فلسطين ۾ قتل عام تي مسلمانن جي مذمت ۾ آيل ماٺار

 

بيت المقدس جنهن کي پوري ملسم امت جو ڪعبه اول جو درجو حاصل آھي جنهن تي صيهوني حڪومت جي گذريل اڌ صدي کان جاري جارحيت سبب مسلم امت جي خاموشي ۽ هٿين خالي فلسطينين طرفان اسرائيلي فوج سان مهاڏو اٽڪائي جهاد ڪرڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو . پنجاھ ھزار کان وڌيڪ فلسطين جي معصوم انسانن جو اسرائيل بلاجواز قتل عام ڪري چڪو آھي ليڪن اسلامي ملڪن جي ڪنهن به حڪمران آمريڪا ۽ اسرائيل جي وحشياڻين ڪاروائين جي خلاف ڪو مذمتي بيان جاري نه ڪيو آھي. نه وري ان معاملي تي گڏ ٿيڻ جي همت ڪئي آھي. اسلامي ملڪن جي طاقتور تنظيم او  آءِ سي اڳواڻن ھن سنگين مسئلي ڪو به اثرائتو اجلاس منعقد نه ڪيو جنهن سان يهودي اسرائيل کي روڪي سگهجي. اسرائيل هن وقت پنهنجو دفاع نه پر فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آھي. جنهن کي پوري دنيا پنهنجي اکين سان ڏسندي به ڪجھه نه پئي ڪري تازو اسرائيلي حملن ۾ معصوم فلسطينين جا عضوا آسمان تي آڏامندي ڏسي به مسلمانن جي ھمت ۽ طاقت ۾ ڪابه چرپر نظر ناهي آئي. گذريل سٺ سالن کان اسرائيل فلسطين ۾ پنهنجو دفاع نه پر هڪ مذھب سان وابسطا انسانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آھي. جيڪڏهن خدانخواسته فلسطين جي سرزمين تي رهندڙ ڪوبه انسان بچي نه سگهيو ته ايندڙ وقت ۽ ڪنهن ٻئي اسلامي ملڪ تي وار ڪيو ويندو. سو هي وقت آھي اسرائيل ۽ آمريڪا کان پلاند جو جيڪڏهن سنئون سڌو وڙھڻ جي سگھه ۽ ھمت ناهي ته فلسطين جي پاڙيسري ملڪن کي جديد هٿيار ۽ ويڙھاڪ گروپ فراهم ڪيا وڃن ۽ سرحدون کوليون وڃن ته جيئن اسرائيلين کي جهنم رسيد ڪرڻ ۾ اسان جا ٻيا مسلم هٿ ونڊائين. باقي مذمتن جو هي وقت ناهي رهيو. جيڪڏهن اڃا به اسان فلسطين جي مظلوم ڀائرن جي مدد نه ڪري سگهياسين ته اسان سموري ملسم امت سميت وقت جي حاڪمن کان رب پاڪ آخرت ۾ ضرور پڇاڻو ڪندو.

 

محمد اسماعيل لانگاھ ڊرگھ بالا ڪاڇو

 

سٺي گفتگو جي هنر کي سکڻ جي ضرورت!

 

مشهور فلسفي خليل جبران جو چوڻ آهي  ته ‘ چڱي گفتگو دماغن جو هڪ ميل آهي ” سندس وڌيڪ چوڻ آهي  ته” گفتگو هڪ اهڙو تجربو آهي جتي ٻنهي طرفن وچ ۾ هڪ گهرو تعلق جڙندو آهي.’ مطلب  ته گفتگو صرف ڳالهائڻ جو عمل ناهي، پر اهو ٻئي ماڻهو سان رابطي، سمجھه ۽ ٻڌڻ جو هڪ اهم حصو آهي. چوندا آهن  ته ” هڪ سٺو ٻڌندڙ ئي هڪ سٺو ڳالهائيندڙ هوندو آهي” بدقسمتي سان اسان مان اڪثر ماڻهو ٻڌڻ بجاءِ پنهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪندا آهيون. گفتگو هڪ عمل آهي جنهن ۾ سوچن، خيالن، جذبات، يا معلومات جي هڪ ٻئي سان زباني يا تحرير حالت ۾ مٽاسٽا ٿيندي آهي. گفتگو عام طور تي گهٽ ۾ گهٽ ٻن شرڪت ڪندڙن کي ملوث ڪري ٿي، جيڪي ڳالهائيندا ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌندا آهن. گفتگو رسمي يا غير رسمي ٿي سگهي ٿي ۽ اها مختلف موقعن تي ٿيندي آهي، جهڙوڪ دوستن، رشتيدار، غيررشتيدارن، واقف، اڻواقفن سان رسمي توڙي غير رسمي ڳالهيون کان وٺي ڪاروباري گڏجاڻين تائين. هڪ عام ماڻهو کان خاص يا هڪ خاص کان عام ماڻهو تائين ٿيندي رهندي آهي. چوندا آهن  ته گفتگو سان ئي ماڻهو جي سڃاڻپ ٿيندي آهي. اڄ به دنيا جي مهذب ملڪن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ مذهبي جاين تي سٺي گفتگو جو هنر سکڻ لاءِ خاص ڪلاس هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. ايتري قدر جو عام ماڻهن جي بهتر گفتگو جي هنر بابت سيمينار ڪرايا ويندا آهن. جنهن جو اثر مهذب قومن جي رهڻي ڪهڻي مان صاف ظاهر نظر ايندو آهي. هڪ سٺي گفتگو ۾ ڪيترائي اهم عنصر شامل آهن جيئن  ڌيان سان ٻڌڻ، ٻئي جي نقطه نظر کي سمجهڻ ۽ سوچي سمجهي جواب ڏيڻ، وضاحت سان خيالن کي صاف ۽ مختصر انداز ۾ بيان ڪرڻ  ته جيئن پيغام آساني سان سمجهيو وڃي. احترام، مهذب، فڪر مند ۽ ٻين جي راين جو قدر ڪرڻ، جيتوڻيڪ اهي توهان جي خيالن کان مختلف هجن، سوال ڪرڻ، بصيرت ڏيڻ ۽ ڳالھه ٻولھه ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ، انداز بيان يا لهجي ۾ سٺن لفظن جو استعمال ڪرڻ  ته جيئن جذبات ۽ احساسات جو اظهار ٿئي. جيتوڻيڪ، گفتگو هڪ متحرڪ ۽ مشغول رابطي جو طريقو آهي جيڪو ڳنڍڻ، سمجهڻ ۽ معلومات جي مٽاسٽا لاءِ اهميت رکي ٿي. سٺي گفتگو شخصي تعلقات، سکيا ۽ پروفيشنل ماحول ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اها شخص ۾ سمجھڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. گفتگو جو هڪ چڱو هنر اهو آهي  ته ٻڌندڙ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندڙ بنجي وڃي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ڳالهائيندڙ مان سٺو ٻڌندڙ بڻجي وڃي. هڪ فرانسي فلسفي ميشل ڊي مانٽيني چيو آهي  ته “هڪ متوازن گفتگو ۾ ٻئي ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا هوندا آهن ۽ ان ۾ ٻنهي طرفن جو احترام ظاهر ٿيندو آهي.” انهي اقتباس مان خبر پوي ٿي  ته گفتگو سان مختلف پهلوئن کي بيان ڪرڻ، ٻڌڻ، شيئرنگ، سمجھڻ ۽ خيالن جي اندروني توڙي باهمي مٽاسٽا ٿئي ٿي ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ ۾ زنجير جيئن ڪم ڏئي ٿي. پر افسوس اسان کي رسمي، غير رسمي، ڪاروباري يا سوشل ميڊيا ذريعي جيڪا گفتگو ڪئي وڃي ٿي انهي ۾ گهڻائي بي حيائي جو درس ڏيندڙ ملي ٿي. سوشل ميڊيا جيڪا اسان جي نسلن کي گارين کان ڀونڊا ڏيڻ ۽ وٺڻ جو هنر ڏاڍي ايمانداري سان سيکارڻ ۾ بهرو وٺي رهي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪ سٺي گفتگو ڪندڙ يا سٺو نياپو ڏيندڙ ماڻهو جا چاهيندڙ (فالوئرس) ٿورائي ۾ ۽ بيهودا ريلس (Reels) ٺاهيندڙن جا لکن ۾ فالوئرس ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هاڻي  ته پوڊڪاسٽ ذريعي اهڙن بيهودن ماڻهن جا انٽرويو وٺي رکيا وڃن ٿا جن کي شايد ڏاڍي چاھ سان ٻڌو ۽ ڏٺو وڃي ٿو. جنهن ۾ اڪثريت ننڍي کنڊ جي ماڻهن اچي وڃي ٿي جنهن جو اثر نوجوان نسل تي خاصو نظر اچي ٿو. پر اسان کي دنيا جي ٻين هنرن جي سکڻ سان گڏ هن وقت سٺي گفتگو جو هنر جي سخت ضرورت آهي، اسلام ۾ صفائي سان گڏ اخلاقيات ۽ معاملات تي تمام گهڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي. اسان کي ان طرف سڌريل ملڪن جيان ڌيان ڏيڻ گهرجي. گفتگو جي هنر کي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. جن ماڻهن کي خبر آهي  ته لفظن جي پويان جذبات شامل هوندي آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت پوندي آهي. سٺي گفتگو همدردي، تعلق ۽ اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ان ذريعي ئي احساسن جو قدر ظاهر ٿيندو آهي ۽ ماڻهن وچ ۾ روحاني ميلاپ ٿيندو آهي. اسان کي اسان جي بهبود کي ٻين هنرن سان گڏ هاڻي سٺي گفتگو جو هنر سکڻ پڻ ضروري ٿي چڪو آهي. اسان جي تعليميدانن، سياستدانن، استادن، اديبن، دانشورن، شاعرن، عام ماڻهن، توڙي ادارن ۾ موجود سڀني ماڻهن کي ان جي بهتري لاءِ بهرو وٺڻ گهرجي. حڪومت، انتظامي ادارن طرفان سٺي گفتگو جي هنر کي سکڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ خاص اپاءُ وٺڻ گهرجن  ته جيئن اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل بهترين گفتگو ڪرڻ جو هنر سکي سگهي.

