عيد ڪيئن ملهائجي…….. !!!؟

 

رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جن هن مهيني ۾ رب تعاليٰ جي حڪم مطابق روزا رکيا تن کي روزن جي بدلي انعام ۾ عيد جي خوشي ملي. حقيقت ۾ هي عيد خالص روزائتن جي لاءِ آهي. عيد خوشي جو ڏينهن آهي ڇوته ان ڏينهن هر انسان پنهنجي مالڪ اڳيان شڪر ادا ڪري ٿو ته ان کي خالق توفيق عطا فرمائي ته ان جي حڪم تي روزا رکيا ۽ پنهنجي نجات جو سامان ورتو. هونئن به مولا علي عليه السلام جو فرمان آهي ته ”توهان لاءِ هر اهو ڏينهن عيد جو آهي جڏهن توهان خدا جي فرمانبرداري ڪريو ٿا” پوءِ پاڻ کان پڇو ته هن رمضان المبارڪ ۾ توهان خدا جي حڪم مطابق خالص عبادت بجا آندي يا ماڻهن کي ڏيکاءُ لاءِ رڳو بکون ۽ اڃ ڪاٽي. جيڪڏهن توهان الله سائين جي رضا خاطر حقوق الله ۽ حقوق العباد پورا ڪيا آهن ته عيد توهان لاءِ آهي ۽ اهو عمل سڄو سال جاري رهي جيئن توهان رمضان المبارڪ ۾ غريبن مسڪينن جي بک  اڃ ۽ انگ جو احساس ڪيو تيئن اهو عمل برقرار رهي. خالق توهان جو امتحان وٺڻ لاءِ هن رمضان المبارڪ کي نافذ ڪيو ته جيئن توهان کي ٻين جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٻين جي بک ۽ اڃ توهان عملي طور محسوس ڪري سگهو. 14 ڪلاڪ روزو رکڻ ۽ 10 منٽ ۾ پيٽ ڀرڻ ان ڳالهه جو بهترين مثال آهي ته دنيا جون لذتون ڪيتريون عارضي آهن ۽ هي زندگي ڪيتري مختصر آهي. اسان جي سنڌ سونهاري حڪمرانن جي رويي سبب ڏينهون ڏينهن عيد جي خوشين کان محروم ٿيندي پئي وڃي غريب ڏينهون ڏينهن غريب ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي. غريبن جي حقن جي لتاڙ حڪمرانن جي روش بڻجي ويندي پئي وڃي. غريب جي عزت مجروح ٿيندي به اسان سندس رونشو ڏسي رهيا آهيون. اسان جون عورتون سپورٽ پروگرام جي نالي تي ذلت ۽ خواري کڻي گهر کان دربدر آهن ائين اسان جا مرد انهن دربدري وارن پروگرامن پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ڪمائڻ جي سگهه کان محروم ٿيندا پيا وڃن. سرڪار جي ان اڍنگي پاليسي سبب سنڌ جو ڏتڙيل طبقو هاڻي ڪمائڻ کان به ويهي ويو آهي. جيڪڏهن سرڪار کي بيواهن يتيمن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻي آهي ته عزت ڀرئي طريقي سان ڪرڻ گهرجي سڌريل ۽ عزتدار ملڪن ۾ اهڙن متاثرن ماڻهن کي سرڪار کان گهر ويٺي وظيفو ملي ٿو جنهن مان هو پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. اسان وٽ سرڪار طرفان ذلت سان چند روپيه ڏيئي احسانمندي جتائي وڃي ٿي ۽ ان بنياد تي قوم کان ووٽ ورتو ٿو وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. اهڙي صورتحال ۾ عيد ملهائڻ ماتم برابر ٿيو وڃي هر سال ٿيندڙ عيد کي رڳو عيد ڪري ملهائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين خوشين کي رڳو پنهنجي گهر تائين محدود نه ڪريون بلڪه انهن جو دائرو ٻين تائين وڌايون ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو خوشين ۾ شامل ٿي سگهن. عيد جهڙي موقعي تي اسين اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان جي ڀرپاسي ۾ ڪئين اهڙا ڪٽنب به هوندا آهن، جيڪي سچ پچ مستحق هوندا آهن، اهي نه رڳو مالي مدد جا مستحق هوندا آهن پر اهي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جا مستحق آهن، جن کي اسان نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون. جنهن جي نتيجي ۾ اهي خوشين کي اهڙي ريت ملهائي نه سگهندا آهن تنهن ڪري اسان کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. عيد جي ڏينهن کي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪريو بلڪه جيڪڏهن ڪو غريب ۽ مسڪين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ جي سگهه نه ٿو رکي ته سندس مدد ڪري سندس اولاد جا تعليمي خرچ پنهنجي ذمي کڻو.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

