سنڌ جا رنگ: تاريخي ماڳن کان ثقافتي جشن تائين
سنڌ، جيڪا پاڪستان جي ڏاکڻي صوبي طور سڃاتي وڃي ٿي، پنهنجي قديم تاريخ، شاندار ورثي ۽ تهذيبي عظمت جي ڪري عالمي سطح تي هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ هزارين سالن تي مشتمل آهي ۽ هن سرزمين کي مختلف تهذيبن، قومن ۽ ثقافتن جو مرڪز بڻايو آهي. سنڌ جي سرزمين دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ، “موهن جو دڙو” جي مالڪ آهي. هن تهذيب جو دور 2500 ق.م کان 1700 ق.م تائين رهيو. موهن جو دڙو، جيڪو سنڌو تهذيب جو وڏو شهر هو، پنهنجي شاندار شهري منصوبابندي، واٽر سسٽم ۽ ثقافتي شاهڪار جي ڪري اڄ به تحقيق ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي آباد هن تهذيب نه رڳو واپار ۽ زراعت ۾ ڪمال حاصل ڪيو، پر انهن جي سماجي زندگي به انساني قدرن ۽ امن جي علامت هئي. 712 عيسوي ۾ محمد بن قاسم جي فتح سان سنڌ ۾ اسلام جي آمد ٿي. ان سان گڏوگڏ سنڌ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي، جنهن ۾ اسلامي علم، هنر ۽ ثقافت پروان چاڙهيا. سنڌ کي “باب الاسلام” پڻ سڏيو ويندو آهي، ڇو ته اها اسلام جي ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين دروازي طور سڃاتي وڃي ٿي. سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، جيڪي امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام کڻي آيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ لال شهباز قلندر جهڙا صوفي شاعر سنڌ جي روحاني ورثي جا نمايان ستارا آهن. انهن جي شاعري ۽ تعليم نه صرف سنڌ پر پوري دنيا لاءِ روحاني سڪون ۽ انساني ڀائيچاري جو ذريعو بڻيا آهن. سنڌ پنهنجي ثقافتي ورثي ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ هٿ جي ڪڙهيل ڪپڙن لاءِ مشهور آهي. اجرڪ هڪ قديم فن آهي، جيڪو هزارين سالن کان سنڌي ماڻهن جي زندگيءَ جو حصو رهيو آهي. سنڌي ٽوپي، جيڪا رنگن ۽ ڊيزائن ۾ منفرد آهي، سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي. سنڌ ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ ۽ يادگار آهن، جيڪي سنڌ جي ورثي جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن ۾: موهن جو دڙو سنڌو تهذيب جو مرڪز. مڪلي جو مقام دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان، جيڪو يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار سنڌ جي عظيم شاعر ۽ صوفي بزرگ جي آخري آرام گاهه. عمرڪوٽ قلعو جتي مغل بادشاهه اڪبر جي جنم جي جڳهه آهي. سنڌي زبان، جيڪا هزارين سالن کان سنڌ جي ماڻهن جي سڃاڻپ آهي، پنهنجي امير ادب، شاعري ۽ لوڪ داستانن جي ڪري مشهور آهي. شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ لوڪ گيت سنڌ جي ادبي ورثي جا املهه خزانا آهن. سنڌ جي تاريخ ۽ ورثي جو بنيادي پيغام امن، محبت ۽ انساني ڀائيچاري تي ٻڌل آهي. سنڌي ماڻهن پنهنجي ثقافتي ورثي کي نه رڳو محفوظ رکيو آهي، پر ان کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر ڪندي ان کي مستقبل جي نسلن تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. سنڌ جي شان ۽ تهذيب دنيا لاءِ امن ۽ هم آهنگي جو مثال بڻجي رهي آهي. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو، هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن سنڌي ماڻهن جي روايتن، تهذيب ۽ ثقافتي ورثي جي عظمت جو اظهار آهي. سنڌ جي تاريخ هزارين سالن تي محيط آهي، جيڪا پنهنجي ثقافتي خوبصورتي، امن ۽ محبت جي پيغام سان مشهور آهي. سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي ان لاءِ ضروري آهي ته جيئن نوجوان نسل پنهنجي اصليت ۽ تاريخ سان جڙيل رهي ۽ عالمي سطح تي سنڌ جي سڃاڻپ کي وڌيڪ اجاگر ڪئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو سدائين محبت، ڀائيچاري ۽ ميهمان نوازي لاءِ مشهور رهيا آهن. انهن جون روايتون امن ۽ هم آهنگي جي علامت آهن. سنڌي ثقافت ۾ موسيقي، شاعري ۽ رقص کي خاص اهميت حاصل آهي. صوفي ازم سنڌي تهذيب جو اهم حصو آهي، جنهن جو پيغام انسانيت ۽ امن تي ٻڌل آهي. سنڌي شاديون روايتن ۽ ثقافت سان مالامال تقريبون آهن. شادين ۾ “مايو”، “سانڌو” ۽ “ڀات” جهڙين رسمن کي خاص اهميت حاصل آهي. موسيقي ۽ رقص سان گڏ شادي جا ڏينهن هڪ ميلو بڻجي وڃن ٿا. ڪنوار ۽ ڪنوار لاءِ روايتي سنڌي لباس ۽ زيورن جو استعمال انهن تقريبن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ٿو. سنڌي کاڌي ۾ ذائقو ۽ خوشبوءِ سان ڀرپور روايتي طعام آهن، جيئن ته “ڀاڳهر”، “ڀينڊا ڪڙهي”، “سينجڙي” ۽ “ساڳ”. مٺاين ۾ “لولو”، “سٺ” ۽ “چڙھيلو” مشهور آهن. سنڌي کاڌو پنهنجي سادگي ۽ منفرد ذائقي سبب نه صرف پاڪستان پر دنيا ۾ به پسند ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌي ثقافت جا اهم نشان آهن. اجرڪ هڪ مخصوص چادر آهي، جيڪا عزت، محبت ۽ تهذيب جي علامت آهي. سنڌي ٽوپي هڪ منفرد دستڪاري جي شاهڪار آهي، جيڪا سنڌ جي تهذيب جي نمائندگي ڪري ٿي. اجرڪ ۽ ٽوپي نه صرف سنڌي ماڻهن جي ثقافتي لباس جو حصو آهن، پر عالمي سطح تي سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن. سنڌي ماڻهو پنهنجي محبت، مهمان نوازي ۽ نرم مزاجي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ جي ڌرتي تي رهندڙ ماڻهو هڪ ٻئي سان گڏجي امن ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذارين ٿا. انهن جي دل ۾ هر ڪنهن لاءِ محبت ۽ عزت آهي ۽ اهي سدائين پنهنجي ثقافت ۽ روايتن سان جڙيل رهندا آهن. سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو اسان سڀني لاءِ پنهنجي تهذيب ۽ ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ دنيا ۾ ان جو پيغام عام ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي روايتن تي فخر ڪرڻ ۽ انهن کي ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ لاءِ ياد ڏياريندو رهي ٿو.
لڪشا ڪمليش جڳرو
ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي جو نوٽس وٺو
ڪاڇي ۾ فطري سونھن قدرتي وڻن کي اجاڙڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو آھي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪاڇي جي مختلف شھرن ھيروخان، ڇني، قصبو، مريدديرو، سم ٽوڙ ۾ ناياب وڻ جنھن ۾ کٻڙ، ٻير، ٻٻر، ڪنڊي شامل آهن، وڍي روز ڪيتريون ئي ڪاٺ جون ٽراليون ڀري ٻاھرين ضلعن ڏانھن وڪڻڻ لاءِ منتقل ڪيون پيون وڃن. جنھن سبب نه رڳو ڌرتي تان وڻ غائب ٿيندا پيا وڃن پر ڪاڇي جي شھرن جي فطري سونھن پڻ ختم ٿيندي پئي وڃي. سائنسي ريسرچ مطابق انسان کي صحتمند رهڻ لاءِ جيتري متوازن غذا کائڻ جي ضرورت آھي اوتري صاف هوا ۽ آڪسيجن جي پڻ ضرورت هجي ٿي. ڪاڇي ۾ وڻن جي بيحد گھٽتائي جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج پڻ وڌي ويو آھي، انهي ڪري موذي مرض به بي پناھ وڌي رھيا آھن. نوي واري ڏهاڪي ۾ گاڏيون نالي ماتر هيون، بجلي نه هئڻ سبب ڪوبه مشيني ڪاروبار نه ھو. اڄ ڪاڇي جي واهڻن ۽ وستين ۾ سوين گاڏيون ۽ مشينون، زهريلي ۽ ڪيميڪلز تي مشتمل شيون موجود آھن جنهن سبب فطري طور تي گرمي جو پد به هر سال وڌي پيو. فضا پڻ ٽانڊو ٿي پئي آھي ۽ ماحولياتي آلودگي جي ڪري موذي بيمارين ۾ حيرت انگيز حد تائين اضافو روزمرهه جي زندگي ۾ نظر اچي پيو. ڪاڇي ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽائڻ ۽ گرمي تي ضابطو آڻڻ جو حل وڻڪاري آھي. وڻن مان انسانن ۽ حيوانن کي انيڪ فائدا پھچن ٿا. لاڳاپيل ادارن کي غيرقانوني وڻن جي واڍي خلاف نوٽس وٺي بند ڪرائڻ سان گڏوگڏ نئين نسل کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ مقامي وڻن کان سواءِ اضافي وڻ لڳائڻ گھرجن!
ايم آچر مستوئي/ ھيروخان ڪاڇو
آٽزم- چيلنجز، مسئلا ۽ حل
آٽزم جا سبب: ماهرن مطابق جيتوڻيڪ هن Neurological Disorder جا سبب مڪمل طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر تنهن هوندي به تحقيق سان اهو پتو پئجي سگهيو آهي ته مختلف جينياتي، ماحولياتي ۽ حياتياتي ڪارڻ هن بيماري جي پيدا ٿيڻ جا سبب بڻجي رهيا آهن. جينيتاتي تبديليون يعني DNA ۾ واقع ٿيندڙ تبديليون دماغي نشونما ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز کي متاثر ڪري سگهن ٿيون جيڪي پوءِ آٽزم جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان کان علاوه جيڪي ٻيا عنصر آٽزم جا سبب بڻجن ٿا انهن ۾ خانداني پس منظر، فضائي آلودگي، جينياتي بيماريون، حمل دوران ماءُ ۾ فلو يا پيشاب جي نالي جو انفيڪشن، دماغي ڪيميڪلز ۾ عدم توازن، حمل دوران هارمون جون تبديليون، وڏي عمر جا والدين (خاص ڪري والد) ۽ غذائي ڪمي حمل دوران فولڪ ايسڊ جي گهٽتائي وغيره شامل آهن. تشخيص ۽ ابتدائي مداخلت : آٽزم جي بروقت ۽ درست تشخيص نهايت اهم آهي ابتدائي مداخلت (Early Intervention) ذريعي هن بيماري جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. ماهرن جي تشخيص : نفسياتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن جي طرفان خصوصي تشخيصي ٽيسٽ ۽ مشاهدن ذريعي آٽزم جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. شروعاتي مداخلتي پروگرام: جيئن هن جي تشخيص ٿي وڃي خصوصي Therapies علاج ۽ تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن ٿا ته ٻارن جي سماجي، تعليمي ۽ جذباتي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. مختلف ٿراپيز- علاج جا طريقا (Therapeutic Approaches) آٽزم ۾ ورتل ٻارن جي علامتن (Symptoms) کي گهٽائڻ لاءِ هيٺيان علاج ڪيا وڃن ٿا. ڳالهه ٻولهه وارو علاج (Speech Therapy): هن ٿراپي ذريعي اچارڻ، ڳالهائڻ جي صلاحيت کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. احساسي ڳانڍاپي وارو علاج: (Sensory Integration Therapy) حس جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي هن ٿراپي کي استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن آواز، روشني ۽ ٻين محرڪن جي ڪري پيدا ٿيندڙ اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي. روين واري ٿراپي: (Behavioral Therapy) مخصوص روين کي بهتر بڻائڻ لاءِ ۽ منفي روين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف روين واري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويندي آهي. روز مرهه جي ڪم ڪرڻ واري ٿراپي (Occupational Therapy) هن ٿراپي جي علاج ذريعي آٽزم ۾ مبتلا ٻارن ۾ روز مرهه جي ڪمن ڪارن کي سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي. جيئن کاڌو کائڻ، برش ڪرڻ، ڪپڙا پائڻ يا ڪو ڪم ڪرڻ وغيره.ان کان علاوه فزيڪل ٿراپي، ووڪيشنل ٿراپي ۽ سماجي رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سوشل اسڪلز ٽريننگ پڻ ڏني ويندي آهي. (حصو ٻيو)
ربنواز شيخ
سنڌ ۽ بلوچستان جي موجوده صورتحال، وسيلن تي ڇڪتاڻ ۽ امن امان جا مسئلا
پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي اهم مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي جن ۾ پاڻي جا وسيلا، موسمي تبديلين، ترقياتي منصوبابندي ۽ سياسي استحڪام شامل آهن پر هتي خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي موجوده صورتحال تي روشني وجهنداسين. سنڌ ۾ تازو ئي پاڻيءَ جي منصوبن خاص طور تي ڪئنالن جي تعمير خلاف سخت عوامي احتجاج جاري آهن مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهي منصوبا سنڌي ماڻهن جي حقن ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪندي بنامشاورت جي شروع ڪيا ويا آهن. انهن احتجاجن دوران ماڻهن پنهنجو واضح موقف پيش ڪيو آهي ته سنڌي قوم پنهنجن وسيلن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف بلوچستان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي جنهن ۾ ڌماڪا، اغوا ۽ سياسي قتل عام جا واقعا وڌڻ لڳا آهن جيڪي عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومت هن مسئلي تي سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. وفاقي حڪومت کي انهن ٻنهي صوبن جي خدشن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻين صوبن جي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي. انهن اهم مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن عوام جي بهتري ۽ ملڪ جي ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.
مير مرتضيٰ شر/ ڄام صاحب
اي حڪمرانو، مون کي جواب کپي
اي حڪمرانو! مان سنڌ ڌرتيءَ جو ٻچو توھان سان مخاطب آھيان.
مون کي جواب کپي.
مون کي ٻڌايو، منھنجو ڏوھ ڪھڙو آهي، جو مون کان منھنجو جياپو، منھجو سنڌو، کسيو پيو وڃي؟
آءٌ ھاڻي فقط ٻن سالن جو آھيان، پر سوچي پيو ڊڄان ته،
جڏهن آءٌ ڳڀرو نوجوان ٿيندس،
ته پوءِ منھنجو ۽ منھنجي ديس جو حال ڇا ھوندو؟
جڏهن سنڌو سڪل ھوندو، واري تتل ھوندي، وڻ سڪي ويندا، پکي مري ويندا، جانور ڊرڀ چرندا، مارو بک مرندا،
هر طرف قيامت جو منظر ھوندو،
هر ڪنڊ ۾ “مارو مارو” جو آکڙو ھوندو،
اوڏي مهل، مان ڇا ڪندس؟ مان ڪٿي ھوندس؟
اي حڪمرانو! مون کي جواب کپي.
زوار خدا بخش کوکر/علي آباد
ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ڏانهن خط
محترم زين شاهه صاحب، السلام عليڪم، اميد ته اوهان خيريت سان هوندا. اسان سنڌ جا رهواسي اوهان کي عرض ڪري رهيا آهيون ته لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ۾ گذريل ستن سالن کان سانگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار هلي رهيو آهي. هن تڪرار جي ڪري ڪيترائي گهر تباهه ٿي چڪا آهن، جاني ۽ مالي نقصان به ٿيو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي. اسان سڀ ڳوٺاڻا هن تڪرار کان تنگ اچي چڪا آهيون ۽ چاهيون ٿا ته اوهان هن معاملي ۾ مداخلت ڪري هن تڪرار کي ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو. اسان اوهان جا شڪرگذار هونداسين. هي تڪرار زمين جي ملڪيت تان شروع ٿيو هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ اهو تڪرار ذاتي دشمني ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ٻنهي ڌرين جا ماڻهو هڪٻئي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري ڳوٺ ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول آهي. هن تڪرار جي ڪري ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن، جاني ۽ مالي نقصان به ٿيو آهي ۽ ڪيترائي معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا آهن. افسوس سان، هن تڪرار ۾ ٻه قيمتي جانيون به ضايع ٿي چڪيون آهن، جنهن ڪري اسان سڀ ڳوٺاڻا ڏاڍا غمگين ۽ پريشان آهيون. اسان سڀ ڳوٺاڻا اوهان کي التجا ٿا ڪريون ته اوهان هن معاملي ۾ مداخلت ڪريو ۽ هن تڪرار کي ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو. هن تڪرار جي ڪري اسان جي ڳوٺ جي سماجي زندگي مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي. ڳوٺ جا ماڻهو خوف ۽ ڏهڪاءُ جي ماحول ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڳوٺ جي معيشت به مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. اسان کي اميد آهي ته اوهان هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺندا ۽ جلد کان جلد ان کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا. اوهان جي مداخلت سان، اسان کي اميد آهي ته عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ امن ۽ سڪون بحال ٿي سگهي ٿو ۽ سانگي برادري جا ٻارڙا ٻيهر اسڪول وڃي سگهندا. مهرباني ڪري هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺو ۽ جلد کان جلد ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ته لاڙڪاڻي جي نگري اوهان جي ٿورائتي رهندي.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ايمنسٽي انٽرنيشنل کي کليل خط – سنڌو درياءَ جو پاڻي سنڌ لاءِ انصاف جو سوال
سنڌو درياءَ سنڌ جي سڃاڻپ، زندگيءَ جو سرچشمو ۽ هزارين سالن کان هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو بنياد رهيو آهي. پر هن وقت سنڌ پنهنجي ئي درياءَ جي پاڻيءَ لاءِ واجهائي رهي آهي. مٿانهان ڇهه نوان واهه ڪڍڻ جي سازش جاري آهي، جيڪا جيڪڏهن مڪمل ٿي وئي ته سنڌ تباهه ٿي سگهي ٿي. پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب سنڌ مسلسل سڪندي پئي وڃي، زراعت ختم ٿي رهي آهي ۽ لکين ماڻهو بيروزگاريءَ ۽ بک جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جي زراعت، جيڪا صديون سنڌو درياءَ تي مدار رکندي آئي آهي، اڄ پاڻيءَ جي کوٽ سبب تباھ ٿي رهي آهي. هاري پنھنجون زمينون سنڀالي نٿا سگهن، فصل سُڪي رھي آھن ۽ روزگار جا ذريعا تيزيءَ سان ختم ٿي رھيا آھن. پاڻيءَ جي کوٽ صرف زرعي معيشت کي نقصان نه پئي ڏئي، پر سنڌ جي مجموعي ماحولياتي نظام کي به خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي. سامونڊي پٽيءَ ۾ لوڻياٺ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن سبب مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا آلوده ٿي رهيا آهن ۽ وڻ، جهنگلي جيوت ۽ پکي پکڻ پڻ متاثر ٿي رهيا آهن. پنجاهه لک کان وڌيڪ هاري ۽ سندن خاندان پاڻيءَ جي بحران سبب خطري ۾ آهن، پر سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي. پاڻي صرف وسيلن جي ورڇ جو معاملو ناهي، بلڪه هيءَ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بنيادي حق، يعني جيئڻ لاءِ پاڻي، کان محروم ٿيندا پيا وڃن. پاڻيءَ جي کوٽ سبب هزارين ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن، ماڻهو پنهنجا پٽ ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ جيڪي رهجي ويا آهن، سي ڏڪار، بک ۽ بيمارين جي ور چڙهيل آهن. هيءُ رڳو ماحولياتي بحران نه پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ زنده رهڻ جو سوال آهي. اسان ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ ٻين عالمي ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ جي پاڻيءَ جي بحران تي فوري ڌيان ڏنو وڃي. عالمي فورمن تي هيءُ آواز اٿاريو وڃي ته پاڻيءَ تي ناجائز قبضي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي سندس حق مطابق پاڻي ڏنو وڃي. جيڪڏهن اڄ به خاموشي اختيار ڪئي وئي، ته سڀاڻي سنڌ جي زمين تي رڳو ڏڪار ۽ بربادي رهجي ويندي.
عظيم حسن ميتلو/خيرپور ميرس
شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي تي پ پ پ ۽ پ پ ش ڀ جا جلسا!
شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ پ پ پ ۽ پ پ شهيد ڀٽو جون الڳ الڳ تقريبون ۽ جلسا ٿيا. عوام طرفان جنهن ۾ جيئي ڀٽو نعرن جي گونج ۽ برسات جاري رهي جيڪا عوام طرفان وڏي عقيدت ۽ محبت هميشه ورسي موقعي تي نظر ايندي آهي. ڏٺو وڃي ته ڀٽو خاندان پنهنجي بي مثال قربانين ذريعي ملڪي سياست ۽ سياسي تاريخ ۾ وڏا نقش ڇڏيا آهن. ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي سياست ۾ گونجي ٿو. ماڻهو ان جي نالي تي ووٽ ڏين ٿا. محترمه بينظير ڀٽو جي سياست بعد ان جو واحد وارث بلاول ڀٽو سياسي ميدان ۾ لٿو ۽ گهڻو ڪامياب ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ هجڻ ناتي سياست ۾ پنهنجي والده جي نقش قدم تي هلندي ان جي ڇڏيل مشن کي جاري رکڻ لاءِ عملي سياست ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو جون ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي دوران تقرير ۾ جيڪي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن ته جيڪو چئي ٿو ته ”سنڌو تي ڪئنال نامنظور“ وفاق کي تڪراري منصوبو واپس وٺڻو پوندو. اسان حڪومت جي پرواهه نه ڪندي عوام ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. جنهن لاءِ پ پ پ 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ پڻ وڏو جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو ارڏو ۽ جوڌو فرزند ذوالفقار جونيئر بلڪل پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي عوام وٽ وڃي ملڪي مسئلن خاص ڪري سنڌ جي حالتن ۽ سنڌ دشمن منصوبن ۽ ڪئنال ڪڍڻ جي معاملي تي وڏي فڪر ۽ گهرائي سان ڳالهه ڪري ٿو. پنهنجو آواز وفاق ۽ عوام تائين پهچائي ٿو. جنهن کي سنڌ جو عوام وڏي موٽ ڏي ٿو. جيڪو ايڊنبرا يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم يافته آهي جنهن جي شخصيت ۾ سياست جا اهي منظر نظر اچن ٿا جيڪي سندس شهيد والد مير مرتضيٰ ڀٽو ۾ نظر ايندا هئا. جنهن کي عوام سندس وڏي بابا شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو واري محبت ۽ قدر سان ڏسي ٿو. جنهن وٽ به جلسن دوران نوجوان سياسي ڪارڪنن جو واڌارو ٿيندو رهي ٿو. جيڪو پرازم آهي ڏسجي ته پ پ پ ڪيتري قدر سنڌ دشمن منصوبن تي وفاق جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ۽ سنڌ جي عوام وٽ سرخرو رهي ٿي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل