ڪاليج جي استادن جا مطالبا آخر ڪڏھن منظور ٿيندا !
سکر ريجن ۾ سپلا جي طرفان ڪاليج جي استادن پنھنجي حقن جي حاصلات جي لاءِ احتجاج ڪيو. جنھن ۾ ڪاليج جي استادن پنهنجي مطالبن فائيو ٽيئر فارمولا، وقت تي مقرريون، ليڪچرارن جون جلدي ترقيون، ايس اين اي کي روائيز ڪرڻ معنيٰ سيٽون وڌايون وڃن، ايم فل ۽ پي ايچ ڊي جو الائونس يونيورسٽيءَ جي استادن برابر ڪيو وڃي. ايم فل جي لاءِ 15000 ۽ پي ايچ ڊي جي لاءِ 25000 ھزار مقرر ڪيو وڃي. ميڊيڪل الائونس 1800 جي جڳھه تي 15000 ڪيو وڃي، نوان ڪاليج کوليا وڃن جنھن ۾ خاص ڪري گرلس ڪاليج کوليا وڃن، جبري بدليون نه ڪيون وڃن ۽ عملي طور فورٽيئر فارمولا تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن ليڪچرار 8 سالن جي عرصي ۾ ترقي حاصل ڪري سگھن. ھي سکر ريجن ۾ سپلا جي طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت کان گھر ڪئي وئي ته جلد ترقيون ڪيون وڃن. احتجاج ۾ سپلا اڳواڻن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ۾ خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، نوشهروفيروز ۽ ٻين ريجن جي ڪاليجن جي پروفيسرس شرڪت ڪئي. سپلا ليڪچرار پروفيسرن حڪومت، تعليم جي وزير، وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جلد ڪاليج جي استادن جا مطالبا مڃيا وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ٻيو ڌرڻوڪراچي ۾ لڳايو ويندو.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
سنڌ ۾ تعليم جي ناسور ڪاپي ڪلچر خلاف قدم کڻو
ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي اندر تعليم کي جهڙي طريقي سان تباهي طرف ڌڪيو پيو وڃي ان جو نقصان ايندڙ نسلن تي پوندو ۽ اهو بلڪل خراب اثر ڏيکاريندو. تعليم کاتي ۾ ترقي ۽ سڌاري جي نالي تي صرف ڪرپشن ئي ٿي رهي آھي باقي ٻيو ڪجھه به نظر نه پيو اچي. هن وقت سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان هلي رهيا آھن. پوري سنڌ اندر امتحاني سينٽرن تي وڏي پئماني تي ڪاپي ۽ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون دانهون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آھن. بلڪل ان ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته واقعي امتحاني سينٽر ڪاپي جو مرڪز نظر اچي رهيا آهن. ايڪسٽرنل سميت انويجيليٽر استاد صاحبان سيڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس عملي سميت تمام انتظاميه پنهنجن پنهنجن سفارشي اميدوارن کي فرسٽ نمبر جي پوزيشن کٽرائڻ لاءِ ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف آھن. سينٽرن تي پرچو ڏيندڙ اصل اميدوار جي سپورٽ لاءِ نقلي اميدوارن کي پيپر ڏيڻ لاءِ خريد ڪيو پيو وڃي جنهن کي امتحاني سينٽرن تي مقرر تمام انتظاميه جي سپورٽ آھي. اڪثر اميدوار هر سبجيڪٽ پيپر جو هڪ هزار تائين رشوت عيوض نقلي اميدوارن کان پيپر ڏياري رهيا آھن ته ڪيترائي پيپر آئوٽ به ڪيا پيا وڃن. تعليم کاتي پاران امتحاني سينٽرن تي مقرر انتظاميه وڏي رقم رشوت وٺڻ عيوض سينٽرن کي ڪاروبار ۽ روزگار بڻائي ڇڏيو آھي. هڪ ته سنڌ ۾ بنيادي تعليم ئي پهرين کان پوئتي پيل آھي مٿان وري مئٽرڪ سطح کان شروع ٿيل ڪاپي جي وڌندڙ آزار سبب سڌاري ۽ بهتري جي ڪابه اميد نظر نه پئي اچي. سنڌ ۾ هن وقت مئرٽ جي لتاڙ جو وڏو سبب جعلي ڊگريون آھن جيڪي اسڪول کان ويندي يونيورسٽيز تائين پئسن ۽ رشوت عيوض خريد ڪيون پيون وڃن ۽ ٻي طرف سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر جو جيڪو مرض وڌي ويو آھي ان کي روڪڻ بجاءِ هٿي ڏني پئي وڃي. بنيادي تعليم کان قابليت اهليت ذھني صلاحيتن ۾ ڪمزور نوجوانن کي ذھنن ۾ سمايو ويو آھي ته بنا ڪنهن پڙھائي جي نوڪريون ۽ ڊگريون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ جي تعليم کاتي کي ڪرپشن جي ناسور سان آھستي آھستي ختم ڪرڻ جو سازشون ٿي رهيون آھن. پرائمري تعليم بند ٿيڻ جي پوزيشن تي پهتل آهي. جيڪڏهن بنياد ئي مضبوط نه هوندو ته اڳتي وڌڻ جي اهليت ڪيئن حاصل ڪبي؟ هن وقت سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي پنهنجي ڪرپشن روزگار ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ بجاءِ سنڌ جي نوجوان نسل کي باوقار ۽ صلاحيتن سان ڀرپور ڪرڻ لاءِ پرائمري سطح کان سخت قانون لاڳو ڪري تعليم کي تباهي کان بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن وقت سنڌ ۾ نوجوان نسل جي ذھنن ۾ ڪاپي سمائجي چڪي آھي جيڪي پنهنجي پڙھائي ۽ محنت کي اوليت ڏيڻ بجاءِ ڪاپي ڪلچر کي اهميت ڏئي رهيا آهن. سو اهڙي بري عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم کاتو سمورا وسيلا ڪتب آڻي ٻي صورت ۾ درسگاهن جو وجود ئي نه رهندو، نه وري عوام ۾ شعور. ان لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪاپي ڪلچر واري ناسور کي ختم ڪري سنڌ جي نوجوانن کي قابل ۽ اهل بڻائي جيئن هو پنهنجي صوبي ۽ قوم جو وقار بلند ڪري سگهن.
محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو
فلسطين جي تاريخ ۽ موجوده صورتحال
فلسطين هڪ قديم سرزمين آهي جيڪا تاريخي، مذهبي ۽ سياسي لحاظ سان تمام اهم حيثيت رکي ٿي. هي ڌرتي ابراهيم عليه السلام، دائود عليه السلام، سليمان عليه السلام، عيسى عليه السلام ۽ ٻين ڪيترن ئي انبياءَ جي ڌرتي رهي آهي. مسلمانن لاءِ القدس (بيت المقدس) ٽيون مقدس ترين مقام آهي، جتي مسجد الاقصى موجود آهي. 1948ع ۾ اسرائيل جي قيام سان فلسطينين جي زمين تي قبضي جو آغاز ٿيو. ان وقت لکين فلسطيني پنهنجن گهرن مان بي دخل ڪيا ويا، جنهن کي “نڪبه” (نڪبت) چيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي جنگن، قبضا ۽ عالمي سياست جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام کي مسلسل ظلم، جبر ۽ بي دخلي کي منهن ڏيڻو پيو. اڄڪلهه خاص ڪري غزه پٽي تي اسرائيل جي طرفان شديد بمباري، زميني حملا ۽ انساني حقن جي لتاڙ جاري آهي. اسپتالون، اسڪول ۽ رهائشي علائقا تباهه ٿي چڪا آهن. هزارين بيگناهه شهري، خاص طور تي ٻار ۽ عورتون شهيد ٿي چڪا آهن. اسلامي ملڪن جو رويو مليل جليل رهيو آهي. ترڪي، ايران، قطر، ملائيشيا جهڙا ملڪ کلي طرح فلسطين جي حمايت ڪري رهيا آهن. پر ڪيترائي عرب ملڪ صرف بيانن تائين محدود آهن، يا خاموش آهن. او آءِ سي (OIC) ۽ عرب ليگ جي طرفان مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آهن، پر عملي قدم اڃا تائين ناڪافي آهن. عوامي سطح تي، مسلمانن جي وڏي انگ فلسطيني عوام جي حق ۾ احتجاج، امداد ۽ دعائون ڪري رهيا آهن.