آءِ آيم ايف ٽڪ ٽاڪ تي ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان‎

 

انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ عرف آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ پنهنجي وياج تي ڏنل قرضي جي قسط وياج سميت واپس ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ موجود انڊسٽري تي ڳرا ٽيڪس لڳائڻ لاءِ ڪاروبارن جي سروي ڪري جائزو وٺندي رھي آھي. ڪافي شين تي ٽيڪس لڳي چڪا آھن. انھن انڊسٽريز ۾ زراعت جيڪو ملڪ جو ڪرنگھو سمجھيو ويندو آھي تنھن کي بـ معاف نـ ڪيو آھي. ڏٺو وڃي ته زرعي انڊسٽري تي سڀ کان وڌيڪ موسمي تبديلين جو اثر ٿئي ٿو جنھن سب زراعت تباھ ٿي چڪي آھي. وري مٿان ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ ۽ نه اگھه مقرر ٿيڻ سبب رھيو سھيو حال به پورو ٿي چڪو آھي. بجلي تي ٽڪيس لڳائڻ سان گڏ گھريلو سولر نظام تي پڻ اعتراض ڪيو ويو آھي تـ ماڻهو گھرن تي آف گرڊ سسٽم ذريعي بجلي ڇو ٺاھي رھيا آھن. ان سولر بجلي کي ٽيڪس ڄار ۾ آڻن گھرجي. اھڙي اعتراض تي سرڪار ڪو خاص مطمئن ڪندڙ جواب نـ ڏئي سگھي آھي. ياد رکڻ گھرجي ته آءِ ايم ايف جو ايندڙ شڪار ٽڪ ٽاڪ مان ٿيندڙ روينيو تي ھوندو ٽڪ ٽاڪر ٽيڪس کان بچي نـ سگھندا.

 

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

 

ڪڙيو گھنور جي ارمان نظاماڻي سان انصاف ڪيو وڃي ،

 

ڪڙيو گھنور سنڌ جو هڪ تاريخي شهر آهي جيڪو خليفي محمود فقير جي نگري طور پوري دنيا ۾مشهور آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين ڪڙيو گھنور شهر جي لڳ نئون واھ اسٽاپ تي ھڪ دردناڪ واقعو پيش آيو ، انھيءَ جي تدارڪ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڏسڻ جي لاءِ ايندڙ ٻه ڇوڪرا دوست ذيشان علي ۽ ارمان علي نظاماڻي کي نئون واھ اسٽاپ تي سول ڪپڙن ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي گاڏي اسپيڊ گھٽ ڪئي ته اچانڪ ھڪ سول ڪپڙن ۾ اھلڪار پٺيان ويٺل نوجوان کي چنبو هڻي ڪيرايو ته گاڏي نوجوان جي ڪنٽرول مان نڪري سامھون ايندڙ نظاماڻي برداري جي نوجوان سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا. شاگرد ارمان علي نظاماڻي تڙپي رهيو ھو ته اتي موجود پوليس اھلڪار تماشو ڏسندا رهيا. جيڪو  لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ علاج هيٺ آهي. اڃا تائين بيھوش آهي. انھيءَ افسوسناڪ واقعي کان پوءِ ڪڙيو گھنور شهر توڙي آسپاس جي علائقن۾ ڏک ۽ رنج ۾ عوام ورتل آهي. پوليس کي ڪھڙو قانون اجازت ڏئي ٿو ته پرائيويٽ گاڏين ۾ چڙهي بنا وردي جي جتي چاھين عوام کي روڪيندا رھن. پھرين ڳالهه ته ڪو عام ماڻهو ائين اڻ سڃاڻو ماڻهو جي اڳيان گاڏي روڪيندو به ڪونه، عوام کي ڪھڙي خبر ته پوليس اھلڪار آهن يا ڦورو آهن ڇو ته پوليس جي سچاڻپ ئي وردي آهي. ٻيو پوليس موبائيل نه ھجي نه ئي وردي پاتل ھجي ته پوءِ اھا ڪھڙي قانوني فورس آهي جنهن جي اڳيان شھري جوابدھ ھجن. واقعي جو ذميوار ڪڙيو گھنور پوليس کي قرار ڏئي وارث احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪڙيو گهنور پوليس واقعي مان پاڻ کي آجو قرار ڏئي رھي آھي. ڪڙيو گھنور پوليس جو ايس ايچ او جيڪو ليکڪ شاعر آهي کي سموري حقيقت عوام جي سامھون رکندي ازالو ڪري ملوث ڪردارن کي قانون جي مطابق سزا ڏياري جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته اھو به عوام جي سامھون سچ آڻڻ گهرجي ته ڪڙيو گھنور پوليس بنا وردي ڪنهن جي حڪم تحت راھ ويندڙ ماڻهن کي روڪي چيڪنگ ڪري ٿي. آئون وزير اعلي سنڌ ، وزير داخلا سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين، ڊي ايس پي شھيد فاضل راهو کي اپيل ٿو ڪريان ته ھي ڪڙيو گھنور ۾ جيڪو ارمان علي نظاماڻي وارو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي ان جي اعليٰ سطحي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ سموريون حقيقتون عوام جي سامھون آنديون وڃن. جيئن شھرين ۽ پوليس ۾ بي اعتمادي پيدا نه ٿئي انھيءَ جي لاءِ ھر اداري کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گهنور

