شادي ڪاڄن ۾ وڌندڙ ايڪو سائونڊن جو آزار

 

ڪو وقت هو جڏهن پوري سنڌ شهري توڙي ٻھراڙين جي ڳوٺن ۾ شادين جي رسمن دوران ايتري ته پرهيز ۽ پردو هوندو هو جو دهل وڄائڻ کي به ناجائز سمجهيو ويندو هو ۽ عورتن کي گهرن ۾ محدود رکيو ويندو هو. گهرن اندر انهن کي سهرا يا ڳيچ ڳائڻ وقت انهن کي صرف اها اجازت هوندي هئي ته عورتون لوڪ سهرا ڳائن پر هاڻي ته شادي جون رسمون بي پردگي آھن. پراڻي دور ۾ شادي رسمن دوران اوڙي پاڙي جو وڏو احترام ۽ احساس رکيو ويندو هو جيڪڏهن پاڙي يا ڳوٺ ۾ شادي دوران ڪا فوتگي ٿيندي هئي ته احترام خاطر ٽن ڏينهن تائين رسمون بند رکبيون هيون پر هاڻي نه انسانيت رهي آھي نه وري همدردي. پاڙي ڳوٺ جو ڪوبه اسان انسانن ۾ احساس ناهي رهيو. ڀلي هڪڙو ئي گهر ڇونه هجي جيڪڏهن نفرتون آھن ته ڪو به احترام ۽ ادب رهيو ئي ناهي. هڪ پاسي تڏو آھي ته ديوار جي ٻئي پاسي شادي ڪاڄ. نه ڀائپي رهي آھي نه وري پنهنجائپ. هن وقت اهو ڏٺو پيو وڃي ته پوري سنڌ جي شهري علائقن کان ويندي ڳوٺن تائين ايڪو سائونڊن جو آزار ايترو ته وڌي ويو آھي جو ڀلي امير هجي يا غريب پنهنجي شادي ۾ هر صورت ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ضروري سمجهندو نه ته شادي کي اڌورو سمجهن ٿا. ايڏي وڏي ۽ بي سري آواز ۾ ايڪو سائونڊ تي ڪلام ۽ گانا وڄائي پوري علائقي جي ماڻھن کي بيچين ڪيو وڃي ٿو. هن ماحول دشمن رسم يعني ايڪو سائونڊ واري آزار تي حڪومت پاران ڪوبه ردعمل نظر نه پيو اچي. جيڪڏهن ڪا مذھبي محفل آھي ته ساڳئي هنڌ تي شادي ايڪو سائونڊ تي عورتن توڙي مردن جو رقص هوندو آهي. اڄڪلھه معاشري ۾ وڌندڙ بيهوده رسمن کي وڌيڪ عزت تعظيم ۽ ترجيح ڏني پئي وڃي سنڌ حڪومت توڙي ضلعي حڪومتن جي اها ذميواري آھي ته هو ٻين گهريلو رسمن کي ڇڏي پوري سنڌ ۾ شادي تقريبن دوران ماحول دشمن بڻجندڙ ايڪوسائونڊ وڄائڻ تي فوري طور پابندي عائد ڪري ۽ ماحول کي بچايو وڃي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو

 

خليفه فقيرسائين رح جو 71ھون عرس ‎

 

حضرت حافظ صوفي فقير خليفه غلام حسين المعروف فقير سائين رحمت الله عليه جو شمار وڏن عالمن بزرگن اديبن ۾ ٿئي ٿو. سندن لقب “فقيرسائين“ آهي پاڻ 1265 هجري ۾ مخدوم محمد اسمائيل پريالوي لڳ ڳوٺ جلباڻي خيرپورميرس ۾ بخشڻ خان جلباڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان ساده طبيعت ۽ عام ٻارن کان مختلف هئا. ننڍپڻ ۾ پاڻ ھي شعر جھونگاريندو هو.

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان ناھي مئي جو وس

رندن تي ٿي راڙيون ڪريان ڏسي گورن جا گس

ڏور پـيـم ڏس جـتـي مـلـڪ مـڪـران جـو.

حضرت فقيرسائين رح هندستان ۾ ديني علم طب حڪمت جو علم پرايو ۽ ڪافي ٻولين تي دسترس حاصل ڪئي. 30 سال اتي ئي رهيا. هن جو علم ادب اخلاق ڏسي هڪ استاد پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر پاڻ استاد جي نياڻي سان شادي ڪرڻ بي ادبي سمجهندي صاف انڪار ڪري ڇڏيو. دستاربندي بعد هڪڙو خواب ڏٺو جنهن ۾ هڪ مرد-قلندر جو اشارو ٿيو جنهن فرمايو ته “تون اسان جو آهين هاڻي سنڌ واپس اچ“…..جنهن کان پوءِ پنهنجي استادن ۽ دوستن کان موڪلائي ريل رستي هندستان مان سفر ڪري اچي سنڌ پهتو ۽ خانقاه ڀرچونڊي شريف پهتو. محمد عبدالله المعروف شهنشاه رحمة الله عليه فرماين ته:

ڀلي آئين ڪانڌ مون نماڻيءَ جي نجهري

هـئا پـراڻا پـاند تنهنجي نينهن نوان ڪيا

ڪجھه ڏينهن رھڻ بعد پنهنجي والدين سان ملڻ  لاءِ اجازت طلب ڪيائين جنهن تي مرشد ڪريم فرماين ته:

وڍيو آھين ته ويھ اڻ وڍيو آن ته واٽ ٿي

جي سر جو سانگو ڀائين ته منجھه وڍين جي نه پيھ

ھي تنھين جو ڏيھ ڪات جنھين جي ھٿ ۾(شاھ)

جنهن کان پوءِ پاڻ وري ڪجھه ڏينهن رھي پيا ۽ پوءِ والدين سان ملڻ ويا ۽ وري واپس خانقاه ڀرچونڊي شريف اچي ويا. 110 ورھين جي ڄمار ۾ وقت ظهر نماز تاريخ 10 شوال المڪرم 1375 هجري ۾ اچي ملڪ الموت طرفان وصل جو پيغام پهچايو. نماز جنازه هڪ عالم-دين سندس پير ڀائي مولوي محمد رفيق قريشي پڙهائي ۽ اتي ئي مدفن ڪيو ويو. ڀرچونڊي شريف جي جماعت طرفان حضرت فقيرسائين رح جو هر سال 10شوال المڪرم تي سندس مزار تي ٻارھو ملھايو ويندو آهي. ان موقعي تي قرآن خواني ڪافي ڪلام(رندي راڳ) مولود پڙهيا ويندا آهن ۽ دعا ختم بعد لنگر في سبيل الله طور تقسيم ڪيو ويندو آهي.

 

فقير غلام حسين قادري

 

ڪڻڪ: سنڌ جو بمپر فصل پر ھاري مايوس

 

