وفا ۽ سچائيءَ جو اعليٰ مثال تاج حيدر
پاڪستان جي سياست ۾ھر طرح جا ڪردار شامل رھيا آھن، پر انھن پنهنجي پنهنجي تاريخ رقم ڪئي آهي جنهن جا ڪيترائي ئي رخ ھوندا آھن. 8 مارچ ،1942ع، ۾ ڪوٽا راجستان جي ھڪ عملي گھراڻي ۾جنم وٺندڙ تاج حيدر به ھڪ تاريخ جو نه وسرندڙ ڪردار بڻجي ويو. پروفيسر ڪرار حسين ميرٽھ ڪاليج ۾ انگريزيءَ ادب جو استاد ھو ، 1948ع ۾ ھجرت ڪري پاڪستان ۾ آيو، تاج حيدر ابتدائي تعليم گورنمينٽ بوائز اسڪول رنچوڙ لائنز ڪراچي مان حاصل ڪئي، انٽر ميڊيٽ خيرپور ڪاليج مان ڪيو، تاج حيدر 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايس سي آنرز ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي مان رياضي جو مضمون ۾ ايم ايس سي ،جي ڊگري حاصل ڪئي، پوءِ1967ع ۾ سوشلسٽ ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان ھو. ھن 1970ع ۾ ائٽمي پراجيڪٽ پاليسي ٺاھڻ ۾ڪردار ادا ڪيو. 1999ع کان 2000ع تائين پ پ پ جي ابتدائي صنعتي منصوبن جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ حب ڊيم سميت ڪجهه ٻيا به اھم سماجي پروگرام شامل ھئا. تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو صوبائي سيڪريٽري جنرل رھيو. 2 دفعا سينيٽر چونڊيو. مختلف سماجي سياسي ڪردار ادا ڪيائين.2013ع ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو، کيس 2012ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. تاج حيدر ھڪ عظيم بيباڪ سياستدان سان گڏ ھڪ دانشور ، ڪالم نگار، ڊراما نگار به ھو. اھيو عظيم انسان تاج حيدر ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد 83 سالن جي ڄمار ۾اسان کان جسماني طور ھميشه جي لاءِ وڇڙي ويوئ سندس وڇوڙو سندس خاندان، ساٿين، پارٽي قيادت ڪارڪنن جيالن جي لاءِ ھڪ ڏکوئيندڙ خبر هئي. سندس خال ڀرجڻ ۾ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. تاج حيدر جدوجهد جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو، ڪڏهن بهپارٽيءَ کان ڪنھن عھدي مفادن جي گهر نه ڪئي، ۽ ڪا شڪايت ھجت ۾ به نه ڪئي. ڪڏهن ائين به نه چيو ته اقتدار ۾اسان کي وساري ڇڏيو ٿا، اپوزيشن ۾ ياد ڪيو ٿا. تاج حيدر ھڪ تقريب ۾چيو ته آئون گھر ۾ ويٺو هئس، ته ڪال آئي ته ڳالھيم ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه چيو ته تاج توهان بلاول ھائوس اچو، جدوجهد جي ميدان ۾آھيون، ڪجهه صلاح ڪيون احتجاج جي باري ۾. مون چيو ته جي محترمه آئون جلدي پھچان ٿو. امان پڇيو ته ڪنهن فون ڪئي، ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ تاج حيدر چيو امان کي حقيقت کان واقف ڪيم ته امان ڪاوڙ مان چيو ته جڏهن اقتدار ۾پيپلزپارٽي ھئي، ته ڪڏهن ڪال ڪونھ آئي ڪڏھن ڪنھن حال به نه پڇيو، اڄ حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، پارٽيءَ قيادت ڪارڪنن کي جيلن ۾قيد ڪيو پيو وڃي، ڏکيو وقت اچي ويو آهي ته اسان ياد آيا آھيون، توهان کي بلاول ھائوس وڃڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، اھي لفظ چوندي امان جي اکين ۾لڙڪ تري آيا، آئون به پريشان ٿي ويس امان کي چيم ته امان اھو وقت ته پنهنجي ۽ پرائي، سچي ۽ ڪوڙي جي پرک جو ھوندو آھي، آئون ڪيئن محترمه سان انڪار ڪيان ته محترمه اڄ اھي ڪيڏانهن ويا، جيڪي ڪلھھ اقتدار ۾ ھئا، تون انھن کي ڪال ڪر، امان اھو طعنو آهي، پارٽيءَ يا محترمه کي نه ٿو ڏئي سگھان، باقي ڏکئي وقت ۾ھميشه پنھنجو ئي ڪم ايندو آهي، مون کي پنھنجو سمجھندي محترمه بينظير گھرايو آهي ضرور ويندس. اھائي پنھنجائپ جي نشاني آهي، جتي سڀ ڇڏي وڃن، امان منھنجي پٺي تي ھٿ ھڻندي چيو ته شاباس پٽ مون کي توهان مان اھا ئي اميد ھئي، ڀلي وڃي محترمه بينظير سان گڏ جدوجهد جو آغاز ڪيو. مون تنهنجي پرک ٿي ڪئي. ھو ھر مشڪل وقت ۾پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان اڳ کان سفر ۾ اڳڀرو رهيو . پنهنجي زندگيءَ جا 83سال ڀٽو ازم جي نظريي تحت هڪ جدوجهد ڪندي اسان کان جسماني طور ھميشه جي جدا ٿي ويو،
وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گهنور
نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ حڪومت جون پاليسيون
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 64 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، جيڪي عمر جي لحاظ سان 30 سالن کان گهٽ آهن. اهڙي صورتحال ۾ نوجوانن جي اهميت وڌي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ تھ اهي قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ بنيادي ستون آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ جو نوجوان معاشي غيريقيني، بيروزگاري، تعليمي معيار جي گهٽتائي ۽ بهتر مستقبل جي کوج ۾ پريشان نظر اچي ٿو. ان باوجود، نوجوانن وٽ صلاحيتون، توانائي ۽ نوان خيال موجود آهن، جيڪي جيڪڏهن صحيح رستي تي لڳايا وڃن ته ملڪ کي ترقي جي بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هزارين نوجوان هر سال يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي نڪرڻ باوجود مناسب روزگار کان محروم آهن. هي حالتون انهن کي بددلي، مايوسي يا ٻاهرين ملڪ هجرت ڏانهن ڌڪين ٿيون.ملڪ جي اندر ئي روزگار جا موقعا تمام محدود آهن، جڏهن تھ مقابلو ڏيندڙن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. صورتحال جي سنگيني جو اندازو ان مان لڳائي سگهون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن نوڪري لاءِ رڳو 38 سيٽون نڪرن ٿيون، ته انهن لاءِ لڳ ڀڳ 38,000 نوجوان درخواست ڏين ٿا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن نوڪرين جو تعداد ئي محدود آهي ته حڪومت کي اهڙو نظام ٺاهڻ گهرجي، جتي صرف حقدار نوجوان ئي اپلاءِ ڪن ۽ بي مقصد هزارين شاگردن جي في، ٽيسٽ جي تياريءَ جا خرچ ۽ جذبات نه لٽجن. ڪيترائي شاگرد قرض وٺي فارم ڀرين ٿا، تياري ڪن ٿا، پر آخر ۾ کين مايوسي نصيب ٿئي ٿي، جيڪا معاشري ۾ منفي اثر ڇڏيندي آهي. ٻئي طرف، حڪومت طرفان وقت بوقت ڪجهه منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ “ڪامياب جوان پروگرام”، “انٽرن شپ اسڪيمون” يا “اسڪِل ڊولپمينٽ سينٽرز”، پر انهن مان اڪثر پروگرام يا ته رڳو ڪاغذن تائين محدود رهن ٿا يا سندن اثرائتي عملداري نظر نٿي اچي. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به نوجوانن لاءِ موقعا محدود آهن. ڪيترائي ادارا نئين نوجوان کي نوڪري ڏيڻ لاءِ راضي ناهن، ڇو تھ سندن خيال آهي ته تجربي جي کوٽ سبب نوان ملازم ڪارائتا ثابت نه ٿيندا. هي طرزِ فڪر نوجوانن لاءِ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. ان کان سواءِ، فني تربيت جي کوٽ، جديد مهارتن جي اڻهوند، ۽ لاڳاپيل شعبن جي معلومات نه هجڻ سبب نوجوان عالمي سطح تي به مقابلو ڪرڻ کان قاصر آهن. ان سلسلي ۾ نوجوانن کي گهرجي ته هو صرف سرڪاري نوڪرين تائين محدود نه رهن، پر تعليم سان گڏ ڪنهن ننڍي ڪاروبار، آن لائن ڪم، يا فري لانسنگ ڏانهن به ڌيان ڏين. اڄ جي ضرورت آهي ته تعليمي ادارا صرف ڊگريون ڏيڻ تائين محدود نه رهن، پر شاگردن ۾ فني مهارتون، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت، ۽ ڪاروباري سوچ پيدا ڪن. حڪومت کي گهرجي ته تعليمي نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪري، فني ادارا وڌائي، ۽ نوجوانن لاءِ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪري.آخر ۾ اهو چئجي ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جي ترقيءَ جو سفر تيز ٿئي، ته پوءِ نوجوانن جي صلاحيتن کي سنڀالڻ، انهن کي روزگار ڏيڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي. صرف تقريرون ۽ اعلان نه، پر عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي روزگار مهيا ڪري اسان نا صرف انهن جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهون ٿا، پر ملڪ لاءِ به هڪ روشن راهه جو بندوبست ڪري سگهون ٿا. نوجوان اسان جو سرمايو آهن ۽ ان سرمايي کي ڪم ۾ آڻڻ ئي اصل حڪمت آهي.
راجا جاني وساڻ/ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد
ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر سليم سولنگي ڏانهن خط
ڊائريڪٽر ثقافت کاتو
انتھائي احترام سان اوهان جي خدمت ۾ هي عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته عزيز سانگي صاحب، جيڪو لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل جو ٻه ڀيرا صدر رهي چڪو آهي، هڪ مڃيل ۽ قابل احترام اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي. هن شخص پنهنجي فن جي ذريعي سنڌ جي ثقافت ۽ فن کي وڏو مان ڏنو آهي. هن ڪيترن ئي يادگار اسٽيج ڊرامن ۽ مقبول سوپ سيريلز جهڙوڪ “وڪوڙيل وجود”، “پٿر دنيا” ۽ “ڪارو سج” جي ڊائريڪشن ڪئي آهي، جن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل ستن سالن کان کيس وساريو ويو آهي جنهن ۾ ثقافت کاتو به شامل آهي. اسان کي اُهو سمجھھ ۾ نٿو اچي ته ڇا عزيز سانگي ثقافت کاتي جي ڀاڱي ۾ شمار نه ٿو ٿئي؟ هي نه رڳو سندس فن جي بي قدري آهي پر لاڙڪاڻي جي فن ۽ ثقافت سان به ناانصافي آهي. اسين اوهان جي اڳيان اهو عرض ڪرڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جي مڃيل اداڪار ڊائريڪٽر عزيز سانگي ۽ سندس برادري جي وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ لاڙڪاڻي جي وس وارن کي خط لکو ته عزيز سانگي ۽ سانگي برادري جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائي هڪ اداڪار کي انصاف ڏنو وڃي. اميد آهي ته اوهان هن اهم معاملي تي فوري طور تي ڌيان ڏيندا ۽ ضروري قدم کڻندا ته جيئن هڪ قابل فنڪار جي حق جو تحفظ ٿي سگهي، برادري ۾ امن قائم ٿئي ۽ کيس باعزت زندگي گذارڻ جو موقعو ملي سگهي. توهان جي تعاون جو منتظر رهندس.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سلام آ سنڌ جي بهادر نياڻي پارس-بکراڻي
سلام آ سنڌ جي بهادر نياڻي پارس-بکراڻي کي جنهن ڏينهن رات قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيا آهن ۽ شڪارپور شهر جي هر سماجي مسئلي جي حل لاءِ شهر شڪارپور واسين جي مدد لاءِ سڌا سنوان ۽ ترت حڪم ڏئي پئي ۽ پنهجن تمام ايس ايچ اوز ۽ وڏن منشين ۽ ڊيوٽي آفيسرن کي سختي ۽ سان هدايتون ڏنيون آهن ته پنهجو رويو عام ماڻھن سان درست رکن ۽ هر مظلوم جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي اهو اکين ڏٺو مشاهدو آ ته هڪ سائل ھن ڏي پنهجي دانهن کڻي آيو ته سندس مسڪيني حال کي ڏسي سندس زال پنج سالن کان وئي آ هلي ۽ ننڍڙا معصوم ٻار پويان گهر ۾ اڪيلا ڇڏي وئي آ هو پاڻ سڄو ڏينهن ويچارو مزدوري تي پويان سندس ٻار وتن پيا رلندا جنهن تي پارس بکراڻي متعلقه ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو ته مائي ڳولهي ڪاڪي کي ڏياريو ڪنهن چڱي اڳيان ته جيئن ٻارڙن جو مستقبل محفوظ رهي. اسان به ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي جي فراڊي مالڪ لاءِ فرياد کڻي وياسين اسان جي درخواست تي به فورن متعلقه ٿاڻي کي حڪم ڪيو ته ان مسئلي کي حل ڪرائي سموري رقم واپس ڏياري وڃي ۽ فراڊي فرد يا ڪمپني خلاف سڌي ايف آءِ آر ڪٽي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏني وڃي. اها ڪاروائي ڏسي جس ڏيڻ تي مجور ٿيس ته اسان جا بهادر آفيسر ۽ اسان جون بهادر نياڻيون ڪيڏو نه بهادري ۽ جرئت سان پيون انتظام هلائين.
استاد جاويد هڪڙو/ شڪارپور
هاءِ غزا……اسان شرمنده آهيون!!!
ڪجهه ڏينهن اڳ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو هو ته عرب اڳواڻن غزا جي لاءِ جنگ کانپوءِ واري مصري منصوبي کي مڃي ڇڏيو آهي، جنهن ھيٺ لڳ ڀڳ 20 لک فلسطينين کي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ملي ويندي. قاهره ۾ عرب ملڪن جي وزيرن هڪ بند ڪمري واري اجلاس ۾ غزا جي شھرين جي نيڪالي کانسواءِ ٻيھر اڏاوت بابت هڪ منصوبي تي بحث ڪيو. صدر عبدالفتاح السيسي آمريڪي صدر جي غزا جي ٻيھر اڏاوت جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ تجويز ڏني ته وقتي مرحلي ۾ غزا جو نظام ٽيڪنوڪريٽس کي ڏنو وڃي ۽ ان دوران فلسطيني پوليس کي تربيت ڏني وڃي ۽ پٽي جي اڏاوت لاءِ فنڊز جو بندوبست ڪيو، پر اسرائيل هر ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي غزا جي پٽي تي وڏي پيماني تي تباهي ڪئي.اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس جي دهشتگرد حملي ۾ لڳ ڀڳ 1200 ماڻهو ماريا ويا هئا، جڏهن ته ويڙهاڪ تقريبن 250 ماڻهن کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ غزا کڻي ويا ھئا. جڏهن ته غزا جي صحت جي عملدارن موجب اسرائيلي حملن ۾ 50 هزار فلسطينين مارجي چڪا آهن، جن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. ترڪي جا ڪيترائي فوجي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويا، ڇا ترڪي اسرائيل کان بدلو وٺندو؟ هن وقت غزا جي خطرناڪ صورتحال کانپوء به عرب ملڪ خاموشي اختيار ڪيو ويٺا آهن ۽ ڪوبه مذمتي بيان ڏيڻ کان به لنوائي رهيا آهن جڏهن ته دنيا جا سمورا اسلامي ملڪ چپ جو روزو رکي گهري ننڊ ۾ ستل نظر اچن ٿا مطلب ته غزه جي موجوده صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي. اسرائيلي فوج جي وحشياڻي حملن ۾ گذريل ڏينهن 100 ٻارن ۽ عورتن سميت وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا آھن. گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري جي هاءِ ڪمشنر ولڪر ترڪ غزه جي ويسٽ بئنڪ ۾ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ عالمي اداري جي اهلڪارن جو تازو موت جنگي جرائم جي ڪميشن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي حملن کان متاثر فلسطينين کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي سلامتي ڪائونسل جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ گهرجن.چين جي مستقل نمائندي فو چونگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻه رياستي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد ممڪن رستو آهي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ سان ئي وڌيڪ قتل ۽ نفرت پيدا ٿيندي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غزا جي مظلومن جي مدد لاءِ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو تڪڙو اجلاس گهرائي نئين ۽ سخت حڪمت عملي ٺاهي فلسطيني مسلمانن جي مدد ۾ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي۔
اعجاز ممنائي/نوشھروفيروز
سنڌ جا موجوده حالات
