گھنڊ جو آءِ آءِ قاضي  استاد عبدالعزيز شر

 

سنڌ جي سٻاجهڙي ڌرتي ۾ ڪيئي  انسان آيا ڪيئي ويا. پر ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا آهن . انھن مانجھي مردن ۾ استاد عبدالعزيز جو شمار ٿئي ٿو. جنهن سڄي زندگي تعليم و تدريس ۾ ماروئڙن کي ارپي ڇڏي. اڄ به سندس نالو قابل تحسين قابل عزت و تڪريم آهي . پاڻ سرڪاري استاد دوران ڪپري ڳوٺ امرڪوٽ، بدين، علي بخش پتافي ٽنڊوالھيار، جگيوٽ اسلام آباد، ايچ ايم خوجا هاءِ اسڪول نوابشاھ ، محسن شاهه ۽ بعد ۾ اباڻي ڳوٺ هاءِ اسڪول  رسولپور ۾ بطور ھيڊ ماستر خدمات سرانجام ڏنائون. سنڌ ۽ پنجاب ۾ سندس شاگردن جو ڪافي تعداد آهي. پر پاڻ گھنڊ جيڪو ڪنهن وقت ڪرمنل ايريا سمجهيو ويندو هو  انھن  علائقي جي شاگردن کي علم سان روشناس ڪيو.  ڪنهن ٿي ڄاتو ته مال چارڻ وارا ۽ پيرن اگھاڙا ٻار  اڳتي ھلي آفيسر ٿيندا. ڪنهن ڄاتو ته ڀڳل ڪاٺ جي پٽي تي زگ زيگ اکر لکندڙ ٻار ھڪ ڏينهن ڏيساور ۾ وڃي پي ايچ ڊي ڪري ليپ ٽاپ تي ٿيسز تيار ڪندا. ھائو اھو پورھيو استاد عبدالعزيز جو ھو. جنھن ڪڏهن وڏائي نه ڪئي. جيڪو ھميشه سادگي پسند ۽ اخلاقيات جا درس ڏيندڙ شخص ھو.  جيڪڏهن سنڌ ورسٽي جي ابتدا و ترقي  جو ڪريڊٽ  علامه آءِ آءِ قاضي ڏانهن وڃي ٿو. ائين ئي رسولپور جي تعليم جي ميدان ۾ تجديد اڳڀرائي ۽ ترقي جو ڪريڊٽ استاد عبدالعزيز جو رھندو. سندس ڇھين ورسي آهي. کيس سيس نوائي سلام ۽ خراج عقيدت پيش ڪجي ٿو. قدرت سندس روح کي شانتي بخشي.

 

احسن مجتبيٰ/خيرپور ميرس

 

سنڌ جي ڌرتيءَ جي دانهن

 

سنڌ، جيڪا صوفين، شهيدن، شاعرن، عالمَن ۽ محبتن جي ڌرتي سڏجي ٿي، اڄ پاڻ پنهنجي ئي وسيلن لاءِ دانهون ڪري رهي آهي. هيءَ ڌرتي، جيڪا هزارين سالن کان انسانيت، تهذيب، زراعت ۽ تمدن جو گهوارو رهي آهي، اڄ پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ تڪليف ۾ آهي. سنڌو درياهه جيڪو هن ڌرتيءَ جي شريان رهيو آهي، هاڻ سڪي رهيو آهي. پاڻي، جيڪو زندگيءَ جي علامت آهي، اڄ ان تي قبضو ڪري سنڌ کي تڪليف ۾ وڌو ويو آهي. پنجاب پاران پاڻي تي ناجائز قبضا، تڪڙي ڊيم ۽ بيراج جي اڏاوت، سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ عوام جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. درياهن جي منهن تي بي رحم تالا لڳايا ويا آهن، جنهن سبب نه رڳو زمينون سڪي ويون آهن، پر سامونڊي چاڙهه پڻ وڌي رهيو آهي، جنهن سان زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. وسيلن جي اهڙي غير منصفاڻي ورڇ سان سنڌ جي اندر احساس محرومي وڌي رهي آهي. گئس، ڪوئلو، تيل، پاڻي ۽ ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ مان ته نڪرن ٿا، پر فائدا ٻيا وٺن ٿا. سنڌ جا نوجوان بيروزگار، ٻار تعليم کان محروم، عورتون صحت کان بي خبر ۽ پورا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. سنڌ جي ڌرتي جي دانهن، رڳو پاڻي لاءِ نه آهي، پر اها هڪ تاريخي ناانصافيءَ خلاف آهي. اها دانهن ان اتحاد خلاف آهي، جنهن ۾ برابر جي حصيداري نه هجي. اها فرياد آهي ان ڌرتيءَ جي، جيڪا اڄ به امن، ڀائيچاري ۽ محبت جا سبق پڙهائي ٿي، پر ان سان جواب ۾ زيادتي ٿئي ٿي. اسان کي گهرجي ته سنڌ جي آواز کي سمجهون، هن جي دانهن کي ٻڌون، ۽ انصاف جو هٿ وڌايون. جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نه ٿي، ته ملڪ جي اتحاد تي به اثر پئجي سگهي ٿو. سنڌ، جيڪا سدائين محبت جو پيغام رهي آهي، اڄ انصاف جي طلبگار آهي.

 

ظفر حسين ملاح‎

 

پپو جي نه قبول ٿيندڙ دعا‎

 

گهٽي مان گذرندي پپو تي نظر پئي. ڇا ڏسان پپو مٿي کان پيرن تائين پگهر ۾ ٻڏل هو. پپو کي سلام ڪندي پڇيو مانس خير ته آهي؟

پپو  جواب ۾ چيو  يار گرمي به غريب لاءِ اٿئي منهنجي اڌ ڪمائي بجلي جي بل ڀرڻ ۾ ختم ٿي ويندي آهي. ته به اسان کي بجلي جو ديدار عيد جي چنڊ وانگر ٿيندو آهي.

مون اشارو ڪندي پپو کي چيو اڙي ڪوڙا پپو هي سامهون واري بنگلي ۾ ته بجلي هلي ٿي ڏس ڏس  4 4 اي سيون به هلن ٿيون…. تون وري چئين ٿو ته بجلي ڪونه ايندي آهي توهان وٽ..

پپو مون کي ڏسي ٻئي هٿ مٿي ڪري دعا ڪئي : ﷲ سائين مون کي ٽائيم سان موت ڏي يا سامهون واري وڏيري جي ڌيءَ کي ايمان ڏي ته مون سان شادي ڪري جيئن مان  2 الڳ الڳ بجلي جي لائينن مان ڪنڍي تي هلندڙ اي سين جو مزو وٺان….

 

عظيم حسن ميتلو /خيرپور ميرس

 

نوجوان نسل تي سوشل ميڊيا جا ناڪاري اثر

 

گذريل ڪجهه سالن ۾ سوشل ميڊيا اسان جي روزاني زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي وئي آهي، اها جتي انتهائي ڪارگر ثابت ٿي رهي آهي، اتي ان جو غلط استعمال به ان کي نقصان پهچائي رهيو آهي. اسان سوشل ميڊيا کي محبت، رواداري ۽ امن امان جي فروغ، مسئلن جي آگاهي ۽ قوم جي تعمير لاءِ استعمال ڪندا آهيون، پر ان جي برعڪس سوشل ميڊيا تي شرپسند ۽ تخريبڪار عنصرن ان کي عوام جي تذليل ۽ وڏيرن  توڙي عزتدارن جون پڳون لاهڻ جو وسيلو بڻائي ڇڏيو آهي. ان سوشل ميڊيا سياست، سماج ۽ مذهب سميت ڪنهن کي به نه بخشيو آهي، پنهنجي انتهاپسند سوچ، هر ڪنهن کي مارڻ، بي شرمي ۽ شرافت جون سڀ حدون پار ڪري ڪوڙن الزامن ۽ توهين آميز پوسٽون رکي پاڻ سان گڏ ٻين کي پريشاني کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي اهڙيون سرگرميون عروج تي آهن، جيڪي سماج ۾ مختلف طبقن ۽ مڪاتب فڪر ۾ هڪ ٻئي خلاف نفرت کي پروان چڙهائين ٿيون، جيڪي پاڻ ۾ انتشار ۽ بگاڙ جو سبب بڻجن ٿيون. سوشل ميڊيا تي مختلف پارٽين، فرقن ۽ گروهن پنهنجا پنهنجا نالا ٺاهيا آهن، جيڪي هر حق ۽ باطل ۾ پنهنجي حلقي جي حمايت ڪن ٿا. جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي توهان ڪنهن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چئو ٿا اهو صحيح سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ به ان کي توهين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ۽ اهو هڪ اهڙو گناهه ٿيو وڃي جنهن جي معافي نه ٿي سگهي جيستائين ان جي تصديق نه ٿي ڪئي وڃي. هڪ شخص جنهن تي غيبت جو الزام لڳايو ويو هجي ۽ اهو هڪ سنگين الزام هجي ته ان لاءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم واضح فرمايو آهي ته غيبت تمام وڏو گناهه ۽ موتمار ڪم آهي. جنهن غيبت ڪئي ان ڄڻ ته پنهنجي سڳي ڀاءُ جو گوشت کاڌو. عام طور ڏٺو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ڪندڙ حقيقي سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪرڻ لڳندا آهن، اهي سوشل ميڊيا تي پنهنجي موجودگي کي سماجي رابطي جي متبادل طور پيش ڪندا آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته هو ڏينهون ڏينهن پنهنجن دوستن ۽ پيارن کان جسماني طور پري ٿيندا ويندا آهن، عام طور ڏٺو ويو آهي ته هڪ شخص جا فيسبڪ تي هزارين دوست هئا پر تڪليف وقت صرف چند ماڻهو وٽس پهچن ٿا. اهڙي طرح سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ عورت جا پوٽا ۽ پٽ ۽ ڌيئر ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر اچن ٿا پر عورت جي سامهون ويهڻ جي باوجود هر ڪو پنهنجي موبائيل فون تي مصروف آهي ۽ عورت اڪيلي بيٺي کين ڏسي رهي آهي.  اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ڪابه ميڊيا پاڻ خراب يا سٺي ناهي هوندي، صرف ان جو استعمال ان جي نتيجن جي ڪري ٿي. جيڪڏهن غير ضروري استعمال کان پاسو ڪري سوشل ميڊيا کي ضرورت جي مطابق هڪ مخصوص وقت ۾ استعمال ڪجي ته ڪيترين ئي پريشانين کان بچي سگهجي ٿو ۽ اسان مستقبل ۾ سوشل ميڊيا جي دنيا کي وڌيڪ اثرائتي نموني منهن ڏئي سگهون ٿا۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوان نسل کي سوشل ميڊيا جي استعمال جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاهه ڪريون، ۽ انهن کي سوشل ميڊيا جي مفيد استعمال جي  تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪنداسين ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو جيڪو عام حالتن ۾ ممڪن ناهي. ان ڪري گھٻرائڻ ۽ پريشان ٿيڻ بدران هن ميڊيا جي مثبت ۽ منفي پاسن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي ۽ منفي پهلوئن تي غور ڪرڻ گهرجي۔ جيڪڏهن سوشل ميڊيا جي استعمال جي تربيت ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپ منعقد ڪيا وڃن ته پوءِ هي نسل ان ايجاد جي مثبت استعمال ڏانهن راغب ٿي سگهي ٿو.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

لاڙڪاڻو شهر ۾ سڄو ڏينهن لوڊ شيڊنگ چونڊيل نمائندا ڪٿي آهن

 

سنڌ سڄي هن وقت سخت ترين شديد گرمي جي لهر هيٺ آهي، ايتري قدر جو قهر جهڙي گرميءَ ۾ ڪانو جي اک پئي نڪري، منجهند جو ٻارهين وڳي کان پوءِ شهرن جا روڊ رستا ويران، شهر جون بازارون سنسان ٿيو وڃن، اهڙي سخت ترين گرمي جنهن ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر جو گرمي پد 47 کان 48 ۽ ان کان وڌيڪ به رهي ٿو، انهيءَ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڳڙهه ۽ سياسي مرڪز لاڙڪاڻي ۾ پوري ملڪ کان سڀ کان وڌيڪ غير اعلانيل غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهري شدت گرميءَ سبب تڙپي رهيا آهن خاص ڪري اسپتالن ۾ بيمار مريض، معصوم ٻارڙا گرم اسپتال جي بسترن تي تڙپندا رهن ٿا، اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، غيراعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهر جو ڪاروبار سخت نقصان ۾ اچي ويو آهي، لاڙڪاڻي شهر جي اڪثر علائقن ۾ ننڍن ننڍن فليٽ نما گهرن ۾ سدائين بجلي جي اکٻوٽ ۽ ڏينهن جا ڏينهن لوڊشيڊنگ وڌائڻ سبب غريب ماڻهو ڪڙهي رهيا آهن. اسان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ هڪڙيون وي وي آءِ پي لائنون ۽ فيڊر ته هميشه هلايا وڃن ٿا ۽ اتي ڪڏهن به لوڊشيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته وچ ۾ گجڻ پور چوڪ، ڪوثر مل محلي، لطيف ڪالوني، رحمت پور محلي، حيدري محلي، حسيني محلي، گاسليٽ ڊيپو، ڀينس ڪالوني سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عام بڻيل آهي. لاڙڪاڻي جا شهري اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته لاڙڪاڻو شايد ملڪ جو واحد شهر آهي جتي 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کيتڪليف ۽ اذيت ۾ آندو ويو آهي. ڪهڙي قانون تحت بجلي جي ايڏي وڏي ڊگهي غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بجلي جا بل به ڳرا ۽ هزارين رپين جا ناجائز طريقي سان ورتا پيا وڃن.  لاڙڪاڻي شهر جو عوام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، لاڙڪاڻي مان چونڊيل نمائندن قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جميل احمد سومرو کان مطالبو ٿا ڪن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي تي رحم ڪندي خدارا لاڙڪاڻو شهر جي عوام ۽ بجلي صارفين جي درد تڪليف ۽ اهنج کي محسوس ڪندي پوري لاڙڪاڻي شهر کي لوڊشيڊنگ فري شهر قرار ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن شهر لاڙڪاڻي ۾ ڪي فيڪٽريون، ڪارخانا، ملون، انڊسٽري ايرياز وغيره ناهن جيئن ٻين صوبن ۾ آهن پر پوءِ به اتي سڄي ڏينهن ۾ صرف ٻه چار ڪلاڪ بجلي وڃي ٿي پر لاڙڪاڻو شهر جيڪو لکين ڪروڙين آبادي وارو شهر ناهي محدود آبادي هجڻ باوجود بجلي جي ايڏي ڊگهي غيراعلانيل لوڊشيڊنگ عوام کي تنگ ۽ بيزار ڪري ڇڏيو آهي.

 

عبدالوحيد عباسي/ لاڙڪاڻو

19 اپريل عمر شريف جو وڇوڙو ۽ مسڪراهٽن جي پڄاڻي

 

