پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آ
ڪنهن گهر ۾ جيڪڏهن هڪ هفتو لائن جو پاڻي ناهي ايندو ته اهو سمورو گهر ڊانوان ڊول ٿي ويندو آهي، واش رومز بدبودار ٿي ويندا، ڪچن ۾ ٿانو نه ڌوپجڻ سبب ڪچن بدبودار ٿي ويندو، گهر جي سموري سفائي سٿرائي سخت متاثر ٿي ويندي، گهرڀاتين جا ڪپڙا ميرا ٿي ويندا آهن ۽ گهر ڌڻي به پاڻي نه هجڻ سبب سخت متاثر ٿي ويندا آهن. مطلب ته ان گهر جو سمورو ڪار وهنوار ئي ٺپ ٿي ويندو آهي، پر انهن گهر ڌڻين کي اها اميد هوندي آهي ته اڄ نه سڀاڻي پاڻي ضرور ايندو ۽ وري ٻيهر زندگي بهتر طريقي سان هلڻ شروع ٿي ويندي. هاڻ ڳالهه ڪجي ٿي سنڌو درياءُ جي جيڪڏهن سنڌو درياءُ مان 6 ڪينال ڪڍيا ويندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه ته صرف هڪ گهر جي ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ هفتو پاڻي نه اچڻ سبب گهر جي ۽ گهر ڌڻين جي ڪهڙي حالت ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن سنڌو درياءُ مان پاڻي ڪڍيو ويو ته سنڌ ۾ رهندڙ 7 ڪروڙ سنڌين جي ڪهڙي حالت ٿيندي؟ هن گهر کي ته وري به پاڻي اچڻ جي اميد آهي پر سنڌو درياءُ مان پاڻي نڪرڻ کان پوءِ شايد قيامت تائين سنڌو درياءُ ۾ پاڻي نه اچي سگهندو. نتيجن پاڻي جي نه اچڻ سبب درياءُ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون مري وينديون، مويشي اڃ سبب مري ويندا، زمين آباد نه ٿي سگهندي هڪ وڏو ڏڪار اچي ويندو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، وفاق جو سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو نه صرف سنڌ ڌرتي تي رهندڙ ڪروڙين سنڌي جي قتل عام جو منصوبو آهي پر مستقبل ۾ ايندڙ سنڌي نسلن کي به قتل ڪرڻ جو فيصلو آهي، سنڌو ۽ سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب ۽ تاريخ جو قتل آهي، سنڌ جي اهڙي تباهي کان بچڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ کي ۽ تهذيب کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ جي ٻچي ٻچي، هارين، نارين سميت 7 ڪروڙ عوام کي روڊن تي اچڻو پوندو.
عرفان علي شاهه بخاري/ڪراچي
موهن جو دڙو ۽ ڀٽ شاهه: تهذيب ۽ صوفي ازم جا مرڪز
سنڌ جي سرزمين تاريخ، ثقافت ۽ روحانيت جو اهڙو مرڪز آهي، جيڪو دنيا جي عظيم تهذيبن ۽ صوفيانه روايتن کي پنهنجي دامن ۾ سمائي ٿو. موهن جو دڙو ۽ ڀٽ شاهه انهن ٻن اهم ماڳن مان آهن، جيڪي نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا روشن مثال آهن پر دنيا لاءِ به تحفو آهن. موهن جو دڙو سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جو اهم مرڪز آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان قديم ترين تهذيبن مان هڪ، سنڌو ماٿري جي تهذيب سان واسطو رکي ٿو. تقريبن 2600 ق.