ڏينهن ڏٺي جو دوکو: آمريڪي صدر جي مارڪيٽ سان کيڏيل وڏي راند!
اها ڳالهه تاريخ ۾ سنهري اکرن سان نه، پر ڪاري مس سان لکي ويندي. آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾، جتي قانون جي حڪمراني جي دعويٰ ٿئي ٿي، اتي ئي، ڏينهن ڏٺي جو، سڀني جي سامهون، ملڪ جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اهڙي مالي چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪيو، جنهن سان آمريڪي عوام جي لکين ڊالرن جي بچت، چند اميرن جي کاتي ۾ منتقل ٿي وئي. ڪهاڻي ڪيئن شروع ٿي؟ چند ڏينهن اڳ، ٽرمپ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي ڳرا واپاري ٽيڪس لاڳو ڪيا. نتيجي ۾ بازار ڌڏي وئي، آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ مان لڳ ڀڳ 10 هزار ارب ڊالر جا شيئر گهٽجي ويا. چين سان واپاري جنگ وڌي، چيني سامان تي ٽيڪس 125 سيڪڙو تائين پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ دهشت پکڙجي وئي. ماڻهن خوف کان پنهنجا شيئر وڪڻڻ شروع ڪيا. سرمايو، بازار مان ٻڏي ويو. ۽ پوءِ… راند شروع ٿي…. مارڪيٽ بلڪل هيٺ اچي وئي. تڏهن ٽرمپ پنهنجي ذاتي سوشل ميڊيا ايپ تي لکيو: “اهو بهترين موقعو آهي DJT خريدڻ لاءِ!” ۽ DJT؟ اها ته ٽرمپ جي ئي ڪمپني آهي! يعني صدر پاڻ ماڻهن کي اشارو ڏنو ته منهنجي ڪمپني جا شيئر خريد ڪيو. بس، ايترو ٻڌائڻو هو. صرف 4 ڪلاڪن بعد ٽرمپ هڪ ٻيو اعلان ڪيو: جن 90 ملڪن تي ٽيڪس لڳايا ويا هئا، تن تي 90 ڏينهن لاءِ ٽيڪس مؤخر ڪيا وڃن ٿا! مارڪيٽ هلي وئي ڦاٽ! شيئرز جي قيمت راڪيٽ وانگر مٿي وئي. خاص طور تي ٽرمپ جي ڪمپني جي شيئرز ۾ صرف هڪ ڏينهن ۾ 22 سيڪڙو واڌ آئي. نتيجي ۾ ٽرمپ جي ذاتي دولت ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ۾ 415 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو! پر راند هتي ختم نه ٿي… ان ڏينهن مارڪيٽ ۾ عجيب حرڪتون ڏسڻ ۾ آيون. ڪجهه ماڻهن وڏي تعداد ۾ اهڙا سودا خريديا، جيڪي صرف تڏهن منافعو ڏيندا آهن، جڏهن شيئرز جي قيمت وڌي. يعني انهن کي اڳواٽ خبر هئي ته شيئرز مٿي وڃڻ وارا آهن. اهي ماڻهو ڪير هئا؟ ساڳيا پراڻا چهرا – ارب پتي واپاري، سياستدان، ٽرمپ جا ويجها ساٿي. ۽ نقصان؟ عام ماڻهن جو. انهن جو، جن ٽرمپ تي اعتماد ڪيو. اميد ڪئي ته هو آمريڪا کي ٻيهر عظمت ڏياري ڇڏيندو. هي سڀ ڪجهه اسٽاڪ مارڪيٽ جي دنيا ۾ “پمپ اينڊ ڊمپ” سڏبو آهي. پهريان قيمت ڪرايو، سستو خريدڪيو، پوءِ هڪ اعلان سان قيمت وڌايو ۽ اربين ڊالر ڪمائي وٺو – عام ماڻهن کي دوکي ۾ ڇڏيو. آخرڪار ڇا ٿيو؟ چار کرب ڊالر عام ماڻهن جي کيسن مان نڪري، اميرن جي کاتي ۾ ويا. وڌيڪ، هڪ ليڪ ٿيل وڊيو منظر تي آئي، جنهن ۾ وائٽ هائوس جي اندر ٽرمپ کلندي چيو: “هي ٻه ماڻهو ڏسو، هڪ ٻه ارب ڪمائي ويو، ٻيو نئون سئو ملين. برو ته ناهي نه؟” انهن مان هڪ هو چارلس شواب – هڪ ارب پتي سيڙپڪار ۽ ٽرمپ جو ساٿي. سينيٽ ۾ هُل هَلاچل، وائٽ هائوس جو دفاع. ڪانگريس ۾ ٽرمپ تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا. پر وائٽ هائوس چيو: “صدر کي حق آهي ته هو مارڪيٽ کي تسلي ڏي.” اڄ، وال اسٽريٽ تي ڪمپنيون ٽرمپ جي ٽوئٽس تي پنهنجا الگورٿمز ٺاهي رهيون آهن. يعني هاڻ صدر پاڻ مارڪيٽ جي اشاري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سوچڻ جهڙو سوال… ڇا ڪو صدر، پنهنجي پوزيشن جو اهڙو استعمال ڪري سگهي ٿو؟ ته هو سڄي قوم جي مالي نظام کي ڌوڪيبازيءَ لاءِ استعمال ڪري ۽ اربين ڊالر پنهنجن ويجهن ماڻهن جي کاتي ۾ منتقل ڪري ڇڏي؟ هي رڳو اسڪينڊل ناهي – هي هڪ معاشي زلزلو آهي، جنهن آمريڪي عوام کان انهن جي جمع پونجي کسي ورتي ۽ صرف چند اميرن کي وڌيڪ امير بڻائي ڇڏيو – بس هڪ ٽوئٽ سان. آمريڪي صدر ٽرمپ فلسطين جي بي رحم قاتلن جو سهولتڪار سان گڏوگڏ عالمي ٺڳ به آھي.
الھڏنو راهمون/ سجاول
ڪاڇي ۾ هٿيارن جي نمائش بند ڪرايو
ڪاڇي ۾ پوليس جي نااھلي ھڪ وڏو مثال قائم ڪري ڇڏيو ڄڻ ته ڪاڇي ۾ ڪا قانون جي نالي شي آھي ئي ڪونه. قتل جا روپوش ۽ ڏوھاري ته سرعام گهمندي ڏٺاسين مگر ھاڻ ته عام ماڻهو ٿوري گهڻي ڳالھه تي شهرن ڳوٺن ۾ بغير ڪنهن خوف جي جديد ھٿيار کنيو وتن. ھٿيارن جي نمائش اھڙي طرح سان شروع ٿي چڪي آھي ڄڻ ته ڪاڇو رائونتي ڪچو ھجي. ھيروخان، مريدديرو، قصبو، پٽ گل محمد، حاجي خان سميت ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ھٿيارن جي نماش جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. موسيقي محفل يا کڻي شادي جي محفل ھجي پر علائقي جا ماڻهو جديد ھٿيارن جي نماش ضرور ڪندا آھن. ھٿيارن جي نماش تي پابندي لاڳو ڪير ڪندو؟ ھٿيارن جي نمائش سبب ڳوٺن جو امن امان مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آھي، ان سان گڏوگڏ ڪاڇي واري علائقي ۾ ڦرون چوريون ڌاڙا ته روز جو معمول بڻيل آھن. ايس ايس پي دادو کي گھرجي ته نوٽيس وٺي ڪاڇي واري علائقي ۾ ھٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي. امن امان بحال ڪرايو وڃي
برڪت علي لغاري/ ڪاڇو
سنڌ جي تاريخ نئون ڪتاب نوان سوال
سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان تازو ” ڪارونجھر تاريخ جو دستاويز” جي سري ھيٺ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آھي جنھن جو ليکڪ معصوم ٿري آھي تاريخي اھڃاڻ يا آثار انسان جي آس پاس پکڙيا پيا ھوندا آھن ھڪ تاريخ نويس لاءِ انھن آثارن ۾ ماضي جي تاريخ لڪل ھوندي آھي جنھن جو ھو متلاشي ھوندو آھي. مورخ جي ان عمل سان پراڻا کنڊر ۽ آثار تاريخ جو حصو بنجي ويندا آھن. نامياري ليکڪ ۽ تاريخ جي متلاشي معصوم ٿري ڪارونجھر ۽ ان جي ڪنڌين تي وکريل تاريخ کي سھيڙي سنڌ جي تاريخ ۾ نوان واڌارا ڪيا آھن ۽ اھو ڪم جنھن لاءِ ادارن جي ضرورت ھوندي آھي ۽ پروفيشنل مورخ ۽ آرڪيالاجي جا ماھر اھڙي ڪم کي پورو ڪندا آھن پر معصوم ٿري اڪيلي سر ان ڏکئي ڪم سان نڀايو آھي. ھن ان ڪٿاب جي اٿڪ ۾ اڀياسي جائزو وٺي پڙھندڙ کي پيرائتي طريقي سان اھو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌ جي تاريخ کي پھريون ڀيرو اوڻويھين صدي عيسوي ۾ پيرائتو ڪرڻ واري ڪم ۾ گورن پنھنجن قومي ۽ مذھبي مفادن کي اوليت ڏيندي ڪھڙي ريت سنڌ جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا. انھي ساڳي باب ۾ معصوم ٿري پھريون ڀيرو سنڌ جي قديم ترين ڪتاب رگ ويد جو فڪري اڀياس ذريعي ھڪ سيبتو جائزو ورتو آھي جنھن ۾ ھن آرين ۽ اڻ آرين واري منڌل سٽ کي سلجھائي محققن ۽ دانشورن کي نوان گس ۽ پيچرا سنواري ڏنا آھن. ڪتاب جي ڪڙي 2 ۾ ليکڪ ڪارونجھر جبل ۽ ان جي آس پاس وکريل تاريخي اھڃاڻن تي پنھنجي قلم ذريعي باقاعدہ عرق ريزي جيان سنڌ جي تاريخ جي بلڪل نئين باب کي نروار ڪرڻ ۾ واقعي ڪمال جو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. ليکڪ ڏند ڪٿائن لوڪ ادب مقامي روايتن سان گڏ تاريخي حوالن ۽ جديد سائنسي کوجنائن کي ڀيٽائي اھڙي ريت ته بيھاريو آھي جو ان طرف عالمن ۽ محققن کي متوجه ٿيڻو ئي پوندو. ھن ڪڙي مان اھو امر لڪيو نٿو رھي ته ويدڪ ۽ پالي ادب جو اڀياس ڪري ان مان سنڌ جي تاريخ ڳولي ھٿ ڪرڻ ۾ ته وسان ڪونه گھٽايو آھي پر ھن يوناني مورخن جي لکتن جوبه باريڪ بيني سان جائزو ورتو آھي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ افسانوي پاتال جا پيرا کڻندي ان کي زميني حقيقتن سان ڀيٽڻ لاءِ نه صرف پارڪر جي پٽن جو ڳوڙھو مشاھدو ڪيو آھي پر اتي اھڙن اھڃاڻن ۽ آثارن کي پھريون دفعو نساري نروار ڪرڻ واري پٽ کوھ به ڪئي آھي جڏھن ته مقدوني بادشاھ سڪندر واري پاتال يا پٽاله بندر ڏانھن ويندڙ پيرا کٽائڻ لاءِ ھن يوناني مورخن جي پنڌ جي پيرا ڀيٽي ڪندي اھو ثابت ڪيو آھي ته ھيستائين پاتال بندر تي ٿيندڙ کوج غلط رخن يا ماڳن طرف موڙي ويئي آھي. ھن ڪتاب ۾ اٿاريل ھڪ نئين سوال ته سنڌ جي تاريخ ساز حڪمرانن ورتر، چندر موريا ۽ وڪرماجيت کي تاريخ نويسن افسانوي ڪردار ڄاڻائي اصل ۾ افسانوي ڪردارن کي تاريخي ڪردار طور پيش ڪري جيڪا نصابي تاريخ جوڙي آھي عالمن کي ان جو نئين سري سان جائزو وٺڻو پوندو. تاريخ تي تحقيق وارو عمل بيھڻو ناھي اھو جاري رھندو پر ھر نئين تحقيق تاريخ کي نوان گس ۽ پيچرا ضرور فراھم ڪري ٿي. اھڙي پس منظر ۾ سنڌ جي دانشورن مورخن محققن کي ھن نئين تحقيق کي ضرور غور سان جاچڻو پوندو ۽ اھڙي بحث مباحثي مان ئي اھڙا ڪي نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا جنھن سان ممڪن آھي ته سنڌ جي تاريخ ۾ پيدا ڪيل بگاڙ ڇنڊجي دنيا جي قديم ترين سنڌو تھذيب جي تاريخ کي پنھنجي جڳهھ والارڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي. ان ڏس ۾ ھن ڪتاب جي ليکڪ جي ان راءِ کي به رکڻو پوندو ته سنڌ جي تاريخ کي تڏھن پيرائتو ڪري سگھجي ٿو جڏھن تاريخ کي ڪنھن مذھب عقيدي يا انھن سان سلھاڙيل حڪمرانن جي دائري ڪار بدران ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي تاريخي زاويي سان ڏٺو ويندو ڇاڪاڻ ته تاريخ جو واسطو جاگرافي سان ھوندو آھي ۽ جاگرافي جو واسطو ڌرتي سان ھوندو آھي ڌرتي جو واسطو ڌرتي واسين سان جڙندو آھي ۽ ڌرتي واسي تھذيب کي جنم ڏيندا آھن ۽ ان تھذيب مان تاريخ ڪر کڻي اٿندي آھي. ھن ڪتاب جي فھرست پڙھڻ کانپوءِ نقاد اھو سوال ضرور اٿاري سگھن ٿا ته ھي ڪم اصل ۾ ڪنھن ماھر آرڪيالاجسٽ جي ڪرڻ جو آھي پر ھن ڪتاب جي اڀياس کانپوءِ ليکڪ جي ان ڳالھه سان سھمت ٿيڻو پوندو ته آرڪيالاجسٽن کي وڌيڪ کوجنا لاءِ بنياد فراھم ڪري ڏيڻ وارو ڪم تاريخ جو شاگرد ڌرتي ۽ ان جي ڄاڻ رکندڙ يا ان ڏس ۾ وسيع مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ شخص يا عالم ئي ڪري سگھي ٿو. ھن ڪتاب جو مھاڳ لکندڙ سماجي سائنس جو ماھر پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ لکي ٿو ته “ليکڪ جي ھن ڪتاب مان صاف ظاھر آھي ته سندس اڀياس نه رڳو گھرو ۽ گھڻ رخو پر تمام گھڻو آھي تنھن ڪري آئون پوري وشواس سان چئي سگھان ٿو ته ھن پنھنجي تحقيقي ڪم سان ڀرپور طريقي سان نڀايو آھي”منھنجو ھي خيال آھي ته سنڌ لاءِ سوچيندڙن کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.
اسحاق ساگر ڀٽي/ جهڏو
نادرا آفيس ڇاڇرو…⸮
8 اپريل تي صبح جو نادرا آفس ويس بي فارم ڊپيڪيلٽ ٺهرائڻ لاءِ. ٽوڪن مليو 7011 ٻاهر ويٽنگ پيلس ۾ انتظار ڪيم. نمبر آيو ته ڪائونٽر نمبر ٽي تي سڏ ٿيو. منير کي ساڻ وٺي ڪائونٽر تي ويس. هتي آپريٽر مون کان منهنجا فنگر پرنٽ ورتا ۽ ڪيمرا جي سامهون ويهڻ جو چيائين ته مون چيو منير جو بي فارم آ منهنجو ناهي پر آپريٽر مون کي ئي ويهڻ جو چيو تڏهن شڪ پيدا ٿيو ته آپريٽر ڪا چال پيو ڪري، هن کي منهنجو ڪم ناهي ڪرڻو پر آءٌ هن جي چوڻ مطابق ڦوٽو واري چيئر تي ويٺس ته آپريٽر پنهنجي خانه پوري ڪري مون کي چيو توهان جي والد جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ وٺي اچو. مون اعتراض ڪيو ته بي فارم منهنجي ڇوڪري جو ٺهرائڻو آ آءٌ ويٺو آهيان ۽ منهنجي ڊيٽا مڪمل آ پوءِ هن جي ڏاڏي جي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جي ڪهڙي ضرورت آ. تڏهن چيائين ته نوٽس آيو آ توهان پاڻ پڙهي وٺو. اوهان جي بابا جو شناختي ڪارڊ ڪينسل ڪرڻو پوندو پوءِ ڪم ٿيندو ته ڪجهه رش ۽ جلدبازي جي ڪري نوٽس مون کي مڪمل سمجهه ۾ ڪونه آيو. تيسين نوٽيس اسڪرين تان غائب ٿي ويو. بهرحال مون چيو ٺيڪ آ سڀاڻي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ وٺي ايندس ٻاهر وڃڻ کان پوءِ وري خيال آيو. پوري انفارميشن وٺي وڃان ته وري واپس آفس آيس ۽ ٽوڪن ڪائونٽر تي اچي انفارميشن ورتي ته مون کي چيائين اوهان کي صرف ڊيٿ سرٽيفڪيٽ کپندو ٻيو ڪجهه ڪونه. ٻئي ڏينهن 9 اپريل جو آءٌ بابا جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ وٺي آيس. ٽوڪن ورتو 7005 ٽوڪن مليو. سڏ ٿيو ته ٽوڪن نمبر7005 ڪائونٽر نمبر چار تي اچي ڪائونٽر تي ويٺس. ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ڏنو آپريٽر منهنجا فنگر ورتا ۽ ڪائونٽرنمبر ٽي جي آپريٽر سان مشورو ڪيائين ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ ڳالهه ٻول ڪرڻ کان پوءِ مون کي چيو ته بابا جو اوريجنل شناختي ڪارڊ کپي. مون چيو ڪل اوهان مون کي صرف ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جو چيو هو هاڻي وري اوريجنل ڪارڊ پيا گهرو، هڪ ئي دفعي سڄي رڪوائرمنٽ ٻڌايو ته ٻهراڙي کان اچڻ وارو ماڻهو پنهنجا ڊاڪومنٽس پورا کڻي اچي. منهنجي ايترو چوڻ تي ڪائونٽر نمبر ٽي جي آپريٽر صاحب کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ وڏي رعب سان ٻئي آپريٽر کي چيائين ته ڪارڊ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ واپس ڏي ۽ هن کي چئو وڃ. مون ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاهيو مگر آپريٽر صاحب ايترا گرم هئا جو ٻڌڻ جي سڪت ڪونه هئي. تڏهن مون کي خيال آيو ته آءٌ ڳالهائندس ته مسئلو وڌندو. اهي سوال جيڪي مون آپريٽر صاحب کان پڇڻ پئي چاهيا غلط آهن الائي صحيح ‘واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو: سڀني پڙهندڙن کان ڪري ٿا وٺون جيڪو راءِ ڏين. بي فارم منهنجي پٽ جو ٺهرائڻو هو آءٌ پاڻ موجود هئس منهنجي ڊيٽا ڪمپليٽ هئي پوءِ ڏاڏي جي ڊيٽا جي ڪهڙي ضرورت آ. ٻي ڳالهه ته منهنجي بابا جي ڊيٿ ٿي آ 2018 ۾ اڄ 2025 پيو هلي. بابا صاحب جي ڊيٿ کان پوءِ اسان جا ٻه ڀيڻ ۽ ڀاءُ ننڍڙا هئا انهن جا اسان بي فارم ٺهرايا، ٺهي ويا. نادرا وارن کي NIC ڪينسل ڪرڻ ياد ڪونه آيو پوءِ بابا جو اڪائونٽ والده جي نالي ٽرانسفر ڪرايو تڏهن به NIC ڪينسل ڪرڻ وسري ويو پوءِ هڪ ڀاءُ کي گورنمنٽ ملازمت ملي جيڪو بابا جو پٽ آ انهي ٽائم به NIC ڪينسل ڪرڻ ياد ڪونه آيو پوءِ جڏهن پوٽي جو بي فارم ٺهرائڻو هو ته نادرا وارن کي ڏاڏي جو NIC ڪينسل ڪرڻ ياد اچي ويو آهي نه مافيا جي من ماني؟ جڏهن وڻيس جيڪو وڻيس قانون ٺاهي غريب عوام کي دربدر ڪري رشوت جو مال ٺاهن.
منظور راهمون/ ڇاڇرو
ڪاش! ماڻهو فلسطين جي باري ۾ اها حقيقت ڄاڻين ها؟
مغرب جي جديد تاريخ جي بي مثال دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي وڏن شهرن جا رستا فلسطين جي حمايت ۾ زبردست مظاهرن سان ڀرجي ويا آهن. آمريڪا کان جرمني تائين، ماڻهو فلسطينين سان يڪجهتي جي پيغام سان لڳاتار هفتي جي آخر ۾ روڊن تي نڪري آيا. هنن جو هڪ ئي مطالبو هو، ”هاڻي تمام گهڻو ٿي ويو آهي. فلسطينين کي نظر انداز نه ڪيو وڃي ۽ دنيا جي ڪنهن رد عمل کان سواءِ نسل ڪشي جو نشانو بڻايو وڃي“. هن وقت تائين مغرب ۾ شايد ئي ڪنهن ماڻهو اهڙا منظر ڏٺا هجن. آمريڪا ۾ به حيران ڪندڙ انداز ۾ مظاهرا سامهون آيا آهن. لاس اينجلس، شڪاگو، نيو يارڪ ۽ هوسٽن سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ هزارين ماڻهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي. سماجي تحريڪن جي مبصرن اهڙي وڏي پيماني تي احتجاج کي تاريخي قرار ڏنو آهي. آمريڪي يونيورسٽين جي شاگردن يونيورسٽي ڪيمپس ۾ وڏي پيماني تي ڌرڻا ۽ مظاهرا شروع ڪيا ته آمريڪا جي مرڪزي حڪومت سخت رد عمل ظاهر ڪيو. هي اهو آهي جتي اظهار جي آزادي جي علامت طور احتجاج “قومي سلامتي“ لاءِ خطرو بڻجي احتجاج ۾ تبديل ٿي ويو. ان مسئلي کي آمريڪا جي اظهار جي آزادي ۽ پرامن اسيمبليءَ جي دعويٰ تي سواليه نشان بڻايو. آمريڪا ۾ ڪي تنقيدون به ان نظريي جي تصديق ڪن ٿيون. سي اين اين تي ڪجهه صحافين طرفان هڪ قسم جي ادارن جي پارٽين جو الزام لڳايو ويو آهي، ان لحاظ سان ته نيوز ڊيسڪ جا فيصلا اڪثر فلسطينين کي حقيقي مطالبن بابت لکڻ يا ڳالهائڻ کان روڪيندا آهن. يورپ توڙي آمريڪا جي گهٽين ۾ جيڪي ماڻهو صهيوني حڪومت جي خلاف نعرا هڻندي ڏسندا آهن اهو محدود ڄاڻ رکن ٿا. جيڪڏهن کين وڌيڪ ڄاڻ ملي ته هو آمريڪا ۽ اسرائيل جي ظلم خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪندا.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز
دريا تي ڌاڙونامنظور !!
جسقم شهيد بشير خان مرڪز پاران اعلانيل سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪينال اڏڻ خلاف ۽ گرين انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جون زمينون هڙپ ڪرڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مسلسل 10 ڏينهن جي بُک هڙتال جاري آهي. بک ھڙتال کي ڪالهه ڇهون ڏينهن هو. پر بک ھڙتال تي ويٺل ڪارڪنن جا حوصلا بلند آهن. جيڪي پنهنجو رت سڪائي قوم کي سڄاڳ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. مسلسل بک ھڙتال سبب ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي طبيعت به بگڙي رھي آهي. پر پاڻ اسپتال وڃڻ کان جواب ڏيندي چيو ته اسان جي زندگين کان وڌيڪ قومي مقصد اھم آهي. کين ان عمل تي قومي سلام پيش ڪيون ٿا. بک ھڙتالي ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي ‘عملي ادبي شخصيتن ‘ وڪيلن ‘ قومپرست اڳوڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. اچو ت سنڌ واسيو ھن بک ھڙتالي ڪئمپ تي وڌ کان وڌ شريڪ تي انهن جي حوصلاافزائي ڪيون ۽ ان جدوجهد جو حصو ٿي 6 ڪينال رد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.
الھ بخش کوسو/ نوان جتوئي