دنيا جي تاريخ ۾ ته ڪافي مزاحيه اداڪار ٿي گذريا آهن جن وقت به وقت عوام جي چهرن تي پنهنجي فن ذريعي مسڪراهٽن کي وکيريو آهي پر پاڪستان جي جڳ مشهور ڪاميڊي جي بادشاهه محمد عمر شريف جو وڇوڙو به هڪ وڏو صدمو هو. جنهن دنيا ليول تي مختلف پروگرام ڪري عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪئي ۽ مسڪراهٽون وکيريندو رهيو. محمد عمر شريف 19 اپريل 1955 تي پيدا ٿيو ۽  2 آڪٽوبر 2021 تي وفات ڪئي، جيڪو پروفيشنل طور تي عمر شريف جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هڪ پاڪستاني اداڪار، ميزبان، ڪاميڊين، ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، ليکڪ، گلوڪار ۽ ٽيليويزن جي شخصيت هو. عمر شريف پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 14 سالن جي عمر ۾ اسٽينڊ اپ ڪاميڊي سان ڪئي ۽ بعد ۾ 60 اسٽيج ڪاميڊيز سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ٽيليويزن شوز ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو، جتي هن نه صرف اداڪاري ڪئي پر هدايتڪاري ۽ پروڊيوس پڻ ڪيو. محمد عمر 19 اپريل 1955ع تي  لياقت آباد ڪراچي ۾ هڪ مڊل ڪلاس خاندان ۾ پيدا ٿيو. هن جي ڀائرن مان ننڍو، هن سندس 4 سالن جي ڄمار ۾ والد جو وڇوڙو ٿيو هو. 1969ع ۾ عمر 14 سالن جي عمر ۾ ڪراچي مان اسٽيج پرفارمر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. بعد ۾ هو ٿيٽر ۾ شامل ٿيو ۽ اسٽيج جو نالو عمر ظريف استعمال ڪيائين، جيڪو پنهنجي پسنديده مزاحيه اداڪار منور ظريف جي نالي سان ماڊل ڪيو، پر بعد ۾ مصري اداڪار کان متاثر ٿي عمر پٺيان پنهنجو نالو تبديل ڪري عمر شريف رکيو، جنهن کي هن 1962ع جي فلم لارنس آف عربيا جي ڪري پسند ڪيو. 1976ع ۾ هن اسٽيج ڊرامو بايونڪ سرونٽ لکيو، جيڪو آمريڪي ٽي وي سيريز سڪس ملين ڊالر مين کان متاثر ٿيو. هن جا ڪجهه انتهائي مقبول مزاحيه اسٽيج ڊراما هئا 1989 ۾ بڪرا قسطون پي ۽ بڍا گھر پي هي. ان دور ۾ عمر شريف هڪ تمام مشهور اسٽار بڻجي ويو هو پر سندس گهڻي ڪاميابي ان حقيقت مان حاصل ٿي جو هن پنهنجا اسٽيج شو رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هن جون وڊيو ٽيپ فلمن وانگر ڪرائي تي ڏنيون ويون. يس سر عيد ۽ نو سر عيد پهريان اسٽيج ڊراما هئا جيڪي وڊيوز تي آيا. 2002ع ۾ عمر شريف پنهنجو پهريون ٽي وي سيريل پردا نه اٺائو لکيو. آڪٽوبر 2009 ۾ هن جيو انٽرٽينمينٽ تي پنهنجي رات جو دير سان نشر ٿيندڙ ٽاڪ شو، دي شريف شو جي ميزباني شروع ڪئي. سندس هڪ ٻيو شو عمر شريف بمقابله عمر شريف هو، جنهن ۾ هن 400 کان وڌيڪ گيٽ اپ ڪيا. هو انڊين اسٽينڊ اپ ڪاميڊي شو دي گريٽ انڊين لافٽر چيلنج ۾ مهمان جج طور به نظر آيو. عمر شريف جي پهرين فلم حساب (1986) هئي پر هو مسٽر 420 (1992) لاءِ وڌيڪ مشهور آهي، هڪ فلم جنهن ۾ هن نه رڳو اداڪاري ڪئي پر هدايتڪاري پڻ ڪئي، لکيو ۽ ڳايو، جنهن جي ڪري 1998ع تائين پاڪستان جي سئنيما جي بحالي ٿي. هن اٽڪل 35 فلمن ۾ ڪم ڪيو، سندس آخري فلم چند بابو (1999) هئي، جنهن ۾ هن هدايتڪاري، پروڊيوس ۽ اداڪاري ڪئي. شريف کي 1992ع ۾ مسٽر 420 لاءِ بهترين ڊائريڪٽر ۽ بهترين اداڪار جا نيشنل ايوارڊ مليا، کيس ڏهه نگار ايوارڊ مليا. سندس”ڪنگ آف ڪاميڊي“ جي نالي سان حوالو ڏنو ويو، شريف کي ڏکڻ ايشيا جي عظيم مزاح نگارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. مشهور ڪاميڊين هن کي “ايشين ڪاميڊي جو بادشاهه” جي نالي سان ساراهيو. اها هڪ تمام ڏک ۽ افسوس جهڙي خبر هئي جڏهن سندس موت جي خبر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتي ڇو ته سدائين عوام کي کلائڻ وارو شخص سندن آخر ۾ ڳوڙها ڏئي ويو ۽ مسڪراهٽن جي پڄاڻي ڪري ويو. جڏهن ته سندس آخري آرام گاهه ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ آهي جتي کيس لکين چاهيندڙ ۽ پرستار روزانو اچي ڪري عقيدت ۽ خراج تحسين پيش ڪندا آهن.

