عوام جي دلين تي حڪمراني ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو!!

 

اڄ قائد عوام فخرِ ايشيا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي شھيدن جي سرزمين ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي پئي وڃي. هر پاسي ”زندھ آ ڀٽو، زندھ آ“ جون صدائون بلند هونديون، پر هي ورسي ٻين ورسي تقريبن کان نهايت ئي مختلف آهي. ڇوته هن ورسي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوچيئرمين آصف علي زرداري اسپتال ۾ داخل آهي. سنڌودرياءُ تي 6 ڪئنال ڪڍڻ واري بل تي سندس صحيح ٿيڻ خلاف قومپرست جماعتن ۽ عوام پاران مسلسل زرداري ۽ وفاق خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ۽ اڄ سنڌ جا روڊ رستا بند ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا آهن. بهرحال سخت سيڪيورٽي انتظامن ھيٺ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جو جلسو ته ننڍو يا وڏو ڪندا پر اصل ۾ سنڌ جون زمينون گرين پاڪستان کي ڏيڻ ۽ سنڌ جو پاڻي کپائڻ تي عوام کي سخت ڪاوڙ آھي. ڇوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موجوده پيپلز پارٽي وفاق سان گڏ ويهي سنڌ دشمن منصوبن واري گناهه ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم شهباز شريف کان اربين روپين جو خصوصي پئڪيج وٺي ڪئنالن خلاف سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ نالي ماتر احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته جيئن عوام مان ناراضگي ختم ٿئي پر احتجاج ڪرڻ باوجود سنڌ جي عوام ۾ پيپلز پارٽي خلاف اڃا وڌيڪ نفرت وڌي وئي. ان جو سبب اهو هو ته احتجاجن ۾ ماڻهن کي ڪئنال جي حامين تي لعنت وجهڻ کان روڪيو ويو جنهن مان عوام سمجهيو ته پيپلز پارٽي جو احتجاج هڪ ڊرامو هو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي جي وارثي ڪندڙ ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هن ورسي جي موقعي تي عوام کي ڪھڙو خطاب ڪندو؟ سندس موجودگي ۾ وفاق ۽ پنجاب کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس پيءُ پاڻي ۽ زمينون وڪڻي ڇڏيون. سنڌ اندر ترقياتي ڪم آھن ڪو نه. امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آھي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ محفوظ ڪونهن. رستن وانگي ڦرون ۽ قتلام عام آهي. اٽي لٽي ۽ اجهي جي نعري تي حڪمراني ڪندڙ هارين لاءِ ڪڻڪ جو اگھه ٽڪي ڌڙي تي پھچائي ڇڏيو آھي. عوام مان قوت خريد ختم ٿي وئي آھي. يقينن بلاول زرداري اجرتي مزدورن ۽ سرڪاري ملازمن جي جلسي کي خطاب ڪري ڪجهه وفاق تي ڇوهه ڇنڊيندو ۽ ڪئنالن خلاف سکڻو بيان جي حد تائين سنڌين کي ٺارڻ جي ڪوشش ڪندو. جڏهن ته عملي جدوجهد ۾ سندس ڪابه دلچسپي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. هن وقت پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ڪندڙن جي حرڪتن حقيقت ۾ ڀٽي صاحب جو روح رنجائي ڇڏيو آهي جنهن پوري ملڪ بالخصوص سنڌ جي عظيم ڌرتي کي پرامن ۽ خوشحال ڏسڻ ٿي چاهيو، اتي بدامني ۽ بدحالي بک ۽ اڃ کانسواءِ ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. شاهه لطيف رحه جون هي سٽون خاص هن حالات تي ٺهڪي اچن ٿيون.

وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛

اُنهن آکيرَن تي ويٺا چَٻَ چَڙهي

وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.

اعجاز ممنائي/ نوشهروفيروز

 

دلين تي راڄ ڪندڙ ڀٽو !‎

 

4 اپريل  1979 ع ھڪ اڻ وسرندڙ ڏينھن آھي جنھن ڏينھن تي ھڪ ايشيا جي عظيم اڳواڻ کي ڦاھي چاڙھيو ويو . اڄ ان عظيم اڳواڻ جي شديد کوٽ نظر اچي رھي آھي. جمھوري اڳواڻ صدين ۾ ورلي پيدا ٿيندا آھن جن جو خال ڀرڻ مشڪل ھوندو آھي. اڄ بلڪل سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. سنڌو درياءُ تي ڌاڙو لڳائڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن. سنڌ جي محبوب عوامي اڳواڻ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اونداھي ڪارن دورن کي جبل ٿي منھن ڏنو ۽ جمھوريت کي زنده رکيو. هن  5 جنوري 1928ع تي سنڌ ڌرتي جي شھر لاڙڪاڻي ۾ اک کولي. جنھن کي 4 اپريل 1979ع تي رات جي پھر ۾  ڦاھي تي لٽڪايو ويو. ھي ڏينھن نه صرف پاڪستان جي عوام جي لاءِ پر پوري اسلامي دنيا جي لاءِ ڏک ڀريو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جنھن ايوب سان گڏ  ڪم ڪيو. ڀٽو  ايوب جي ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن پاليسن جي ڪري لاھور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گھر 1967ع تي پ پ جو بنياد رکيو. جنھن ۾ ٽوٽل شروعاتي ميمبر  29 ھئا. پ پ جي پليٽ فارم تان پھريون دفعو 1970ع جي جنرل اليڪشن ۾ حصو ورتو. عوامي ليگ جو اڳواڻ  شيخ مجيب الرحمان اوڀر پاڪستان ۾ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو اولھه پاڪستان ۾ اليڪشن کٽي. پاڪستان جو پھريون چونڊيل وزياعظم ۽ ملڪ جو صدر ٿيو.  هن ملڪ م ادارن کي سرڪاري درجو ڏياريو  ته جئين غريب عوام به فائدو وٺي. نوڪرين ۾ ڪوٽا جو نظام متعارف ڪرايو.  1974ع ۾ بئنڪن کي قومي تحويل ۾ ورتو. اسٽيل مل ۽ ملڪ کي ايٽامڪ پاور بڻايو. ھن وقت سنڌ ۽ پاڪستان جو الله ئي آھي ڪو اھڙو اڳواڻ نه آھي جو حقيقي جمھوريت کي ملڪ ۾ آڻي ۽ عوام جي خدمت ڪري. عوامي اڳواڻ جي کوٽ آھي جو عوام ۽ ملڪ م ترقي جون نيون راھون کولي.  حالاڪه نواز ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت آھي. اڄ عوام مسئلن جو شڪار آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو اڳواڻ کپي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ جمھوري ته ھجي. اڄ به شھيد ڀٽو کي عوام دلين ۾ سانڍيو آھي ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻي رھيو آھي. پر سندس پارٽي صرف پارٽي ئي رھجي وئي آھي. جمھوريت صرف نالي ۾ وڃي بچي آھي. ملڪ جو عوام لپ اٽي جي لاءِ تڙپي رھيو آھي. مھانگائي عروج تي آھي. آبادگار پريشان آھن. غربت ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي ماڻھن جي حقن جي مالڪي ڪرڻ جو سوال آھي، ڪاش جمھوري اڳواڻ پيدا ٿي پوي.

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو

 

هو جيڪو ديس جو اهڙو جادو جنتر هو جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو. ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هئا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. ذولفي ڀٽو، شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ٿيندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي؟ روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڏنيون. شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. اڄ وطن کي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن ۽ سندس نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي ۽ شامي ۽ ڪوفي حڪومت جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها. ذلفي هڪ نظريي، هڪ مشن، هڪ حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل ۽ روايت ٽوڙيندڙ هڪ عزم جو نالو آهي.

ڪاشف نوراني

 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ــ هڪ خوددار اڳواڻ

 

دنيا جي مڃيل ڪتابن ۾ ليڊرشپ جون ڪيترين ئي خوبين جو ذڪر ملي ٿو، جن مان سڀ کان اهم ۽ اعليٰ خوبي “خودداري” ۽ “خوداعتمادي” آهي. هي خوبي رڳو ڪجهه ئي عالمي اڳواڻن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ انهن مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر فهرست آهي. شهيد ڀٽو جي خودداري جو مثال تڏهن دنيا آڏو واضح ٿيو، جڏهن هن گڏيل قومن جي اجلاس ۾ طاقتور ملڪن جي منافقانه ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي، نعرو بلند ڪيو: “We will fight, we will fight for a thousand years.” ڀٽو جي اهڙي بهادري، خودداري ۽ بيباڪي سبب ئي عالمي سامراجي طاقتون هن کان خوفزده ٿي ويون. آخرڪار، انهن کيس سياسي رستي تان هٽايو. پر ڀٽو، پنهنجي اصولن تي قائم رهيو ۽ ظلم جي آمر جي آڏو پنهنجي زندگي جي خيرات وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هو امر ٿي ويو، پر سر نه جهڪايو. اڄ به دنيا موجوده پيپلزپارٽي سان اختلافن باوجود شھيد ڀٽو جي خودداري، بصيرت ۽ رهبريءَ کي دل مان مڃيندي آهي. هر سال 4 اپريل تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏيئا ٻاري، جلسا ڪري ۽ محبت سان ڀيٽا پيش ڪري، قوم پنهنجو احسانمند هجڻ جو اظهار ڪري ٿي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي نوجوانن لاءِ اهو پيغام آهي ته: “عزت وارو موت، ذلت واري زندگيءَ کان بهتر آهي.”

عامر کوکر/نوشهروفيروز

 

ڪيئن اعتبار ڪيون…!؟

 

چون ٿا ته، هڪ جعفر نالي ڌنار هو، جنهن جَي ٻڪرين جِي واڙِ، ڳوٺ کان ڪجھه پنڌ تي ٺھيل هئي، سو هڪ دفعو آڌيءَ جو وٺي رڙيون ڪيائين ته…… ”ڳوٺ وارا وارو ڪيو ڙي وارو، بگهڙ ٻڪريون کائي ويو……“  ڳوٺ وارا لٺ ڪهاڙي بندوق کڻي، سَھڪِي اچي پهتا…… ڏٺائون ته ڪوبه اهڙو معاملو ڪونهي…ڪاوڙ ۽ حيرت مان پڇيائون ته جعفرو… اهو ڇا ڪيئي؟؟ چيائين: مڙئي ڀوڳ ڪيم……! ڪجھ ڏينهن کانپوءِ ، وري ايئن ڪيائين…… ته وري ماڻھو پهتا… پر وري به ڏند ڪڍي چيائين ته…  مون ته مڙئي ڀوڳ ڪيو……! وري هڪ رات هيانءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪيائين پر ڪو به ڳوٺ وارو ڪونه پهتو… ڇو ته سڀني کي پڪ ٿي وئي هئي ته……  جعفر ڪوڙو ناٿ آ…! پر صبح جو خبر پئي ته، سموري ٻڪرين جي واڙ بگهڙن کائي يا ماري ڇڏي…!! سو سائين مراد علي شاه صاحب……!! گستاخي معاف ڪجو……توهان ته جعفرو کان به ٻه وکون اڳتي آھيو… ڪجھه ڏينهن اڳ توهان ۽ توهان جي پارٽي ڪينالن جي وجود کان ئي انڪاري هئا…… اهو به قوم سان ڌوڪو ڪيو پر، قوم سچ مڃرائي ڏيکاريو. توهان ٻٽو نظام ڏنو…… ڄڻ ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو. اهو به سنڌ وطن سان ڌوڪو ڪيو… توهان سمنڊ وفاق کي لکي ڏنو… اهو به ڌوڪو. توهان سنڌ جون زمينون بحريا ۽ ڊي ايچ اي کي ڀڳڙن مٺ ۾َ لکي ڏنيون …… اها به امانت  ۾ خيانت…! توهان ڪارونجهر وڪرو ڪيو… امانت ۾ خيانت ڪئي. توهان افغانين جا سهولتڪار رهيا آھيو، سراج دراني شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڏنا…… اها به سنڌ وطن سان غداري آ…… شاھ صاحب… سنڌ ڌرتي سان ڪيل غدارين ۽ ظالمانه فيصلن جي طويل لسٽ آھي… هي ته صرف چند اهي ڳالهيون لکيون اٿم … جيڪي عالم آشڪار آھن……! اسان کي توهان تي ان ڪري به اعتبار ڪونهي، ڇو ته توهان کي اسٽيبلشمنٽ آڏو ڏَڪڻِي وٺي ويندي آ…  اهو به ٻُڌو اٿئون ته تازو ايڪنڪ جي اجلاس ۾ سنڌ جي نمائيندي سعيد غني کي، اسحاق ڊار يا ٻئي ڪنهن طرفان سخت ڇنڊ پَٽِي وئي آ…… پر توهان ٻِڙڪ ٻاهر ڪٿي ٿا ڪڍو…؟ توهان ۾ سنڌ خاطر اسٽيبلشمنٽ  سان ٽڪر کائڻ جي ان ڪري به جرئت ڪونهي ڇو جو توهان سياست عبادت سمجهي نه پر، سياست کي منافغ بخش ڌنڌو سمجهي ڪيو ٿا…!  توهان جي عملن مان ثابت ٿيو آ ته توهان کي سنڌ وطن سان ڪابه محبت ڪونهي پر، توهان سنڌ کي صرف ڪارڊ طور استعمال ڪري ڪيش ڪرائيندا آُهيو.  سو جيڪو توهان يا توهان جا چڱا مڙس ڌنڌو ڪيو ويٺا آھن… اسٽيبلشمنٽ توهان جي ڪيل سڀني ڪارنامن جا مڪمل ثبوت رکيو ويٺي آ……  ان ڪري به اوهان اُنهن آڏو انڪم سپورٽ جي قطار ۾ بيٺل هڪ بيوه عورت وانگر آھيو… برسات ۾ پُسيل ڪڪڙ وانگر آھيو …… هيءُ تازو بيان صرف سنڌ ۾ سياسي پتِ بچائڻ لاءِ ڏنو اٿئو… في الحال توهانتي اعتبار ڪرڻ ايئن آ … جيئن جعفر جو پهريون سڏ……!!

اياز بلوچ/تنگواني

 

ڇا صدر پاڪستان جو عهدو به ائين اعزازي آ

 

اسان لاءِ اهو حيرانگي جو باعث آ ته ملڪ پاڪستان جي صدر کي سرسبز پاڪستان بابت غلط بريف ڪيو ويو ۽ جناب صدرپاڪستان جي ميٽنگ جي پريس رليز پڻ غلط ۽ منٽس پڻ غلط لکيا ويا جنهن جو انڪشاف بلاول جو پسنديده ۽ پهرين ۽ آخري چوائس وارو وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪيو جيڪو چند ڏينهن پهريان سنڌ جي عوام کي چوندو رهيو ڪهڙا ڪينال ڪو ڪينال ناهي ٺاهيو پنجاب. جڏهن زين شاهه سميت سنڌ جي ميڊيا سرزمين تان سنڌ جي عوام کي چولستان جو ڪم ٿيندي ڏيکاريو ته سيوهڻ جي سيد به قلندر جي درگاه تي نغاري سان نچڻ وارن ملنگن جيان نچڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته اهو ته اڃا افتتاح ٿيو آ ڪينال جو، پورو ڪينال ڪٿي آ ۽ ھاڻي وري صدر پاڪستان جو ترجمان خاص بڻجي چوي پيو اهو صدر زرداري سان دوکو ٿيو آ ۽ ان جي پاڻي ۽ سرسبز پاڪستان جي بريفنگ کي صدر جي منظوري ڏيڻ جي پريس رليز هلرائي وئي جيڪو سراسر دوکو آ. جيڪڏهن واقعي صدرپاڪستان سان سندس اسٽاف دوکو ڪيو آ صدر علوي جيان ته پوءِ ته asifalizardari کي عهدي تان پاڻمرادو استعفا ڏئي سنڌ جي آواز سان آواز ملائڻ گهرجي. تيستائين صدر پاڪستان جي آفيشل اسٽاف ترجمان يا سياسي ترجمان جو بيان لازمي اچي. باقي شرجيل يا سندس وزيراعليٰ جو بيان ائين ڏٺو ويندو جيئن تحريڪ انصاف ۾ چوڌري فواد جو. سو جنهن عهدي جو مذاق بڻايو ويو آ اهو ڪو عام نه پر ملڪ جي وڏي آئيني عهدي جو مذاق بڻايو ويو آ جنهن اها جرات ڪئي آ ان کي عهدي تي رهڻ جو حق ناهي. جيڪڏهن اهو ايترو طاقتور آ ته ان عهدي تي صدر زرداري کي ويهڻ جو ڪو حق ناهي.  پنهجي نه صحيح پر عهدي جو مان رکو عهدي جو مذاق نه بڻايو نه ته پاڪستان جو مذاق بڻجي ويندو. جيو پاڪستان جي آئيني عهدن جو مان رکي.

استاد جاويد هڪڙو/شڪارپور

 

ڳوٺ رانوت گهمرو کي سهولتون فراهم ڪريو

 

مان تعلقو ڪنگري ضلع خيرپور ميرس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ رانوت گھمرو عرف جيجل گھمرو سان تعلق رکان ٿو. اسان جو ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آهي، جھڙوڪ اسپتال ۽ اسڪول. اسان جي ڳوٺ ۾ 90 گھر آھن جنھن ۾ جام ساري آبادي رھندي آھي، اسپتال نه ھئڻ سبب غريب ماڻھو مشڪلاتن سان منھن ڏئي رھيا آھن. مريضن کي ايمرجنسي ۾ پير ڳوٺ اسپتال تائين کڻي وڃجي ٿو جنھن ۾ ڳوٺاڻن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. اسڪول نه ھئڻ سبب ننڍڙا معصوم ٻار ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ۾ پيادل وڃي رھيا آھن. اسين وس وارن کان گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ کي بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن ته جيئن ٻار پنھنجي پڙھائي ۾ وڌيڪ ترقي ڪري سگھن ۽ مشڪلاتن کان بچي پون ۽ مريض پنھنجو خرچ ۽ پنھنجي حياتي بچائي سگھن.

ھمير گھمرو/ پير ڳوٺ

 

ڪانون کي لُڙ ۾ مزو

 

سنڌيءَ جي عوامي چوڻين ۽ محاورن ۾ صدين کان ڏاهپ سمايل آهي. انهن مان هڪ دلچسپ چوڻي “ڪانون کي لُڙ ۾ مزو” آهي، جيڪا انهن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي ماحول سان ايڏا ته هم آهنگ ٿين ٿا جو تبديلي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. ڪانو قدرتي طور تي گند، خراب کاڌي ۽ شور شرابي وارن هنڌن تي رهي ٿو ۽ اُن لاءِ “لُڙ” ئي راحت جو سبب بڻجي ٿو. “لُڙ” سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور تي گوڙ، گندگي، بي ترتيبي يا اهڙي جاءِ کي چيو ويندو آهي، جتي صفائي جو خيال نه رکيو ويندو هجي. هن محاوري ۾ “لُڙ” جو مطلب آهي اهڙو ماحول، جيڪو ٻين لاءِ ناقابل قبول هجي، پر ڪجهه ماڻهو ان سان ايترا ته عادي ٿي وڃن جو ان کي ئي بهتر سمجهن. انساني نفسيات به اهڙيءَ ئي روش جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي محدود خيالن، عادتن ۽ ماحول کي ئي بهتر سمجهندا آهن. نئين جاءِ، نئين سوچ ۽ نئين تبديليءَ سان جُڙڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن، بلڪل ڪانو وانگر. سماجي طور تي به هي محاورو گهڻو استعمال ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو تڪليفون به قبول ڪن ٿا، پر پنهنجو پراڻو ماحول نه ڇڏيندا آهن. مثال طور، ڪي واپاري نون طريقن کي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا، جيتوڻيڪ بهتر موقعا موجود هوندا آهن. سياسي حوالي سان به ڏسجي ته ڪي حڪمران پنهنجي اقتدار جي “لُڙ” ۾ ايترا ته خوش هوندا آهن جو عوام جي ڀلائيءَ بدران پنهنجي طاقت بچائڻ تي ڌيان ڏيندا آهن. تعليمي لحاظ کان به “ڪانون کي لُڙ ۾ مزو” واري نفسيات کان بچڻ گهرجي. تعليم جو مقصد آهي نئين سوچ، نوان موقعا ۽ نوان تجربا حاصل ڪرڻ. جيڪڏهن ڪو شخص پراڻين ڳالهين تي قائم رهي، ته پوءِ ترقي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي. زندگيءَ ۾ تبديلي کي قبول ڪرڻ، نئين ماحول سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ نون تجربن لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ ضروري آهي. اهو محاورو ذاتي واڌاري لاءِ به سبق ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي محدود خيالن ۽ پراڻن تجربن ۾ ڦاٿل رهي، ته هو ڪڏهن به نئين دنيا جو تجربو نٿو ڪري سگهي. سماجي ترقي ۽ شعوري سجاڳي لاءِ ضروري آهي ته اسين روايتي سوچ مان نڪري نئين دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسين “لُڙ” مان ٻاهر نه نڪتاسين، ته اسان به “ڪانو” وانگر محدود رهجي وينداسين. ان ڪري، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تبديليءَ کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ ضروري آهي، ته جيئن اسين ترقي ڪري ۽ بهتر زندگي جي سگهون.

ناصر علي جلباڻي/ ھوت خان جلباڻي