 

نذير ٻٻر

 

ملڪ جي تاريخي ورثو سنڌو درياءُ تي قائم لينسڊائون پل کي 136 سال مڪمل

 

سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ درياءُ سنڌ تي قائم لينسڊائون پل جيڪو “قينچي واري پل جي نالي سان به مشهور آهي پاڪستان جي تاريخي ۽ انجنيئرنگ لحاظ کان بي مثال پلن مان هڪ آهي هي پل درياءُ سنڌ تي واقعي آهي ۽ سکر ۽ روهڙي جي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. 136 سال اڳ تعمير ٿيل هي پل اڄ به پنهنجي شان و شوڪت سان بيٺي آهي ۽ پاڪستان جي انجنيئرنگ تاريخ جو هڪ اهم باب آهي لينسڊائون پل جي تعمير جو آغاز 1887ع ۾ برطانوي دورِ حڪومت ۾ ڪيو ويو ۽ 1889ع ۾ اهو مڪمل ٿيو ان جو نالو ان وقت جي برطانوي وائسر اءِ لارڊ لينسڊائون جي نالي تي رکيو ويو هو هن پل جي تعمير جو مقصد درياءُ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود ريلوي لائن کي ڳنڍڻ هو ته جيئن برطانوي راڄ دوران سامان ۽ ماڻهن جي آمدرفت کي آسان بڻائي سگهجي لينسڊائون پل هڪ قينچي شڪل واري اسٽيل جي پل آهي جيڪو دنيا جي منفرد پلن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن پل جي ڊيزائن برطانوي انجنيئر اليگزينڊر ميڊ لاڪ تيار ڪئي ۽ ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ ٻه سال لڳا پل جي خاص ڳالهه اها آهي ته هي بغير ڪنهن ٿنڀي جي 790 فٽ (240 ميٽر) جي فاصلي تي درياءُ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن کي ڳنڍي ٿو. هن پل جي تعميراتي منصوبي ۾ ان دور جي جديد ترين انجنيئرنگ اصولن کي ڪم آندو ويو. لينسڊائون پل جي تعمير هڪ انتهائي پيچيده ڪم هو، ڇاڪاڻ ته ان کي هڪ وسيع درياءُ تي بغير ڪنهن وچين ٿنڀي جي ٺاهڻو هو ان لاءِ ٻن وڏن آئرن گرڊرن (قينچي جي شڪل ۾) ٻنهي ڪنارن تان اڳتي وڌائي جوڙيو ويو. هن دوران تقريباً 300 ٽن اسٽيل استعمال ڪيو ويو جيڪو ان وقت لاءِ هڪ وڏي مقدار هئي برطانوي دورِ حڪومت ۾ هن پل واپار ۽ صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هي پل نه صرف سکر ۽ روهڙي کي ڳنڍي ٿو پر ڪراچي کان پشاور تائين جي ريلوي نيٽ ورڪ جو به لازمي حصو رهيو آهي مقامي طور تي هن پل کي قينچي واري پل” به چيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جي جوڙجڪ هڪ قينچي وانگر آهي ان جو منفرد ڊيزائن ۽ شاندار اسٽيل اسٽرڪچر ان کي ٻين روايتي پلن کان مختلف بڻائي ٿو. 1962ع ۾ قريب ئي نئين “ايوب پل” تعمير ڪئي وئي، جنهن تي روڊ ۽ ريلوي ٻنهي جون سهولتون موجود هيون پر لينسڊائون پل اڄ به تاريخي ۽ سياحتي لحاظ کان انتهائي اهميت رکي ٿي. 5 مئي 1962ع ۾ صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ ايوب پل جي تعمير کانپوءِ هن پل تي ريلوي ٽريفڪ کي ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي هي رڳو روڊ لاءِ استعمال ٿئي ٿي بدقسمتي سان 136 سال پراڻي هن پل تي وزني ۽ وڏين گاڏين جي آمدرفت تي پابندي تي صحيح نموني سان عمل نه پيو ٿئي جنهن جي ڪري وڏي ۽ وزني گاڏين جي اچ وڃ سبب ٽريفڪ جام روز جو معمول بڻجي ويو آهي. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته هن پل جي باقاعده مرمت ۽ سنڀال کي يقيني بڻائن ته جيئن هي پل وڌيڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي اصل حالت ۾ برقرار رهي.

 

مجاهد بوزدار/سکر

 

تعليم بورڊ سکر بورڊ وارا ڪڏھن سڌرندا !‎

 

سکر بورڊ جي انتظاميه ڪالج سائيڊ جي پروفيسرن سان ناانصافي ڪري رھي آھي. ايتري بجيٽ ھوندي به ڪاليج جي پروفيسرن جا وقت تي بل پاس نه ٿا ڪن. سکر بورڊ تي لطيف يونيورسٽي  جو اثر پيو آھي. ھڪ سال کان مٿي عرصو ٿيڻ وارو آھي اڃا تائين پروفيسرن کي بل چيڪ نه پيا ڏين. مٿان وري يارھين ۽ ٻارھين جا ساليانا امتحان به 28 اپريل تي ٿي رھيا آھن.  جيئن مزدور مزدوري جي لاءِ گھوڙا گھوڙا ڪندا آھن ته وقت تي مزدوري ملي ائين پروفيسر به پنھنجي پيپر اسيسمنٽ ۽ ڊيوٽين جي بلن لاءِ آواز بلند ڪندا رھن ٿا پر سکر انتظاميه کي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري. انتظاميا پروفيسرن جا بل گم ڪرڻ جي پريڪٽس به شروع ڪري ڇڏي آھي. سکر بورڊ کي وقت تي بل نه ڏيڻ معنيٰ پروفيسرن کي وڌيڪ تنگ ۽ پريشان ڪرڻ آھي. اسان سکر بورڊ جي چيئرمين، وزيراعليٰ سنڌ، بورڊز ۽ يونيورسٽيز جي وزير کي گذارش ٿا ڪيون ته جلد سکر بورڊ ڪاليج جي پروفيسرس کي پنھنجا بل پاس ڪري چيڪ ڏنا وڃن. ان کانسو اءِ بورڊ وارن جي ھڪ ٻئي بي انصافي پيپر چيڪ في ڪاپي جي 16 روپيا آھن جڏھن ته يونيورسٽي ۽ ٻيا بورڊ في پيپر جيڪنگ ڪاپي 60 روپيا ڏئي رھيا آھن. ٽي اي ڊي لوڪل سطح تي 475 روپيا آھي جيڪو نه برابر جي آھي جڏھن ته لوڪل سطح تي بورڊ کي گھٽ گھٽ 1500 روپيا ٽي اي ڊي اي ھوندو آھي. سکر بورڊ جي انتظاميه کي مٿيان اھم مسئلا حل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪاليج جي پروفيسرس مان بيچيني ختم ٿي سگھي .

 

شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

گورمينٽ هائير سڪنڊري اسڪول نيوڇور ۾ ڪاپي جي ڌوم متل انتظاميا خاموش‎

 

هونهن تي ڪاپي عمرڪوٽ پوري ضلعي ۾ هلي پئي پر هائير سڪنڊري اسڪول وارا سريعام ڪاپي ڪرائي رهيا آهن ڪاپي ڪلچر کي هٿي وٺرائي رهيا آهن هن وقت نيوڇور ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر هلن پيا جنهن ۾ سريعام ڪاپي ي ڌوم متل شاگرد ٽڪ ٽوڪ ٺاهڻ لڳا ماستر ڪٺپتلي بڻيل رهيا نيوڇور جي اسڪول انتظاما پاران شهرين جي انٽري اسڪول بند جيڪو ڪاپي جي خلاف هوندو اهو اسڪول نه اچي اسڪول تي قبضو شاگردن کان پيسا وٺڻ جو نئون طريقو پهرين سپ جي مد ۾ ٻه سئو روپيا ورتا ويا هاڻي روز جوابن واري پني جا 20 کان 30 روپيا ورتا وڃن پيا اعلي اختيارين ستا پيا آهن هتي غريبن کان اسڪول انتظاميا ڦر لٽ لڳايو ويٺي آهي مهرباني ڪري هي دانهن جي درمان ڪاريو هڪ ايڪشن هاء اسڪول نيوڇور خلاف کنيو جتي نيووڇور ۽ پسگردائي جي عوام جي ٻچڙن جا مستقبل تباھ پيا ٿين

 

ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور

 

مزدورن جي حقن جي حفاظت: وقت تي پگهار، مناسب اجرت ۽ بهتر حالتون

 

ڪارخانن ۾ ملازمن کي وقت تي پگهار نه ملڻ، گهٽ اجرت، ڊگها ڪم جا ڪلاڪ ۽ غيرمحفوظ حالتن جهڙا مسئلا انساني حقن جي خلاف ورزي آهن، جيڪي انهن جي زندگي تي ناڪاري اثر ڇڏين ٿا. ملازمن کي وقت تي پگهار نه ملڻ سبب اهي مالي مسئلن، نفسياتي دٻاءَ ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته انهن جي روزمرهه جون ضرورتون، جهڙوڪ ٻارن جي تعليم، گھر جي خرچن ۽ طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ڪيترائي ملازم گهٽ اجرت تي سخت حالتن ۾ ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، پر انهن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو نه ٿو ملي ۽ اضافي ڪلاڪن لاءِ ڪو معاوضو به نه ڏنو وڃي ٿو، جيڪو انساني حقن ۽ اخلاقي قدرن جي خلاف آهي. اهڙيون حالتون انهن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي نقصان پهچائين ٿيون، جڏهن ته باس يا مينيجمينٽ جو خراب رويو، جيئن بدتميزي ۽ مسئلن جي حل ۾ سنجيدگي نه ڏيکارڻ، ملازمن جي بيچيني ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو. مزدورن کي مناسب اجرت ملڻ سان نه رڳو انهن جي زندگي بهتر ٿئي ٿي، پر معيشت ۾ به سڌارو اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندن خريداري طاقت وڌڻ سان معيشت کي فائدو پهچي ٿو. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي مطابق، مزدورن کي منصفاڻي اجرت ملڻ سندن بنيادي حق آهي، جيڪو باوقار زندگي لاءِ ضروري آهي. تاريخي طور، صنعتي انقلاب دوران مزدورن کي انتهائي گهٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن خلاف مزدورن تحريڪون شروع ڪيون ۽ ليبر لا ٺهرايا ويا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جو قيام پڻ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ اهم قدم هو. بدقسمتي سان، اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدورن کي مناسب اجرت ۽ ڪم جا محفوظ حالتون مهيا نٿيون وڃن. وقت تي معاوضو نه ملڻ ۽ جبري ڪم جي خلاف سخت قانونسازي، اجرت ۾ مساوات ۽ مزدورن جي حقن بابت شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مزدورن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت، سماجي ادارن ۽ عالمي تنظيمون گڏجي ڪم ڪن، جيئن انهن کي سندن حقن کان محروم نه رکيو وڃي. مناسب اجرت ۽ محفوظ ڪم جا حالتون نه رڳو مزدورن جي نفسياتي ۽ جسماني صحت کي بهتر ڪن ٿيون، پر سماج ۾ انصاف ۽ برابري کي پڻ فروغ ڏين ٿيون. وقت تي پگهار ڏيڻ، ڪم جا ڪلاڪ مقرر ڪرڻ ۽ ليبر يونينز کي مضبوط ڪرڻ مزدورن جي زندگي کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. باس ۽ مينيجمينٽ جي تربيت ۽ قانوني تحفظ ذريعي ملازمن کي ان ظلم کان بچائي سگهجي ٿو، جيڪو انهن کي غيرمحفوظ ڪم جا حالتون ۽ گهٽ اجرت سبب منهن ڏيڻو پوي ٿو. مزدورن کي سندن حق ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجي زندگي خوشحال نموني گذاري سگهن ۽ ڪارخانن جي ڪارڪردگي به بهتر ٿئي. اڄ جي معاشري ۾ مزدورن کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ نه رڳو سندن زندگي تي منفي اثر ڇڏيندو، پر سماج جي ترقي کي به روڪيندو، تنهن ڪري سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مزدورن لاءِ بهتر مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪارخانن ۾ ملازمن سان ٿيندڙ زيادتين جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وقت تي پگهار ڏيڻ، مناسب اجرت ۽ بهتر ڪم جا حالتون فراهم ڪرڻ سان نه رڳو ملازمن جي زندگي بهتر ٿيندي، پر ڪارخانن جي پيداوار ۽ ڪارڪردگي ۾ پڻ سڌارو ايندو. خوشحال ملازم، خوشحال ڪارخانو ۽ خوشحال سماج جو بنياد آهن. منصفاڻي اجرت انساني حقن جو بنيادي حصو آهي. جيڪڏهن هر انسان کي پنهنجي محنت جو مناسب معاوضو ملي، ته نه رڳو سماج ۾ انصاف قائم ٿيندو، پر ماڻهن جي زندگي به بهتر ٿيندي. اسان سڀني کي گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته دنيا جي هر مزدور کي سندن حق ملن.

 

لڪشا ڪمليش جڳرو