آٽزم- چيلنجز، مسئلا ۽ حل

 

پوري دنيا ۾ آٽزم جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال 2 اپريل تي عالمي آٽزم جي آگاهي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد آٽزم جي علامتن ان جي نوعيت، چيلينجز ۽ علاج جي باري ۾ معلومات مهيا ڪرڻ ۽ ان سان گڏ معاشري ۾ هن جي قبوليت ۽ حمايت کي هٿي ڏيڻ آهي. آٽزم ڇا آهي؟ Autism Spectrum Disorder يعني آٽزم هڪ اهڙي دماغي بيماري يا خلل (Neurological and developmental disorder) آهي جنهن جي ڪري هڪ فرد جي سماجي لاڳاپن يا ڳالهه ٻولهه (Social Interaction) روين (Behaviors) ۽ دلچسپين تي اثر پوندو آهي. آٽزم جي تشخيص عام طور  تي ٻن کان ٽن سالن کان ئي ٿيندي آهي ۽ ان جي شدت مختلف ٻارن ۾ الڳ الڳ هوندي آهي. هن بيماري جي نتيجي ۾ آٽزم ۾ ورتل فرد کي رابطو قائم رکڻ ۾ ڏکيائي، زبان کي سمجهڻ ۽ جذبات جي اظهار ڪرڻ ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. آٽزم جون علامتون ۽ نشانيون: سماجي ڳانڍاپي ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ ڏکيائي: هن بيماري جي شڪار ٿيل ماڻهن ۾ اڪثر ڪري Eye Contact يعني اکين جو رابطو نه ڪري سگهڻ، ڳالهه ٻولهه ۾ ردعمل ڏيڻ ۾ ڏکيائي ۽ ٻين جي جذبات کي سمجهڻ ۾ مشڪل پيش اچڻ شامل آهي. محدود دلچسپيون ۽ ورجائڻ وارو رويو: هي ٻار اڪثر ڪري مخصوص ڪمن يا سرگرمين ۾ گهري دلچسپي رکندا آهن ۽ معمول کان هٽي ڪري بار بار هڪ ئي رويو ورجائيندا آهن، مثال طور هٿن کي مسلسل لوڏڻ، ساڳيا مخصوص ڪپڙا پائڻ يا روز ساڳيو مخصوص کاڌو کائڻ، رانديڪن يا ٻين شين کي هڪ مخصوص ترتيب ۾ جمع ڪرڻ، مسلسل هڪ ئي راند کيڏڻ وغيره. آٽزم جي بيماري ۾ ورتل ٻار آواز، روشني يا ٻين ماحوليات کان غير معمولي حساسيت جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جنهن سان هنن جي روز مرهه جي زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي، ان کان علاوه هنن ٻارن جي آواز ڪڍڻ يا ڳالهائڻ ۾ تاخير يا محدود زبان جو استعمال ڪرڻ جنهن سان هنن جي لفظن ۽ جملن جو پاڻ ۾ تڪرار شامل هوندو آهي. وڏي عمر جي ماڻهن جون علامتون: وڌنڌڙ عمر جي حصي سان گڏ آٽزم جي علامتن ۾ واضح تبديليون اچي سگهن ٿيون جيئن سماجي تعلقن ۾ مونجهارا اچڻ، دوستيون ٺاهڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ، سماجي ميل جول ۽ محفل کان ڪيٻائڻ ان سان گڏوگڏ وڌندڙ عمر ۾ آٽزم جي ماڻهن ۾ محدود يا مخصوص موضوعن ۾ غيرمعمولي دلچسپين جي ڪري جا ٻين سان رابطه محدود ٿي ويندا آهن. گوڙ شور، روشني يا گهڻي پيهه يا رش واري جڳهه تي هي ماڻهو سولائيءَ سان پريشان ۽ مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا آهن. (حصو پهريون)

 

ربنواز شيخ

وي آءِ پي ڪلچر‎

 

