آمريڪا ۾ احتجاج ۽ نيتن ياھو جي ناڪامي

 

آمريڪا جي 50 رياستن ۾ تقريبن 12 سئو کان وڌيڪ شھرن ۽ ھنڌن تي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس مشير ايلون مسڪ خلاف لکن جي تعداد ۾ ماڻھو رستن تي نڪري آيا. مزي جي ڳالھ تہ اھا آھي تہ ھي اھي ئي ماڻھو آھن جن ٽرمپ کي ووٽ ڏنو ھو. احتجاج ۾ فلسطين ـ اسرائيل جنگ مخالف يھودي بہ ڏٺا ويا. جڏھن تہ انھن احتجاجن ۾ ھڪ وڏو سفيد پيپر بہ آندو ويو جنھن تي غزا جي بي گناھ شھيد ٿيل انسانن جا نالا لکيا پي ويا جيڪي آمريڪي اسلحي سان نيتن ياھو ھٿان بيدردي سان ماريا پيا وڃن. آمريڪي عوام کي صدر ٽرمپ تي انڪري بہ ڪاوڙ آھي تہ ٽرمپ پنھنجي انتخابي جلسن ۾ پنھنجو پاڻ کي جنگ مخالف طور ظاھر ڪيو. ھنن ٽرمپ کي انڪري ووٽ ڏنو جو ھو جنگيون ختم ڪرائيندو پر ٽرمپ تہ ھڪ اھڙو شخص نڪتو جيڪو ڏينھن جو ڪجھ چوي ٿو ۽ رات جو وري ڪجھ ٻيو چوي ٿو. ھي اھو ئي ٽرمپ آھي جنھن پنھنجي پاڙيسري ملڪ ڪيناڊا کي ڌمڪائڻ شروع ڪيو ۽ ان کي پنھنجي ھڪ رياست بڻائڻ جو مغروري سان اظھار ڪندو رھيو. ھن گرين لينڊ تي قبضي جا وڏي واڪي بيان ڏئي يورپ سان تنازعن کي بہ ھٿي ڏني. صورتحال اھا آھي تہ ٽرمپ جي شروع ڪيل تجارتي جنگ دنيا کي لوڏي ڇڏيو آھي. اسٽاڪ مارڪيٽون ڪريش ڪري ويون. کربين ڊالر ٻڏي ويا صرف اھا ھڪ خبر سٺي ٻڌڻ لاء ملي تہ عالمي سطح تي تيل قيمتون پنج سالن جي گھٽ سطح تي پھچي 60.72 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. 7 اپريل 2025ع تي اسرائيل جي وڏي سفارتي ناڪامي سامھون اچي وئي. صيھوني رياست اسرائيل جو وزيراعظم نيتن ياھو جيڪو آمريڪا جي دوري تي پھتل ھو جنھن جو وائيٽ ھائوس جو دؤرو ناڪام ٿي ويو. آمريڪي صدر ٽرمپ کيس 4 ارب ڊالر نيٺ ياد ڏياري ئي ڇڏيا. ترڪي بابت نرم موقف توڙي ايران سان مذاڪرات جي تصديق بعد نيتن ياھو ۽ ٽرمپ جي گڏيل پريس ڪانفرنس ئي منسوخ ٿي وئي. ڪيترائي تجزيہ نگار دوري کي ڪنھن بہ اسرائيلي وزيراعظم جو ناڪام ترين دورو قرار ڏئي رھيا آھن. عالمي عدالت مان نيتن ياھو خلاف فيصلو اچڻ بعد يورپي ملڪَ بدنام زمانہ بدترين عالمي دھشتگرد نيتن ياھو کي گرفتار ڪرڻ لاء راضي ٿي ويا آھن پر آئرلينڊ، نيدرلينڊ ۽ اسپين تہ ھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ صفا آتا آھن. اطلاع آھن تہ نيتن ياھو جڏھن يورپي ملڪ ھنگري مان نڪري آمريڪا وڃي رھيو ھو تہ ھي انھن ملڪن جي ھوائي حدن کان باء پاس ڪري ويو، جنھن ڪري ھن کي 400 ڪلوميٽر ويتر وڌيڪ سفر ڪرڻو پيو. ھاڻي اھا ان گڏيل قومن ۽ عالمي عدالت انصاف جي ذميواري آھي تہ دھشتگردي ۽ نسل ڪشي جون سموريون حدون اورانگھي ويندڙ ھن بي رحم ۽ انساني رت پياڪ صيھوني دھشتگرد نيتن ياھو کي سندس جنگي ڏوھن جي جرم ۾ بنا دير جي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ لاء قدم کنيا وڃن.