ڪراچي جو پراڻو نالو ڪولاچي آهي هن وقت دنيا ۾ ڪراچي جي نالي سان مشهور ۽ مقبول آهي. هي سامونڊي ڪناري تي آباد آهي بحري جهازن جو بندرگاهه، ايئرپورٽ ۽ مختلف قسمن جون فيڪٽريون، ڪارخانه وغيره موجود آهن. واپار جي حوالي سان به هي شهر وڏي حيثيت رکي ٿو. قائد اعظم محمد علي جناح، عبدالله شاهه غازي، منگھو پير، مورڙي جي قبر سميت ٻين ڪيترن ئي شخصيتن ۽ بزرگن جون مزارون پڻ آهن. هي سنڌ جي گادي جو شهر آهي . هتي CM هائوس، گورنر هائوس، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ وڏن وڏن بيروڪريٽ جون آفيسون ۽ رهائشون آهن. هن شهر ۾ قديمي طور سنڌي رهائش پذير آهن، بلوچ، مهاجر، پنجابي، پٺاڻ، برمي ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن. سن 2000 عيسوي کان هن شهر جي اصلوڪي خوبصورتي ختم ٿيندي پئي وڃي، مثال طور هن شهر ۾ دل وندرائڻ لاءِ چڙيا گهر، راند روند جا گرائونڊ، باغ، باغيچا ۽ ٻيون تفريح گاهون جتي ڏيهي پرڏيهي سياح دل وندرائيندا هُئا پر جڏهن کان افغاني دهشت گرد وڏن ٽولن جي صورت ۾ ڪراچي شهر ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ رهائش پذير ٿيا آهن ان کانپوءِ هٿيارن ۽ منشيات ۾ ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڪاروبار کلي عام هلي رهيو آهي. سنڌ جا نوجوان نشي ۾ پنهنجيون زندگيون داءُ تي لڳائي رهيا آهن پر عمران حڪومت توڙي پيپلز پارٽي حڪومت غير قانوني هزارن جي تعداد ۾ افغاني شهرين کي NIC ڪارڊ ٺهرائي ڏنا آهن جيڪي هن وقت حڪومت جي سرپرستي ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ سان ملي ڪري سنڌ جي زرعي زمين ۽ پلاٽ وغيره خريد ڪري رهيا آهن. مگر افسوس جو سنڌ جا تاريخي ماڳ زرعي زمينون پارڪ باغيچا راند روند جا گرائونڊ جھنگلي جيوت جي رهڻي ڪهڻي وارا وٿاڻ جيئن نيشنل پارڪ جي اندر بحريه ٽائون پروجيڪٽ ٿرپارڪر جتي ڪارونجهر ٽڪري ۽ ڀٽون هزارين ايڪڙ زمين جتي ناياب قسم جي جھنگلي جيوت تمام گھڻي ملندي هئي سنڌو ٻيلا ، مياڻي ٻيلو ۽ ٻِيا ڪيترائي ٻيلا جن ۾ جھنگلي جيوت رهندي هئي . ريگستانن ۽ پهاڙي علائقا جتي جانور توڙي پکي وغيره عام جام ملندا هئا خوبصورت ڍنڍون جيڪي سير تفريح لاءِ توڙي پکي ۽ جانورن جي لاءِ ضروري ۽ اهم هونديون هيون ۽ اهڙي طرح سنڌ جي هر ضلعي ۾ گورنمينٽ جون پيل زمينون، پلاٽ باغيچا وغيره پنهنجي من پسند سردارن، ميرن، پيرن جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن. اهي سڀ ناجائزيون ۽ ستم گيرين کي برداشت ڪندي ڪندي اگهور ننڊ ۾ ستل سنڌ جا دودا الله جي رحم و ڪرم سان جاڳي پيا آهن . مگر افسوس سنڌ حڪومت وفاق سان ملي ڀڳت ڪري غير قانوني 6 ڪينال سنڌوُ درياءُ تي اڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان هزارين ايڪڙ زرعي زمين ٻيلا ڍنڍون تلاءُ ۽ معدنيات جا ذخيرا ختم ٿي ويندا. هي ڌرتي سنڌُو درياءُ سمنڊ هي جبل، وڻ ٽڻ، ٻيلا ريگستان، ڀٽون، باغ باغيچا سڀ رب پاڪ پنهنجي عظمت ظاهر ڪندي خلقيا آهن. هن وقت سنڌي قوم پنهنجي جيجل امڙ سنڌ ڌرتي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي .
سڪندر علي تنيو /نصيرآباد