سنڌ ۾ ھر سال جيان هن سال به ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي ويو آھي، پر حڪومت ڪڻڪ وٺڻ  لاءِ تيار ناھي، آبادگارن ۽ ھارين ۾ خوشي بدران مايوسي ڇانيل آهي. اسان جو ملڪ ھڪ زرعي ملڪ آھي جنھن جي 60 آبادي جو روزگار زراعت سان وابسته آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ بي ڌياني سبب ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آھي، جيڪڏھن حڪومت ھن طرف ترت ڌيان نه ڏنو ته ملڪ جي ھي آبادي سطح غربت کان ھيٺ ھلي ويندي جنھن کي ٻيهر مٿي کڻڻ ڏاڏو مشڪل ٿي ويندو. سنڌ جي تقريباً ھر ضلعي ۾ ڪڻڪ جو لابارو شروع ٿي چُڪو آهي ۽ ڪجھه ضلعن ۾ “نئون ان” مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي پر بدقسمتيءَ سان ھن دفعي نه ئي حڪومت ۽ نه ئي ڪوئي سيٺ يا واپاري ڪڻڪ وٺڻ  لاءِ تيار آھي. لوڪل مارڪيٽ ۾ غريب ھاري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ  لاءِ پنھنجي ڏينھن رات جي محنت کي اڌ ملھو وڪڻڻ تي مجبور آھي. ھلندڙ سيزن ۾ مختلف ضلعن جي مارڪيٽ سروي ڪرڻ کان پو# معلوم ٿيو آھي ته ڪڻڪ جو في مڻ 2000 کان 2300 روپين جي وچ تي ھلي رھيو آھي جيڪو خرچ جي حساب سان اٽي ۾ لوڻ برابر آھي. ڇاڪاڻ ته ھلندڙ خريف سيزن ۾ حڪومت طرفان آبادگارن کي ڪلر، ڀاڻ ۽ ٻج وغيره تي ڪنھن به قسم جي ڪابه سبسڊي نه ڏني وئي آھي، نه ئي ڪا آبادگارن جي دانھن جو ڪو ازالو ڪيو ويو. سمورو سيزن ھاري بليڪ تي 2500 واري يوريا جي ٻوري 5500 تي ۽ DAP جي 8000 جي ٻوري 12 کان 15 ھزار تي وٺڻ تي ڪوڪون ۽ دانھون ڪندا رھيا ۽ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رھي، مٿان وري حڪومت جو ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ وارو شاھي حڪم ھارين ۽ آبادگارن  لاءِ موت مثل آھي. خدارا ھن طرف ڌيان ڏنو نه ته ھي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻي توھان کي ڪڏھن معاف نه ڪندا.

 

عامر کوکر/ نوشهروفيروز

 

ايران دنيا جو پهريون پلازما هٿيار ٺاهي ورتو

 

پوري دنيا هن وقت پنهنجي دفاع  لاءِ ائٽمي قوت تي ڀاڙي ٿي جنهن ملڪ وٽ جديد ائٽمي ٽئڪنالاجي آهي اهو ئي طاقتور ملڪ ليکيو وڃي ٿو. اسلامي جمهوريه ايران هن وقت جديد دفاعي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪ نئين سنگ ميل تي پهچي پلازما هٿيار ٺاهي هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ وارو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. پلازما هٿيار ڇا آهي؟ پلازما هٿيار هڪ جديد جنگي ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا روايتي گولا بارود بدران پلازما جو استعمال ڪندي آهي. پلازما چارج ٿيل ذرڙن ۽ انتهائي تيز گرميءَ تي مشتمل مادو هوندو آهي، جيڪو تباهي ڦهلائي سگهي ٿو. هي هٿيار برقي مقناطيسي شعاعن ۽ حرارتي (ٿرمل) تابڪاري ذريعي هدف تائين تمام گهڻي توانائي منتقل ڪري، ان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري سگهي ٿو. هي رفتار، درستگي ۽ تخريبي قوت جي لحاظ کان جنگ جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهي ٿو. هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ سرڪاري طور تي آپريشنل پلازما هٿيار جو اعلان نه ڪيو هو، پر ايران جديد دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان اڳتي وڌي پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جنهن هن قسم جو هٿيار تيار ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جيئن ته هن هٿيار جي مڪمل ٽيڪنيڪل تفصيل موجود نه آهي، پر فوجي ماهرن جو خيال آهي ته اهو ڊگهي فاصلي تائين اثرائتو هوندو ان ۾ بي مثال درستگي هوندي. زبردست تباهيءَ جي طاقت رکندو، جيڪو دشمن جي اهم هدفن  لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. جديد جنگي حڪمتِ عملي ۾ انتهائي ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو. پلازما هٿيار بيليسٽڪ ميزائلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائديمند ٿي سگهي ٿو، ڇوته هي تيزي سان هدف کي نشانو بڻائي ٿو. گهٽ توانائي استعمال ڪري ٿو ۽ وڌيڪ صحيح ۽ اثرائتو آهي. ايران جي هن نئين هٿيار جي تياري عالمي طاقت جي توازن ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگهي ٿي ۽ گهڻن ملڪن کي پنهنجي دفاعي حڪمتِ عملي تي ٻيهر غور ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. اهو هٿيار فوجي خطري جي خلاف اهم اسٽريٽجڪ اوزار ٿي سگهي ٿو. جن ملڪن وٽ هي ٽيڪنالاجي هوندي، انهن کي وڏو فائدو حاصل ٿيندو. جيڪو مختلف ملڪن جي قومي سلامتيءَ تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿو.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

سنڌ جي زراعت تي ڌيان ڏيو ! ھارين آبادگارن جي به سار لھو !‎

 

زراعت معشيت ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ملڪ جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آھي. ھن وقت ڪڻڪ جي فصل جي کٽائي ٿي رھي آھي ۽ ڪڻڪ جو اگھه سنڌ سرڪار ھن وقت تائين مقرر ته ڪيو آھي اھو اگھ مناسب نه آھي. جڏھن ته سنڌ جو آبادگار ھاري پريشان آھي. واپاري طبقو به خاموش آھي ۽ آبادگارن کان 22 سئو في مڻ نه ٿو ورتو وڃي. جڏھن ته آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جو به خرچ ڳچي ۾ آھي. ڪارو ڀاڻ ڊي اي پي في ٻوري 6500 کان مٿي آھي ۽ اڇي ڀاڻ جي في ٻوري 4500 روپيا کان مٿي آبادگارن کي پوي ٿي. ان کانسواءِ ٻج جو ان وقت مڻ 5000 ھزار ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ٽريڪٽر في ڪلاڪ 3000  رپيا آهي. في ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل لڳ ڀڳ 80 ھزار خرچ کائي وڃي ٿو . ھن وقت ڪڻڪ جو اگھه ھارين کي جيڪو سرڪار ڏنو آھي ان اگھه مان خرچ به نه ٿو نڪري.  سرڪار ھارين کي ڪنھن قسم جي سسڊي يا رياعت نه ڏني آھي. مثال طور ٻج ، ڀاڻ ، زرعي قرض بنا وياج جي ڏنا ھجن يا ڪي آبادگارن جي  لاءِ سستا پيڪيج ڏنا ھجن. زراعت آمدني جو ھڪ اھم وسيلو آھي  نه صرف اھم ذريعو پر ڪارخانن کي 25 سيڪڙو ڪچو مال زراعت فراھم ڪري ٿي. ان سان گڏ سرڪار جيڪڏھن صحيح زرعي شعبي تي ڌيان ڏئي ته زرعي شيون ٻاھرين ملڪن کي ايڪسپورٽ واپار ڪري چڱو خاصو ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. زرعي پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏنو وڃي. زراعت سان گڏ مال مويشي جانور پکي دارومدار رکن ٿا. پر زراعت تي ڌيان نه ھجڻ ڪري آبادگار به آبادي گھٽ ڪندو ان جو سبب ته ان کي اگھه صحيح نه ٿو ملي ۽ آبادگار وٽ ايترو سرمايو نه ھوندو ته اھو زمين کي آباد ڪئين ڪري سگھندو.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر وچ ۾ ٺاهه معاملي تي ڪردار!

 