 

عوام سان حڪومت جو دوکو

 

ڪڏهن ڪڏهن حڪومت جا فيصلا سمجهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندا آهن، خاص طور تي جڏهن اهي عام ماڻهن جي فائدي بدران رڳو ڏيکاءُ لڳن. تازو ريلوي واري وزير اعلان ڪيو آهي ته عيد جي موقعي تي پنج خاص ٽرينون هلائيون وينديون ته جيئن ماڻهن کي گهر پهچڻ ۾ آساني ٿئي. ڪرائي ۾ رعايت جو اعلان به ٿيو پر عجيب ڳالهه اها آهي ته اها رعايت رڳو عيد جي ٽن ڏينهن دوران ملندي. هاڻي سوال اهو آهي ته ماڻهو عام طور تي عيد کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ ئي گهر ويندا آهن، ته جيئن هو پنهنجي عزيزن سان گڏ عيد جي خوشين ۾ شامل ٿي سگهن. پر حڪومت چالاڪيءَ سان رعايت انهن ڏينهن تي ڏئي رهي آهي، جڏهن گهڻو ڪري ماڻهو سفر ئي نٿا ڪن. پوءِ اها رعايت ڪنهن جي ڪم ايندي؟ اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي ته هي رڳو عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ اعلان آهي، جيڪو عملي طور تي گهٽ اثرائتو آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي عام ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ رعايت انهن ڏينهن تي ڏيڻ گهرجي جڏهن سفر ڪرڻ وارن جي رش وڌي ويندي آهي، نه ته پوءِ اها رڳو هڪ سياسي چال لڳي ٿي.

 

عظيم حسن ميتلو/خيرپور ميرس

 

اسڪول تان قبضو ختم ڪرايو وڃي

 

اسان جي سنڌ  جي تمام اعلا اختيارين وزيراعليٰ سنڌ، وزيرتعليم سنڌ، سيڪريٽري تعليم سنڌ ۽ ڊائريڪٽر لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور کي استدعا آهي ته اسان جي ايريا جي پرائمري اسڪول گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نواب خان مهر لڳ بيگاري واه مسجد، المشهور ” قبي واري مسجد“  تان تعليم دشمن مافيائن جي قبضي کي ختم ڪري  اتي تعليم شروع ڪرائي وڃي. اسڪول ۾ بنيادي گهرجون جهڙوڪ پاڻي بجلي ۽ صفائي سٿرائي جو عملو استاد مقرر ڪرائي ڏنا وڃن ته جيئن اسان جا ٻارڙا تعليم جهڙي بنيادي حق کي حاصل ڪري سگهن. جنهن لاءِ اسان وزيراعظم پاڪستان جي پورٽل تي پڻ درخواست ڏني پر بدقسمتي سسٽميٽڪ ڪمپيوٽر جواب ۾ ڄاڻايو ته تعلقه ايجوڪيشن آفيسر شڪارپور ان اسڪول کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي رپورٽ ڏني ته ان نالي جو ڪو اسڪول ناهي جڏهن ته اتي سرڪاري بلڊنگ اسڪول جي ڏنل آهي جيڪا اڄ به موجود آهي. اهو سوال ته سيڪريٽري سنڌ اسڪولز ايجوڪيشن کان ٿيڻ گهرجي ته جيڪو تعلقه آفيسر اسڪولن کان اڻ ڄاڻ آ اهو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ڪيئن لڳو؟ جنهن بابت يقينن اسڪول ايجوڪيشن محڪمو ئي جواب ڏئي سگهندو سو اسان جي استدعا تمام بالا اختيارين کي آهي ته اسڪول تان جلد قبضو ختم ڪرائي تعليم جو سلسلو شروع ڪرائي ڏنو وڃي ۽ قبضه مافيائن کي تعليم دشمن سرگرمين کان پري رکيو وڃي. شڪارپور جي تمام اسڪولن کي چؤديواري ڏئي ازسر نو سٽي سروي آفيس شڪارپور کان سروي ڪرائي اسڪولن جي زمين کي محفوظ ڪرائيو وڃي. تعليم دوست بڻجو پنهنجن اسڪولن جي حفاظت ڪيو.

 

استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور

 

سنڌ جي بزرگن جي تاريخ

 

سنڌ جي بزرگن جي تاريخ ۾ حضرت سخي خير الدين شاه جيلاني، المعروف جئي شاه بادشاه، جو نالو عقيدتمندن لاءِ تسڪين الروح جو سرچشمو آهي. بغداد جي مقدس ماحول مان نڪتل هيءُ روحاني مسافر سنڌ جي سرزمين تي محبت، خدمت ۽ روحاني معرفت جو اهڙو چراغ روشن ڪيو، جيڪو صدين کان ماڻهن جي دلين کي منور ڪري رهيو آهي. حضرت جئي شاه بادشاه 911 هجري (1505ع) ۾ بغداد شريف ۾ پيدا ٿيو. سندن سلسلو حضرت عبدالقادر جيلاني رحه جي ڇهين پيڙهي سان جُڙيل هو. ننڍپڻ کان ئي روحاني رياضت، معرفت، ۽ خدمتِ خلق جي خاصيتن سان سرشار هئا. سندن روحاني سفر سنڌ تائين آيو، جتي اوهان پنهنجي تبليغ، اخلاص ۽ فيض سان ماڻهن کي تصوف جي راهه ڏيکاري. اوهان جو روحاني مرڪز سکر جي چلا گاهه (سول اسپتال جي ويجهو) هو، جتي عبادت، رياضت، ۽ مريدن جي تربيت جو سلسلو هلندو رهيو. سائين جئي شاه بادشاه جو پيغام وحدانيت، خدمت ۽ عشقِ الاهي تي ٻڌل هو. سندن خانقاه علم، معرفت ۽ روحاني سڪون جو مرڪز هئي. عام ماڻهو، عالم، فقير ۽ سالڪ اوهان جي مجلس ۾ حاضر ٿيندا، جتي دين، تصوف ۽ انساني ڀلائيءَ جا سبق ملندا هئا.اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا صوفي شاعر به ساڳي راهه تي هليا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه هن روحاني واٽ بابت چوي ٿو:

ويا جي ويجھا ٿيا، جي ويا تنين ۾،

چونديون تنين جون، ناهين ڪي مَ چون،

رهيا جي رحمت سين، سي نه رڻ ۾ رون.

حضرت جئي شاه بادشاه جي مزار پراڻو سکر ۾ واقع آهي. هنن 27 رمضان المبارڪ 1017 هجري (1617ع) ۾ وفات ڪئي. هر سال ان تاريخ تي اوهان جو عرس وڏي عقيدت ۽ روحاني جذبي سان ملهايو ويندو آهي، جتي صوفيانه محفلون، نعت خواني ۽ دعا جا سلسلا ٿين ٿا. درگاهه جو انتظام پيرزاده خاندان سنڀالي ٿو، جيڪي خادمانِ درگاهه طور پنهنجي خدمتن ۾ مصروف آهن. مزار تي روزانو سوين زائرين ايندا آهن، جيڪي دعا گهرن ٿا، منتون ڪن ٿا ۽ روحاني سڪون حاصل ڪن ٿا.

 

محمد امين مھر

 

ڇا پ پ ڪئنالن جي واقعي مخالف آھي؟؟

 

ڪو وقت هو جڏهن 90 واري ڏهاڪي دوران ن ليگ حڪومت سنڌو درياه جي پاڻي مان زبردستي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ پئي چاهيو ته ان وقت محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن سان گڏجي ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم منصوبي خلاف تاريخي ڌرڻو هنيو ليڪن اڄ اها ساڳي پ پ سنڌ جي لکين ماڻھن جي جياپي سنڌو  درياھ کي وڪڻي پنجاب سرڪار کي ڇھ ڪئنال ڪڍي ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آھي  جنهن جي نه هو ظاهري  حمايت ڪري رهي آهي نه وري مخالفت  پ پ جي هن لڪل سنڌ دشمن  پاليسي کي سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ويو آھي ته صدر زرداري پنهنجي وڃڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي 56 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ سنڌ ۾ پ پ کي ايندڙ مستقبل ۾ حڪمران جماعت رهڻ خاطر سنڌ جي تمام وسيلن جو ڳجھه ڳوھ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ايڏو وڏو سودو ڪري رهيو آھي وصدر زرداري پاليامينٽ ميمبرن جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي شديد هنگامه آرائي بعد کين ڪينالن جي معاملي تي پنهنجي تقرير ۾ ٿڌي مخالفت وارو بيان جاري ڪري پنهنجي سر تان بار لاهڻ جي ڪوشش ته ڪئي آھي پر پ پ اندروني طرح هن معاملي تي ٻڏتر جو شڪار آھي.  پ پ جي محترم بينظير ڀٽو ۽ زرداري واري پاليسي ۾ سنڌ جي عوام کي ڏينهن رات جو فرق نظر اچي رهيو آھي.  ڀٽو خاندان سنڌ ۽ پاڪستان جي وسيلن ۽ جمهوريت خاطر جانيون ڏنيون پر وسيلن ۽ ادارن کي هرگز نه وڪڻڻ ڏنو.  پ پ جي پراڻي قيادت اهو سوچي  ٿي ۽ موجوده پ پ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ خاطر سموري سنڌ کي به وڪڻڻ چاهي ٿي. معاملو هن وقت سنڌ جي جياپي يعني پاڻي جو آھي سنڌو درياه مان ڇھه ڪينال جيڪڏهن ملڪ جون سگهاريون ڌريون ٺاهي به وڃن ٿيون ته سنڌ جي ماڻھن کي ايم آر ڊي  تحريڪ جيان جاني قربانيون ڏيڻ  کان ٻيو  ڪوبه گس نه رهندو. هن وقت گڊو کان ڪراچي ڪيٽي بندر تائين سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياه مان مٺي پاڻي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب زهريلو پاڻي واپرائي رهيا آھن. جتي لکين ماڻھن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي ڳنڀير صورتحال وٺي چڪو آھي  ان کان علاوه زراعت جنهن کي سنڌ جي ماڻھن لاءِ ڪرنگهي مثل سمجهيو ويندو رهيو آھي اها به تباهي طرف  وڃي  رهي آھي. پوءِ پ پ پنهنجي اقتدار بچائڻ خاطر سنڌو مان ڪئنال ڪڍرائي پنهنجي پير تي ڪهاڙو ڇو هڻي رهي آھي ۽ سنڌو درياھ مان ڇھه ڪئنال ڪڍي پ پ سنڌ کي خوشحال ڪڏهن به نٿي بڻائڻ چاهي بهرحال ڪئنالن جي معاملي تي  پ پ ڀلي مخالفت يا منافقت واري سياست ڪري پر باقي عوام سنڌو کي هرگز سڪائڻ نٿي چاهي جنهن جو هو وچن ڪري چڪي آھي.

 

محمد اسماعيل  لانگاھ/  ڊرگھ بالا ڪاڇو

 

هارين جي محنت، ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ باھ جو خطرو

 

ڪڻڪ جي فصل جو موسم هارين لاءِ صرف ڪٽائي جو وقت نه هوندو آهي، بلڪه اها سندن محنت جو امتحان به هوندو آهي. پوکي جي شروعات ۾ جڏهن هو ٻج پوکين ٿا ته هر داڻي سان پنهنجي اميدن کي به ڌرتيءَ حوالي ڪن ٿا. پوءِ اهي اميدون هاريءَ جي محنت، پگھر ۽ ڌرتيءَ جي شفقت سان جرڪندي، پوکيءَ ۾ تبديل ٿينديون آهن. هر ڏينهن جي جاکوڙ سان، هي ننڍڙا ٻج وڻجندا آهن ۽ آخرڪار انهن جا سنهري سنگ لهرون بڻجي، سڄي ٻنيءَ تي سون جيان ڇانئجي وڃن ٿا. هيءُ منظر ڪنهن به هاريءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ محنت جو ثمر آهي، جيڪو هاڻ هٿ اچڻ وارو آهي. جڏهن ڪڻڪ تيار ٿي وڃي ٿي، ته ڪٽائي جو عمل شروع ٿيندو آهي. صبح جو سج اڀرڻ سان گڏ، هاري پنهنجا هٿيار کڻي، ٻنين جو رخ ڪندا آهن. ڪڏهن ڏاٽي سان، ته ڪڏهن جديد زرعي مشينري ذريعي اهي سنهري سنگ ڪٽي گڏا ٻڌندا آهن. انهن گڏن کي هڪ هنڌ ڍير ڪيو ويندو آهي، جتان پوءِ ٿريشر ذريعي ڪڻڪ جا داڻا الڳ ڪيا ويندا آهن. هيءُ منظر ڏسڻ ۾ ته عام لڳي ٿو، پر ان جي هر وک ۾ هزارين ساعتن جي محنت شامل هوندي آهي، جيڪا ڪنهن به هاري لاءِ قيمتي سرمايو هوندي آهي. پر جيئن جيئن هي خوشيءَ جو وقت ايندو آهي، تيئن ان سان گڏ هڪ وڏو خطرو به ظاھر ٿيندو آهي: باهه! هر سال، ڪيترا ئي هاري پنهنجي سڄي سال جي محنت صرف هڪڙي لاپرواهيءَ سبب وڃائي ويهندا آهن. هوا جي تيز جھوٽن ۾ بيٺل خشڪ ڪڻڪ، گڏا ۽ انھن جو ٺھيل ڍير ان نڪرڻ کان اڳ ھڪ وڏي خطري ۾ ھوندا آھن۔ ٿريشر مان نڪرندڙ چڻنگون، ڪڏهن ڪڏهن، هڪ معمولي سگريٽ جو ٽُڪرو، ٻرندڙ تيلي يا بجليءَ جي تارن مان نڪرندڙ چڻنگ، سموري پوک کي چند منٽن ۾ رک ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. اهو نقصان صرف هڪ هاري جو ناهي پر پوري ڳوٺ جو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي فصل هزارين ماڻهن جي روزي جو وسيلو هوندو آهي. اسان سڀني جو فرض آهي ته ان محنت جي حفاظت ڪريون. اچو ته فصلن جي ويجهو سگريٽ يا ٻيون ٻرندڙ شيون ڦٽيون نه ڪريون. زرعي مشينن جو صحيح استعمال ڪريون ته جيئن انهن مان ڪا به چڻنگ نه نڪري. جيڪڏهن ڪٿي باھ لڳي ته ترت ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ هارين کي خبردار ڪريون ته هو احتياط ڪن. هي فصل فقط اناج نه پر ان ۾ هزارين خواب، اميدون ۽ بي انتها محنت شامل ھوندي آهي. ان جي حفاظت ڪرڻ صرف هارين جي نه پر اسان سڀني جي ذميواري آهي. اچو ته گڏجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سون جيان چمڪندڙ فصل کي باھ کان محفوظ رکون، ته جيئن ڪنهن به هاريءَ جي اکين ۾ پنهنجي محنت کي ضايع ٿيندي ڏسي ڳوڙھا نه اچن ۽ ان جو سڄو سال محنت ڪرڻ باوجود ڦل نه ملڻ جي ڏک، تڪليف ۽ پيڙا مان نه گذري.

 

ناصر علي جلباڻي/ھوت خان جلباڻي