م جي دور ۾ آباد ٿيل هي شهر پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ثقافتي، اقتصادي ۽ تمدني مرڪز هو. موهن جو دڙو 1922ع ۾ سر جان مارشل جي هٿان دريافت ٿيو. هي ماڳ سنڌو ماٿري جي تهذيب جو اهم نمونو آهي، جيڪو پنهنجي ترقي يافته شهري منصوبابندي ۽ انجنيئرنگ جي ڪمال جي ڪري مشهور آهي. هي شهر ڪچين سرن سان ٺهيل عمارتن، نيڪال جي بهترين نظام ۽ وڏن عوامي حمامن جي ڪري منفرد آهي. موهن جو دڙو جا رهواسي صاف سٿري زندگي گذاريندا هئا ۽ انهن جي مڪانيت شهري منصوبابندي جو شاهڪار مثال هئي. گهٽيون ۽ روڊن جو بهترين ڄار، نيڪال جو نظام ۽ مختلف درجابنديون انهن جي ترقي يافته سوچ جي عڪاسي ڪن ٿيون. موهن جو دڙو جا ماڻهو مهذب ۽ پرامن هئا. انهن جا روايتي ميلا، موسيقي ۽ رقص انهن جي سماجي زندگي جو اهم حصو هئا. انهن جي زنده دل ثقافت جا آثار انهن جي دستڪاري، خاص طور تي ٿانون، زيورن ۽ تصويرن مان ظاهر ٿين ٿا. هي ماڳ پنهنجي کاڌ خوراڪ جي حوالي سان به دلچسپ آهي. موهن جو دڙو جا ماڻهو اَن، ميوا ۽ ڀاڄيون استعمال ڪندا هئا. انهن جا ٿانو خاص طور تي مٽيءَ جا هوندا هئا، جيڪي انهن جي زندگيءَ جي سادگيءَ کي ظاهر ڪن ٿا. موهن جو دڙو جي ماڻهن ۾ شادين جون رسمون ثقافتي رنگن سان ڀريل هيون. ان سان گڏوگڏ، واپار انهن جي معيشت جو اهم حصو هو. اهي مقامي ۽ بين الاقوامي سطح تي واپار ڪندا هئا، خاص طور تي مصر، ميسوپوٽيميا ۽ ايران سان. موهن جو دڙو جي تباهي جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ قدرتي آفتون، ندي جي وهڪرن ۾ تبديليون ۽ آبهوا جا اثر شامل آهن. اڄ به، بي ڌياني، غيرقانوني کوٽائي ۽ ماحولياتي تبديليون هن قديم ماڳ کي نقصان پهچائي رهيون آهن. ٻئي طرف ڳالهه ڪريون ڀٽ شاهه جي جيڪو سنڌ جو هڪ مشهور ۽ روحاني مرڪز آهي، جيڪو نه صرف مقامي ماڻهن لاءِ پر پري پري کان ايندڙ سياحن لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. هي ماڳ سنڌ جي ساهتي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو ۽ سنڌ جي محبوب شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي آرامگاهه جي ڪري مشهور آهي. ڀٽ شاهه سنڌ جي ضلعي مٽياري ۾ واقع آهي، جيڪو حيدرآباد کان تقريباً 55 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر طرف آهي. هي ماڳ قومي شاهراهه سان ڳنڍيل آهي، جنهن ڪري اتي پهچڻ تمام آسان آهي. ڀٽ شاهه جو نالو سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان لاڳاپيل آهي، جن 18هين صديءَ ۾ هتي زندگي گذاري ۽ پنهنجي شاعري ذريعي انساني محبت، امن ۽ روحانيت جا سبق ڏنا. سندن شاعري جو شاهڪار مجموعو شاهه جو رسالو هتي ئي تيار ٿيو. شاهه ڀٽائي جو مقبرو مرزا غني بيگ جي سرپرستي ۾ ٺهيو، جيڪو سنڌ جي تاريخي فن تعمير جو شاندار نمونو آهي. ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقبرو سياحن لاءِ وڏي ڪشش جو مرڪز آهي. هر سال صوفي ميلي دوران هزارين ماڻهو هتي گڏ ٿين ٿا ته جيئن شاهه جي شاعري، موسيقي ۽ فلسفي مان لطف اندوز ٿي سگهن. ڀٽ شاهه جو ميوزيم، جيڪو شاهه جي زندگي ۽ ڪم تي مشتمل آهي، سياحن لاءِ هڪ ڄاڻ ۽ دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. ڀٽ شاهه جي ماحول ۾ سنڌي ثقافت ۽ روايتن جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا. هتي ميلن دوران سنڌي موسيقي جا محفلون، روايتي راڳ ۽ لوڪ رقص ٿين ٿا، جيڪي سنڌ جي صوفي روايت کي زندهه ڪن ٿا. ڀٽ شاهه جو روحاني ۽ تاريخي ڪردار سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ خاص جاءِ والاري ٿو. شاهه ڀٽائي جي مقبري جو تعميراتي حسن، ان جي صوفياڻي فضا ۽ مقامي ماڻهن جي مهمان نوازي سياحن کي وڏي حد تائين متاثر ڪن ٿا.
