انهن جي فارم جي ڪمن کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جنهن ۾ فصلن جي منصوبابندي، انوينٽري مئنيجمينٽ ۽ سيلز ٽريڪنگ شامل آهن. فارم ايٽ هينڊ: هڪ ايپ جيڪا هارين کي فصلن جي انتظام، موسم جي اڳڪٿي ۽ مارڪيٽ ٽريڪنگ لاءِ اوزار فراهم ڪري ٿي. پاڪ ايگري مارڪيٽ: هارين کي صارفين ۽ واپارين سان ڳنڍي ٿي، وچ وارن کي هٽائي ٿي ۽ منافعي جي مارجن کي وڌائي ٿي. ڪسان بازار: ميوا، ڀاڄيون، پولٽري ۽ چوپائي مال سميت زرعي شيون خريد ڪرڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ هڪ آن لائن مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿئي ٿي. بخارڪسان: موسم جو احوال، مٽي جي تياري ۽ فصل جي ڪٽائي جي معلومات، انهي سان گڏ چوپائي مال ۽ موسم جي صورتحال جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. خوشحال وطن: صحيح موسم جي اڳڪٿي ۽ تازه صورتحال پيش ڪري ٿي، هارين کي زرعي ماهرن ۽ مقامي زرعي مواد سان ڳنڍي ٿي. ريڪالٽ پاڪستان: هارين کي ڪسٽمائيز حل پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ زرعي معلومات، قرض ۽ مارڪيٽ تائين رسائي شامل آهي. ڪسان سهولت: فصلن، پوک، فصل جي ڪٽائي، اسٽوريج، ڀاڻ ۽ موسم تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ٿي. ايگري دنيا: هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم جيڪو فصلن جي انتظام، مارڪيٽ جي قيمتن ۽ سرڪاري اسڪيمن جي آڇ ڪري ٿو. ڪسان دوست: هڪ ايپ جيڪا مارڪيٽ جي شرح، زرعي ڊائريڪٽريز ۽ ڪيڙن ۽ بيمارين جي انتظام لاءِ ڀاڻ جي معلومات فراهم ڪري ٿي. سبزيون ڪي ڪاشت: هڪ ايپ جيڪا سبزي جي پوک لاءِ ٺهيل آهي، شيڊولنگ، پاڻي جي ضرورتن جي نگراني، مٽي جو تجزيو ۽ سپلائي چين مئنيجمينٽ پيش ڪري ٿي. باخبر ڪسان: هي ايپ، جاز جي مدد سان، آڊيو، وڊيو ۽ فوٽو پيشڪش ذريعي هارين کي مٽي جي تياري، فصل جي ڪٽائي، چوپائي مال ۽ موسم جي تازه صورتحال بابت معلومات فراهم ڪري ٿي . ڪسان زر زمين: پنجاب حڪومت پاران تيار ڪيل، هي ايپ مٽي جي حالت جي تجزيي، فصل جي صحت جي نگراني ۽ موسم جي تازه صورتحال لاءِ ملٽي اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ تصويرن کي استعمال ڪري ٿي، جيڪا هارين کي فصل جي دٻاءُ کي ڳولڻ ۽ واڌ کي بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائي ٿي. ايگريسمارٽ: فصل جي حساب سان پوکيندڙ سنجينٽا پاڪستان جي ايپ فصل جي انتظام تي ماهر صلاح پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ ٻج جي چونڊ، ڀاڻ ۽ آبپاشي شامل آهن. ايمس پنجاب: موسم، مارڪيٽ جي قيمتن ۽ فصل جي انتظام تي حقيقي وقت جي معلومات فراهم ڪرڻ واري هڪ سرڪاري ايپ آهي. ڪسان مددگار: هڪ ايپ جيڪا فصلن جي انتظام، مارڪيٽنگ، ۽ سرڪاري اسڪيمن تي مدد فراهم ڪري ٿي، انهي سان گڏ موسم ۽ مارڪيٽ جي قيمتن سان گڏ زرعي اگھه بيان ڪري ٿي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
الحاج علي نواز انڙ پبلڪ لائبريري قاضي احمد
علم ۽ ادب جي ڦھلاءِ ۾ لائبريرين جي تمام وڏي اھميت آھي. اسان قاضي احمد واسي پاڻ کي تمام گهڻو خوش قسمت ٿا سمجهون جو اسان جي شھر ۾ ثقافت کاتي جي لائبريري موجود آھي. وڏي ڳالھه ته ھيءَ لائبريري شھر جي مرڪز ۾ آھي، جنھن ڪري شھر توڙي پسگردائيءَ جي سمورن شاگردن ۽ مطالعي جي عاشقن کي سھولت آھي. قاضي احمد ۾ سرڪاري سطح جي ڪا لائبريري قائم ٿيڻ جو خواب تمام پراڻو ھو، پر ھِن خواب کي تعبير تڏھن ملي، جڏھن سسئي پليجو ثقافت کاتي جي منسٽر ھئي. شير محمد مھر ڊائريڪٽر ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ جي ڪوششن سان سسئي پليجو جڏھن قاضي احمد ۾ رئيس ڄام آفتاب علي انڙ جي دعوت تي لانڍي طالب الموليٰ، ناز باغ قاضي احمد ۾ آئي ھئي ته پاڻ قاضي احمد شھر لاءِ پبلڪ لائبريري ڏيڻ جو اعلان ڪيائين، ڄام آفتاب علي انڙ ۽ شير محمد مھر جي مسلسل محنت کان پوءِ 2016 ع ۾ لائبريري جي منظوري ٿي، جنھن لاءِ ڄام آفتاب علي انڙ پلاٽ لائبريريءَ لاءِ ڏنو، جنھن تي موجوده لائبريريءَ جي بلڊنگ تعمير ٿي. لائبريريءَ جو آغاز جولاءِ 2022ع ۾ ٿيو. شيڪسپيئر چيو ھو ته: ”سٺا ڪتاب، سٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا.“ لائبريريءَ ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري جي ڪتابن کان سواءِ، تاريخ، تحقيق، تنقيد جي موضوع تي ڏاڍا شاندار ڪتاب موجود آھي. لائبريريءَ ۾ آتم ڪٿا، شاعري، ناول ڪھاڻي، سفرنامي، ۽ ٻين موضوعن تي پڻ ڪتاب موجود آھن. لائبريريءَ ۾ موجود ڪتابن جو تعداد 3500 آھي. حڪيم سعيد چيو ھو ته : ”ڪتاب کوليندا وڃو، زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو دروازو کلندو ويندو.“ معشوق ڌاريجي چواڻي ته: ”لائبريريون ٻولي ۽ ادب جي سلامتيءَ ۽ بقا جا مضبوط مورچا آھن.“ لائبريريءَ ۾ سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻولين جا ڪتاب آھن.
لائبريريءَ ۾ روزانو تقريباً ھڪ سو کان وڌيڪ شاگرد مطالعو ڪرڻ اچن ٿا. جڏھن ته لائبريريءَ ۾ ڏھاڪو کن ڇوڪريون پڻ مطالعي لاءِ اچن ٿيون. لائبريريءَ ۾ روزانو يارهن 11 اخبارون اچن ٿيون. لائبريريءَ ۾ پڙھڻ وارن جي لاءِ ٽي ھال آھن، جن مان ھڪ ھال نياڻين جي مطالعي لاءِ مخصوص ٿيل آھي. لائبريريءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سِگا قاضي احمد ۽ پيس فل سپورٽنگ ھينڊس تعلقه قاضي احمد، سماجي تنظيم ٽيلينٽ ائڊ فائونڊيشن پاران مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرام پڻ ٿي چُڪا آھن. لائبريريءَ ۾ هڪ لائبرين، ٻه ڪلارڪ، هڪ ڪيٽلاگ، هڪ پٽيوالو ٽوٽل نو 9 ملازمن جو عملو موجود آھي. ھيءَ لائبريري اسان لاءِ ڪنھن تمام وڏي نعمت کان گهٽ نه آھي. قاضي احمد ۽ ڀر پاسي جي نوجوان ساٿين ڀائرن ۽ ڀينرن کي گذارش ڪجي ٿي ته وڌ کان وڌ ھن لائبريريءَ مان فائدو حاصل ڪن.
غلام حيدر بالادي
وزير اعليٰ سنڌ ۽ صدر پاڪستان جي نانءُ
جيئن ھڪ ڳوٺ جي مسجد ۾ مولوي صاحب خطبي ۾ سمجھايو ته مسجد کي ٻھاري ڏيڻ صفائي ڪرڻ عظيم ثواب جو ڪم آھي. ٻئي ڏينھن تي مولوي جڏھن مسجد ۾ داخل ٿيو ته ڇا ڏسي ڳوٺ جو رئيس مسجد کي ٻھاري ڏيئي رھيو آھي. مولوي اڳتي وڌي وڏيري کان ٻھاري ورتي ۽ چيائين ته رئيس ھي ڇا پيا ڪيو. رئيس چيو ته مولوي صاحب اوھان پاڻ فرمايو ھو ته مسجد کي ٻھاري ڏيڻ وڏو نيڪي جو ڪم آھي ان ڪري مان ھي ثواب جو ڪم ڪري رهيو آهيان. مولوي چيو وڏيرا صاحب ھي مفت وارو ثواب غريبن لاءِ ڇڏيو اوھان ڳوٺ جا رئيس آھيو مالدار آھيو اوھان به جيڪڏھن مفت وارو ثواب کڻي ويندؤ ته غريب ڪيڏانھن ويندا؟ اوھان خرچ وارو ثواب کڻو باقي مفت واري ثواب لاءِ ڳوٺ جو سڄو عوام ويٺو آ. سو تڪراري ڪئنالن بابت جڏھن عوام مذمت ۽ احتجاج ٿو ڪري ته اسان وارا وزيراعليٰ ۽ صدر صاحب به مذمت ۽ احتجاج ٿا ڪن ان ڪري انھن کي عرض آهي ته بابا اوھان اقتدار ۾ آھيو اوھان عملي طور بائيڪاٽ ڪيو باقي مذمت ۽ احتجاج جي لاءِ اسان سنڌ جو سڄو عوام ويٺا آهيون اھو مذمت وارو ثواب اسان لا ڇڏي ڏيو.
امداد علي
وس وارن جي خاموشي اڃا سانگي برادري کي ڪيترو لوڙائيندي
سنڌ جي نامياري اداڪار ڊائريڪٽر عزيز سانگي ۽ سانگي برادري وچ ۾ هلندڙ ست سال پراڻو خوني تڪرار اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو آهي. هڪ اهڙو اداڪار جنهن پنهنجي فن سان سنڌ جو نالو روشن ڪيو، اڄ ستن سالن کان مصيبت جي ور چڙهيل آهي ۽ وس وارا اڃا تائين ڪو به مثبت قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. سندس سار نه لهڻ نه صرف عزيز سانگي سان ناانصافي آهي، پر اهو فن جي دنيا سان تعلق رکندڙ هر فرد لاءِ مايوسي ۽ بي حسي جو ثبوت آهي. عزيز سانگي سنڌ جي فن جي دنيا جو هڪ مڃيل ۽ محترم نالو آهي. هن پنهنجي زندگي فن جي خدمت ۾ گذاري آهي ۽ پنهنجي باصلاحيت اداڪاري ۽ بهترين هدايتڪاري سان سنڌ جي ثقافت ۽ فن کي نوان رنگ ۽ روپ ڏنا آهن. اڄ جڏهن هو گذريل ستن سالن کان هڪ ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي، ته اسان سڀني جو فرض آهي ته سندس مدد لاءِ اڳتي وڌون ۽ وس وارن کي هن معاملي جي سنگيني جو احساس ڏياريون. سانگي برادري سان هلندڙ خوني تڪرار سبب نه صرف عزيز سانگي ۽ سندس خاندان پريشان آهن، بلڪه ان جو اثر معصوم ٻارڙن جي تعليم تي به پئجي رهيو آهي. خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ ٻار گذريل ستن سالن کان اسڪول وڃڻ کان قاصر آهن ۽ سندن مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. اهو ڪنهن به معاشري لاءِ شرمناڪ آهي ته سندس فنڪار ۽ سندس ٻارڙا اهڙي اذيتناڪ صورتحال کي منهن ڏين ۽ ڪو به کين بچائڻ لاءِ اڳتي نه وڌي. اسان سنڌ جي سمورن ذميوارن، خاص طور تي حڪومت، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي سخت اپيل ٿا ڪريون ته خدارا عزيز سانگي جي سار لهو ۽ سانگي برادري سان سندس ست سال پراڻو خوني تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ فوري، سنجيده ۽ واضح قدم کڻو. وڌيڪ دير ڪرڻ نه صرف انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، بلڪه اهو سنڌ جي فن ۽ ثقافت جي مستقبل لاءِ به خطرناڪ آهي. ست سال گذرڻ باوجود وس وارن جي خاموشي اڃا سانگي برادري کي ڪيترو لوڙائيندي؟.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سنڌوءَ تي ڪئنال ۽ سنڌ جي جياپي جو مسئلو!
ڪيترن ئي مھينن کان سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف سنڌين پاران ھلندڙ تيز ترين تحريڪ تمام گھڻي ڪامياب تحريڪ جاري آھي. ھيءَ ڀانئيان ٿي ون يونٽ جھڙي دؤر کان به وڌيڪ ڪامياب تحريڪ نظر اچي رھي آهي. پر اھم ڳالھه وفاقي حڪومت جو ڪو به سڌو سنئون رد عمل يا موقف نه اچي سگھيو آهي جنهن مان ثابت آھي ته اسان وٽ جمھوري نظام درھم برھم آھي، جتي پر امن احتجاجن ۽ عوامي مخالفت کي ڪا به اھميت ملندي نظر نٿي اچي. حڪومت پنھنجي ھٺ ڌرمي جي ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ تي بضد آھي. ٻئي طرف سنڌي قوم پاران ھلندڙ ھلچل ايتري ته سگھاري بڻجي وئي آھي جو واھڻ وستي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھندڙ ٻچن ٻڍن جي زبان تي به سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو اسان جي وفاقي سرڪار ڪو به واضح اعلان، ڪو به وضاحتي بيان ڏئي ڪو فيصلو ناھي ڪري سگھي. جنھن ڪري سنڌي ماڻھن ۾ ھڪ پاسي ڪاوڙ ۽ غصو ڀريل آھي ته ٻئي پاسي ڪروڙين ماڻھو اھو ٻڌڻ لاءِ آتا آھن ته وفاقي سرڪار وضاحتي بيان جاري ڪري ته “سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنال وارو فيصلو رد ڪيو وڃي ٿو” ڇاڪاڻ ته ھي سنڌي ماڻھن جي زندگي تي سنڌو سنئون وار سمجھيو وڃي پيو پر افسوس پاڪستاني سرڪار اڃا ھڪ ئي ڳالھه تي بيٺل نظر اچي رھي آھي. اھو وساريو ويو آھي ته تڪبر ۽ ضد ھميشه انسان کي خوار، رسوا ۽ ذليل ڪيو آھي. ھي ڪئنالن واري ڳالھه به گھڻي حد تائين انا ۽ ضد ۾ ويندي نظر اچي رھي آھي جيڪو ھڪ صوبي جو ته ھونئن به نقصان آھي ئي آھي پر ھن معاملي ۽ ضد جي ڪري ملڪ خطري ۾ وڃي سگھي ٿو. جنھن ڪري اسان وفاقي سرڪار کي گذارش ڪريون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌو درياءُ تي اڏجندڙ ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ ختم ڪري ڦھلجندڙ انتشار کي ختم ڪيو وڃي.
شمائلا رند
سنڌ جي وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي جي جدوجھد
سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آھي جنھن مان وفاق گئس، ڪوئلو ۽ ٽول ٽيڪس ۽ ٽيڪس وٺي ٿو . قدرتي وسائل تي ته وفاق قابض آھي پر سنڌ جي مزدور، پورھيت، ھاري، غريب آبادگارن جو گذر سفر زراعت تي آھي. زراعت معشيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. موسمي تبديلي ڪري ھر سال پيداوار تي اثر پوي ٿو. اڳ سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال به پيدوار ۾ گھٽتائي ٿي آھي. ايندڙ سال به زرعي ماھرن جي رپورٽ مطابق ته پاڻي گھٽ ھجڻ ڪري لڳ ڀڳ 51 سيڪڙو آبادگار گھٽ زرعي زمين آباد ڪري سگھندا ۽ پيداوار ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو گھٽتائي ٿيندي. جيڪڏھن ائين پاڻي جي صورتحال رھي ته کاڌ خوراڪ جو مسئلو پيدا ٿيندو. سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي ۽ ان ۾ سمنڊ به آھي سامونڊي پٽي ۾ جيڪا آبادي آھي يا سمنڊ جي ويجھو جيڪا آبادي آباد آھي ٺٽو، بدين، سجاول، عمر ڪوٽ، سانگھڙ ۽ ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ھڪ ڍڪ به نه ملندو ۽ انھن جون زمينون به سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. سنڌ صوبي ۾ جيڪي ڍنڍون ڍورا آھن جنھن ۾ منڇر، ڪينجھر ڍنڍون آهن. وفاقي حڪومت کي سوچڻ گھرجي ته پھريائين 1991ع جي ٺاھ تحت سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. اڄ نواز ليگ سنڌ دشمني کي نڀائي رھي آھي. ھن وقت سنڌ جي وڪيلن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي ۽ قومپرست پارٽين کي پ پ تي غصو ڪاوڙ آھي جيڪا وفاقي حڪومت جي ڀاڱي ڀائيوار اقتداري پارٽي آھي. ان کي ان وقت مخالفت ڪرڻ گھرجي ھا. پر ھن وقت پ پ جو ڌرڻو ۽ مخالفت ٺھي نه ٿي. ھن وقت سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڪڏھن به ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندو. ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن کي ئي رد ڪري ڇڏيو. اڄ به سياسي، مذھبي پارٽيون، قوم پرست پارٽيون، وڪيل ۽ سنڌي عوام جي وفاقي حڪومت کان گھر آھي ته سنڌو تي ڇھه ڪئنال نه ٺاھيا وڃن. وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ھن فسادي ۽ سنڌ دشمن منصوبي کي ھميشه جي لاءِ ختم ڪري. اسان وڪيل برادري ۽ ميڊيا ۽ اخبارن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا جن ھن اھم مسئلي کي ڀرپور نموني سان ڪوريج ڏني آھي ۽ پنجاب جي ظلم خلاف آواز اٿاريو آھي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