گذريل مهيني 16 مارچ تي ڏهرڪي ويجهو هڪ اهم واقعو پيس آيو جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر سابق صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جي گاڏي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن ۾ هو بچي ويو پر ان جو محافظ ظفر ڏهر موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ان جا ٽي محافظ زخمي ٿيا جيڪي علاج هيٺ رهيا آهن. مهتاب ڏهر پنهنجي مٿان حملي جو الزام پ پ پ اڳواڻ سردار شهريار شر تي هنيو جنهن حملي جي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد شاهه ۽ پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو به مذمت ڪئي. اطلاع آهن ته شهريار شر پ پ پ رهنما فريال ٽالپر جي گهڻو ويجهو آهي جيڪو پهريان پي ٽي آءِ ۾ هو بعد ۾ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان واپس پ پ پ ۾ آيو. گذريل چونڊن ۾ پ پ پ ڄام مهتاب ڏهر کي ٽڪيٽ ڏيڻ بجاءِ شهريار شر کي ڏني پر ڄام مهتاب ڏهر شهريار شر جي مقابلي ۾ آزاد اميدوار طور کٽي آيو ۽ وري پ پ ۾ شامل ٿيو. اهي به اطلاع آهن ته هن وقت صوبائي وزير جيل علي حسن زرداري شهريار شر کي اوٻاڙو ۾ نئين شگر مل جو انچارج بڻايو آهي جيڪا سنڌ جي پهرين شگر مل آهي جنهن جي جديد مشينري چين کان گهرائي وئي آهي. اها ته واضح ڳالهه آهي ته گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ اوٻاڙو جهڙا علائقا مڪمل طور اتان جي سردارن جي ڪنٽرول ۾ آهن، ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر ٻئي پنهنجي علائقي ۾ وڏو اثر رسوخ رکندڙ آهن، جيڪي سنڌ جي وڏي پارٽي پ پ پ جي علائقي ۾ طاقت سمجهيا وڃن ٿا هن وقت ڳالهه ٻنهي وچ ۾ جهيڙي ناراضگي ۽ هڪٻئي مٿان الزامن جي خاتمي جي آهي. جنهن  لاءِ پ پ پ  لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي قيادت جو امتحان آهي پر ان  لاءِ به گذريل ڏيڍ هفتو پهريان علائقي جي بااثر سردارن سردار علي گوهر خان مهر، سابق صوبائي وزير سردار باري خان پتافي، ميان رفيق ڀرچونڊي وارا ڪنڌڪوٽ جي ضلعي چيئرمين ۽ سابق ايم اين اي مير گل محمد خان جکراڻي ۽ ڪجهه ٻين ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر ۾ هر قسم جي ناراضگي جهيڙي وغيره جي ختم ڪرائڻ ۽ سندن وچم پئي ٺاهه وغيره ڪرائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو  جيئن علائقي ۾ امن برقرار رهي ۽ ٻئي چڱا مڙس پاڻ ۾ کير کنڊ هجن.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

غريب ھاري ڪنھن کي ڏئي دانھن

 

ڊي اي پي جي ٻوري 49 ڪلو واري 12000 ھزار روپيا پئي ملي. يورياجي ٻوري 49 ڪلو واري 5000 ھزار روپيا پئي ملي ۽ دوائن جو خرچ ۽ ٻج به مھانگو پيو ملي. غريب ھاري عوام پريشاني جو شڪار بڻيل آھي. باقي ھاري جي ڪڻڪ 100 ڪلو واري ٻوري 5000 ھزار روپيا خريد پيا ڪن . ان ظلم جو ذميوار ڪير ؟ ھارين سان انصاف ڪير ڪندو. !!

 

عزادار حسين انقلابي/ سرھاڙي

 

تعليم جي باري ۾‎

 

رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته مان علم جو شھر آھيان علي ان جو دروازو آھي. تعليم اسان جي  لاءِ ضروري آھي. تعليم ھڪ اھڙو ھٿيار آھي. جنهن سان انسان جي روز مرهه جي زندگي آساني سان گذاري سگھي ٿو. تعليم اسان کي وڏي منزل تائين پھچائي ٿي. تعليم ۽ ان سان گڏوگڏ ھنر سکڻ ضروري آھي. رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمائي ٿو ته مرد ۽ عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي. تعليم کان بغير ترقي نٿا ڪري سگهون.