لڪشا ڪمليش جگرو
پاڪستانين کي بغير ويزا جي سفري سھولت
پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو دنيا جي 33 ملڪن جو سفر بغير ويزا جي ڪري سگهن ٿا، جيڪي قدرتي خوبصورتي، ڪاروباري امڪانن ۽ ثقافتي تجربن کي ڳولڻ جا موقعا پيش ڪن ٿا. انهن منزلن ۾ بارباڊوس، برونڊي، ڪمبوڊيا، ڪيپ وردي ٻيٽ، ڪومورو ٻيٽ، ڪڪ ٻيٽ، جبوتي، ڊومينيڪا، گني بساؤ، هيٽي، مالديپ، موريطانيا، مائڪرونيشيا، مونٽسيرٽ، موزمبيق، ڪينيا، مڊگاسڪر، نيپال، نيو، پلاؤ ٻيٽ، قطر، روانڊا، ساموا، سينيگال، سيشيلس، سيرا ليون، صوماليا، سري لنڪا، سينٽ ونسينٽ ۽ گريناڊائنز، تيمور-ليسٽ، ٽرينيڊاد ۽ ٽوباگو، ٽووالو ۽ وانواتو شامل آهن. اهي ملڪ مختلف قسم جا سفري تجربا پيش ڪن ٿا، جيڪي پاڪستانين کي دنيا کي وڌيڪ آزاديءَ سان ڳولڻ جي اجازت ڏين ٿا.
منظورھاليپوٽو/ ٽلٽي
درياءُ تي ڌاڙي خلاف جدوجهد ماٺي نه ٿيڻ گهرجي
جتي سڄي دنيا ۾ رھندڙ مسلمان ڀائر عيدالفطر جون خوشيون پيا ملھائين، محبتون پيا ونڊي، پنهنجائپ جو احساس پيا ڏيارين، اتي امير سنڌ جي ھارين، نارين،مزدورن استادن شاگردن علمي ادبي شخصيتن صرف عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻجي ويا. صرف دنيا سطح تي عيد ملھائي وئي سنڌ واسين پنهنجي جياپي لاءِ پيادل مارچ ڪري، احتجاجي ريليون ڪڍي سنڌي ھجڻ جو ثبوت ڏنو ھاڻي سوال اھو آهي ته سنڌ واسي آخر ڇو احتجاج پيا ڪن؟ ھا سنڌ واسي احتجاج جيڪو ڪن پيا اھو انھي لاءِ ته وفاق پنهنجي ھٺ ڌرمي ڪري سنڌو کي بنجر بنائڻ لاءِ سنڌو درياءُ جي مٿان ٩ نوان قاتل تڪراري ڪئنال ڪڍي سنڌو کي سڪائڻ لاءِ منصوبابندي ڪري اڏاوتي ڪم کي جاري و ساري رکڻ ۾ مصروف آهي، ته ٻئي طرف سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ نالي نيلام ڪيون پيون وڃن. انهن جي خلاف سنڌ واسين عيد جي ڏينهن ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌين نه ڪئنالن کي قبول ڪيو آهي نه قبول ڪندا. صرف ھي آواز گونجندا ته ڪئنال سمورا نامنظور، درياءُ تي ڌاڙو نامنظور ۽ ھاڻي احتجاجن ريلين کي وسيع پيماني تي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ننڍا، وڏا، نوجوان، پوڙھا پڪا، ھاري ناري، مزدور، استاد شاگرد ڪوششن ۾ رڌل آهن جلد ئي ڪنھن لاءِ عمل جو اعلان ڪيو ويندو جيستائين ڪئنال رد نٿا ٿين تيستائين ھي مارچ، ريليون احتجاج ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندا. صرف ھر ڪنهن جي چپن تي ھي نعرا آهن ته ڪئنال سمورا نامنظور، درياءُ تي ڌاڙو نامنظور. علمي ادبي سياسي سماجي اڳواڻن کي گھرجي ته ھن وقت رنگ نسل، ذات پات، کي ڇڏي صرف پنهنجي دادلي درياءُ ۽ سنڌ جي زمينن جي مالڪي ڪيو. خاص ڪري ٺٽو ۽ سجاول جي رھواسين کي ته ڏسو! جيڪڏهن ڪئنال ٺھي ويا ته تباهي پنهنجي ٻنھي ضلعن جي تمام گھڻي ٿيندي. وڏي ڳالهه ته جيڪڏهن سمنڊ کي پاڻي نه مليو ته ٿوري عرصي ۾ سمنڊ تباهي مچائي ڇڏيندو. جيئن ھن وقت الائي ته ڪيتريون زمينون ور، گھوڙاٻاڙي جون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي جتي جي ماروئڙن، جانورن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ھاڻي ئي نٿو ملي جن لڏپلاڻ ڪري ڏوران علائقي ڏانهن رخ ڪيو آهي. سوچيو ته آخر پنهنجو ڇا ٿيندو؟ خدارا پنهنجي دادلي درياءُ کي ۽ ھزارين ايڪڙ زمينن کي ھر صورت ۾ بچايو پاڻي ھوندو ته زمينون به آباد ٿينديون جيڪڏهن پاڻي ئي ناهي ته زندگي ناھي.
مبارڪ سولنگي /ٻيلوشھر
سنڌو بچايو، سنڌ بچايو
سنڌ، آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آھي، جنھن جي معشيت زراعت تي انحصار ڪري ٿي. لکين ماڻھون اڄ روڊن تي اچي ڪري احتجاج پيا ڪن جنهن ۾ ھاري، شاگرد، سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ ايڊووڪيٽ پڻ شامل آھن. سنڌ پاڻي جي کوٽ سبب اڌ سال بنجر ۽ اڌ سال ٻوڏ جو شڪار ٿئي ٿي. سنڌ جنھن جي گھڻي ڀاڱي معيشت زراعت تي انحصار ڪري ٿي ان کي گزريل سالن ۾ پنج لک ايڪڙن جو نقصان ٿيو، جنھن جي ڪري ھاري ۽ ٻيا جنھن جو گذارو زمينن تي آھي مالي بحران جو شڪار پيا ٿين. پاڪستان جي آئين ۾ ۱۷ ترميم جيڪا نيشنل اسيمبلي آف پاڪستان ۷ اپريل ۲۰۱۰ تي پاس ڪرائي، جنھن موجب صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏني وئي. موجوده دور ۾ سنڌو درياءُ تي ۶ ڪئنال ٺاهي نه صرف سنڌ جي ماڻھن جو حق ماريو پيو وڃي پر آئين جي ڀڃڪري پڻ ڪئي پئي وڃي. گرين پاڪستان انيشيئٽو (Green Pakistan Initiative) نالي پروجيڪٽ جنھن جي ابتدا ۲۰۱۷ ۾ ڪئي وئي جنھن ۾ سنڌو دريا مان ۶ ڪينال ڪڍي ڏکڻ پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ تقريبن سڀني مذهبي توڙي سياسي پارٽين احتجاج ڪيو. پوري سنڌ ۾ وڏي پئماني تنظيمي ريليون ڪڍيون ويون. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب سنڌ جي ۷۷ سيڪڙو زرعي زمين آبپاشي تي منحصر آھي. تجويز ڪيل ڪئنال جيڪو سنڌو درياءُ مان پاڻي کي منتقل ڪن ٿا سنڌ جي زرعي معيشت کي تباھ ڪري سگهن ٿا، جنھن جي ڪري ٻھڙاڙي جي آبادي ۳۷ سيڪڙو کان وڌيڪ غربت جي لڪير کان ھيٺ ٿي ويندي. ان کانسواءِ ڪئنال منصوبي جي ڪري سنڌ جي ۱۲۰ لک ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان ڏئي ڏکڻ پنجاب جي ۱۰ لک ايڪڙ زمينن کي سيراب ڪيو پيو وڃي. ۱۹۹۹ع کان وٺي ۲۰۲۳ع جي وچ ۾ سنڌ جي ۲۰ سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿي جڏهن ته پنجاب ۾ صرف ۱۶ سيڪڙو. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ڪئنال منصوبي کي اڳتي وڌائڻ سست زھر برابر آھي. ڇو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي خاص ڪر اونھاري ۾ ھي قدم موجودہ مشڪلاتن کي وڌائيندو. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون ۱۸۰ لک ايڪڙ زمينون غيرآباد آهن، ڪئنال ٺاھي اھي نه صرف سنڌ جو پاڻي پر جيئڻ جا اثاثا پيا ڦرن، تنھن ڪري ان مسئلي کي انسانيت جو مسئلو سمجهي ان تي آواز بلند ڪرڻ ھر پاڪستاني جو فرض آھي.
نجمه ٽالپر/حيدرآباد
ثقافت جي نالي تي بي پردگي
اڄ جي دور ۾، ثقافت کي هڪ اهڙو اوزار بڻايو پيو وڃي، جنهن جي نالي تي بي پردگي کي وڌايو پيو وڃي. جديديت ۽ ترقيءَ جي نالي تي اسان جي روايتي، ديني ۽ اخلاقي قدرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ثقافت ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، جيڪا ان جي روايتن، لباس، زبان، فن، ادب ۽ رهڻي ڪهڻي مان ظاهر ٿيندي آهي. سنڌي ثقافت هميشه سادگي، حيا، اخلاقيات ۽ عزت تي زور ڏيندي آئي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران، مغربي ثقافت جو اثر وڌڻ لڳو آهي، جنهن سبب اسان جي روايتي قدرن ۾ تبديليون اچڻ لڳيون آهن. ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ فيشن انڊسٽري اهڙيون شيون عام ڪري رهيون آهن، جيڪي اسان جي معاشري جي اخلاقي حدن کان ٻاهر آهن. حيا ۽ پردو، جيڪي اسان جي ديني ۽ ثقافتي روايتن جو حصو آهن، انهن کي “پوئتي پيل سوچ” چئي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ميڊيا جو غير ذميوار ڪردار – ڊرامن، فلمن ۽ اشتهارن ۾ بي پردگي کي عام ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا جو غلط استعمال – نوجوان نسل تي مغربي اثر وڌي رهيو آهي، جنهن سبب حيا گهٽ ٿي رهيو آهي. تعليمي نظام ۾ اخلاقي تربيت جي کوٽ – اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ اخلاقيات تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي. والدين جو غير سنجيده رويو – والدين پنهنجي ٻارن جي لباس، گفتگو ۽ ميڊيا جي پسند تي ڌيان نه ٿا ڏين. ثقافت کي اصل مفهوم مطابق سمجهڻ – اسان کي مغربي اثرن کان پاسو ڪندي پنهنجي اصل سنڌي ثقافت کي زنده رکڻ گهرجي. ميڊيا جي ذميواري – اهڙي مواد تي پابندي هئڻ گهرجي، جيڪو بي حيائي کي وڌائي ٿو. تعليمي نصاب ۾ اخلاقيات جو اضافو – نوجوانن کي حيا، عزت ۽ اسلامي تعليمات سان روشناس ڪرائڻ گهرجي. والدين جو سرگرم ڪردار – والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏين ۽ انهن کي اخلاقي حدن بابت سمجهن. ثقافت جي نالي تي بي پردگي ۽ بي حيايي جي واڌاري کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اسان جي اصل سڃاڻپ حيا، عزت ۽ اخلاق آهي، جيڪا اسان جي ثقافت جو اهم حصو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي اخلاقي ۽ ديني قدرن کان پري هليا وياسين، ته اسان جي سڃاڻپ ختم ٿي سگهي ٿي.
ظفر حسين ملاح
سنڌو درياءُ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير جي تجويز پاڪستان ۾ تڪرار جو موضوع بڻجي ويو آهي!
جيئن ته سنڌو درياءُ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير جي تجويز پاڪستان ۾ تڪرار جو موضوع بڻجي وئي آهي، خاص طور تي سنڌ صوبي ۾، جتي پاڻي جي حقن، ماحولياتي تحفظ ۽ معاشي اثرن بابت ڳڻتيون وڌي رهيون آهن. هي ڪالم انهن مزاحمتي تحريڪن تي روشني وجهي ٿو، جيڪي هن منصوبي خلاف جاري آهن. وفاقي حڪومت “گرين پاڪستان انيشيٽو” (GPI) جي تحت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ وڏي پئماني تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي شروعات لاءِ، درياءُ سنڌ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير جو منصوبو پيش ڪيو آهي. هن منصوبي جو مقصد خشڪ زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن منصوبي جي اعلان کانپوءِ، خاص طور تي سنڌ ۾، وڏي پئماني تي احتجاج شروع ٿي ويا آهن. هارين، سياسي پارٽين ۽ سماجي ڪارڪنن گڏجي هن منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي، سندن چوڻ آهي ته نوان ڪينال سنڌ جي پاڻي جي فراهمي تي ناڪاري اثر وجهندا ۽ 1991ع جي پاڻي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندا. عوامي تحريڪ ڪراچي ۾ 12 ڪلوميٽر ڊگهو مارچ ڪيو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت جي هن منصوبي خلاف آواز اٿاريو ويو. سنڌ اسيمبلي هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي، جنهن ۾ تجويز ڪيل ڪينالن جي تعمير کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو ۽ وفاقي حڪومت ۽ انڊس ريوَر سسٽم اٿارٽي (IRSA) کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي هن منصوبي کي روڪين، جيستائين سڀني صوبن، خاص طور تي سنڌ سان، مڪمل صلاح مشورو نه ڪيو وڃي ته جيئن انهن جا پاڻي جا حق محفوظ رهن. ماحولياتي ماهرن ۽ مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته نون ڪينالن جي تعمير سان درياءُ سنڌ جي ڊيلٽا تي ناڪاري اثر پوندا، جنهن سان زمينون بنجر ٿينديون ۽ سامونڊي پاڻي جي وڌندڙ چاڙھ سبب وڌيڪ علائقا سمنڊ حوالي ٿي سگهن ٿا. هي صورتحال زرعي پيداوار کي متاثر ڪندي ۽ هزارين ماڻهن جي روزگار تي ناڪاري اثر وجهندي، جيڪي هتي جي زرعي ۽ ماڳي معاش تي ڀاڙين ٿا. درياءُ سنڌ تي ڇهن نون ڪينالن جي تجويز خلاف وڌندڙ مزاحمت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي برادرين جي حقن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. جيئن احتجاج جاري آهن، اهو ضروري آهي ته وفاقي حڪومت سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان شفاف ۽ جامع ڳالهين ذريعي انهن ڳڻتين کي حل ڪري ته جيئن درياءُ سنڌ جي سالميت ۽ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائي سگهجي.
ارسلان جاويد شر/ ٺري ميرواھ
گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج کي ڪاروباري مارڪيٽ ڇو ٿا بڻايو
گورنمينٽ گرلز ڊگر ڪاليج ڪوٽڙي شهر ۾ ضلعي ڄامشورو جو وڏي ۾ وڏو گرلز ڊگري ڪاليج آهي جنهن ۾ پرنسپال جي اجازت سان ڪاليج جي سڄي ديوار سان گڏ ڪاروباري ماڻهن پنهنجا ڏينهن ۽ رات جو ڪاروبار ۽ ڌنڌا ڪن ٿا جيڪا تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي. رات جو ڪرسيون ٽيبلون لڳائي تڪا پراٺا ڪباب جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي ۽ ڏينهن جو سبزي وارا ٺيلها ۽ پاٿاريدار ويٺل آهن جڏهن ته نوٽن ۽ کلن وارن پڻ پنهنجا ڪاروبار کولي ڇڏيا آهن. هزارين نياڻيون هن ڪاليج ۾ پڙهي رهيون آهن ۽ اگر ڪا واردات ٿي وڃي ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي کي نوٽيس وٺي سمورو ڪاروبار ختم ڪيو وڃي.
حافظ دائود خان بلوچ/ ڪوٽڙي