اسان جي معاشري ۾ وي آءِ پي ڪلچر  روز جو  معمول بڻجي چڪو آهي، جتي سرڪاري عملدارن کان وٺي نجي شخصيتن تائين هر ڪو بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڪيترين ئي گاڏين جو قافلو ساڻ ڪري سفر ڪن ٿا، جن ۾ هٿياربند  گارڊ موجود هوندا آهن، جيڪي عام ماڻهن لاءِ غير ضروري خطرو پيدا ڪن ٿا. انهن گاڏين جي  تيز رفتاري ڪيترن ئي سنجيده نوعيت جي حادثن جو سبب پڻ بڻي آهي، جن جي نتيجي ۾ بي وقت موت عام ماڻهوءَ جو مقدر بڻجي چڪو آهي. هاءِ ويز تي رفتار جي حد جي  ڀڃڪڙي ڪندي، اهي گاڏيون غيرذميواريءَ سان اڳتي وڌن ٿيون ۽ ڪيترين ئي بيگناهه زندگين جو نقصان ڪن ٿيون. اسان جي سماج ۾ هن قسم جي زبردستي مڙهيل وي آءِ پي ڪلچر لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي. ان تي فوري پابندي لڳڻ سان گڏو گڏ  مؤثر قانونسازي آڻي، نجي گارڊن جي بيجا موجودگي، غيرضروري گاڏين جا قافلا ۽ عوام کي پريشان ڪندڙ حفاظتي پروٽوڪول تي سخت ضابطو آڻڻ گهرجي. اسان کي ان وي آءِ پي ڪلچر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، تهذيب يافته معاشرن جي صف ۾ بيهڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.

 

عظيم حسن ميتلو/ خيرپور ميرس

وفاقي سرڪار چوواٽي تي بيٺل، صوبن جي جدوجھد ڪٿي دنگ ڪندي!‎

 

اسان موجوده ملڪي حالتن تي نظر وجهنداسين ته صوبن ۽ وفاقي سرڪار وچ ۾ ڇڪتاڻ  ھلي رھي آھي. جيڪا ماضي ۾ به مارشلا جي حڪومتن ۾ رھي آھي. ھن وقت مارشلا ۽ جمھوري حڪومت ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو آھي. ھن جمھوري دور ۾ جمھوري نظام به ڪمزور آھي ۽ عوام به بيزار آھي. اسان جيڪڏھن صوبائي سطح تي حڪومتن جي ڪارڪردگي ڏسون ته زيرو آھي. ڪا مثبت تبديلي نظر نه پئي اچي. اسان وڏي صوبي پنجاب کي ڇڏي ٽن صوبن جي وسيلن، امن امان، مھانگائي، ڏوھن، ميرٽ، غربت، بک، بيروزگاري ۽ موجوده صورتحال تي نظر وجهنداسين ته ڳڻتي جوڳي ۽ تشويشناڪ ۽ افراتفري نظر اچي رهي آھي. گذريل 15 سالن کان پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ آھي پر سنڌ جا روڊ رستا، تعليم، صحت، روزگار ۽ غربت ۽ امن امان جا مسئلا آھن. مٿان وري سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. سنڌ جي سرزمين کي سڪائڻ ۽ ھڪ ريگستان چولستان کي آباد ڪرڻ جون رٿون رٿيون ويون آھن. زراعت سنڌي ماڻھن جو جياپو آھي سنڌ جو ماڻھو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو کان مٿي زراعت تي دارومدار رکي ٿو. سنڌ ھڪ زرعي پيداوار ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌي عوام جو جيئڻ مرڻ پوکي راھي تي آھي. ھن وقت سڄي سنڌ پاڻي جي اھم مسئلي تي سراپا احتجاج آھي عيد کان بعد اڃا تحريڪ زور وٺندي. جيئن ماضي ۾ ون يونٽ جيڪو 1955ع ۾ صوبن جا اختيار ختم ڪري وفاق پاڻ وٽ رکيا ھئا ۽ سنڌ کان ڀرپور تحريڪ ھلي ھئي، ائين ضياءُ الحق جي دؤر ۾ سنڌ کان ايم آر ڊي تحريڪ 1983ع ۾ ھلي ھئي ته جمھوريت کي بحال ڪيو وڃي. ان وقت سنڌي ماڻھن کي جيلن ۾ وڌو ويو ڪوڙا ھنيا ويا ۽ سختيون ڪيون ويون، سنڌي ماڻھن پاڻ ملھايو. اڄ به سنڌ جي مٿان وفاقي سرڪار سان گڏ پنجاب جي سرڪار وار ڪيو آھي. پ پ سنڌ سرڪار اسيمبلي مان قرارداد تي پاس ڪيو آھي ۽ مخالفت ته ڪئي آھي پاڻ ان سان گڏ وفاق ۾ ساٿاري به رھي آھي. سنڌي عوام جي پريشر کانپوءِ واويلا ڪرڻ اجائي آھي. جيڪڏھن ايترو ئي پ پ کي سنڌي ماڻھن جو درد آھي ته پوءِ قومي اسمبلي جي ايوان مان ڪا ترميم پاس ڪرائين جنھن ۾ واضح ھجي ته ارسا جي ٺاھ تحت سنڌ صوبي کي پاڻي ڏنو ويندو. ڇھن ڪئنالن جو ڪم بند ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ به سنڌو درياءُ تي ڪنھن قسم جو ڪئنال يا ڊيم نه ڪڍيو ويندو. ترميمي بل کي قانوني شڪل ڏني وڃي ان کانپوءِ سنڌ جو عوام پ پ تي اعتبار ڪندو.   سنڌ جو عوام ڇھن ڪئنالن کي مڪمل رد ڪري ٿو. سنڌ صوبي جي قدرتي وسيلن تي به سنڌي ماڻھن جو حق آھي مثال گئس، ڪوئلو، تيل ۽ معدنيات، روينيو، اھو وفاق کڻي وڃي ٿو ان تي به سنڌي عوام کي تحريڪ ھلائڻ گھرجي جئين پاڻي جي اھم مسئلي تي آواز بلند ڪيو آھي. سنڌ حڪومت ء وفاقي حڪومت کي گھرجي ته سنڌ صوبي جي حقن ۽ جياپي جو خيال ڪن ۽ ڪنھن جي حق تي ڌاڙو ھڻ آئيني ۽ اخلاقي جرم آھي.

 

شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

ٽرمپ وڪيلن ۽ ججن جي وڪڙ ۾‎

 

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 20جنوري 2025 تي ٻيو ڀيرو آمريڪي صدر جو قسم کڻي عھدو سنڀالي چڪو آھي. حلف برداري ۾ روايتي طور جيڪو ھن کي چوڻو ھو سو زبان سان چيو باقي جيڪو ڪجھه دل ۾ رکيو ويٺو ھو سو ايلون مسڪ ۽ الله ئي ڄاڻي سگھي ٿو. گذريل صدارت جي عھدي ۽ اليڪشن مھم جي تجربي جو جائزو وٺڻ سان خبر پئي ٿي ته ھي شخص عمر رسيدھ ھئڻ ڪري تمام جذباتي، انتقامي، اناپرست شخص آھي. صدارت جي چونڊ ھارائڻ  چونڊن کي تسليم نـ ڪرڻ دوران ڪيپيٽل حل تي حملو ڪرائڻ چريائي، بيوقوفي، غيرسنجيدگي جو مظاھرو ڪري اقتدار جي منتقلي نه ڪرڻ، وائٽ ھائوس نه ڇڏڻ سندس اناپرستي جو چٽو ثبوت آھي. جيئن تازو   سندس مخالف اميدوار ڪملا ھيرس ٿورن ووٽن تان ھارائڻ باوجود شڪست کي تسليم ڪيو. سندس. صدارت جو عھدو سنڀاليندي سخت ۾ سخت ھڪ  سئو ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪرڻ عدالتن مان اھڙا حڪم ناما وري منسوخ ٿيڻ سندس جذباتي ھئڻ جو پڻ چٽو دليل آھي. ڀر وارن ملڪن کي پنهنجي رياست ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون، ٻيٽن تي قبضي جون ڳالهيون ڪرڻ ٽيرف لڳائڻ سبب عوام ۽ سيڙپڪارن ۾ بيچيني ان جو سخت ردعمل نڪرڻ جي اسيسمينٽ ڪرڻ بنا حڪم جاري ڪرڻ ھڪ جمهوري نه پر آمراڻي طبيعت چئبي. جديد آمريڪا سڀ کان پھريون آمريڪا وارو نعرو صرف نعرو ئي رھجي ويندو. ابتڙ پنهنجا مخالف پيدا ڪري سفارتڪاري جا تعلقات خراب ٿيندا جنهن جا اگرا نتيجا نڪرندا. سعودي عرب کي آمريڪا کانسواءِ ھڪ ھفتو نه ھلي سگھڻ جو مھڻو، اوول آفيس ۾ يوڪرين صدر جي بيعزتي، ڪييناڊا کي ايڪونجاھين رياست چوڻ،غزا تي قبضي جي ڪوشش، پاناما ٻيٽ خريدڻ جي آڇ ڪري واپاري ملڪن ۾ پيچيني پيدا ڪرڻ، باقي سفارتڪاري ۾ ھن بچايو ڇا آھي. ياد رکڻ گھرجي ٽرمپ خود عدالتن جو نوازيل آھي. عھدي جو قسم کڻڻ کان اڳ ڪرپشن ڪيس ۾ عدالت کيس ڏوھي قرار ڏيندي سزا کان آجو قرار ڏنو. صدارتي عھدي لاءِ جيڪو گس کولي ڏنو، اھو گس صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان اڳ طئي ٿيل ھو. ڏوھ رڪارڊ ۾ رھندو سزا کان به آجو صدارت لاءِ اھل قرار! اگر اھڙو فيصلو سندس حريف لاءِ اچي ھا ته ٽرمپ جو ردعمل انتھائي بدتر ھجي ھا عدالتن کي مڃي ھا؟ وڪيلن سان سندس جھيڙو ڏاڍو مھانگو پوندو جيڪو آمريڪي معيشت لاءِ سخت نقصانڪار آھي. اھڙن مسئلن جو فائدو سندس واپاري حريفن خاص ڪري چائنا کي پوندو. سندس تخت خطري ۾ پيجي ويندو. ھي جذباتي شخص آخر عدالتن مان بـ نـ مڙندو . ڪانگريس/سينيٽ وسيلي ايگزيڪيوٽو  آرڊر کي چيلينج نـ ڪرڻ جو بل پاس ڪرائي وڌيڪ مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪري عدالت ۽ پارليامينٽ وچ ۾ مسئلا پيدا ڪندو.

 

منظورعلي ھاليپوٽو/ ٽلٽي

 

نوان ڦندا نه نيون صلاحيتون چونڊيو — ڊجيٽل دور ۾ نوجوانن لاءِ سڏ‎

 

اڄ جي تيز رفتاري سان بدلجندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ روزانو نوان ايپس، پليٽفارمز ۽ اسڪيمون ظاهر ٿي رهيون آهنNFT ٽريڊنگ ايپس، آن لائن سيڙپڪاري اسڪيمون ۽ “پئسو ڪمائڻ جا آسان طريقا” جهڙوڪ Hahmm جهڙا نظام. هي سڀ پاڻ کي آسان آمدني جا ذريعا ظاهر ڪن ٿا، پر حقيقت ۾، انهن مان ڪيترائي جديد دور جا ٺڳ آهن، جيڪي نوجوانن جي اميدن ۽ اعتماد کي پنهنجو شڪار بڻائين ٿا. اهي پليٽفارمز شروعاتي طور ڪجهه واپسي ڏيئي نوان ماڻهو متوجه ڪن ٿا، پر انهن جو بنياد حقيقي منافعن تي ناهي، پر نون سيڙپڪارن جي رقم تي آهي. شروعاتي شامل ٿيندڙن ۽ ٻين کي رجسٽر ڪرائيندڙن کي شايد ڪجهه فائدو ملي، پر جيئن وقت گذرندو آهي، اڪثريت—خاص ڪري دير سان شامل ٿيندڙ—هيٺاهن نتيجن جو شڪار بڻجي پنهنجي بچت وڃائي ويهندا آهن. اهڙي ماڊل جو نه ڪو مستقل مستقبل آهي، نه اخلاقي بنياد ۽ نه ئي ڪو سماجي فائدو. ان کان به وڏي سانحو هي آهي ته اسان جا نوجوان، جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ حقيقي بنيادن تي محنت ڪرڻ گهرجن ها، اهي اهڙن ڊجيٽل ڄارن ۾ ڦاسي آساني سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن. پر سچ اهو آهي ته ڪاميابي لاءِ ڪو شارٽ ڪٽ ناهي—خاص ڪري ڊجيٽل معيشت ۾ ته هرگز نه. حقيقت هي آهي ته مستقبل انهن ماڻهن جو آهي، جن وٽ صلاحيتون آهن. اهڙيون صلاحيتون جيڪي محنت، لڳاءُ ۽ ذهانت سان حاصل ٿين—جهڙوڪ ڪوڊنگ، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، گرافڪ ڊيزائين، وڊيو ايڊٽنگ، مواد ٺاهڻ ۽ ڊيٽا ايناليسز. هي صرف نوڪريون حاصل ڪرڻ جا وسيلا نه آهن، پر ڊجيٽل دور ۾ توهان جي معاشي آزادي جو ذريعو آهن. جتي ٺڳ ايپس اوچتو غائب ٿي وڃن ٿيون، اتي صلاحيتون هميشه توهان سان رهنديون آهن. اهي توهان کي ڪنهن به ريفرل چين ۾ نه ڦاسائين، نه ئي توهان جي ذهن جو سڪون کسين. صلاحيتون اعتماد پيدا ڪن ٿيون، پائيدار آمدني ڏين ٿيون ۽ توهان کي ايمانداري سان ترقي ڪرڻ جو رستو ڏين ٿيون. انهن ٺڳين جا نتيجا صرف مالي نه، پر نفسياتي به هوندا آهن. ڪيترائي نوجوان، جيڪي پنهنجا پيسا وڃائين يا ٺڳجي وڃن، اهي ڊپريشن، پريشاني جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڪجهه ته خودڪشيءَ جي حد تائين پهچي وڃن ٿا. هي صورتحال هاڻ صرف مالي نه، پر عوامي ذهني صحت جو الميو بڻجي چڪي آهي. وقت اچي ويو آهي ته نوجوانن کي ٺڳڻ بدران، سندن رهنمائي ڪئي وڃي. اچو ته انهن کي حقيقي صلاحيتون سکڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ جائز مقام حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايون. اچو ته محنت، سمجهداري ۽ اخلاقي واڌاري کي فروغ ڏيون.

ٺڳين کي نه چئو،

صلاحيتن کي ها چئو.

ڇاڪاڻ ته مستقبل انهن جو آهي، جيڪي قابل آهن—نه ته بي ڌيان.

 

عرفان علي منگي/خيرپور ميرس

 

سنڌوءَ کي سڪائڻ جا ٿيندڙ سانباھا

 

سڄي دنيا ۾ جيڪي به تهذيب جو بڻ بنياد ڏسنداسين ته انھن جو بنياد ڪنھن نه ڪنھن ندي، دريا جي آسپاس پيو آھي. دنيا جي ڪجھه اھم وڏين سڀيتائن (Civilizations) مان ھڪ سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) پڻ آھي، جيڪا اڄ کان ھزارين سال اڳ سنڌوءَ دريا جي ڪناري وڌي ويجھي ۽ سنڌوءَ ندي ئي سنڌوءَ سڀيتا جي سر جو جھومر ۽ سڃاڻپ آھي. سڄي دنيا ۾ دريائن، جبلن، تاريخي ورثن، ماحوليات، پکي پکڻ، آبي جيوت انھن جي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ، دريائن کي سڪائڻ جا سانباھا ڪرڻ، تھذيبن، قومن جي سڃاڻپ جي اهڃاڻن کي ڪوري ڪپي نام نهاد ترقي جي نالي مٽائڻ وارن تي نه رڳو اتان جون زنده ضمير قومون ٿڪ لعنت ڪنديون آھن پر انھن بي ضمير، بي حس ۽ مفادي ٽولن کي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ وڏي ذلالت کي منهن ڏيڻو پوندو آھي. اھڙي تاريخي ذلالت جيڪا ھن وقت سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف نه رڳو سنڌي قوم پر پوري دنيا مان حڪمرانن کي ملي رهي آهي. ھڪ پاسي جڏھن سڄي دنيا مڙي مٺ ٿي انھيءَ ڳالھه تي غور پئي ڪري ته ھي جيڪا گلوبل وارمنگ پئي ٿئي، ماحولياتي تبديلين سبب انسان، حيوان، پکي پکڻ سڀني جو وجود خطري ۾ پئجي چڪو آھي. ان خطري کي ڪيئن منھن ڏجي؟ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ ھن ڌرتيءَ کي جاندارن لاءِ رھڻ قابل بڻائڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ وٺجن اتي ھي ڪھڙا نااهل حڪمران آھن؟ جيڪي ڪرسي خاطر پنھنجي سنڌو سڀيتا جي عظيم سڃاڻپ کي وڪڻڻ، ڪئنال ڪڍي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سڪائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي مھا منافقي سان ھر روز سنڌي قوم سان ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندي نٿا ٿڪجن، ھنن عقل کان خالي ڪرپٽ حڪمرانن کي اکين تان ٿورو اقتدار ۽ اھا حوس جي پٽي لاھي اھو ڏسڻ کپي ته ھي جيڪو ڪجھه ڪن پيا ھاڻ سنڌ جو ٻچو ٻچو مڙي مٺ ٿي پنھنجا سمورا اختلاف وساري ھن ڌاڙي خلاف آواز اٿاري پيو. تنھن ڪري خدارا! نه پاڻ مٿان ماڻهو کلايو نه ئي ڌرتي جا وسيلا تين وال ڪيو، فوري طور ھي ڇھن ڪئنالن جي منصوبي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (CCI) سميت ٻين سمورن آئيني فورم کي استعمال ڪندي رد ڪرايو ٻي صورتَ ۾ ھاڻ سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آھي، سڄي سنڌ ۾ خوف جا بادل ھٽي چڪا آھن، سنڌ جا ماڻهو پنھنجي درياهه کي بچائڻ خاطر پرامن سياسي، آئيني جدوجهد ڪندي ھن وقت ميدان عمل ۾ آھن ۽ سنڌ جي اھا جدوجھد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ھي ڪئنال سمورا، سنڌو تي ڌاڙي ھڻڻ جا سانباھا بند نٿا ٿين.

 

آفتاب سليمان لغاري

 

شھيد ڀٽي جو وڇوڙو ۽ مايوس جيالا

 

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي غريب عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ نوڪر شاھي ۽ ڀوتارڪي ۽ وڏيرڪي دقيانوسي نظام سان بغاوت ڪندي غريب ۽ ھيٺين طبقي جي محروم ۽ نظرانداز غريب عوام کي زبان ڏيارڻ ۽ سياست کي ڊرائنگ رومن مان ڪڍڻ لاءِ 30 نومبر 1967ع ۾ جمھوري ۽ سيڪيولر پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جو منشور ڏنو ته اسلام اسان جو دين آهي سوشلزم اسان جي معيشت آھي. جمھوريت اسان جي سياست آهي طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ روٽي ڪپڙا ۽ مڪان اسان جي منزل آهي ۽ ڀٽي جي ان منشور کي غريب عوام دل سان پسند ڪري عام اليڪشن ۾ ڪيترن سردارن جاگيردارن ۽ وڏن وڏن سياسي بتن کي ٽوڙي اقتدار شھيد ڀٽي حوالي ڪيو. شھيد ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ ۾ وڏا انقلابي سڌارا آندا.

سرداري نظام جي خاتمي لاءِ عملي ڪم ڪيو. زرعي زمينون ھارين ۾ ورھايون. ھارين ۽ مزدورن لاءِ اصلاحات آندا ۽ عوامي راڄ قائم ڪيو. ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو. پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو ۽ عالم اسلام کي آمريڪا جي شڪنجي مان ڪڍڻ لاءِ ملڪ ۾ اسلامي سربراھ ڪانفرنس منعقد ڪري دنيا جي اسلامي ملڪن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڳالهه دنيا جي سامراجي ملڪن جي سربراھن خاص طور تي آمريڪا کي پسند نه آئي جنهن بعد جنرل ضياءُ الحق ھڪ سازش تحت طاقتور ملڪن جي اشاري تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ۽ شھيد ڀٽي کي اقتدار کان ھٽايو ۽ ھڪ من گھڙت قتل ڪيس ۾ کيس ڦاھي جي سزا ڏني ۽ شھيد ڀٽي جي وڇوڙي بعد بيگم نصرت ڀٽو ڏکي وقت ۾ وفادار گهر واري جو ڪردار ادا ڪندي پيپلز پارٽي جي قيادت ڪئي ۽ پارٽي کي زنده رکيو. شھيد ڀٽي جي پٽن شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد شاھنواز ڀٽو پڻ مارشل لاءِ جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ  پرڏيھه ۾ ويھي جدوجھد ڪئي. پر هاڻ شهيد بينظير جي شھادت بعد شھيد راڻي جا نظرياتي ۽ جيلن جون تڪليفون برداشت ڪندڙ قربانرون ڏيندڙ سرفروش جدوجهد جي علامت سچا جيالا ويڳاڻا مايوس ۽ نظرانداز آهن ۽ شھيد ڀٽي ۽ شھيد راڻي جي پارٽي ليبرل جمھوري سيڪيولر ۽ غريبن جي پارٽي ناھي رھي. اڄ دادو ضلع خاص طور تي تعلقي ميھڙ ۾ پ پ جا بي تاڄ بادشاهه اھي آهن جن جا وڏا شھيد ڀٽي جي ڦاسي جي سزا خلاف احتجاج ڪندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ احتجاج ڪندڙ پ پ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائيندا ھئا ۽ راڌڻ ۾ ضيا حمايت تحريڪ ٺاھي انتظاميا ۽ اسٽيبلشمنٽ جي مخبري ڪئي. اهي ڪرپشن جا ڪلور ڪري ارب پتي ٿي ويا ۽ جيڪي موٽر سائيڪلن تي يا پيدل گھمندا ھئا اڄ ڊبل ڪيبن گاڏين جا مالڪ آهن ۽ ڪراچي حيدر آباد ۾ بنگلا ۽ خريد ڪيا آهن زمينن جا مالڪ آهن ۽ ھو پ پ ۾ پنهنجو نجي ۽ ذاتي گروپ ووٽ بينڪ ٺاھڻ لاءِ لوٽن کي نوازي رھيا آهن. ڪارڪن اڄ به محروم آهن جڏھن ته پ پ قيادت پڻ سندن واھر نٿي ڪري ڪنهن در دانھين ٿجي ڪو ٻڌڻ وارو ناھي.

 

عبدالستار ميراڻي/ راڌڻ اسٽيشن