 

محمد صادق جعفري انقلابي/ سرھاڙي

 

سنڌ سوچي سمجهي فيصلو ڪري

 

اهو ڪيڏو نه عجيب پيو لڳي جو جنهن اسمبلي جي ڪا وقعت ۽ حيثت باقي نه بچي هجي جو ان جو چونڊيل صدر پنهجي اسمبلي کي استدعا پيو ڪري ته ملڪ جي بقا  لاءِ سڀ سوچيو. پنهجي انائن ۽ انتقامن جي روش کي بدلايو متان دير نه ٿي وڃي جو ملڪ دشمن قوتون چؤ طرف کان پيون اهي تدبيرون جوڙين ته ڪيئن ملڪ جي وحدانيت ۽ قومي اتحاد کي ٽوڙي پنهجا ناپاڪ عزائم پورا ڪن. اتي اسان پيا روزانو اهي بيان سڻون پنهجي فوج ۽ حڪومت جا ته اسين سڀني کي ڏسي وٺنداسون رياست جي طاقت سان سڀ جو آواز بند ڪري ڇڏينداسين جو جيڪو ڪجھه اسان سوچيو آ اهو ڪري وٺنداسون. جيڪو ڪجھ اسان چيو اهو ٿي رهندو. پوءِ ڀل سڄو ملڪ سراپا احتجاج ڇو نه هجي يا وري ملڪ جون سڀ عدالتون ڇو نه سراپا تشويش هجن. اهو ئي اڄ اظهار حڪومت سنڌ جي ترجمان شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ پنجاب جي وزير اطلاعات مائي عظميٰ بخاري جي ڏنل بيان تي ته پپلزپارٽي منافقت جي پئي سياست ڪري جو هو اندرون خانه وفاق جي ڪينالن ڪڍڻ جي منظوري جي فيصلي ۾ شامل آهي وري هڪ ضمني اليڪشن جي سيٽ کٽڻ  لاءِ سنڌ پرستي جو پئي اظهار ڪري. هن وقت نوجوان سنڌ جو پنهنجي غير محفوظ مستقبل  لاءِ سنجيده ٿي متحرڪ ٿي چڪو آ. هو هاڻي ڪنهن جونيئر ۽ سينئر ڀٽو جي سوچ کان آزاد ٿي صرف پنهنجي جيجل امڙ سنڌ  لاءِ پيو سوچي. جنهن جي اڄ لڄ لوئي سڀ داءُ تي لڳائي آ پيپلز پارٽي. جنهن بينظير پنهنجي نياڻين جي پوتي جي لڄ رکي ان پوتي کي نيلام ڪيو چند ٽڪن جي امداد تي، جو اڄ سنڌ جون امڙيون ڀينرون نياڻيون پيون رسوا ٿين بينظيرڪارڊ جي امدادي رقم تي، سڄو سڄو ڏينهن نٽهڻ اس گرمي ۽ رش ۾ پيون خوار ٿين. جنهن سنڌ ۾ اسان جون امڙيون راتين جو رليونم ڀرت ۽ ڪپڙن جي سلائي ڪندي پنهنجي گهر جو بار کڻنديون هيون، ٻڙڪ نه ڪڍنديون هيون، سي اڄ سرعام پيون ويچاريون پنهنجن عزتن جو داستان سڻائين ته هڪ ڊوائيس آپريٽر پڻ زيادتيون پيو ڪري. ايترو ظلم اسان جي سنڌ ۾ پيو ٿئي بينظير جي نانءُ تي. سو جڏهن اهو سوچ جو معيار رهندو اتي ڪهڙي اسيمبلي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پوءِ ته سڀ جي حضوري ڪندي سڀ غلط ڪم کي به صحيح سمجهندا ني! اسان جي پيپلز پارٽي جي هر ان ڪارڪن کي استدعا آهي جنهن پنهنجي پارٽي  لاءِ گهڻو ڪجھه قربان ڪيو آ سي پهريان فيصلو ته ڪن هنن جي پارٽي آصف زرداري واري آ يا شهيد راڻي واري انهن جو حقي چيئرمين بلاول آهي يا پوءِ آصف زرداري ۽ سندس پريوار پهريان فيصلو ڪيو پوءِ ووٽ ڪيو. سنڌ سوچي سمجهي پنهنجو ووٽ ڪري پوءِ جيئن پڇتائي نه.

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور