هڪ چٺي وس وارن چونڊيل نمائندن ڏانهن!
ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعي جي سرحد تي قائم هاڪڙو پراڻ تي موريون نه هجڻ ڪري حادڻا روز جو معمول بڻيل آهن، موريون نه هئڻ ڪري ڪاٺين سان معمولي بند ٻڌل آهن جنهن ڪري روز حادثا پيش اچن ٿا. ڇهن مهينن جي عرصي دوران هاڪڙو پراڻ ۾ پنج عورتون فوت ٿي ويو آهن ۽ ٻارنهن کان وڌيڪ مرد ۽ ننڍڙا ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندن سار نه لڌي آهي. هاڪڙو پراڻ تي موريون نه هجڻ ڪري فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي پر ڪو به وس وارن آفيسرن نوٽيس وٺڻ جي زخمت نه ڪئي آهي ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ڄار پتڻ جي رهواسڻ ناري نور خاتون زال اسحاق لنڊ جو پراڻ ندي تان پير سلپ ٿيڻ ڪري پراڻ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي هئي. ڳولا بعد لاش هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو هو. ڀرپاسي جي رهواسين هن چٺي وسيلي چونڊيل نمائندن کان اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي هاڪڙو پراڻ تي پڪيون موريون ٻڌائي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر
ماڻڪ ڪنگراڻي سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو
سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي دنيا ۾ ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو نالو هڪ روشن ستاري جيان چمڪي ٿو. هن جي زندگيءَ ۽ ڪم جي باري ۾ ڄاڻڻ سان اسان کي سندس عظيم شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن جو اندازو ٿئي ٿو. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي هو، جيڪو 26 مارچ 1978ع تي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو سومار خان ڪنگراڻي هو. هن پنهنجي پرائمري تعليم 1990ع ۾ گل محمد گنب جي حڪومتي پرائمري اسڪول مان، ميٽرڪ 1995ع ۾ جوهي جي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر 1997ع ۾ جوهي جي ڊگري ڪاليج مان مڪمل ڪئي. ان کان پوءِ هن بي اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي ادبي ۽ ميڊيا ۾ خدمتون انتهائي اهم آهن. هن سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ صحافت ۾ ڪم ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي “رامون جي عيد” 1993ع ۾ شايع ٿي. هن ڊراما 2003ع کان لکيا ويا، جن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تي نشر ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ ٻين چينلن تان به ڊراما هليا. سندس نمايان ڊرامن ۾ شامل آهن بدلتا هي رنگ (اردو)، ريشمي ڏور، اڌورو خواب، رڻ ۾ رات ٺري، کاٽ، مياڻ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور. هن کي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي طرفان بهترين ڊرامانگار جو ايوارڊ به مليو. هن جي ڪمھلي موت تي سندس ڪٽنب، خاص طور تي ڀاءُ عزيز ڪنگراڻي ۽ اڪبر ڪنگراڻي، سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي، ۽ مرحوم لاءِ جنت ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جي دعا ڪئي وئي آهي. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي وفات سنڌي ادب ۽ ثقافت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سندس ڪم ۽ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندس ياد ۾ اسان کي سندس ادبي ورثي کي زنده رکڻ گهرجي. سندس ڪهاڻيون، ڊراما ۽ شاعري سنڌي ادب جو هڪ اهم حصو آهن، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ به مشعل راهه بڻجندا. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جي ادبي ورثي ۾ صرف شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڊراما محدود نه آهن؛ پر سندس صحافتي خدمتون پڻ انيڪ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻيون. هن جي تحريرن ۾ جتي انساني احساسن جي سچائي ۽ لطافت نظر اچي ٿي، اتي ئي هڪ مضبوط پيغام به آهي ته زندگيءَ جي هر ڏکيائيءَ ۾ انسان کي پنهنجي عزت ۽ خود اعتمادي کي قائم رکڻو پوندو.انهيءَ ڪري، سندس وڇوڙيءَ سان نه صرف سنڌي ادب کي وڏو نقصان پهتو آهي، پر سماجي شعور ۽ ادب جي دنيا به هڪ اهڙي چمڪندڙ ستاري کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن جي روشني هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي.
سيد غلام مصطفيٰ شاھ
سورهيه بادشاھ
سنڌ ڌرتي ڪيترائي بھادر انسان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي مٽي جو مان مٿانھون ڪيو آهي پير سائين پاڳارو جنھن کي سورهيه بادشاههه سڏجي ٿو انهن مانجھي مردن مان ھڪ ھو، سورهيه بادشاهه 13 صفر 1327ھـ مطابق 4 مارچ 1909ع تي خيرپور ميرس جي ڀرسان پير ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو سيد محمد صبغت الله شاھ آهي ھن گادي جو سلسلو سندن ڏاڏي سيد محمد راشد سان ملي ٿو جنهن کي روضي ڌڻي بـ سڏيندا آهن. پير سائين پاڳارو ۽ حر جماعت ھمشه اسلام جي سر بلندي خاطر ڪوشان رهيا آهن. مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دور ۾ سيد صبغت الله شاهـ اول سکن خلاف جھاد جو اعلان ڪيو. سورهيه بادشاهه اڃا 13سالن جو ھو ته سندس والد شاھ مردان شاھ اول وفات ڪري ويو. ان ڪري پاڻ ننڍي وھي ۾ درگاھ جا سجادھـ نشين ٿيا، انگريز سرڪار ھن ننڍڙي عمر واري پير سائين پاڳاري کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لا خطاب ۽ تلوار ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر اھو چئي انڪار ڪيائون ته اسان لاءِ پير پاڳاري جو خطاب ئي ڪافي آهي. انگريزن کي سندن اھا ڳالهه ڪانه وڻي سو ھٿيار رکڻ جو بھانو بڻائي 26 مارچ 1930ع تي کين گرفتار ڪيائون. سورهيه بادشاهه 1931ع ۾ جيل اندر ھڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ آزادي جي شعور بابت وضاحت ڪيائون ۽ اھو ڄاڻايائون ته “انسان غلام ٿيڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آهي آزادي جو تعلق انسان سان ايئن آهي جيئن دل جو دماغ سان رت جو رڳن سان ڦڦڙن جو ساھ سان” سورهيه بادشاهه تي بغاوت جو ڪيس ھلائي 20 مارچ 1943ع تي کيس سوري چاڙھي شھيد ڪيو ويو. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي اھڙن ئي سورهيه سرويچن لا فرمايو آهي ته
سوري سڏ ٿيو ڪا ھلندي جيڏيون
(وڃڻ تن پيو نالو نينھن ڳنھن جي
سندس فرزند سيد شاھ مردان شاھ ثاني 4 فيبروري 1952ع تي تي پير پاڳارو ستون گادي تي ويٺو ۽ 1 اپريل 1952ع تي حڪومت لوڙھن کي ختم ڪري سڀني حرن کي آزاد ڪيو. سورهيه بادشاهه پنهنجي وطن تان قربان ٿي اسان لاءِ ھڪ سھڻو ۽ يادگار مثال ڇڏي ويو.
سھيل احمد زرداري/ سرھاڙي
بلوچستان: وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سياسي جماعتن جي ناڪامي
بلوچستان جو مسئلو هميشه کان هڪ پيچيده ۽ حساس معاملو رهيو آهي، پر ويجھڙائي ۾ ان جي شدت ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. احتجاجي مظاهرا، جبري گمشدگيون ۽ رياستي ادارن جي سخت ردعمل نه رڳو عوام ۾ بيچيني وڌائي آهي، پر ملڪ ۾ هن مسئلي تي نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. هي چوڻ غلط نه ٿيندو ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار پنهنجي جاءِ تي، پر بلوچستان جي بحران کي وڌيڪ الجهائڻ ۾ پاڪستان جون سياسي پارٽيون به برابر جون شريڪ آهن. هن مسئلي جي حل لاءِ جيڪا سياسي جرئت گهربل هئي، سا ڪنهن به حڪومت ۾ نظر نه آئي. حقيقت اها آهي ته جيڪي ٿوري گهڻي جرئت ڪجهه سياسي تنظيمن ۾ موجود هئي، سا به آهستي آهستي ڪمزور ٿي وئي ۽ آخرڪار حڪمران اشرافيا جي مفادن جي تابع ٿي وئي. بلوچستان جي عوام جون محروميون، وسيلن جي غير منصفاڻِي ورهاست، سياسي بي دخلي ۽ حقن کان محرومي اهي بنيادي عنصر آهن، جيڪي اتي جي ماڻهن ۾ بيچيني ۽ ڪاوڙ وڌائي رهيا آهن. مسلسل واعدن، ڪاميٽين ۽ عارضي سڌارن سان مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ سنگين ٿيندو پيو وڃي. بلوچستان جي عوام کي حقيقي شموليت ڏيڻ کان سواءِ انهن جي مسئلن کي طاقت يا نظرانداز ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪري، حالتون بهتر نٿيون بڻجي سگهن. جيڪڏهن ماضي ۾ ڪا به حڪومت يا سياسي جماعت سنجيدگي ۽ جرئت سان بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ها ته اڄ شايد صورتحال مختلف هجي ها. پر افسوس ته هر حڪومت عارضي مفادن کي ترجيح ڏني، جنهن جو نتيجو اڄ احتجاجن، بغاوتن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. هاڻي به جيڪڏهن بلوچستان جي مسئلي کي ايمانداري، ڳالهه ٻولهه ۽ سياسي تدبر ذريعي حل نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ان جا نتيجا وڌيڪ پيچيده ۽ سنگين ٿي سگهن ٿا.
علي رضا سومرو/ڪراچي
بَيتُ المُقَدِّسَ جِي آزادِي اَڻٽَرُ بَڻِجِي وَئِي
هر سال رمضان المبارڪ جي آخري جمعي کي ”بيت المقدس“ جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد قبله اول بيت المقدس جي آزادي لاءِ نئين عزم کي اجاگر ڪرڻ آهي. هي معاملو 1948ع ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن اسرائيل فلسطين جي 22 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي ته بچيل 22 فيصد تي قبضو ڪري پوري فلسطين تي ڪنٽرول ڪري ورتو. اسرائيل جا اهي قدم ايتري قدر خطرناڪ بڻجي ويا آهن جو هن مهل تائين اقوامِ متحده ڪيترين ئي قراردادن ۾ ان جي مذمت پڻ ڪري چڪي آهي ۽ پوري دنيا اسرائيل جي جارحانه حرڪتن کي ننديندي ان قراردادن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي پر افسوس اسرائيل جي خلاف ڪوبه قدم نه ٿو کنيو وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته اسرائيل کي آمريڪا جي سرپرستي حاصل آهي جيڪو پوري اسلامي دنيا کي پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت اسرائيل نه صرف فلسطين جي زمين تي قابض ٿي رهيو آهي پر انهن جي مٿان ڏينهون ڏينهن ظلم جا پهاڙ ڪيرائي انساني حقن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي. هزارين فلسطيني مرد توڙي عورتون اسرائيل جي قيد خانن ۾ صعوبتون برداشت ڪري رهيا آهن. لکين بيگناهه ٻارڙن ۽ بزرگن جو قتل عام ڪيو ويو آهي. ايتري تائين جو غزا پٽي مڪمل طور مسمار ڪئي وئي آهي. جڏهن 1967ع ۾ اسرائيل، آمريڪا جي مدد سان فلسطين، مصر، شام ۽ اردن تي حملا ڪيا ته سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 242 ۽ 337 جي ذريعي اسرائيل جي مذمت ڪئي ۽ ان کي چيو ويو ته فوري طور تي والاريل عرب علائقا خالي ڪري، پر اڄ تائين اسرائيل اهي علائقا واپس ناهن ڪيا بلڪه ويتر انهن علائقن کان اڳتي وڌي مسلمانن جي قبله اول بيت المقدس تي قابض ٿي ويو آهي. اسرائيل جي اها بدمعاشي رڳو امريڪا جي ڪري آهي. هو هر موقعي تي اسرائيل کي بچائي مسلمانن مٿان حمله آور ٿئي ٿو. مسجد اقصيٰ ۽ بيت المقدس جو معاملو ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي. بيت المقدس جي آزادي هڪ اهڙو مقصد آهي جيڪو هر باضمير مسلمان جي دل ۾ آرزو ۽ آس بڻجي ڌڙڪندو رهي ٿو. بيت المقدس جي آزادي لاءِ پوري ملت اسلامي کي بيدار ڪرڻ ضروري آهي جيڪڏهن اتحاد جي فضا قائم نه ٿيندي ته يهودي لابي عرب ملڪن سان گڏ سمورن اسلامي ملڪن تي قابض ٿي ويندي. مسلم ملڪن جي مضبوط اتحاد نه هئڻ سبب اڄ غزه جي وڪوڙيل فلسطينين، لبنان شام ۽ يمن جي صورتحال کي ڏسي سگهجي ٿو جتي اسرائيل امريڪا رت جا ريج ڪري ڇڏيا آهن. انساني حقن جا دعويدار مغربي ملڪَ حسب معمول خاموشي سان تماشو ڏسي رهيا آهن انهن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي. امام خميني رح آمريڪا جي مڪاري ۽ اسرائيل جي نابودي جو دڳ اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن توهان انهن کان خوفزده ٿيندو ته اهي توهان تي قابض ٿي ويندا ان ڪري سمورا مسلمان گڏجي هڪ هڪ بالٽي پاڻي جي اسرائيل مٿان هاريندو ته اسرائيل تباهه ٿي ويندو. ائين امريڪا جو گڏيل سگهه سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز