پنهنجن ٻارن کي علم جهڙي نعمت سان نوازيو
قرآن شريف جي پهرين آيت اقرا ۾ رب ڪريم فرمايو آهي ته علم پرايو، علم انسان جي ٽين اک آھي. نبي سڳورن فرمايو ته علم پرايو پوءِ ڇو نه اوهان کي چين وڃڻو پوي، ڳالھه ڪريون ٿا اڄ جي تعليم جي. اسان وٽ هڪڙا نجي اسڪول آهن ۽ ٻيا سرڪاري. سرڪاري اسڪولن جي ڳالهه ڪجي ته ڪٿي اسڪول آهن ته اتي استاد ئي مقرر ناهن، وري جتي استاد مقرر ٿيل آهن اتي اسڪول ئي موجود ناهن. هي اڪثر مون خبرن ۾ نيوز پيپر ۾ پڙھيو ۽ نيوز چئنل تي ٻڌوآهي، اسان کي روزاني اسڪول وڃڻ گهرجي ۽ گهر ۾ به پڙهڻ گهرجي، تعليم حاصل ڪرڻ هر انسان تي فرض آهي انسانن کي کپي ته ديني تعليم پڻ حاصل ڪن، تعليم بنا انسان انڌو آهي، جيڪو تعليم نٿو پرائي سگھي اسان کي گھرجي ته ان جي مدد ڪريون ته جيئن هو پنهنجو مستقبل ٺاھي سگھي. هر شيءِ پيسي سان خريد ڪري سگھون ٿا پر تعليم اها شيءِ آهي جنھن کي پيسن سان خريد نٿا ڪري سگھون. تعليم حاصل ڪرڻ جي پٺيان سڀ کان وڏو ھٿ پنھنجي والدين جو ھوندو آھي. تعليم حاصل ڪرڻ جو اهو مطلب ناهي ته ڊگري حاصل ڪجي بلڪه تعليم اهو زيور آهي جنھن سان انسان جو ڪردار سنورجي ويندو آھي، تعليم اسان کي جيئڻ جو طريقو سيکاري ٿي، اسان جي نبي ڪريم صه فرمايو آهي ته آئون علم جو شهرآهيان ۽ علي ان جو دروازو آهي. علم اھڙو زيور آھي جنهن جي ڪا به قيمت ناهي. علم انساني کي معاشري ۾ رهڻ سيکاري ٿو. علم اها روشني آهي، جيڪا اونداهي سماج کي روشني بخشي ٿي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر شخص کي گذارش ڪجي ٿي ته پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرايو. ٻار ملڪ جو مسقبل هوندا آهن ۽ اونداهو مستقبل ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.
عذرهه گلزار /ابراهيم حيدري ڪراچي
ڪراچي جي روڊن تي بي قابو ڊمپرز: روزانو هڪ موت – حل ڇا آهي؟
ڪراچي ۾ هر روز ڊمپر ۽ واٽر ٽينڪرن جي بي قابو ڊرائيونگ جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويهي ٿو. مان ٽرانسپورٽ واري محترم وزير کان گذارش ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺو. انهن ڏکوئيندڙ حادثن کي ڪجهه عملي ۽ مؤثر قدمن جي ذريعي گهٽائي سگهجي ٿو: 1. ڊرائيورن جي ڀرتي: ڊمپر ۽ واٽر ٽينڪر هلائيندڙ ڊرائيورن کي ذميوار ۽ تربيت يافته ھتان جي مقامي آبادي مان ڀرتي ڪيو وڃي، خاص طور تي اهي جيڪي صاف ڊرائيونگ ريڪارڊ ۽ صحيح تربيت جا سرٽيفڪيٽ رکن ٿا. 2. رفتار تي ڪنٽرول: شهر جي حدن اندر هلندڙ وڏن گاڏين لاءِ رفتار جي حد 40 کان 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪري سختي سان لاڳو ڪئي وڃي. 3. مقرر ڪيل رستا ۽ وقت: وڏين گاڏين کي صرف مخصوص وقتن (جهڙوڪ رات دير سان يا صبح سوير) ۽ مقرر ڪيل رستن تي هلڻ جي اجازت هجي ته جيئن عام ٽريفڪ سان انهن جو ٽڪراءُ گهٽجي. 4. محفوظ ڊرائيونگ جي تربيت: سمورن ڊرائيورن لاءِ حفاظتي تربيت ۽ “ڊفينسيو ڊرائيونگ” ورڪشاپ لازمي منعقد ڪيا وڃن. جيڪي ڊرائيور ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن، انهن جي لائسنس معطل يا منسوخ ڪيو وڃي. 5. ڊيجيٽل نگراني ۽ سي سي ٽي وي سسٽم: شهر ۾ وڏي پئماني تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۽ جي پي ايس جي مدد سان نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي ته جيئن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو پتو فوري طور تي لڳائي سگهجي. 6. عوام سان شفافيت ذريعي غصي کي گهٽائڻ: ٽرانسپورٽ کاتو شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن مان حاصل ٿيل حادثن جي وڊيوز جو تجزيو ڪري، هفتيوار بنياد تي ٽيليويزن تي عوام کي ٻڌائي سگهي ٿو ته ڪنهن حادثي جي پٺيان اصل سبب ڇا هو. اهڙن قدمن سان نه فقط عوام جو غصو گهٽ ٿيندو، پر روڊ تي نظم برقرار رکڻ ۾ به آساني ٿيندي. اهي سڀ قدم نه رڳو ضروري آھن، پر فوري طور تي عمل درآمد جا گھرجاؤ به آهن. انساني جانيون بچائڻ ۽ ڪراچي جي ٽريفڪ ۾ نظم آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ ضروري آهن.
علي رضا سومرو/ڪراچي
پپو جا نه ختم ٿيندڙ ڏک
اڄ پپو جي پيءُ جو لٿل منهن ڏسي وجه معلوم ڪرڻ لاءِ ڦورن پپو کي فون ڪيو. پپو چيو ” نه پُش يار بابا جي ننڍي ڀيڻ سيما 3 ٻارن سميت اسان جي پاڙيسري آڪاش ڪمار سان ڀڄي ويئي آهي لوڪ ۾ وڏي پئماني تي بدنامي ٿي آهي اسان ڪٿي به منهن ڏيکارڻ جهڙا ناهيون رهيا…. نڀاڳي کي ڀڄڻ لاءِ آڪو هي لڌو… مون چيو ” ﷲ سائين سيما کي هدايت ڏئي پاڻ وڃي کڏ پوي پر ٻار ته موٽائي ڏي”پپو چيو ” ها يار منهنجي وڏي ڀاڄائي ريما ڪماري جنهن کي 1992 ۾ ادا ڀڄائي شادي ڪرڻ کان بعد اسلام قبول ڪرايو هو ۽ سندس اسلامي نالو دعا بتول رکيو هو ۽ جنهن جي شادي واري ڏينهن بابا جهمر هڻندي ڪريو هو، اُها پڻ ٻارن لاءِ ڏاڍي پريشان آهي.
عظيم حسن ميتلو/خيرپور ميرس
ڊائريڪٽر عزيز سانگي ۽ سانگي برادري جو تڪرار ختم ڪرايو
سنڌ جي فن ۽ ثقافت جي دنيا ۾ عزيز سانگي هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن پنهنجي فن ۽ صلاحيتن سان هڪ خاص مقام حاصل ڪيو آهي. هن نه رڳو هڪ ڪامياب ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پاڻ مڃايو آهي، پر هڪ باصلاحيت اداڪار طور به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. سندس ڪيل ڪم سنڌ جي عوام ۾ اڄ به عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهڙي وڏي فنڪار جي هن وقت سار نه لهڻ ۽ سندس برادري ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪنهن به قسم جون ڪوششون نه ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. اهو ڏسي ڏک ٿئي ٿو ته جنهن شخص پنهنجي زندگي سنڌ جي فن ۽ ثقافت جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي، اڄ اهو پنهنجي ذاتي مسئلن ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي ۽ کيس ڪنهن به قسم جي مدد يا سهاري جي آس ناهي. اسان سنڌ جي انهن تمام وس وارن کان، جن وٽ اختيار ۽ طاقت آهي، پر اهي هن معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، سخت لفظن ۾ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. اهو انهن جو فرض آهي ته اهي اڳتي وڌن ۽ عزيز سانگي جي سار لهن. سندس برادري ۾ جيڪو به تڪرار هلندڙ آهي، ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده ڪوششون وٺن. اهو نه رڳو عزيز سانگي سان انصاف ڪرڻ جو معاملو آهي، پر اهو سنڌ جي فن ۽ فنڪارن جي عزت ۽ احترام جو به سوال آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجن فنڪارن جي زندگي ۾ انهن جو قدر نه ڪنداسين ۽ انهن کي ڏکين وقتن ۾ اڪيلو ڇڏي ڏينداسين، ته پوءِ ٻين کي ڪيئن اتساهه ملندو ته اهي هن ميدان ۾ اچي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن؟ اسان سنڌ جي سمورن ذميوارن کان پرزور اپيل ٿا ڪريون ته هو فوري طور تي هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ عزيز سانگي جي برادري ۾ موجود تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن.
ناشاد شوڪت شنباڻي
پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪريو !!!
جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي جو هڪ قول آهي ته “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪيو ۽ هيءَ توهان جي سڀ کان عظيم تخليق هوندي۔” ھر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن وقت اهڙو لمحو ضرور اچي ٿو، جنهن وقت اسان پنهنجي موجوده حالت مان خوش يا مطمئن نظر ناهيون ايندا. اهو وقت هوندو آهي جڏهن اسان محسوس ڪندا آهيون ته اسان پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو استعمال نه ڪري رهيا آهيون يا اسان جي زندگي ۾ ڪنهن تبديلي جي ضرورت آهي. اهڙي وقت ۾ “پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ” هڪ اهم عمل ٿي ويندو آهي. هي عمل صرف نئين زندگي شروع ڪرڻ جي ڳالھه ناهي، بلڪه هي هڪ اندروني تبديلي جي طرف اشارو ڪري ٿو. ھڪ انگريز فلاسفر جم رون جو چوڻ آهي ته ” جيستائين توهان پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو نٿا ڪريو، تيستائين توهان جي زندگيءَ ۾ تبديلي ناممڪن آهي” ان مان ظاهر ٿيو ته اصل تبديلي ٻاهران نه پر اندر کان ايندي آهي. جيستائين اسان پنهنجي خيالن، روين ۽ سوچن جو انداز تبديل نٿا ڪريون تيستائين اسان جي دنيا بدلجڻ جا ڪي به امڪان نه آهن. اها حقيقت آهي ته پاڻ کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي سوچ ۽ روين کي بهتر بڻائڻ. انسان مخلوق ۾ اشرف ان ڪري آهي جو کيس ٻين جاندارن کان وڌيڪ عقل آهي. هو برائي ۽ ڀلائي کي سمجهي، پرکي ۽ ان تي عمل پيرا ٿئي ٿو. اهو اسان جي ذاتي ترقي جو رستو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجن خوفن، ڪمزورين ۽ ناڪامين کان سکون ٿا ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. هي اهو بهترين لمحو هوندو آهي جڏهن اسان پنهنجون غلطيون تسليم ڪندا آهيون ۽ انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. امام علي عليه السلام جو فرمان مبارڪ آهي ته ” غلطيون انسان کي بهتر بڻائينديون آهن، شرط اهو آهي ته انهن مان سبق سکي” حضرت عمر فاروق رضه جو پڻ قول آهي ته ” جنهن پنهنجي غلطين کي سڃاڻي ورتو، اهو اڌ سڌري ويو”. انهن قولن جي روشني ۾ اسان کي پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ، انهن مان سکڻ ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ يعني “ٻيهر تخليق ڪرڻ” جو سبق ملي ٿو. اسان کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو عمل صرف مادي ڪاميابي جو ناهي، بلڪه ان ۾ روحانيت، اخلاقيات ۽ ذهني سڪون به شامل آهي. اهو هڪ مسلسل سفر آهي، جيڪو اسان کي خودي جي گهراين ۾ وٺي ويندو آهي. ان سفر ۾ سڀ لاءِ اهم ڳالھه اها آهي ته اسان پنهنجي زندگي جي مقصد کي سمجهون ۽ ان مطابق پنهنجا فيصلا ڪريون. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته خود کي ٻيهر تخليق ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ ۽ ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪرڻ. پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ بابت مشهور فلسفي رالف والڊو ايمرسن جي بقول ته “جيڪو اسان جي پٺيان آهي ۽ جيڪو اسان جي اڳيان آهي، اُهو سڀ ڪجھه ان جي ڀيٽ ۾ ننڍو آهي، جيڪو اسان جي اندر ۾ آهي.” يعني انسان جي اصل طاقت ان جي اندر ۾ آهي ۽ جڏهن هو ان کي سمجهي وٺي ٿو، ته ڪا به مشڪل سندس ٻيهر تخليق واري رستي جي رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. اسان جيڪي به آهيون، اهو اسان جي سوچ ۽ عمل جو نتيجو آهي. ان ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻو آهي، ته سڀ کان پهريان اسان کي پنهنجي اندر جي طاقت کي سمجهڻ ۽ ان کي استعمال ڪرڻو پوندو.
نذير ٻٻر
آئس جو نشو: نوجوان نسل جو تباهي ڏانهن وڌندڙ قدم
سنڌ ۾ منشيات جو واھپو ڪو نئون ناهي، منشيات جو وڪرو ڪندڙ ته پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن پر ان جو استعمال ڪندڙ تباهي جي ڪناري تي پهچي وڃن ٿا، گذريل ڪجھه وقت کان هڪ نئين ۽ خطرناڪ نشي، “آئس” سنڌ جي ڳوٺن جا گس ڏٺا آهن ھاڻي نوجوان نسل تباهي ڏانهن تيزي سان قدم وڌائي رهيو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڪجھه سال اڳ هڪ دوست جي سالگره جي تقريب هڪ مقامي هوٽل ۾ رکيل هئي ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ان هوٽل ۾ پهتاسين، پر اسان هوٽل جي ڪنهن ٻئي هال ۾ داخل ٿياسين ۽ اسان جا حواس ان وقت دنگ رهجي ويا جڏهن هر پاسي دونهون ئي دونهون ڏٺوسين، خبر پئي ته هتي آئس واپرايو پيو وڃي. انهن نوجوانن ۾ هڪ ٻه ٻار ته اسڪول جي ڊريس ۾ هئا. اسان کي هن نشي کان نوجوانن کي پري رکڻ گهرجي ته جيئن هنن جي مستقبل کي بچائي سگهجي. آئس آهي ڇا؟ آئس، جنهن کي ميٿامفيٽامائن (Methamphetamine) يا “ڪرسٽل ميٿ” به چيو وڃي ٿو، هڪ انتهائي خطرناڪ نشو آهي. اهو هڪ طاقتور محرڪ آهي جيڪو مرڪزي نروس سسٽم کي متاثر ڪري ٿو. ان سان دل جي دوري، فالج، نفسياتي مسئلن، ۽ موت جو خطرو وڌي وڃي ٿو. آئس مان جان ڇڏائڻ انتهائي ڏکيو آهي جيڪو ان فرد ۽ سماج ٻنهي لاءِ تباهي جو سبب ٿي سگهي ٿو. آئس (ميٿامفيٽامائن) کي پهريون ڀيرو جرمني ۾ 1887 ڌاري ڪيميائي طور تي ٺاهيو ويو هو، شروعات ۾ ان کي دم، نڪ جي بندش ۽ ٻين طبي حالتن جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويو. ٻي عالمي جنگ (45-1939) دوران، فوجين جي توانائي کي وڌائڻ لاءِ هن جو استعمال ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ آهسته آهسته آئس جي غير طبي استعمال ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. آئس جو استعمال دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ وڌندو رهيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سنڌ به شامل آهن. ان جي غيرقانوني پيداوار ۽ واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن جي شروعات طبي مقصدن لاءِ هئي، پر اهو جلد ئي هڪ وڏي سماجي مسئلي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. آئس نشي کان بچڻ جا طريقا: 1. تعليمي ادارن ۾ آگاهي سيمينار ڪرايا وڃن. 2. آئس نشي جي خطرن ۽ اثرن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني وڃي. 3. نشي جي عادت لڳڻ جي رفتار ۽ صحت تي ان جي نقصانن کان آگاھ ڪيو وڃي. 4. پنهنجي جذبات ۽ رويي تي ضابطو آندو وڃي. 5. دٻاءُ، پريشاني يا بوريت جي صورت ۾ نشي جي بدران صحتمند سرگرمين ۾ مشغول ٿيڻ گهرجي. 6. والدين کي ٻارن جي دوستن بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي. نشي جي عادي دوستن کان ٻارن کي پري رهڻ جي هدايت ڪرڻ گهرجي. 7. نشي جي عادي شخص کي جيڪڏهن لڳي ٿو ته هو خطري ۾ آهي، ته فوري طور تي ڪنهن قابل اعتماد شخص، دوست يا خاندان جي فرد کان مدد طلب ڪري. 8. والدين کي پنهنجي ٻارن سان کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. انهن کي نشي جي خطرن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ انهن جي مدد لاءِ موجود رهڻ گهرجي. 9. والدين کي ٻارن سان وقت گذارڻ، انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ ۽ انهن کي پنهنجي محبت ۽ حمايت جو احساس ڏيارڻ گهرجي. 10. سماجي تنظيمن کي نشي جي خلاف جنگ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آئس جو نشو شھر جي چوواٽن تي گھٽين ۾ ادارن ۾ ۽ ڳوٺن جي اسٽاپن تي عام جام خريد و فروخت ٿي رھيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. ھن دجالي دور ۾ ڪو ڪڇي نٿو. نشو وڌڻ جو ڪارڻ ڇا آھي؟ اچو غور و فڪر ڪريون ته اسان جي ٻارن کي ايندڙ وقت ۾ ڪھڙو ماحول ملندو، سندن اٿڻ سماج جي بهترين شهري جيان هوندو يا هڪ عادي نشئي وانگر هوندو؟؟ فردي، خانداني ۽ سماجي سطح تي ڪوششون ڪري اسان سنڌ جي نوجوان نسل کي آئس جهڙي موذي نشي کان بچائي سگهون ٿا.
عبدالجبار تمراڻي
تنگواڻي تعلقو بنيادي مسئلن کان محروم
تنگواڻي شھر بنيادي مسئلن کان محروم بڻيل آهي. ھي قديمي شھر تنگواڻي پراڻي زماني کان وٺي مشھور آھي جيڪو بنيادي سهولتن کان محروم آهي. ڪافي سال گذري چڪا آهن پر شھر جي اسپتال کي تعلقي جي حيثيت نه ملي آهي. ھتان جي لکين انساني آبادي آھي پر اسپتال ۾ ڪا ليڊي ڊاڪٽر موجوده نه آهي نه ئي ڪا ايمرجنسي لاءِ ايمبولينس آھي. تعلقي هيڊڪوارٽر جي حيثيت سان ھن اسپتال کي صرف نالي جو اپگريڊ ڪيو ويو آهي. ھتان جا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي اسلام آباد جي وڏن محلن ۾عيش آرام ڪري ھن شھر کي بنيادي مسئلن کان پٺ تي رکيو ويٺا آهن. گرمي جي موسم۾ بجليءَ جي بحران سبب ھتان جا ڪيترائي ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته ھر ضلعي جي تعلقي اندر ھڪ گريڊ اسٽيشن ان لاءِ ڏني ويندي آهي پر اسان جو شھر تنگواڻي تعلقو ھن سهولت کان به محروم آھي، لکين آبادي تي ڪيترائي ڳاٺاڻا، روڊ رستن کان محروم آھن، ٽيلي فون جي ايڪسچينج گذريل ڏھ سال کان وٺي بند آهي. ان جي عمارت کي اناج منڊي ۾تبديل ڪيو ويو آهي شھر اندر باءِ پاس نه ھجڻ ڪري بلوچستان کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويندي آهي. شھر ۾ برساتي پاڻي نيڪال لاءِ ناليون ٺاهيون ويون آهن اھي ئي ناڪارا تيار ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري شھر کي ساڳيو مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي. هتي نه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، نه پارڪ، نه ئي لائبريري ڏني وئي آهي. پوسٽ آفيس سرڪاري نه ھجڻ ڪري، ڪرائي جي دڪان ۾ هلي رهي آهي.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي
لاڙڪاڻو شهر ۾ سڄو ڏينهن لوڊ شيڊنگ چونڊيل نمائندا ڪٿي آهن؟
سنڌ سڄي هن وقت سخت گرمي جي لهر هيٺ آهي، ايتري قدر جو قهر جهڙي گرميءَ ۾ ڪانو جي اک پئي نڪري، منجهند جو ٻارهين وڳي کان پوءِ شهرن جا روڊ رستا ويران، شهر جون بازارون سنسان نظر اچڻ لڳن ٿيون. اهڙي سخت ترين گرمي جنهن ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر جو گرمي پد 47 کان 48 ۽ ان کان وڌيڪ به رهي ٿو، انهيءَ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڳڙهه ۽ سياسي مرڪز لاڙڪاڻو شهر ۾ پوري ملڪ کان سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻو ۾ غيراعلانيل غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. لاڙڪاڻي شهر ۾ غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي لاڙڪاڻو جا شهري شدت گرميءَ سبب تڙپي رهيا آهن. خاص ڪري اسپتالن ۾ بيمار مريض، معصوم ٻارڙا گرم اسپتال جي بيڊن بسترن تي تڙپندا رهجي ويا آهن. اسڪولن، درسگاهن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهر جو ڪاروبار واپار سخت نقصان ۾ اچي ويو آهي، لاڙڪاڻي شهر جي اڪثر علائقن ۾ ننڍن ننڍن فليٽ نما گهرن ۾ سدائين بجلي جي اک ٻوٽ ۽ ڏينهن جا ڏينهن لوڊشيڊنگ وڌائڻ سبب غريب ماڻهو وڌندڙ گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ڪڙهي رهيا آهن. اسان جي شهر لاڙڪاڻو ۾ هڪڙيون وي وي آءِ پي لائنون ۽ فيڊر ته هميشه هلايا وڃن ٿا ۽ اتي ڪڏهن به لوڊشيڊنگ نه ٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته لاڙڪاڻو شهر جي وچ ۾ گجڻ پور چوڪ، ڪوثر مل محلي، لطيف ڪالوني، رحمت پور محلي، حيدري محلي، حسيني محلي ، گاسليٽ ڊيپو، ڀينس ڪالوني سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عام آهي، لاڙڪاڻو جا شهري اهو چوڻ تي حق بجانب آهن ته لاڙڪاڻو شايد ملڪ جو واحد شهر آهي جتي 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري شهرين بجلي صارفين عوام کي اهڙي سخت گرمي ۾ تڪليف ۽ اذيت ۾ آندو ويو آهي. ڪهڙي قانون تحت بجلي جي ايڏي وڏي ڊگهي غيرقانوني غيراعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بجلي جا بل به ڳرا ۽ هزارين رپين جا ناجائز طريقي سان ورتا پيا وڃن. لاڙڪاڻي شهر جو عوام بجلي صارفين، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چونڊيل نمائندن قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جميل احمد سومرو کان مطالبو ٿا ڪن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي تي رحم ڪندي خدارا لاڙڪاڻو شهر جي عوام بجلي صارفين جي درد تڪليف ۽ اهنج کي محسوس ڪندي پورو لاڙڪاڻو شهر کي لوڊ شيڊنگ فري شهر قرار ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن شهر لاڙڪاڻي ۾ ڪي فيڪٽريون، ڪارخانا، ملون، انڊسٽريز ايرياز وغيره ناهن جيئن ٻين صوبن ۾ آهن پر پوءِ به اتي سڄي ڏينهن ۾ صرف ٻه چار ڪلاڪ بجلي وڃي ٿي پر لاڙڪاڻو شهر جيڪو لکين ڪروڙين آبادي وارو شهر ناهي محدود آبادي هجڻ باوجود بجلي جي ايڏي ڊگهي غيراعلانيل لوڊشيڊنگ عوام کي تنگ ۽ بيزار ڪري ڇڏيو آهي.
عبدالوحيد عباسي لاڙڪاڻو