ظفر حسين ملاح
سُڌريل سماجن ۾ استاد جو مرتبو
دنيا جي تھذيب يافته معاشرن ۾ استاد کي جيڪو مان ۽ مرتبو حاصل آھي، ان جو اسان پنھنجي پياري ملڪ (خاص ڪري سنڌ صوبي ۾) صرف خواب ئي ڏسي سگھون ٿا. اسان جي سماج ۾ استاد کي ماضي ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو حاصل ھو، ان کي ٻيھر ماڻڻ لاءِ جيڪڏھن صديون نه، ته به سال ضرور لڳي ويندا. ڇاڪاڻ ته، ڪڏھن ڪنھن وڏيري جو پٽ استاد سان بدتميزي ٿو ڪري ته ڪڏھن آدمشماريءَ جي ڊيوٽي دوران استادن سان اڍنگو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو. ڪڏھن اليڪشن جي ڊيوٽي دوران استادن سان جيڪو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، ان کي اھي استاد خود بھتر نموني بيان ڪري سگھن ٿا، جيڪي اھڙن مرحلن مان گذري چڪا آھن. اڄ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول مير محمد علي ٽالپر جي ٻن استادن سان UBL Bank Main Branch Nawabshah جي مينيجر جو رويو نامناسب ھو. جڏھن ٻئي استاد شھيد بينظير آباد بورڊ جا پيپر وصول ڪرڻ ويا ته، مينيجر اٿارٽي ليٽر جو جواز ڄاڻائي پيپر ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان دوران بورڊ جي عملي سان به رابطو ڪيو ويو. پر انھن به بروَقت ڪا مدد نه ڪئي. نوابشاه شھر کان اسان جو اسڪول تقريبن 40 ڪلوميٽر پري ھئڻ ڪري ڪافي دير کانپوءِ اسڪول مان ٻيھر اٿارٽي ليٽر مذڪورہ بئنڪ پهچايو ويو ته پوءِ بئنڪ مينيجر پيپر استادن جي حوالي ڪيا. افسوس ته ان ڳالهه جو آھي ته گذريل ڇھه پيپر به انھن ساڳين استادن مذڪورہ بئنڪ مان وصول ڪيا. پر اڄ آخري پيپر وصول ڪرڻ مھل بئنڪ مينيجر جي اڍنگي رويي تي بيحد افسوس ٿيو آھي. اسان UBL Bank Limited جي اعليٰ افسران کي اھا گذارش ٿا ڪريون ته بئنڪ عملي جي اھڙي اڍنگي رويي تي کين سخت پڇاڻو ڪيو وڃي. گڏوگڏ شھيد بينظير آباد بورڊ جي چيئرمين کي به گذارش آھي ته جيڪي امتحاني سينٽر ٻھراڙيءَ جي اسڪولن ۾ قائم آھن انھن کي امتحاني پيپر ويجھين بئنڪن ۾ پهچايا وڃن ته جيئن وقت سر پيپر امتحاني سينٽرن تي پهچي سگھن.
انجنيئر گلاب مري/ ڳوٺ گل بيگ مري، ضلعو شهيد بينظير آباد
وڪيلن جو احتجاج ڪهڙو رنگ لائيندو؟
پنجاب ويندڙ قومي شاهراھ ٻٻرلوءِ ۽ شڪارپور باءِ پاس روجھاڻ مزاري وارا ٻئي رستا 18 تاريخ تي وڪيلن طرفان بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئرسٽر سرفراز ميتلو پاران سنڌ واسين کي ڌرڻن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي. هن تحريڪ جو مقصد سنڌو درياءَ مٿان ڪوبه ڪئنال نه ٺاهڻ آهي. وڪيل رياست جو ٽيون ٿنڀ آهن. هي تحريڪ رڳو وڪيلن جي نه پر سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي تحريڪ بڻجي وئي آهي. ايتري تائين جو سنڌ حڪومت پڻ احتجاجن ۾ شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏئي رهي آهي ۽ پنجاب خلاف هر محاذ تي سراپا احتجاج پارٽيون اهو واضح ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي وسيلن سميت درياهه بادشاهه تي ڪوبه ڪئنال يا ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين. ڇوته سنڌو کان سواءِ اسان جي نه سگهنداسين. پاڻي جياپو آهي مسلسل ٽن مهينن کان احتجاج بعد به پنجاب پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ڪالهه پنجاب ايريگشن ارسا کي خط لکيو آھي ته پنجاب کي وڌيڪ کوٽ ڏئي سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي. ھن وقت پنجاب جو حصو 70100 ڪيوسڪ آھي مگر پنجاب پاڻي انڊينٽ 44600 ڪيوسڪ جو آھي مطلب پنجاب خود ڄاڻي واڻي گھٽ پاڻي کڻي پيو، ان کي ايتري ضرورت ناھي ۽ ھو پنھنجو پاڻي بچائي پيو. پنجاب پنھنجي حصي جو پاڻي 4000 ڪيوسڪ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي ٻئي پاسي کڻي پيو وڃي. سنڌ کي وونئڻن جي پوکائي ته ٺھيو پر بيٺل فصل کي بچائڻ لاءِ به پاڻي پورو نٿو ملي. ان ظلم خلاف پوري قوم سراپا احتجاج رهي پر وري چيائون سنڌ جو پاڻي سمنڊ ۾ وهي زيان پيو ٿئي. ان جو جواب به کين ملي ويو ته سمنڊ ۾ ڪرندڙ هڪ ڪيوسڪ به ڊيلٽا لاءِ اهم آهي. هن وقت سنڌ جو مقبول ترين نعرو آھي ته” ڪينال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور“. ته پوءِ سنڌ سرڪار کي پنجاب جي ظلم خلاف اٿندڙ هر آواز سان آواز ملائڻ گهرجي. هي جنگ سنڌ جي اجتماعي جنگ آهي ان تي پنهنجي پنهنجي سياست نه چمڪائڻ گهرجي. هن قومي ڪاز تي جماعتون ۽ پارٽيون قربان ڪري ڇڏجن. ايس يو پي، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جي ڊي اي، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو، پ پ پ ورڪرز، تحريڪ انصاف، عوامي جمھوري پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جا سڀئي حصا، عوامي ورڪرز پارٽي، پورھيت مزاحمت ۽ انھن سڀني سان گڏ سنڌ جو ھاري، مزدور، شاگرد، سماجي ڪارڪن، انساني حقن جون تنظيمون، وڪيلن جون تنظيمون، صحافين جون تنظيمون، دوڪاندار، ريڙهي وارا ۽ ٽيڪسي ھلائيندڙ سڀ گڏجي سنڌ ۽ سنڌوءَ جي وارثي ڪيو. جيڪڏهن هن وقت ناڪام ٿياسين ته ڪڏهن به پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرار نه رکي سگهنداسين.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز
ڇا سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ سان ڪينالن وارو مسئلو حل ٿي ويندو؟
سنڌ حڪومت هر وقت اهو چئي رهي آهي ته اسان ته ڪينالن جا مخالف آهيون، پر وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس ئي نٿي سڏائي. ڇاڪاڻ ته هنن کي خبر آهي ته اسين سندن مخالفت ڪنداسين ۽ کين ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين. اهو دليل فضول آهي. هاڻي سمجهو ته ڪيئن. سي سي آئي جا ڪل ميمبر 8 هوندا آهن. ان جو چيئرمين وزيراعظم هجي ٿو. 1 وزيراعظم شهباز شريف (چيئرمين) 2 وزيراعلي پنجاب مريم نواز 3 وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه 4 وزيراعلي خيبر پختونخوا علي امين گنڊاپور 5 وزيراعلي بلوچستان سرفراز بگٽي. باقي ٽي ميمبر هي آهن: 6 نائب وزيراعظم ۽ فارين منسٽر اسحاق ڊار ( پنجاب کان) 7 بچاءُ وارو وزير خواجه آصف (پنجاب کان) 8 امير مقام (ڪي پي کان پر نواز ليگ ۾ آهي). آئين جي آرٽيڪل 154 جي سب ڪلاز 4 موجب سي سي آءِ جا فيصلا اڪثريتي راءِ سان ورتا ويندا. يعني جيڪڏهن ڪنهن ڪم لاءِ 8 مان 5 ماڻهو ھمايت ڪندا ته اهو ڪم ٿيندو. هاڻوڪي جوڙجڪ موجب موجب سي سي آئي جا پنج ميمبر نواز ليگ جا آهن. هاڻي ٿورو سوچيو ته ڀلي سي سي آءِ جو اجلاس ٿئي ۽ اتي مراد علي شاهه ڪينالن تي اعتراض اٿاري ته ان جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪڏهن پي پي واقعي ڪئنالن خلاف آهي ته حڪومت ڇڏي اچي روڊ تي ويهي عوام سان گڏ. ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ سندن سياست کي اڃا به وڌيڪ نقصان ٿيندو.
مسرور احمد نظاماڻي
دوستي جو ڇا ملهه ڇا مقدار؟
حضرت علي جو قول آهي ته دوست هيرو ڪوهنور هوندو آهي ۽ ڀاءُ سون هوندو آهي. يعني سڳي ڀاءُ کان دوستي جو رشتو وڌيڪ قيمتي هوندو آهي. هيرو (دوست) هڪ دفعي ٽٽي ته وري نٿو ٺهي سگهي! جڏهن ته ڀاءُ (سون) ڊهي وري به ٺهي سگهي ٿو. دوستي جي تند نازڪ هوندي آهي هڪ دفعي ٽٽڻ کانپوءِ اگر وري به ڳنڍجي ته ان ۾ ڳنڍ رهجي ٿي وڃي مطلب ساڳي پوزيشن برقرار نٿي رهي. ان ڪري دوستي جهڙي رشتي کي سنڀالي نڀائڻو ٿو پوي. دوستي جو رشتو ئي هڪ انمول رشتو آهي. اگر دوست سچائي سان دوستي جي رشتي ۾ سلهاڙيل آهن ته دوست جا ڏک به پنهنجا ڏک ۽ دوست جي خوشي پنهنجي خوشي لڳندي آهي. پر هن وقت دوستي جو رشتو ڪجهه ماڻهن جي ڪري مشڪوڪ ٿي ويو آهي. پر اڳ به جنگين ۾ توڙي ڌاڙيلن سان يا روزمرهه جي مختلف ونهوار ڪندڙ ماڻهن سان دوستن هٿان غداريون ٿينديون رهيون، کين دوست ئي قتل ڪندا هئا يا مخبري ڪري قتل ڪرائيندا هئا پر اڄڪلهه دوستن هٿان غداريون يا دوستن جي قتل جا واقعه هاڻي روزمرهه جي روٽين وانگر ٿيڻ لڳا آهن. خبر ناهي جو ڪهڙي نفرت واري هوا هلڻ لڳي آهي جو جنهن دوستي جي رشتي کي مولا علي ڀائرن کان به وڌ قيمتي قرار ڏنو هو هاڻي دوستي جهڙي رشتي تان ويساهه کڄندو ٿو وڃي. هفتو اڳ گھوٽڪي ايريگيشن ڪالوني جي رھواسي جمشيد ولد علي گوھر ڪليري کي سندس پنهنجي دوست شان خاصخيلي گھٽا ڏئي قتل ڪيو. ٻه هفتا اڳ صدام لکڻ گڏ مال چاريندڙ پنهنجي دوست محمد بخش ابڙو کي ڪهاڙين سان ڪهي ڇڏيو. جڏهن ته شهمير راجپوت پاڻ سان گڏ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ احمد محمود جو ڳلو ڪپي ڇڏيو هو. هونئن ته دوستن هٿان قتل ٿيل دوستن جي لسٽ لکجي ته هزارين پنا ڪارا ٿيندا پر تازو ئي جنهن واقعي جيءُ جهوري وڌو سو آهي خيرپور ميرس جي شهر ٺري ميرواه ۾ دوستن هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان صحافي اي ڊي شر جنهن سان گڏ کائڻ پيئڻ وارن دوستن غداري ڪئي. هاڻي سوچي سمجهي دوستي رکجي ڀائرن جهڙي دوستن هٿان ڪيئي دوست قتل ٿي چڪا آهن. اڪثر دوست پئسي جي لالچ زر زن جي لالچ ۾ اچي پهنجن دوستن سان غداريون ڪري دوستن کي قتل ڪرائيندا آهن. ڪوشش ڪيو هلڪڙي طبيعت ۽ بيمار ذهن جي ماڻهون سان دوستي نه ڪيو. هن معاشري ۾ اوهان کي هر قسم جا ماڻهو ملندا. ان ساڳي ئي معاشري ۾ سر ڏيڻ وارا دوست به آهن. اوهان جي جيءَ کي ڪو جوکو نه هوندو جي اگر اوهان خانداني غيرت مند سان دوستي ۾ ڳنڍيل آهيو.
سڪندر بوزدار
موسمياتي تبديلين ڪارڻ تپندڙ ڌرتي!
ھن وقت دنيا جتي انيڪ مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي، انھن منجھان موسمياتي تبديلين ڪارڻ پيدا ٿيندڙ مونجھارا جن ۾ وڌندڙ گرمي پد، بي ترتيب برساتن جا سلسلا، ٻوڏون وغيرہ دنيا جي موسمياتي ماهرن آڏو پڻ ھڪ گنڀير مسئلو بڻيل آھن. جنھن تي گڏيل قومن سميت کوڙ ساريون سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تنظيمون ڪم پڻ ڪري رھيون آھن. انھي ڏس ۾ پنھنجي ملڪ جي ڳالھه ڪجي ته ھتي صورتحال وڌيڪَ غور طلب آھي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان سميت ٻين ايشيائي ملڪن جو اھو دليل درست آھي ته عالمي سطح تي ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب بگڙجندڙ ماحولياتي صورتحال وغيره جا ذميوار سڀ کان پھرين اھي ئي ملڪ آھن جن جي معيشت جو سڄو دارومدار ئي صنعت تي آھي، ڇاڪاڻ ته انھن موسمياتي تبديلين ڪارڻ زراعت سميت پکي، پکڻ، آبي جيوت وغيره تي جيڪي ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن ۽ ھاڻي جڏھن گرمي پد پنھنجي ضبط کي پار ڪندي سڀني لاءِ پريشاني جو ڪارڻ بڻجي چڪو آھي اتي ڀلي کڻي ترقي پزير ملڪ صنعتن وغيره کي پنھنجي معاشي استحڪام جو اھم سبب سمجھن پر اھو کين ضرور ڏسڻ کپي ته ھو ترقي جي نالي ۾ ھي پوري فطري نظام، ماحوليات، آزاد فضائن کي جيڪو ھاڃو پيا رسائين انھيءَ ۾ به اھي ڀاڱي ڀائيوار آهن ۽ پاڪستان ته موسمياتي تبديلين جي نقصانن کي مھا ٻوڏن وغيره جي صورت ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو آھي. پھرين ھڪ اڌ مھا ٻوڏ وغيره پاڻ پنھنجي وڏن کان ٻڌندا ھئاسين پر ھاڻ ته برساتون بي وقتائتيون، ھڪ نه ٻئي سال مھا ٻوڏون، وري ڏڪار ته اھڙو جو زراعت وغيره ته رھي پنھنجي ماڳ پر ھاڻ ته افسوس! جو ماڻھن، جانورن، پکين وغيرہ جي وجود لاءِ به پاڻي جي لپ اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي. اڃا اڳتي ڇا ٿيڻو آھي اھا ته ڪل شايد ھتي ڪنھن کي به ناھي، پر ھڪڙي ڳالھه ته ان حوالي سان ھاڻ ڀلي ڀت ظاھر ٿي چڪي آهي ته انسان فطرت کي ڇيڙي ڪري پنھنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو ھنيو آھي. ڀلي کڻي مصنوعي ذهانت ھن وقت ترقي جي عروج تي پهتل ھجي پر تتل ڏينهن ۾ جڏھن اڱڻ ۾ پوکيل نم جي وڏي وڻ ھيٺ ويھڻ وارو سڪون شايد ئي ڪنهن ايئر ڪنڊيشن واري ڪمري ۾ محسوس ٿيندو ھجي. ڇاڪاڻ ته جيڪا راحت فطري حسناڪين ۾ آھي اھا مصنوعي چمڪ ۾ ناھي. ھاڻ وڌيڪ موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي گھٽائڻ سميت جيڪڏهن اسين چاھيون ٿا ته ھي ڌرتيءَ پاڻ انسانن سميت سمورن جاندارن لاءِ رھڻ قابل بڻجي ته پوءِ اسان سڀني کي وڌ کان وڌ وڻ پوکڻا پوندا. عام ماڻھن کي موبلائيز ڪندي ماحولياتي تبديلين، انھن جي اثرن بابت جاگرتا پيدا ڪرڻي پوندي ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا. ھاڻ ھر ماڻھو کي اڳيان وڌي ماحول، ھن ڌرتيءَ جي فطري حسناڪين کي بچائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن انسانن سميت ھو وڻن تي ويٺل پکين جون پڪارون پڻ سلامت رھن ۽ ھن ڌرتيءَ تي سڀني جاندارن لاءِ سندن جيون پرسڪون ٿي پوي.
آفتاب سليمان لغاري