 

سيد مختيار علي/ لاڙڪاڻو

اين  اي 213 واري اليڪشن ۾ پ پ پ ايمانداري جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

 

عمرڪوٽ واري اين اي 213 جي تڪ تي پ پ پ جي نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي پ پ پ پاران نواب صاحب جي گھرواري محترما صبا ٽالپر کي ٽڪيٽ ڏني وئي ۽ سامهون  پي ٽي آءِ جو مخصوص سيٽ جو ايم اين اي لالچند مالھي جي ڊي اي، جي يو آءِ، ايس يو پي، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، سميت سنڌو بچايو تحريڪ پاران حمايت  ڪئي وئي. خير اليڪشن ت خيرن جي گذري وئي بدلي ۾ پ پ پ قيادت گذريل چار مھينن کان پنهنجي  جاکوڙ ڪندي رھي ۽ ھر حربا استعمال ڪندي رھي ۽ ھڪ دفعو ٻيھر 27 ڊسمبر 2007 کانپوءِ واري  تاريخ ورجائي ۽ جيڪو ڌانڌلي وارو سندن منشور ھو ان تي عمل ڪري  لڳ ڀڳ ٻه ڀيرا وزير اعليٰ سنڌ کي لاٿو ويو. پوري ضلعي جي پوليس ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان به پوليس گھرائي ونگار ورتي وئي. نه ڄاڻ ڪيترائي ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز، ايس ايچ اوز سميت سمورن کان سرڪاري مدد ورتي وئي ۽ سرعام جعلي ووٽ ڪري فارم 47 ھين جو سھارو وٺي ڏيڍ لک کان مٿي ووٽ شو ڪيا ويا سندس اميدوار کي ۽ پوري ضلعي ۾ تمام ڪشيدگي پيدا ڪئي وئي ۽ دھشت ڦھلائي وئي. ڪافي جڳھن تي شرارتن جون ۽ جعلي ووٽ ڪرڻ جون وڊيوز سوشل ميڊيا جو سينگار بڻجنديون ويون سامهون  بيٺل اميدوار ھڪ ھندو فيملي سان تعلق ھئڻ باوجو ڏھيسر ٿي مقابلو ڪرڻ ۽ سندن چالون ظاھر ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي سرگرم رھيو. پ پ پ پاران سيد لابي جا سمورا روحاني گادي نشين لاٿا ويا ڇو ته ھن ڀيري کيس ڪجھه پگهر  ضرور نڪتل نظر آيو ۽ لال مالھي جي بردباري کي سلام آھي جو ھو ھر پريس ۾ ڊي آر او، ڊي سي، اليڪشن ڪميشن سميت وس وارن ڌرين کي التجائيندو رھيو پر سندس ھڪ به نه ھلي ۽ نيٺ رزلٽ شو ٿيڻ کانپوءِ ھو سندس حمايت يافتا ڌرين سان گڏ ڊي آر او آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيو ۽ نتيجا وٺڻ کان انڪاري ٿيندو رھيو. ٻي پاسي ھر سمجھندڙ ذھن سمجھي سگھي پيو ته ڪالھ واري اليڪشن سرڪاري مشينري تحت سمورين وس وارين سرڪاري ڌرين پ پ پ قيادت کي مڪمل سورس ڏنو. جھڙي طرح پنجاب کان شروعات ڪندڙ پ پ پ گذريل 18 سالن کان پنهنجي  ناڪارا واليسين جي ڪري ٽن صوبن منجھان تڙجي صرف سنڌ تائين محدود ٿي چڪي آھي ۽ شايد ھي اقتدار سندس گھر جون ٽجوڙيون ڀرڻ لاءِ آخري اقتدار ثابت ٿئي ۽ ھي اليڪشن سڀ ڪجھه ظاھر ڪري چڪي آھي ته پ پ پ ڪھڙي طرح اليڪشنن ۾ سوڀاري ٿئي ٿي ۽ جھڙي ڊرامي بازي سان اقتدار ڏانھن پنهنجو  رخ موڙي ٿي. ڪالھوڪي اليڪشن يا سليڪشن کٽڻ جون صوبائي قيادت کي واڌايون ۽ عوام کي به واڌايون جن سينيئر پ پ پ قيادت کي پگهر  ڪڍرايو ۽ ھڪ نئون شعور پيدا ڪيو.

 

عبدالغني “عبد” آريسر/ ساڍر عمرڪوٽ