 

محمد يوسف ڀٽو/ دڙو

 

ايراني تيل جو غير قانوني وڪرو ذميوار ڪير ؟

 

ٽنڊي غلام حيدر ۾ ايراني تيل جو غير قانوني وڪرو ٿي رهيو آھي، جڏهن ته اسان جي تعلقي ۾ منشيات جو پڻ کلي عام وڪرو ٿي رهيو آھي، جنهن سان نوجوان نسل نشي جو عادي ٿي رهيو آھي. ضلع انتظاميه ڪاروائي ڪندي ڪجھ ماڻهن کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آھي، هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهو ايراني تيل ايران جي سرحد تان ڪيئن ٿو مختلف شھرن تائين پهچي؟ ظاهر آھي ته اهو ڪنهن هڪ ماڻهو يا ڪنهن هڪ گروپ جو ڪم نه آھي پر باقاعده هڪ زنجير ٺهيل آھي، انهي ڪاروبار ۾ سياسي پشت پناهي پڻ حاصل آھي. اربين روپين جي انهي ڪاروبار سان ملڪ جي معيشت کي پڻ نقصان ٿي رهيو آھي، جيڪڏهن حڪومت اهو پيٽرول عوام تائين هڪ مقرر اگھ ۾ پهچائي رهي آھي ته انهي وڪري ۾ ٽيڪس پڻ شامل آھي، جنهن سان سرڪاري روينيو ۾ پڻ اضافو ٿيندو آھي، پر جيڪڏهن اهو پيٽرول چوري سان شھرن جي مختلف پيٽرول پمپن تائين پهچي ٿو ته يقينن ڪوبه ٽيڪس شامل نه ٿيندو آھي ۽ انهي جي قيمت پڻ گهٽ هوندي آھي، پر انهي وڪري سان حڪومت کي فائدي بدران نقصان ٿيندو آھي، جڏهن ته پيٽرول مافيا انهي ڪاروبار سان اربين روپيه ڪمائيندي آھي. هاڻي ته ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ پڻ منشيات ۽ ايراني پيٽرول جو غير قانوني ڪاروبار وڌي ويو آھي. ايراني پيٽرول عوام کي سرڪاري اگھ تي ئي ملي رهيو آھي، جنهن سان عوام کي ڪوبه رليف نه پيو ملي پر عوام کي انهي پيٽرول جي استعمال سان تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آھي، انهي پيٽرول سبب گاڏين جي انجڻ تي ناڪاري اثر ٿي رهيو آھي، عوام کي اها خبر نه هوندي آھي ته پيٽرول ايراني آھي يا سرڪاري، اهو انتظاميه جو ڪم آھي ته شھرن جي پيٽرول پمپن تي ڇاپا هڻي ۽ غير قانوني پيٽرول وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري ته جيئن انهي غيرقانوني ڪاروبار کي روڪي سگهجي، پر جيڪڏهن انتظاميه ئي ڪجھ پيسن جي عيوض انهي غيرقانوني ڪاروبار کي ڇوٽ ڏني ته يقينن اهو انهي ملڪ ۽ قوم جي لاء وڏو الميو آھي. بهتر اهو آھي ته انهي ڪاروبار جي روڪٿام لاء انتظاميه ميدان ۾ اچي ۽ پنهنجي ئي ادارن جي ملازمن خلاف بھ سخت ڪاروائي ڪري جيڪي انهي ڪاروبار ۾ ملوث آھن. سنڌ حڪومت ۽ وفاق پڻ سجاڳ ٿئي ته جيئن ملڪ اندر غيرقانوني هر ڪاروبار کي روڪي سگهجي.

 

نديم علي خواجه/تلهار

غزا ۾ صحافين تي ٿيندڙ حملا ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي

 

7 اپريل 2025ع تي غزہ جي خان يونس علائقي ۾ ٿيل اهو دل ڏکائيندڙ واقعو، رڳو هڪ صحافي جي شهادت نه، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ کليل پيغام هو ته سچ لکڻ، سوال ڪرڻ ۽ حقيقتن کي ظاھر ڪرڻ هاڻي هڪ خطرناڪ ڪم بڻجي چڪو آهي. جڏهن اسرائيلي فوج ناصر اسپتال جي ڀرسان صحافين جي خيمن کي نشانو بڻايو، ته ان وقت اهي صحافي صرف پنهنجو پيشيواراڻو  ڪم ڪري رهيا هئا نه هٿياربند هئا، نه ڪو خطرو ھو پر پوءِ به، انهن کي جان جي قيمت ادا ڪرڻي پئي. حلمي الفقاوي، جيڪو غزہ جي آزادي پسند آواز طور سڃاتو ويندو هو، ان باه ۾ زنده سڙي ويو. سندس آخري لمحن جي تصويرن ۽ وڊيوز، جيڪي عالمي ميڊيا تي ظاهر ٿيون، ڪنهن به حساس دل انسان لاءِ بيحد تڪليف ڏيندڙ هيون. سندس ساٿي باھ وسائڻ لاءِ پاڻي کڻي آيا، ڪپڙا لاھي شعلن کي وسائڻ جي  ڪوشش ڪندا رھيا پر تقدير کيس نه بچائي سگهي ۽ کيس شهادت نصيب ٿي. هن سانحي کانپوءِ صرف غزہ ۾ نه، پر پوري دنيا جي صحافتي برادري ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي.”رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز”، “فريڊم آف دي پريس” ۽ ٻين ڪيترين ئي عالمي ادارن اسرائيلي ڪارروائي کي انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. پر افسوس ته عالمي قوتن طرفان صرف بيان جاري ٿيا، ڪو به اثرائتو قدم اڃا تائين سامهون ناهي آيو. هي رڳو هڪ حملو نه هو، پر مسلسل ٿيندڙ ظلمن جي هڪ ڪڙي هئي. اڄ جيڪڏهن صحافين کي نشانو بڻايو ويو، ته سڀاڻي ڊاڪٽر، استاد، اديب يا عام شهرين کي به نشانو بڻايو ويندو. هي روش رڳو غزا تائين محدود ناهي، پر اها عالمي ضمير لاءِ به هڪ آزمائش آهي. جيڪڏهن حق ۽ سچ کي اجاگر ڪندڙ قلم کي دٻايو ويندو، ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به محفوظ نه رهندو. ناصر اسپتال، جيڪا پهريان ئي ڪيترن ئي زخمين جي آخري اميد آهي، پاڻ به مسلسل بمباري هيٺ آهي. صحت جا ادارا، جن کي عالمي جنگي قانون تحت مڪمل تحفظ حاصل هجڻ گهرجي، انهن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. غزا ۾ هلندڙ جنگ، جيڪا 2023 کان جاري آهي،اها نه صرف سياسي تڪرار، پر انسانيت جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. ھن جنگ ۾ 173 کان وڌيڪ صحافي زندگيءَ جي جنگ ھارائي چڪا آهن. هي رڳو انگ نه آهن اهي هر هڪ جان، هڪ خاندان، هڪ آواز ۽ هڪ مشن جو نالو آهي. ھاڻ وقت آهي، جڏهن عالمي ادارن کي رڳو مذمتي بيانن بدران حقيقي قدم کڻڻ گهرجن. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته صحافت جو قتل، سچ جو قتل آهي ۽ جڏهن سچ دفن ٿيندو، ته انصاف جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. حلمي الفقاوي جي شهادت رڳو غزہ لاءِ نه، پر سڄي صحافتي دنيا لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي شايد اڃا فلسطين جي سرزمين کي شهيدن جي ضرورت آهي؟ خدا فلسطيني عوام تان مشڪلاتون معاف فرمائي.

 

سيد غلام مصطفي شاھ

 

دنيا جي وڏن غدارن جو اثر پاڪستان تي ڪڏهن پوندو؟

 

دنيا جو وڏو غدار وٽڪون ڪسلنگ هو. بطور غدار هن مٿان وڏا ڏوهه ثابت ٿيا. ڪسلنگ 1942 ۾ ناروي جو صدر به چونڊيو ويو هو ۽ جنگ جي پڄاڻيءَ تائين ناروي جو صدر رهيو. زندگي ۾ ڏٺو آهي ته جنهن به ملڪ جو صدر يا وزيراعظم پنهنجو مدو پورو ڪندي پنهنجي آفيس کي کلندي مسڪرائيندي ڇڏيندو آهي. پر ناروي ملڪ جو هيءُ پهريون صدر هو جيڪو صدارت جي ڪرسيءَ کان ڦاهيءَ جي ڦندي تائين پهتو ۽ پوءِ ظاهر آ روئندو ئي رهيو ۽ ڦاهي چڙهي ويو. هن پنهنجي ملڪ جي عوام مٿان وڏا وڏا ظلم ڪيا ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ دشمن ملڪن سان ملي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. صدر ڪسلنگ جو تعلق ناروييجن فوج سان هو. 1940 ۾ نازين ناروي ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي. هن جرمني جي ظالم اڳواڻ هٽلر سان به ملاقات ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته هن کي ناروي جو صدر رهڻ ڏنو وڃي. هٽلر هن کي منافقت واري هاڪاري موٽ ڏني پر ڪسلنگ وڏي غلطي ۾ هو. بھرحال دنيا جهان غدارن سان ڀري پئي آهي. جيڪڏهن هڪ غدار جي ڳولا ۾ نڪري پونداسين ته اسان کي هزارن جي تعداد ۾ غدار ملي ويندا. پر آءُ هتي في الحال دنيا جي ڪجهه غدارن جو ذڪر ڪندس. انهن غدارن ٻين کي نه پر پنهنجي ملڪن ۽ عوام کي نقصان ڏنو ۽ پوءِ پڇتاءُ ڪندي ڪندي زمين ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي ويا ۽ سندن مٿان ڪيترائي مڻ مٽيءَ جا پئجي ويا. دنيا جو وڏو غدار روس جو آندري ويلاسوف کي سڏيو وڃي ٿو. ان آندري ويلاسوف پنهنجي سموري زندگي ڳاڙهي فوج ۾ گذاري. اهو فوج جي ڪيترن ئي يونٽن جو اڳواڻ به رهيو. ائين کڻي چئجي ته هو جنگجو فوج جو هڪ حصو رهيو. جڏهن نازي فوج اڳوڻي سوويت يونين تي قبضو ڪيو ته ان وقت ويلاسوف نازين سان بهادري سان وڙهيو هو. جڏهن هن کي جرمني فوج گرفتار ڪيو ته هن ڏٺو ته روسي سندس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه پيا ڪن ته هن جرمني فوج کي روس تي قبضي ڪرڻ جا گر ٻڌائيندو رهيو. جرمني فوج به هن سان ڌوڪو ڪيو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ ويلاسوف وري آمريڪي فوج جي هٿ چڙهي ويو. جنهن هن کي روس حوالي ڪيو ۽ روس هن مٿان غداري جو الزام هڻندي هن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. دنيا جو ٻيو وڏو غدار مير جعفر هو هن برطانوي آرمي چيف رابرٽ سان پلاسي جي جنگ ۾ هٿ ملايو ۽ مسلمانن کي پلاسي جي جنگ ۾ شڪست ڏياري. جيڪڏهن غدار مير جعفر نه هجي ها ته انگريز برصغير تي قابض نه ٿي سگهي ها. انگريزن هن غدار کي بنگال جو نواب بڻايو. آمريڪي اڄ به غدار مير جعفر کي ناروي جي غدارن سان جوڙين ٿا. دنيا جو ٻيو غدار چن هوئي جنهن جو تعلق چين سان هو. هن کي چين جو سپر غدار سڏيو ويندو هو. هي پنهنجي فوجن جي هٿ چڙهيو ۽ غداري جي الزام ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويو. چين جا ماڻهو اڄ به هن غدار جي قبر تي روزانو جوتا ۽ پٿر وسائن ٿا. دنيا جي غدار ريڦي ليٽس ٽريچس جو تعلق يونان سان هو. هن جو تعلق يونان جي هڪ علائقي ٿرمو پلائي سان هو. هي يونان جو هڪ وڏو غدار هو. هن غدار دشمن فوجين کي هڪ اهڙو رستو ڏيکاريو جنهن سبب سندس ملڪ جي فوج دشمن فوج جي گهيري ۾ اچي وئي ۽ ان دشمن فوج يونان جي فوج کي ٻڪرين جيان ذبح ڪندا رهيا. اڄ به جيڪڏهن توهان آمريڪا ۾ بينٽ آرنلڊ جو نالو وٺندا ته آمريڪي ماڻهو توهان مٿان لتن جو وسڪارو لائي ڏيندا. هيءَ هڪ آمريڪي فوج جو وڏو بهترين جنرل هو. ان تي آمريڪا جي عوام کي وڏو ناز هو. پر سندس سوچ خراب هئي سڄو ڏينهن هي سوچيندو هو ته آمريڪا کيس ڇا ڏنو آهي؟هن برطانوي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا صرف ان لاءِ ته هن کي برطانوي فوج ۾ جنرل جو عهدو ڏنو وڃي. برطانيا انڪار ڪيو. ائين سندس غداري جو راز فاش ٿي ويو ۽ آمريڪا کيس موت جي ننڊ ڏيئي ڇڏي. دنيا جو وڏو غدار اميليو اوگانالڊو هو سندس تعلق فلپائن سان هو. هو فلپائن جي عوام جي لاءِ مختلف ملڪن جي فوجين سان وڙهندو رهيو. حالانڪه هي فلپائن جو پهريون صدر به هو. پر هن جاپاني فوج سان گڏجي انهن جو سهولتڪاري ڪئي ۽ ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو جنهن جي ڪري سندس مٿان غداري جو داڳ پيو. هاڻي ڏسڻو آهي ته پاڪستان ۾ غداري جو ايوارڊ ڪنهن کي ملي ٿو ان جو فيصلو جلد سامهون اچي ويندو.

 

علم الدين/روھڙي

 

ايشيا قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جرئت ۽ بھادري کي سرخ سلام

 

جهوناڳڙهه جي اڳوڻي وزيراعظم سر شاهه نواز ڀٽو جي گهر پيدا ٿيندڙ ذولفي ڀٽو ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته هي وڏو ٿي هن ملڪ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم، آئين جو خالق ۽ عوامي سياست ۾ نوان لاڙا آڻيندو. نه صرف اهو پر هن جي سياست جا چرچا دنيا جي سڀني کنڊن ۾ ٿيڻ لڳا. ملڪي سياست ۾ به سياسي حلقن کي لوڏي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻن آمرن کي عوام جي طاقت سان گهر ڀيڙو ڪيائين ۽ اجهي، لٽي ۽ ڳڀي جو نعرو هڻندڙ ذوالفقار علي ڀٽو پهنجي پارٽي جو بنياد وڌو جنهن ٿوري هي عرصي ۾ تاريخي مقبوليت حاصل ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۾ سياسي شعور جي بيداري لاءِ ڊرائنگ روم جي سياست کي رد ڪري عوامي سياست جو بنياد وڌو ۽ عام ماڻهو کي سياست جو سرچشمو ٺاهيو، سندس هن نعري عوام ۾ مقبوليت جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا. تاريخ گوااھ آهي ته هن ملڪ جي عدليا هڪ آ مر جي ھنج  ۾ ويهي آئين جي خالق مٿان ڪوڙو ڪيس هلايو ۽ پهرين جمهوري وزير اعطم کي 4 اپريل 1979 موت جي سزا ڏني وئي. قائدعوام کي چيو ويو ته معافي وٺي ملڪ بدر ٿي وڃو پر هن انهن سڀني آفرن کي رد ڪيو  ۽ اهو واضع ڪيو ته مان هن مٽي جي پيداور آهيان، مان عوام جي حڪمراني جي لاءِ هر سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ انهن اٽل اصولن تي بيٺو رهيو. ڪابه سوديبازي نه ڪئي ۽ ڦاسيءِ چارهيو ويو. در اصل ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي انهن سوچ جي ناڪامي هئي جنهن چاهيو پئي ته ڀٽو کي شهيد ڪري ان جي سوچ کي ختم ڪندا، پر اهي ڀليل هئا ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نه پر هڪ ذوالفقار علي ڀٽو عوام به آهي  جنهن کي ختم ضيا به نه ڪري سگهيو. ڀٽو شھيد جي بي گناھ خون سان انصاف لاء صدر پاڪستان پاران 2008ع واري دور حڪومت ۾ صدارتي ريفرنسرنس داخل ڪرايو ويو آخر ڪار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جھڙي عظيم جج قائد عوام فخر ايشيا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاء داخل ڪيل صدارتي ريفرنس کي اڪلائڻ لاء فل ڪورٽ ٺاھي باقاعدا ڪيس ھلايو. جنھن بعد اھو عظيم ڏينھن اچي ويو جتي عدليا پاران اھو اقرار ڪيو ويو تھ ڀٽو شھيد کي فري ٽرائل جو حق نـ ڏنو ويو ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ ججن مٿان دٻاء وڌو ويو. ڀٽو شھيد سان انصاف نـ ڪيو ويو. ھن ملڪ کي ايٽم بم قائد عوام ڏياريو ۽ ھن ملڪ کي ايٽمي طاقت کانپوء ميزائل ٽيڪنالاجي جو نظام شھيد راڻي ڏياريوئ شھيد راڻي کي جمھوريت جي ڳالھ ڪرڻ ۽ پنھنجي والد وانگر ملڪ جي عوام جي خوشحالي جي ڳالھ  ڪرڻ تي ھن ملڪ جي دشمنن شھيد ڪرايو. اڄ پوري دنيا ۾ جيئي ڀٽو جيئي شھيد راڻي زندا ھي ڀٽو زندا ھي زندا ھي بي بي۔ زندھ ھي جا نعرا گونجي رھيا آھن. ان مان صاف ظاھر آھي تـ ڀٽو شھيد جو فلسفو اڄ بھ زندا آھي. پوري ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سندس چاھيندڙ کيس ڀيٽا پيش ڪري رھيا آھن.

 

عبدالمجيد بروھي