سنڌو کي سڪائڻ بند ڪريو
سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، اهو ته سنڌ جي ماڻھن جي ڌڙڪن آهي. هي درياهه اسان جي زمينن کي سرسبز ڪري ٿو، اسان جي زراعت کي جياري ٿو ۽ هزارين سالن جي تهذيب جو وارث آهي. پر افسوس جو اڄ اهو ناجائز اوڀارين واهن، اڻ برابريءَ تي ٻڌل ورڇ، ۽ انتظامي ناانصافين سبب سڪي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي 1991ع وارو پاڻيءَ جو معاھدو، جيڪو سڀني صوبن جي رضا منديءَ سان طئه ٿيو هو، سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي کي واضح ڪري ٿو. پر بار بار ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. خاص طور تي ناجائز واهن جي اڏاوت ۽ وهڪرن ۾ هٿ چراند ڪئي وئي آھي جنهن سبب هي معاهدو بي معنيٰ بڻجي ويو آهي. ان جا نتيجا سنڌ جي ماڻھن تي تمام خطرنال اثر وجھندا،اسان جون زمينون بنجر ٿي وينديو، ۽ سنڌو ڊيلٽا، جيڪا ڪڏهن حياتيءَ سان ڀرپور هئي، هاڻ آهستي آهستي مري رهي آهي سنڌ جا ماڻهو واضع طور تي ڪنهن به غيرقانوني وهڪرن کي رد ڪن ٿا. اسان جو مطالبو آهي تهدرياهه مان ناجائز واهن ۽ پاڻي چوري فوري بند ڪئي وڃي. (ارسا) کي ٻيهر منظم ڪري منصفاڻي ذميواري کي يقيني بڻائيو وڃي سنڌو ڊيلٽا جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن ۽ هيٺاهين علائقن جي ضرورتن کي ترجيح ڏني وڃي. سنڌو درياءَ سڪائڻ بند ڪيو, رڳو نعرو ناهي اهو سنڌ جي بچاءَ جي فرياد آهي. وفاق کي گهرجي ته هو پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ سنڌ سان انصاف ڪري
ھمير گھمرو / پير جو ڳوٺ
پيپلزپارٽي بمقابلہ سنڌ ٽانگا پارٽي.
پيپلزپارٽي جا اڳواڻ تسلسل سان سنڌو تي ڪئنالن ٺاھڻ جي خلاف سنڌ واسين جي مخالفت، سنڌ واسين جي مزاحمت، سنڌ واسين جي جدوجهد کي ٽانگا پارٽين جي جدوجهد سان تشبيهون ڏئي سنڌ جي اجتماعي شعور جي تذليل پيا ڪن. ننڍن ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن مان نڪرندڙ ھزارين ماڻھن جي احتجاجي مظاهرن کي جن ۾ زندگي جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل ھجن ٿا، جن ۾ ھاري، آبادگار وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري، دڪاندار، شاگرد ايستائين جو ڄڃ ۾ ھلندڙ گھوٽ ۽ ڪنوارو به ڪئنالن خلاف احتجاج ۾ شامل ھوندا آھن ته سنڌ جي اھڙي اجتماعي شعور کي ٽانگا پارٽي سان تشبيهون ڏيڻ ۽ قادر پٽيل مطابق ھنن کي ڪو پان ٻيڙي اوڌر ڪونه ٿو ڏي، اھو سنڌ جي ماڻھن جو مذاق اڏائڻ ناقابل برداشت آھي. سنڌ جي ماڻھن وٽ احتجاج کان سواءِ ڪو رستو ڪونھي بچيو، ھا البته پيپلزپارٽي وٽ ٻه ٽي رستا ضرور آھن، انھن مان ھڪ رستو اھو آھي ته وفاق ۽ پنجاب کي انھي ڪئنالن ٺاھڻ جي ھوڏ تان لاھي،جي آئين نه ڪري سگھي ته ٻيو رستو اھو آھي ته وفاق کان پنهنجي حمايت واپس وٺي ۽ ٽيون رستو اھو آھي جنھن تي پيپلزپارٽي ھن وقت ھلي پئي يعني سڀ گدرا مٺ ۾ رکڻ واري پاليسي! پر سنڌ واسي ھاڻ انھي پيپلزپارٽي جي ورتل ٽئين رستي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن، پوءِ ڀلي توھان ۽ وفاق سنڌ واسين کي ڪھڙي به نالي سان سڏيو، ٽانگا پارٽي چئو يا وفاقي وزيرن مطابق قوم پرست چئو. سڄي سنڌ ھينئر قوم پرست آھي ۽ جيڪو ھن جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اھو سنڌ واسين جي نظر ۾ مفادپرست، موقع پرست ۽ مايا پرست ليکيو ويندو. سنڌ واسي سنڌو کي صرف دريا ڪونه ٿا سمجھن پنھنجي شهه رڳ ٿا تصور ڪن!!
مير اعجاز علي ٽالپر، ٽنڊو جان محمد سنڌ.
مولوي عبدالله اثر جي سنڌي ادبي خدمتن کي مڃتا ملڻ گهرجي.
مولانا عبدالله اثر چانڊيو 14 جولاءِ 1920 ۾ ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،سندس والد جو نالو مولانا الله ڏتو ھو. مذھبي گھراڻي سان تعلق ھجڻ ڪري پاڻ به ھڪ مذھبي ماڻهو ھو.اثر صاحب قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي والد مولانا الله ڏتو ۽ مولانا محمد عمر جان چشموي کان حاصل ڪئي،پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو مان حاصل ڪيائين جڏهن ته عربي ۽ فارسي ٻولي جي سکيا مولوي غلام رسول عباسي وٽان ورتائين.پاڻ 1936 ڌاري سنڌي استاد طور مقرر ٿيو ۽ جلد ئي ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص مھربانين سان ترقي ماڻي ايجوڪيشن سپروائيزر يعني تعلقه ايجوڪيشن آفيسر بڻيو.
عبدالله اثر صاحب لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ ھڪ خاص اھميت رکي ٿو.پاڻ ھڪ بھترين شاعر ۽ مترجم ھئا.اثر صاحب سنڌي سميت فارسي ۽ اردو ٻولي ۾ طبع آزمائي ڪئي.سندس ‘نعتي ديوان’ سنڌي ٻولي ۾ ھڪ خاص اھميت ان ڪري بہ رکي ٿو جو ھي سنڌي ٻولي جو پھريون نعتي ديوان آھي.ان کان علاوه سندن تصنيفات ۾ ذڪر حبيب،سيرت سعدي،جام ڪوثر،سامونڊي سوداگر،نالہ فراق،سڄڻ جو سفر شامل آھن.پاڻ مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪتابن جا سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجما پڻ ڪيا،جنهن ۾ قصيده بانت سعاد،قصيدہ غوثيه،قصيدہ بردہ شامل آھن.ازسواءِ سندن ڪجھه اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آھي جيڪو سنڌي ادبي بورڊ کي پڻ ڏنو ويو آھي پر سندن نااھلي سبب ھن وقت تائين اھو مواد شايع نه ٿي سگهيو آھي.ھڪ ٻيو ستم جيڪو ھن سدابهار شاعر سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڪيو آھي اھو ھي آھي ته سائين عبدالله اثر صاحب جو ھڪ بيت صحبت جو اثر پنجين درجي جي درسي ڪتاب ۾ شامل ھو جنهن ۾ ٻارڙن کي سٺي صحبت اپنائڻ ۽ بري صحبت کان پاسو ڪرڻ جي نصيحت ھئي کي حذف ڪيو ويو آھي.
سائين عبدالله اثر جي سنڌي ادب جي خدمتن کي مدنظر رکندي اسان تعليم کاتي جي وزير،تعليم جي سيڪريٽري ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري کي عرض ڪيون ٿا تہ سائين عبدالله اثر صاحب جي ھن بيت کي ايندڙ نئين سيليبس ۾ شامل ڪيو وڃي تہ جيئن ٻار سٺي صحبت جي فائدن ۽ بري صحبت جي اثر جي نقصانن کان چڱي ريت واقف ٿي سگهن.
ياسر سانڊاڻو
“فقيري ۾ ئي اميري آهي.”
نياز، نوڙت ۽ سادگي ۾ ڪيڏو نه سڪون، ڪيڏي نه روشني ۽ ڪيڏو نه روحاني لذت آهي.جڏهن من صاف هوندو، تڏهن ئي ظاهري پاند نه رهندو. ڪپڙا ميڙا ٿين يا صاف، اها ڳالهه اهم نه هوندي، ڇو ته جنهن دل ۾ صفائي، خلوص ۽ عاجزي هوندي، ان لاءِ هر جاءِ پاڪ، هر حالت عبادت بڻجي ويندي. جتي جگهه ملي، اُتي بيهڻ ۾ شان هوندو؛ جتي ڪو به نه سڃاڻي، اُتي به مسڪراهٽ هوندي.سادگي اها نه آهي جو اوهان وٽ گهٽ هجي، بلڪه اها آهي ته اوهان کي وڌيڪ جي طلب نه رهي. اهو ئي اصل نياز آهي، جتي انسان پنهنجو نفس، پنهنجون خواهشون، پنهنجي انا قربان ڪري، صرف رب لاءِ ۽ رب جي خلق لاءِ جيئڻ لڳي.پيار ڪندڙ ماڻهو اوهان جو قيمتي لباس نه ڏسندو، نه ئي اوهان جي ڳالهه جي ٽاڪ ڦوڪ تي ڌيان ڏيندو؛ هو ته اوهان جي اڇي اندر، اوهان جي سچي نيت، ۽ اوهان جي بيغرض محبت ۾ ئي سمائجي ويندو. پوءِ اوهان دنيا ۾ نه رهندا، بلڪه دنيا اوهان ۾ رهندي. ۽ جڏهن اها حالت اچي وڃي، تڏهن انسان دنيا جي هر رنگ، هر ساز، هر چمڪ تان هٿ کڻي، فقيري رنگ ۾ خوش رهڻ لڳندو. ڇو ته تڏهن انسان ڄاڻي وڃي ٿو ته: فقيري ۾ ئي اميري آهي.” اهڙي حالت تي پهچڻ لاءِ سچي قرباني، نيت جي پاڪيزگي، ۽ دل جي صفائي گهرجي. فقير اُنهن وڏن محلن، مهانگي لباسن، ۽ وڏين ڳالهين جي تلاش ۾ نه هوندو، هو ته اُن نياز جي ڳولا ۾ هوندو، جيڪو ڪنهن غريب جي اکين ۾ آهي، ڪنهن مسڪين جي دعا ۾ آهي، ۽ ڪنهن بي آواز دل جي سڏ ۾ آهي.سچي محبت خالق لاءِ هوندي آهي، ۽ خالق جي محبت انسانيت جي خدمت ذريعي ظاهر ٿيندي آهي.اُهو ئي انسان، جيڪو پاڻ کي وساري، ٻين لاءِ جيئڻ سکندو، اهو ئي رب جو سچو دوست بڻبو. اهو ئي عارف، جنهن جي نيت صاف، دل پاڪ، ۽ عمل بي لوث هوندو.
عظيم حسن ميتلو
شادي ڪاڄن ۾ وڌندڙ ايڪو سائونڊن جو آزار
ڪو وقت هو جڏهن پوري سنڌ شهري توڙي ٻھراڙين جي ڳوٺن ۾ شادين جي رسمن دوران ايتري ته پرهيز ۽ پردو هوندو هو جو دهل وڄائڻ کي به بي پردگي ناجائز ۽ غير شرعي سمجهيو ويندو هو ۽ عورتن کي صرف ئي صرف اندر گهرن ۾ محدود رکيو ويندو هو ۽ گهرن اندر انهن کي سهرا يا ڳيچ ڳائڻ وقت انهن کي صرف اها اجازت هوندي هئي ته عورتون لوڪ سهرا ڳائن پر هاڻي ته شادي جون رسمون صرف بي حيائي ۽ بي پردگي ڏانهن وڌندي نظر اچي رهيون آھن پراڻي دور ۾ شادي رسمن دوران اوڙي پاڙي جو وڏو احترام ۽ احساس رکيو ويندو هو جيڪڏهن پاڙي يا ڳوٺ ۾ شادي دوران ڪا فوتگي ٿيندي هئي ته احترام شناس خاطر ٽن ڏينهن تائين همدردي خاطر کيس رسمون بند رکبيون هيون پر هاڻي نه انسانيت رهي آھي نه وري همدردي پاڙي ڳوٺ جو ڪوبه اسان انسانن ۾ احساس ۽ شناس ناهي رهيو بي حيائي جون حدون ڪراس ڪيون پيون وڃن ڀلي هڪڙو ئي گهر ڇونه هجي جيڪڏهن نفرتون آھن ته ڪو به احترام ۽ شناس ادب رهيو ئي ناهي هڪ پاسي تڏو آھي ته ديوار جي ٻئي پاسي شادي ڪاڄ نه ڀائپي رهي آھي نه وري پنهنجائپ ڪنهن کي به ڪنهن جو ڪو احترام يا احساس ناهي رهيو
هن وقت اهو ڏٺو پيو وڃي ته پوري سنڌ جي شهري علائقن کان ويندي ڳوٺن تائين ايڪو سائونڊن جو آزار ايترو ته وڌي ويو آھي جو ڀلي امير هجي يا غريب پنهنجي شادي رسم ۾ هر صورت ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ کانسواء پنهنجي شادي کي اڌورو سمجهن ٿا ايڏي وڏي ۽ بي سري آواز ۾ ايڪو سائونڊ تي ڪلام ۽ گانا وڄائي پوري علائقي جي ماڻھن کي بيچين ۽ بدضن ڪيو وڃيٿو هن ماحول دشمن رسم يعني ايڪو سائونڊ واري آزار تي حڪومت پاران ڪوبه ردعمل نظر نه پيو اچي جيڪڏهن ڪا مذھبي محفل آھي ته ساڳئي هنڌ تي شادي ايڪو سائونڊ تي عورتن توڙي مردن جو رقص بي حيائي جو وڏو مثال آھي غير مردن اڳيان عورتن کي نچندي ڪڏندي ڊانس ڪندي اڄ ڪلھ اسان جا مرد حضرات فخر محسوس ڪنٿاافسوس جو اڄڪلھه اسان جي معاشري ۾ وڌندڙ بيهوده رسمن کي وڌيڪ عزت تعظيم ۽ ترجيح ڏني پئي وڃي سنڌ حڪومت توڙي ضلعي حڪومتن جي اها ذميواري آھي ته هو ٻين گهريلو رسمن کي ڇڏي پوري سنڌ ۾ شادي تقريبن دوران ماحول دشمن بڻجندڙ ايڪوسائونڊ وڄائڻ تي فوري طور پابندي عائد ڪري ۽ ماحول کي بدنظمي بي پردگي ۽ بيحيائي کان بچايو وڃي
محمد اسماعيل لانگاھ ڊرگھه بالا ڪاڇو