سنڌ سڪائڻ بند ڪيو

 

سوين سورن جو شڪار بڻايل منھنجي سنڌ ڌرتي جي نڙي تي لت رکي خطري ۾ وجھڻ اسان جي حڪمرانن جي کاٻي ھٿ جو کيل آھي. حڪمرانن کان اسان سنڌين جا وجود برداشت نٿا ٿين. ھو ملڪ ۾ اڻ برابري ڦهلائي تعصب جي وجود جون پاڙون مضبوط ڪرڻ چاھين ٿا. اسان کي پنھنجو سنڌو درياءُ ماءُ جي ٿڃ جيان آھي، تنھن کي سڪائڻ سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي ڇيهو رسائڻ برابر آھي. ڪينال ٺھڻ جو منصوبو رد ڪيو وڃي. اسان کي پاڪستان جي ڪا به اھڙي ترقي نه کپي جنھن ۾ صرف ۽ صرف سنڌ قرباني جو ٻڪر بڻجي. ڪينال سمورا نامنظور.

 

صدف ميمڻ/ مانجھند

 

موسمياتي تبديليءَ خلاف برطانيه جا اڳڀرا قدم

 

ماحولي تبديلي (Climate Change) اڄ جي دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جيڪو انسانن جي صحت، ماحول ۽ زندگي تي خطرناڪ اثر وجهي رهيو آهي. هي مسئلو مختلف ڪارڻن جي ڪري وڌي رهيو آهي، جن مان هيٺيان اهم سبب شامل آهن: وڻ ماحول جي توازن لاءِ انتهائي اهم آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري آڪسيجن پيدا ڪن ٿا. بدقسمتيءَ سان، وڻن جي وڏي پيماني تي واڍي ۽ جهنگل جي خاتمي سان گلوبل وارمنگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي. وڻن جي کوٽ سبب زمين جو گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ برساتن جو نمونو متاثر ٿي رهيو آهي. ڪارخانن، گاڏين ۽ ٻين انساني سرگرمين سبب هوا ۾ زهريلين گيسن جو اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو نه رڳو صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر ماحولياتي تبديليءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ساڳئي وقت شور جي آلودگي به انسانن ۽ جانورن لاءِ وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي، جيڪا ذهني دٻاءُ ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. ماحولي تبديليءَ جي نتيجي ۾ زلزلا، ٻوڏون، طوفان ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هي آفتون انساني زندگي ۽ معيشت تي وڏا منفي اثر وجهن ٿيون. گلوبل وارمنگ سبب زمين جي گرمي پد ۾ واڌ اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري گليشيئر پگهري رهيا آهن ۽ سامونڊي سطح بلند ٿي رهي آهي. ان سان ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت ۾ خرابيون پيدا ٿي رهيون آهن.  اوزون جي پرت، جيڪا زمين کي سج جي خطرناڪ شعاعن کان محفوظ رکندي آهي، کي نقصان پهچي رهيو آهي. هي نقصان خاص طور تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ ٻين گيسن جي اخراج سبب آهي، جيڪو انساني صحت لاءِ وڏو خطرو آهي. ماحولي تبديلي کي روڪڻ لاءِ اسان کي وڻ لڳائڻ، صاف توانائيءَ جو استعمال ۽ آلودگيءَ کي گهٽائڻ جهڙا قدم کڻڻا پوندا. گڏيل قومي ڪوششن سان ئي هن عالمي مسئلي کي حل ڪري سگهون ٿا ۽ مستقبل جي نسلن لاءِ محفوظ ۽ صحتمند ماحول مهيا ڪري سگهون ٿا. برطانيه 2030ع تائين موسم جي تبديلي جي مقصدن بابت وڏي جوش سان ڪم ڪري رهيو آهي. ملڪ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ايجنڊا تيار ڪئي آهي. هيٺيان مقصد 2030 تائين حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن: 2030ع تائين گرين هائوس گيسن جي اخراج کي 68 سيڪڙو تائين گهٽايو وڃي. قابل تجديد توانائي جا ذريعا جهڙوڪ سولر، ونڊ ۽ هائڊرو پاور وڌائڻ لاءِ منصوبا تيار ڪيا ويا آهن ته جيئن بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ فاسل فيول تي دارومدار گهٽجي. 2030ع کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ نئين گاڏين جي وڪري تي پابندي لڳائي ويندي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي ڏني ويندي. موسمياتي تبديلي کي روڪڻ لاءِ ملڪي سطح تي وڻ پوکڻ جا مقصد مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪاربان کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. برطانيه گرين ٽيڪنالاجي ۽ نئين جدت تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جيئن صنعتن ۾ توانائيءَ جو موثر استعمال يقيني بڻجي. ڪوئلي ۽ ٻين فاسل فيولز تي دارومدار گهٽائڻ لاءِ پاليسيون لاڳو ڪيون پيون وڃن. هي هدف نه صرف ماحولياتي بهتري لاءِ اهم آهن، پر معيشت کي وڌيڪ پائيدار ۽ جديد بڻائڻ ۾ مددگار پڻ ثابت ٿيندا. برطانيه پوري دنيا لاءِ هڪ مثالي ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو جيڪو ماحولياتي بحرانن کي حل ڪرڻ ۾ اڳڀرو هجي.

 

لڪشا ڪمليش جڳرو

 

شڪارپور ۾ وياجين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي!

 

شڪارپور ۾ وياجين جو آزار وڌي ويو آهي. ضلعي ۾ ڪيترائي ماڻهو وياج ۾ وڪوڙجي ويا آهن جنهن ڪري آپگهات ڪرڻ جا واقعا به وڌنڌا پيا وڃن. رپورٽ ٿيو آهي ته لکيدر ٿاڻي جي حد بس اسٽينڊ جو رهواسي پاپا بسڪيٽ ۽ ڪيڪ کپائيندڙ پورهيت منير شيخ وياجين جي آزار کان تنگ اچي پنهنجي گهر اندر پکي ۾ رسو ٻڌر آپگهات ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته وياجي هر روز پورهيت جي گهر اچي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا جنهن تان پورهيت بيوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پورهيت پنهنجو گهر به وڪڻي پئسا وياجين کي ڏنا هئا پر پوءِ به قرض رهجي وڃڻ جي ڪري پورهيت اهڙو قدم کنيو هو. پورهيت کي هڪ بيواه ۽ ٽن نياڻي جو اولاد هو. جيڪي پڻ هن وقت فاقن واري زندگيءَ گذاري رهيا آهن. پورهيت پنهنجي اولاد لاءِ ڇا نه خواب ڏٺا هوندا پر بدقسمتي سان خواب ساڀيان نه ٿي سگهيا. ضلعي ۾ هي صرف هڪڙو واقعو ناهي ٿيو بلڪي ڪيترائي اهڙا واقعا پهريان به ٿيا آهن، اڄ به ضلعي شڪارپور ۽ ان جي آس پاس ۾ ڪيترائي وياجي بنا ڪنهن خوف جي وياج هلائي رهيا آهن ڪيترائي شهري وياج ۾ ڦاٿل ۽ مجبور آهن. ضلعي ۾ ڪيترائي واقعا ٿيڻ باوجود انتظاميه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي جنهن تي صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا لاڳاپيل اختياري نوٽيس وٺي وياجين خلاف ڪارروائي ڪندي يا ائين ئي پورهيت پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائيندا رهندا؟؟؟

 

عامر علي جوڳي/سکر

 

آ ظلم جي انتھا! فلسطين تي يھودين جي بمباري آخر ڪيستائين!‎

 

تاريخ تي نظر وجهنداسين ته فلسطين جي مسلمانن جو ڏوھ اھو ته يھودين کي فلسطين ۾ پناھ ڏني ھئي ۽ انھن ئي يھودين مسلمانن کي پنھنجي ئي سرزمين تان ڪري ڪڍڻ جي سازشون ڪري مسلمانن تي ظلم ڪري رھيا آھن. ڪالھه وري غزه فلسطين تي اسرائيل جي بمباري ڪري غزه جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جنھن ۾ معصوم ٻارڙن، عورتون ۽ مرد ڪوڪون ۽ دانھون ڪندا رھيا ۽ ياالله ياالله جا نعرا ھڻندا رھيا ۽ اسرائيلي يھودين جي ظلم خلاف آواز بلند ڪندا رھيا. سوشل ميڊيا تي فلسطين جي ظلم جي خلاف آسٽريليا جي عورت سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي رھي ۽ معصوم ٻارڙن جي شھادت تي اکين مان لڙڪ لاڙيندي رھي. سوشل ميڊيا تي ٽي وي چئنلن ۽ مسلمانن ۾ ڏک جي لھر ڇائنيل آھي. مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ گھرجي ۽ گڏجي ان ظلم جي خلاف جنگ جوٽڻ گھرجي. اسلامي ملڪن ۾ سواءِ ايران جي ڪنھن به اسلامي ملڪ جو چٽو واضح بيان يا مذمت نه آئي آھي. اسلامي ملڪن جي تنظيم ۽ اسلامي ملڪن کي سگھارو آواز يھودين جي ظلم خلاف بلند ڪرڻ گھرجي جيئن پھريان 1974 ع ۾ ھو. ائين ئي اسلامي ملڪن کي ٻڌي جو اظھار ڪرڻ گھرجي. اسرائيلي لابي ملڪن جي شين جي خريداري يا  استعمال نه ڪرڻ گھرجي. ھن وقت فلسطين تي يھودين جي بمباري ۽ قتل عام جاري آھي. اقوام متحده، انساني حقن جون تنظيمون ۽ انسانيت جو درد رکندڙ ملڪ به ان ظلم تي خاموش آھن. انھن سڀني ملڪن، سماجي تنظيمن خاص ڪري اسلامي ملڪن کي گڏجي يھودين خلاف طاقتور جواب ڏيڻ گھرجي. فلسطين غزه جي مسلمان معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن  جو ناحق خون وھائڻ بند ڪيو وڃي.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

بوبڪ جي کوسا برادري ۾ صلح لاء اپيل‎

 

منڇر ڍنڍ جي ڪنڌي تي واقع بوبڪ ڳوٺ ڪنھن وقت ۾ سنڌ ۾ ترقي ڪندڙ ننڍن شھرن جي فھرست ۾ ايترو اڳتي نڪري چڪو ھو جو شڪارپور ميونسپل کي قرض ڏنو ھو. بوبڪ جنهن کي ڳوٺ چئجي يا شھر آمدني ۾ ايترو اڳتي ھو جو ھتي 1990ع تائين  مسلم ڪمرشل بينڪ پڻ ھوندي ھئي. اھو سڄو دور منڇر جي اوج وارو دور ھو. منڇر زھريلي ٿي ڪاروبار تباھ ٿيندا ويا بيروزگاري وڌي ان سڄي تباھي جو اثر صرف ماھيگري سان واسطو رکندڙ ماڻهن تي ئي نه پيو پر علائقي جي سموري عوام تي ناڪاري اثر پيا. عوام ڦر، ڌاڙن، چورين، منشيات، نفسياتي بيمارين ۽ وياج جي ور چڙھي ويو. انهن  سڀني براين جي اثر رت جي رشتن کي به بخش نه ڪيو. ڪنھن برادري کي منشيات ۾ ماريو ته ڪنھن کي وياج ڪنھن کي چوري ڦر جو شڪار ته ڪنھن کي شڪاري بڻائي ڇڏيو. آخر ان مرحلي ۾ اچي کوسا برادري جي پاڙي ۾ خيما کوڙيا. اھي خيما ھاڻي  پڪن گھرن ۾ تبديل ٿي رھيا آھن، اگر ھن خونريزي جو ڪو ترت حل نـ ڳوليو ويو ته ان باھ ۾ صرف  کوسا برادري نه پر اثر آس پاس عوام تي پوندو، جنھن جو مثال ان جھيڙي ۾ لنڊ برادري جو ھڪ ماڻھو پڻ ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿي چڪو آھي. ھاڻي سمجھڻ گھرجي تـ اھو جھيڙو ھڪ برادري مان نڪري ٻي برادري ڏانھن منتقل ٿي رھيو آھي. مڃون ٿا تـ ڪجھه ڏوھ ناقابل معافي به ھوندا آھن انھن ڏوھن جي نوعيت اھڙي ھوندي آھي جو ملزم کي انجام تائين پھچائڻ ضروري به ھوندو آھي. پر ڪجھه معاملا حل ڪرڻ ضروري ھوندا آھن. جيئن ته ھن چٺي ۽ پنهنجي اخبار جي ذريعي بوبڪ جي معزز شخيتن شاھد پنھيار، مخدوم ڪليم، سيد امداد شاھ، سنڌ بلوچستان پنجاب ۾  رھندڙ کوسا سردارن کي گذارش آھي ته  بوبڪ ۾  رھندڙ کوسا برادري ۾ ھلندڙ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي برادري کي تباھ ٿيڻ کان بچائن.

 

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

 

خراب رستا ۽ بھه سان ڀريل اوور لوڊ ٽريڪٽر ٽرالين  جو آزار

 

ڪاڇي ۾ هڪ ته رستا بلڪل بدتر ٿي ويا آھن جن جي گذريل پندرنهن سالن کان ڪابه مرمت ناهي ٿي. جنهن  تي مسافر گاڏين کي اچ وڃ ۾ تمام گهڻيون  تڪليفون آھن. ٻيو وري پاسن ۾ کڏا کوٻا ۽ سوڙھا ٿي وڃڻ ڪري مسافر ٽرانسپورٽ ڄڻ موت جي کوهن مٿان  سفر  پئي ڪري. ماڻھو الله الله ڪري خير سان سفر ڪن پيا ته مٿان وري  بھه سان ڀريل اوور لوڊ ٽريڪٽر  ٽراليون جيڪي  ڏينهن جا ٻارنهن ئي  ڪلاڪ مسافر ٽرانسپورٽ لاءِ آزار بڻجي مشڪلاتون پيدا ڪنديون آھن. ڪاڇي جي تمام رستن تي هروقت مسافر گاڏيون بھه سان ڀريل اوور لوڊ ٽريڪٽر ٽرالين جي اچ وڃ جي ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ رستن تي ڦاٿل نظر اچن ٿيون. ليڪن انهن ٽريڪٽر ٽرالين  خلاف پوليس ڪا به ڪاروائي نه پئي  ڪري. هرهڪ ٽرالي کان روزاني  بنياد تي ڀتو وٺي پوليس انتظاميه مسافر گاڏين ۽ انسانن لاءِ آزار بڻائي ڇڏيو آھي. ايس  ايس پي  دادو کي گذارش ٿي  ڪجي ته ڊرگھه  بالا شهر ۽ ڪاڇي جي رستن تان گذرندڙ اوور لوڊ ٽريڪٽر  ٽرالين خلاف قانوني  ڪاروائي ڪري مسافر ٽرانسپورٽ کي تڪليفن کان بچايو  وڃي ۽ اوور لوڊنگ تي پابندي عائد ڪئي وڃي.

 

محمد  اسماعيل  لانگاھ/  ڊرگھ  بالا  ڪاڇو

 

سماجي تعصب ۽ جنسيت جي سوچ: سنڌ ۾ عورتن جو مقام..!

 

سماجي تعصب ۽ جنسيت جي سوچ، هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو اسان جي سماج ۾ گهڻي عرصي کان موجود آهي. ان ۾ مرد ۽ عورت جي برابري ۾ فرق رکڻ، عورتن کي مردن کان گھٽ سمجهڻ ۽ عورتن جي حقن کي محدود ڪرڻ جو رجحان شامل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ڪيترين ئي قومن ۽ ثقافتن ۾ عورتن کي مردن جي برابر حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون آهن، سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف حصن ۾ اڃا تائين عورتن جي تقدير ۽ مقام کي مردن کان پوءِ رکيو وڃي ٿو.  جنسيت جي سوچ سماج ۾ مردن ۽ عورتن جي اڻ برابري کي ظاهر ڪندي آهي، جنهن ۾ عورتن کي مردن کان گهٽ سمجهڻ ۽ انهن کي محدود زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو رجحان موجود آهي. سماجي تعصب عورتن جي زندگي تي منفي اثر ڇڏيندو آهي. هڪ طرف، جڏهن عورتن کي مردن کان پوءِ رکيو ويندو آهي، ان ڪري انهن کي پاڻ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿيندي آهي. ٻئي طرف عورتن تي ڪيترن ئي قدامت پسند رواجن ۽ ثقافتي پابندين جو دٻاءُ هوندو آهي، جيڪي انهن کي مردن سان برابري ۾ رکڻ کان روڪين ٿا.  سماجي تعصب ۽ جنسيت جي سوچ جو اثر تعليمي ۽ معاشي شعبي ۾ واضح نظر اچي ٿو. اڪثر ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن ۾ عورتن کي مردن جي مقابلي ۾ گهٽ تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو رجحان آهي. ان جي نتيجي ۾ عورتن کي معاشي موقعا محدود ٿي ويندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي خاندان جي مالي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ مردن تي دارومدار رکڻو پوي ٿو. سماجي تعصب ۽ جنسيت جي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي چند اهم قدم کڻڻ گهرجن. انهن ۾ شامل آهن:1. تعليمي آگاهي: اسان کي اسڪولن، ڪاليجن، ۽ سماجي ادارن ۾ عورتن جي حقن ۽ مردن ۽ عورتن جي برابري بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. 2. قانوني اصلاحات: حڪومت کي عورتن جي حقن ۽ برابري کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني اصلاحات ڪرڻ گهرجن. 3. سماجي انقلاب: ثقافت ۽ رواجن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ، اسان کي سماج ۾ نئين سوچ ۽ رويي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن کي برابر مقام ڏنو وڃي. 4. سوشل ميڊيا جو استعمال: سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمن جو استعمال عورتن جي حقن ۽ جنسيت جي برابر حقوق لاءِ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ذريعي عورتن کي پنهنجي آواز بلند ڪرڻ جو موقعو ملندو.

 

شاهجهان جمالي/سبو يونيورسٽي

 

پي آءِ اي جي منافعا بخش ڪارڪردگي کانپوءِ نجڪاري ڇو۔۔!؟

 

ملڪ جي حڪمران طبقي جو ستم ظريفيون ايڏيون آھن جو جيڪڏهن بيان ڪجن ته فڪر مند ماڻھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو. جنهن جا 2 وڏا مثال ته هي آھن ته قومي ليڊر عمران خان جڏهن وزير اعظم ٿي آيو ۽ هن قوم جي ترقي ۽ ملڪي وقار ۾ اضافي لاءِ هڪ وڏو بيان ڏئي پي آءِ اي جي لاءِ چيو ته قومي ايئر لائين جا پائليٽ بنا ٽريننگ جي جهاز اڏارن ٿا. ان سان يورپ ۾ ويندڙ اڏامون بند ٿي ويون.!! جيئن ئي عمران حڪومت ختم ٿي ته  موجوده حڪمران ٽولي شهباز شريف جي حڪومتي سربراهي ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري کي تيز ڪيو ۽ پرائيويٽ ادارن ته ايتري سستي ٻولي ڏني جو ڪراچي ايئرپورٽ جا اثاثا به ان ٻولي کان مٿانهان هئا. تازو هڪ خبر گذريل ڏينهن اخبارن ۾ ڇپي آھي ته پي آءِ اي 20 سالن کان مٿي عرصي جي ناڪاره ڪارڪردگي ۾ هن سال منافع بخش ڪارڪردگي پڻ ڏني آھي. مالي سال 2024 لاءِ 26.2 ارب رپين جو خالص منافعو حاصل ڪيو. حڪومت جو مقصد پي آءِ اي جي نجڪاري جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هن بهتر مالي ڪارڪردگي کي استعمال ڪرڻ آهي. جيڪڏهن هن هڪ سال ۾ ايتري وڏي بهتر ڪارڪردگي سامهون اچي سگهي ٿي ته پوءِ هن قومي جهنڊي کي پوري دنيا ۾ فليگ بيرر طور متعارف ڪرائيندڙ اداري کي نيلام ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي؟ جڏهن ته عمران حڪومت جي دور کان وٺي پي آءِ اي جون اڏامون يورپ وڃڻ تي پابندي آھي.!!پر جيڪڏهن دنيا ۾ پي آءِ اي جي ڪارڪردگي ۽ وقار کي ماضي واري بهتر صورتحال ۾ آڻي وڌيڪ منافعو ڪمائي سگهجي ٿو. اهو منافعو ڊبل ۽ ٽرپل به ٿي سگهي ٿو. پي آءِ اي جي وزارت سان لاڳاپيل وزير خواجھ محمد آصف جهڙا سينيئر سياستدان ملڪي قومي ۽ ادارتي ساک ۽ وقار کي بهتر سمجهن ٿا. جيڪڏهن پي آءِ اي بهتر ڪارڪردگي به ڪئي آھي ته اڃا وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ سڀ کان پهريان اهو عمل ضروري آھي ته پي آءِ اي، اسٽيل ملز ۽ پاڪستان ريلوي جهڙن ادارن جي نجڪاري روڪي قومي وقار ۽ ملڪ دوستي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو وڃي.  ان حوالي سان قومي اداري نيب کي به کپي ته ماضي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدنيت حڪمرانن ۽ ملوث حلقن جي تحقيقات ڪري انهن کي جوڳي سزا ڏيڻ کپي. اڄ هيء ڳالھ سمجھه ۾ حڪمران قيادت ۽ سياسي قيادت کي نه آئي ته پوءِ اهڙو موقعو شايد ٻيو نه ملي سگهي. سوال اهو آھي ته پي آء اي واري وزير خواجھ آصف جي نيت تي ڪو شق ناهي ته ڪو هو يا سندس حڪومت پي آءِ اي کي نجڪاري واري عمل ۾ وٺي ويندي. جڏهن ته ڪجھه مهينا اڳ جڏهن موجوده حڪومت نئين نئين وجود ۾ آئي هئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ڳالهيون تيز ڪيون ويون هيون. تڏهن ڪي پي ڪي، پنجاب توڻي سنڌ صوبي جي چيف منسٽرز جو مختلف بيان آيا هئا جيڪي وفاقيت يا رياستي مرڪزيت لاءِ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيڻ جو سبب پئي ٿيا. ان ڪري قومي معاملن جي ڪنهن به بحران ۾ گڏيل قومي مفادن واري ڪائونسل کي سڏائي فيصلا ڪيا ويندا ته بهتر رهندو.

 

رحمت الله ٻرڙو