اي ڊي شر صحافت جو سگھارو آواز ھو !‎

 

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته صحافت ھڪ ڏکيو ۽ اڻانگو سفر آھي. سچي صحافي۽ کي زندگي ۾ ھر موڙ تي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. خيرپور ميرس جي تعلقي ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ الله ڏنو شر اي ڊي سان مشھور ھو. اي ڊي شر  ھڪ سچو کرو انسان جنھن معاشري جي برائي۽ خلاف ۽ حق سچ جي قلم سان ظالمن ۽ معاشرتي برائين ۽ سنڌ جي مسئلن پاڻي ۽ ھر ننڍي ۽ وڏي مسئلي کي قلم جي ذريعي ايوانن تائين پھچائڻ ۾ ڪوتاھي نه ڪئي. ھي پنجن ڀينرن جو اڪيلو ڀا۽ ھو ۽ ھن جو پي۽ به ھن دنيا ۾ نه ھو. جنھن کي ظالمن بيدردي سان ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد زمين ۾ لاش اڇلائي ويا. سچار قلم ڌڻي سان اھڙي طرح سان ظلم آخر ڇو ٿيو؟  اسان ڏسون ٿا ته اڄ جي دؤر ۾ صحافي پنھنجي پيشي سان سچا نه آھن پر سنڌ ۾ سچا کرا ۽ پنھنجي پيشي سان سچا صحافي موجود آھن جن ڀوتارن، جاگيردارن، سردارن ۽ سنڌ جي مسئلن کي وڏي پيماني تي اجاگر ڪيو آھي. سکر جو بھادر صحافي جان محمد  مھر،  شھيد نصرالله گڏاڻي، عزيز ميمڻ  ۽ ھي اي ڊي شر کي شھيد ڪيو ويو آھي. اھڙن ايماندار بي باڪ ۽ بھادر قلم ڌڻين جي ناحق خون سان انصاف ڪير ڪندو؟ جتي قانون خاموش ھجي ۽ انصاف جي لاءِ انھن جا وارث ۽ صحافي تڙپندا ھجن ۽ اعليٰ ادارن ڏانھن واجھائيندا رھن. جتي ظلم بربريت ڏھڪاءُ ۽ ظالم کي ڇوٽ مليل ھجي ۽ مظلوم جي آواز کي ڪچليو ۽ دٻايو وڃي ته پوءِ آخر صحافين جو ڇا ٿيندو. ھن وقت اي ڊي شر ته نه رهيو آھي پر ان جي ٻارڙن ۽ ڀينرن ۽ مٽن مائٽن جو ڇا ٿيندو. اسان اعليٰ اختيار ڌڻين، آءِ جي سنڌ ۽ ضلعي جي ايس پي کي گذارش ٿا ڪريون ته اي ڊي شر جي ناحق خون سان انصاف ڪيو وڃي جلد ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري سخت قانوني سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي سچا ۽ کرا قلم ڌڻي بي گناھ قتل ٿيڻ کان بچي سگھن.

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

بگھڙ جي ٻچي جي آمد عالمي ميڊيا ۽ اميدون‎

 

ٽيڪنالاجي صرف مشينري ذريعي وڏي ۾ وڏا ريفائن پلانٽ ھلائڻ جھاز اڏائڻ خلا ۾ وڃڻ چند سج جي مدار ۾ مشن موڪلڻ جو نالو نه آھي پر حياتياتي علم جي تحقيق  تجربن وسيلي جاندارن ۾ تبديلي آڻڻ وڏي ترقي جي دعويٰ آھي. جنھن جو مثال ڪڪڙين ۾ جينياتي تبديلي ڪري ٻه بيدا ورتا وڃن ٿا. اھڙي عمل تي جانورن جي حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن پڻ اعتراض واريا آھن. حياتياتي تبديلي وسيلي ڇا ڇا نه ٿيو آھي جنس جي تبديلي وغيرھ جو مثال اسان جي اکين اڳيان موجود آھي. مادھ توليد ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ جنم کان اڳ ان جي نر مادي بابت يا رنگ ٻڌائڻ ته گھڻو پراڻو قصو آھي. ٽيوب وسيلي انسان جي پيدائش، ڊولي رڍ کي ڪلون وسيلي جنم ڏيڻ، حياتياتي ترقي جا وڏا مثال موجود آھن. چائنا ۾ پانڊا جو نسل بچائڻ لاءِ ڪلوننگ وسيلي نسل افزائش ڪرڻ ڪنھن کان لڪل نه آھي. ھتي اسان ذڪر ڪيون ٿا ٻه ڏينهن اڳ ھڪ حياتياتي تحقيقي  اداري طرفان ٻارھن  ھزار سال اڳ ختم ٿي ويل خوفناڪ نسل جي بگهڙ جي ليبارٽري وسيلي ٻيھر دنيا ۾ واپسي ڪرائڻ جو ڪامياب تجربوڪيو ويو آھي. عام لفظن ۾ ھڪ بگھڙ ۾ موجود ھڪ اھڙو ڊي اين اي ايڪٽو ڪيو ويو آھي جيڪو ھزارين سال اڳ پنهنجي نسل خاندان کان ٽٽي وري جنم وٺي نه سگھيو ھو. ھيٺ ذڪر ڪيل عالمي صحافت جي جڳ مشھور ميگزينن ۽ جنھن ۾  واشنگٽن پوسٽ، نيويارڪ ٽائيم، وال اسٽريٽ جرنل، ٽائمز آف اسرائيل، يروشلم پوسٽ، اڪنامسٽ، دي فنانشل ٽائمز، سي اين اين، بي بي سي، دي آسٽريلين، خليج ٽائمز، اي بي سي نيوز، دي برين ميز، نيوزويڪ، گلوبل واچ، فاڪس نيوز، واچ ڊاگ، ٽائمز آف انڊيا، دي ائٽلانٽڪ، دي ٽيليگراف، دي انڊپينڊنٽ سميت ريٽنگ ڪندڙ ۽ ماحوليات لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن، اجتماعي انفرادي طور مختلف ميڊيا سوشل ميڊيا جي شخصيتن ھن خبر کي دنيا ۾ ايڏو وائرل ڪيو جنھن جو اڳ ۾ ڪنهن خبر کي ايڏو ڌيان طلب بنائڻ جو مثال نه ٿو ملي.  عالمي ميڊيا جي سماجي صفحن تي ڪجھه تنقيد بـ ٿيندي رھي، جيڪا انتھائي فني ھئڻ سبب ڪو بايولوجسٽ ئي سمجھي سگھجي ٿو. ٿي سگھي ٿو چائنا وغيرھ جو تحقيقي ادارو ان آمريڪي دعويٰ کي رد ڪري يا ان جي مقابلي ۾ ڪو ڊائنوسار پيدا ڪري اھا الڳ ڳالھه آھي. مٿي ذڪر ڪيل خبر اگر سو سيڪڙو  ثابت ٿئي ٿي ته ختم ٿي ويل ناياب نسل جي جانورن جي بحالي لاءِ وڏي اميد جو ڪرڻو چئي سگھجي ٿو.

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

پريا ڪمارِي – هڪ گم ٿيل نياڻي، گونجي رهيو آهي سڏ

 

سنڌ جي ڌرتي تي صدين کان ٻار سک، محبت، ۽ ڀائپي جا گيت ڳائيندا آيا آهن. پر جڏهن پريا ڪمارِي وانگر هڪ معصوم نياڻي بنا ڏس پتي جي گم ٿي وڃي، تڏهن انهن گيتن جي جڳهه سُور ڀريا سناٽا  ٿي ويندا آهن. پريا ڪمارِي سنڌ جي ننڍي شهر سنگرار جي هڪ هندو برادري سان تعلق رکندڙ 10 سالن جي نياڻي آهي. هوءَ هميشه وانگر ٻاهر  رواني ٿي هر ڀيري گهر واپس موٽندڙ  نياڻي، ان ڏينهن گهر واپس نه موٽي. هوءَ اغوا ٿي وئي. هن جو اغوا ٿيڻ صرف هڪ ڏوهاري عمل نه، پر ان سسٽم جي به ناڪامي آهي، جنهن کي ٻارن جي تحفظ جو ذميوار بڻايو ويو آهي. پريا ڪمارِي جي فوت ٿيڻ بابت ڪابه تصديق ناهي ٿي. ڪيترن ئي ماڻهن طرفان اهو تاثر ڏنو ويو ته هوءَ حيات ناهي، پر سندس گهر وارن ۽ مقامي ماڻهن هن ڳالهه جي پُرزور ترديد ڪئي. پريا اڃا تائين گم ٿيل آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته اميد زنده آهي ۽ هوءَ شايد ڪنهن هنڌ زنده آهي، ڪنهن انداهي ۾، ڪنهن اوطاق ۾، ڪنهن خوف ۾. سندس ماءُ جي اکين ۾ اڄ به اميد آهي، سندس بُکيل بستري تي اڄ به سندس ننڍڙا رانديڪا پيل آهن. اغوا بعد انتظامي ردعمل اهو هو ته حڪومت طرفان هڪ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (JIT) جوڙي وئي. ڪيس جي جاچ لاءِ ڪجهه آفيسر مقرر ڪيا ويا، ۽ ڪجهه شخصن کان پڇا ڳاڇا به ٿي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته JIT جو ٺهڻ به رڳو وقت گذارڻ ثابت ٿيو. انهن جي رپورٽ اڃا تائين منظر عام تي نه اچي سگهي ۽ نه ئي ڪو پڪو نتيجو سامهون آيو. اها JIT به ڪيترن ئي ٻين ڪيسن وانگر خاموش ٿي وئي، جيئن معاشرو خاموش آهي، جيئن حڪومتي مشينري خاموش آهي. انهن ڏينهن دوران نه پوليس مؤثر ثابت ٿي، نه سياسي نمائندن واقعي کي سنجيدگي سان ورتو. ميڊيا ڪجهه ڏينهن شور ڪيو، سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ به هليا، پر پوءِ سڀ وسامي ويو. پريا ته وسامي نه آهي، پريا ته اڃا به گم ٿيل آهي. سوال اهو آهي ته آخر حڪومت ڪڏهن اک پٽيندي؟ پوليس ڪڏهن حرڪت ۾ ايندي؟ ۽ JIT جي رپورٽ ڪڏهن سامهون ايندي؟ اسان سڀني کي ان ماءُ سان گڏ بيهڻ کپي، جيڪا هر دروازي تي پڇي رهي آهي: “منهنجي ڌيءُ ڪٿي آهي؟” اسان کي سماج، ميڊيا، عدالتن، حڪومت، سڀني کي هڪ آواز بڻجڻ کپي. پريا لاءِ آواز اٿارڻ بند نه ٿيڻ کپي، ڇو ته سندس زندگي جو سوال آهي. اسان کي ايئن نه ڪرڻ کپي، جيئن اڳ به ڪيترائي ڪيس وسامي ويا. اسان کي اميد جي شمع وسائڻ نه کپي. جيستائين پريا واپس نه ٿي اچي، تيستائين هي ڪيس زنده آهي. هوءَ هڪ فرد نه، پر اقليتن، ٻارن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تحفظ جو سوال بڻجي چڪي آهي. اسان جيڪڏهن هاڻ به خاموش رهياسين، ته ظلم جي زبان وڌندي ۽ انصاف جو رستو بند ٿيندو. پريا ڪمارِي زنده آهي – اچو ته اميد به زنده رکون، آواز به زنده رکون ۽ سوال به زنده رکون.

اويس سونو خان راڄپر/ نوشهروفيروز

 

شاگرد پنهنجو مستقبل پاڻ ئي وڃائيندا آهن

 

جڏهن مائٽ ڇوڪرن کي اسڪول موڪلين ٿا. تڏهن شاگرد هوٽلن ۾ ويهي فلمون ڏسندا رهندا آهن. جڏهن امتحانن  جي وقت شاگرد کي پنهنجو نالو به لکڻ نه ٿو اچي. ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ جلدي جلدي قدم کڻڻ گهرجن. ان صورتحال جو تعليم کاتو حڪومت ذميوار آھي. امتحان حال ۾ ھر بلاڪ ۾ ڪيمرا لڳايا وڃن. جيئن شاگرد ڪاپي نه ڪري سگھن ۽ ھڪ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

مور خان/ سڪرنڊ

 

فن، محنت ۽ سڃاڻپ

 

سنڌ ڌرتي تاريخ جي هر دور ۾ فن، ثقافت، تخليق ۽ حوصلي جي شاهڪار مثالن سان ڀرپور رهي آهي، هتي جي ماڻهن وٽ هنر رڳو شوق تائين محدود ناهي، بلڪه زندگي گذارڻ جو هڪ طريقو به رهيو آهي، افسوس جو مقام اهو آهي ته ڪيترن ئي باصلاحيت فردن کي سندن حياتي۽ ۾ اها سڃاڻپ نه ملي سگهي، جنهن جا هو حقدار هئا، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن فنڪار کي جيئري ئي عزت، مڃتا ۽ واڌايون ملن، ته اها نه رڳو انهي فرد لاءِ پر پوري سماج لاءِ مثبت سگنل ثابت ٿي سگهي ٿو، اهڙو ئي هڪ نالو آهي راجا سولنگي، جيڪو ڪوٽڙي جهڙي سادي پر ثقافتي لحاظ کان امير شهر سان تعلق رکي ٿو. راجا سولنگي پنهنجي زندگي۽ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي فن سان جڙيل رهيو آهي، هو انهن ماڻهن مان آهي، جن پنهنجي محنت، لگن ۽ سچائي سان فن جي دنيا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي، راجا سولنگي جو فن سان تعلق ان وقت جو آهي، جڏهن سي ڊي البمن جو دور هو، تڏهن هو هڪ نوجوان جي حيثيت سان ڪئميرامن طور ڪم ڪندو هو، ڪيمرا هٿ ۾ وٺي وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ، منظرن جي چونڊ ڪرڻ ۽ انهن کي خوبصورت انداز سان پيش ڪرڻ سندس جذبو بڻجي ويو. فقط ڪئميرامن ٿيڻ تائين سندس شوق محدود نه رهيو، هن ڪمپيوٽر تي وڊيو ايڊيٽنگ جا تجربا شروع ڪيا، دوستن جي وڊيوز، گيت ۽ ٻين موادن کي ايڊيٽ ڪندي سندس هٿ کي مهارت ملندي وئي. راجا سولنگي جي محنت کي بالآخر اها سڃاڻپ ملي، جنهن جو هو مستحق هو ، پاس اسٽوڊيو حيدرآباد پاران منعقد ڪيل ميگا شو ايوارڊ 2025ع جي تقريب ۾ کيس “بهترين ايڊيٽر” جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، هي ايوارڊ صرف ان لاءِ نه هو ته هن وڊيوز کي ايڊٽ ڪيو، پر ان لاءِ به هو ته هن ايڊيٽنگ کي هڪ آرٽ جي حيثيت ڏني. ميگا ايوارڊ شو ڪرڻ تي  آرگنائزر پرويز علي سومرو ۽ جاويد علي سومرو جس لھن، هو اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي فن جي اصل قدر کي سمجهن ٿا، هنن فقط راجا سولنگي کي نه، پر سنڌ جي ان ٽيلنٽ کي مڃتا ڏني، جيڪو خاموشي سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، راجا سولنگي جي ڪاميابي اسان سڀني لاءِ حوصلو افزا مثال آهي، سندس زندگي جو سفر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جيڪڏهن انسان دل سان ڪم ڪري، ته دير ته ٿي سگهي ٿي، پر سڃاڻپ ضرور ملندي آهي.

منور برھماڻي

 

هڪ آزاد خارجه پاليسي ڪيئن هئڻ گهرجي

 

خارجه پاليسي ڪنهن به ملڪ جي عالمي دنيا سان تعلقات کي سنڀالڻ جو بنيادي ذريعو آهي. جڏهن ڪنهن ملڪ وٽ “آزاد خارجه پاليسي” هوندي آهي، ته ان جو مطلب آهي ته اهو ملڪ پنهنجي قومي مفادن جي بنياد تي فيصلا ڪري ٿو، بغير ڪنهن ٻاهرين دٻاءَ يا اثر جي. اهڙي پاليسي هڪ خودمختيار، آزاد ۽ طاقتور ملڪ جي سڃاڻپ جو حصو هوندي آهي. آزاد خارجه پاليسي جو مقصد اهو هوندو آهي ته ملڪ پنهنجي خودمختياري کي محفوظ رکي ۽ عالمي سطح تي پنهنجا مفاد مؤثر نموني سان اڳيان رکي. اهڙي پاليسي جي ذريعي ملڪ ٻين ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪري ٿو، نه ته ڪنهن جي غلامي يا تابع ٿيڻ تي مجبور ٿئي ٿو. مثال طور، جڏهن پاڪستان پنهنجون خارجه پاليسيون ٺاهي ٿو ته اهو ضروري آهي ته هو پنهنجن قومي، معاشي، سماجي ۽ سياسي مفادن کي اوليت ڏئي. ڪنهن به طاقتور ملڪ جي تابع ٿيڻ کانسواءِ، پاڻمرادو فيصلا ڪرڻ جي آزادي ئي آزاد خارجه پاليسي جي علامت آهي. آزاد خارجه پاليسي جا ڪجهه اهم فائدا شامل آهن: 1. قومي خودمختياري جو تحفظ: ملڪ پنهنجي سرحدن، پاليسين ۽ وسيلن تي مڪمل اختيار رکي ٿو. 2. عالمي احترام: اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ سان ملڪ کي عالمي سطح تي هڪ سنجيده، آزاد ۽ ذميوار رياست طور سڃاتو وڃي ٿو. 3. مفادن جو تحفظ: ملڪ پنهنجي ماڻهن جي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو، بجاءِ ته ٻين جي حڪمن تي هلڻ. 4. توازن واري پاليسي: آزاد پاليسي اختيار ڪندڙ ملڪ مختلف بلاڪن يا اتحادن وچ ۾ توازن قائم رکي ٿو، جيڪو خطي جي امن لاءِ ضروري آهي. البته، اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ لاءِ ملڪ کي معاشي، دفاعي ۽ سفارتي طور تي مضبوط هجڻ ضروري آهي. ڪمزور ملڪ لاءِ آزاديءَ سان پاليسيون ٺاهڻ ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته انهن تي عالمي دٻاءَ يا امداد جي شرطن جو اثر هوندو آهي. آخر ۾، هڪ آزاد خارجه پاليسي رڳو بيانن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر عملن ۾ به نظر اچڻ گهرجي. جڏهن قومون پنهنجن مفادن کي اوليت ڏينديون، تڏهن ئي اهي واقعي آزاد ۽ خودمختيار سمجهي وينديون.

غلام قادر وسير

 

عزيز سانگي: هڪ اداڪار جيڪو وساريو ويو آهي

 

عزيز سانگي، اصل نالو وزير علي سانگي، سنڌ جي فن جي آسمان تي چمڪندڙ اهو تارو آهي، جنهن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان اداڪاري، هدايتڪاري ۽ لکڻ جي ميدانن ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. 7 جون 1970ع تي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر ۾ جنم وٺندڙ عزيز سانگي، نه صرف هڪ فنڪار آهي، پر هو سنڌ جي ثقافت ۽ فن جو سچو ترجمان آهي. هن پنهنجي فن سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ والاري آهي. سندس تعليم، جنهن ۾ هن ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس سوچ ۽ سمجھه کي وڌيڪ وسيع ڪيو. پر سندس حقيقي passion ننڍپڻ کان ئي اداڪاري هئي. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ان زماني جي اسٽيج ڊرامن کان ڪئي، جيڪي تفريح جو هڪ اهم ذريعو هئا. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘عشق ته منهنجو’ هو، جنهن ۾ سندس فطري اداڪاري ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. ان کان پوءِ هن مسلسل محنت ڪئي ۽ اٽڪل 30 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ ‘عاشقي’، ‘دهشتگرد’، ‘ڪرائي جا قاتل’، ‘ڪوبرا’، ‘ڪارو نانگ’، ‘ڪاريهر جو موت’، ‘جذبات’ ۽ ‘جنون’ جهڙا مشهور ڊراما شامل آهن. انهن ڊرامن ۾ سندس هر ڪردار جيئرو جاڳندو نظر آيو ۽ هن پنهنجي ورسٽائل اداڪاري سان هر قسم جي ڪردار کي بخوبي نڀايو. اسٽيج جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ کان پوءِ عزيز سانگي ٽيليويزن جي اسڪرين تي به جلوه گر ٿيو. پي ٽي وي جي ڊرامن ‘ڇوٽڪارو’ ۽ ‘وفائن کان پوءِ’ ۾ سندس اداڪاري کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ان کان پوءِ هن ٽي وي ڊرامن ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. ‘تپش’، ‘وڪوڙيل وجود’ ۽ ‘پٿر دنيا’ جهڙن ڊرامن ۾ سندس ڪم اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي ‘پٿر دنيا’ ڊرامي ۾ سندس ڪردار ‘خانو خر دماغ’ هڪ اهڙو ڪردار هو، جنهن کيس سنڌ جي گهر گهر ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هن ڪردار ۾ سندس مزاحيه انداز ۽ منفرد ڊائلاگ ڊليوري اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ محفوظ آهي. هدايتڪاري جي ميدان ۾ به عزيز سانگي ڪنهن کان پوئتي نه رهيو آهي. هن ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن جي هدايتڪاري ڪئي آهي، جن ۾ ‘لکيو منجهه نراڙ’، ‘منگتو’، ‘ڳاڙها گلاب’، ‘چڻنگ’ ۽ ‘ويري ته به واهرو’ جهڙا ڊراما شامل آهن. سندس هدايتڪاري ۾ ڪهاڻي جي گرفت، ڪردارن جي چونڊ ۽ فني پهلوئن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو، جنهن ڪري سندس هر ڊرامو ناظرين کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکندو هو. هن مختلف سنڌي چئنلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري جا فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجي فن سان سنڌ جي عوام کي مسلسل تفريح فراهم ڪندو رهيو آهي. فن جي دنيا ۾ سندس بي لوث خدمتن جي اعتراف طور، 2017ع ۾ کيس آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. اهو سندس فن ۽ شخصيت تي عوام جي اعتماد جو مظاهرو هو. پر افسوس جو 2019ع ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس زندگي کي هڪ نئين رخ ڏئي ڇڏيو. هڪ پلاٽ جي جهيڙي تان سانگي برادري جي وچ ۾ ٿيل تڪرار ۾ ٻه قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ان جو ڪيس هن نامياري فنڪار تي داخل ڪيو ويو. اڄ ست سال گذرڻ باوجود عزيز سانگي جهڙو باصلاحيت اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ڪجهه وقت کان منظرعام کان پري آهي. ڪنهن به بااثر شخص يا ثقافتي اداري طرفان سندس ڪا خاص سار نه لڌي وئي آهي. اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته اسان پنهنجن فنڪارن جي ڪيئن وساري ويهندا آهيون ۽ مشڪل وقت ۾ کين ڪيئن اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهيون.

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ برا اثر

 

سنڌ صوبي کي هن وقت شديد پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو زراعت، ماحول ۽ عام زندگي تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. مارچ 2025 ۾، سنڌ ۾ مجموعي طور تي 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رپورٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ گڊو بئراج تي 10.3 سيڪڙو ۽ سکر بئراج تي 66.3 سيڪڙو کوٽ شامل آهي. تربيلا ۽ منگلا ڊيمز جي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي.  سنڌ ۾ برساتن جي گهٽتائي سبب پاڻي جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان ميٽيرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ مطابق 1 سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين سنڌ ۾ 62 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون آهن، جنهن سبب خشڪ سالي جو خطرو وڌي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب خريف جي فصلن کي سخت نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، جيڪو صوبي جي معيشت ۽ خوراڪ جي سلامتي لاءِ نقصانڪار آهي. سنڌو ڊيلٽا ۾ پاڻي جي گهٽتائي سبب سامونڊي پاڻي جي واڌ ۽ زمين جي بنجر ٿيڻ جا مسئلا وڌي رهيا آهن، جيڪي ماحولياتي توازن لاءِ نقصانڪار آھن. سنڌو دريا۽ جي موجوده صورتحال سنڌ لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. پاڻي جي کوٽ، غيرقانوني واهن جي تعمير ۽ موسمي تبديلي جا اثر صوبي جي زراعت، معيشت ۽ ماحول تي منفي اثر وجهي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

ھمير گھمرو/ پير ڳوٺ