ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي سبب ٻيرن جا وڻ ۽ ٻير ناياب ٿيندا پيا وڃن
ڪنهن وقت ۾ وک وک تي ٻير جا وڻ ھوندا هئا ۽ ننڍي ھوندي ڪاڇي جي علائقي ۾ ڳوٺ جا اسڪولي سنگتي ساٿي راند روند ڪندي ٻير جي وڻ تي وڃي ڀاڱي تي ٻير چونڊيندا هئاسين. اھو ڪيڏو نه خوبصورت وقت ھوندو ھو. ٻير گڏ ڪري خوش تي کائيندا هئاسين. پوءِ جيڪي بچندا هئا گهر آڻيندا هئاسين. اهي ٻير سئي سان ڌاڳن ۾ پوئي هار ٺاهي سڪائڻ لاءِ ڪمري جي ڀتين تي ٽنگي ڇڏيندا هئاسين. جڏھن گرمين جي مند ايندي هئي ته اهي هار لاهي ڌوئي ڪوڪلا ٻير کائيندا هئاسين. انهن اڻ مندائتن ٻيرن کائڻ جو مزو ئي الڳ هو. افسوس اڄڪلھه سنڌ سميت پوري ڪاڇي ۾ وڻن جي واڍي سبب ٻٻر، ڪنڊي، ڄار، لئي سميت ٻير جو وڻ به ناياب ٿيندو پيو وڃي. جڏهن شاھ لطيف سرڪار ٻير جي وڻ مان گذريو پئي ته اتي ڪجھه ڇوڪرا ٻير کي ڀتر ۽ ڇاپڙ ھڻن پيا انھن کي ڏسي شاھ سائين ھي بيت چيو:
وَڻَ ٿا ميوو ڪَنِ، پاڻَ نَه کائِنِ پانهنجو،
ٺِڪَرَ ڀِتَرَ ڇاپَڙون، ڌُوڻا ڌارَ سَهَنِ،
پَسو لَڄَ لَطيفُ چَئي، ڪيڏَي کي وَڻَنِ،
ڦِرِيو ڦَرُ ڪَنِ، ٻارِهين ماھه ٻِيَنِ لَئي.
ٻير ھڪ عام مشھور وڻ آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آھي. ھن وڻ جو ڦر ”ٻير“ آھي، جيڪو ميوي طور استعمال ٿيندو آھي. ماڻھو ٻيرن جا باغ به لڳائيندا آھن، ھن وڻ جي ڪاٺي گھڻي قدر ٻارڻ جي ڪم ايندي آھي ۽ هن وڻ جي ڪاٺي مضبوط ٿيندي آهي هن جي ڪاٺي مان کٽ مضبوط ٺهندي آهي. ٻير جي وڻ جي ٽارين ۾ ڪنڊا تمام گھڻا ٿيندا آھن، جيڪي طوطي جي چھنب وانگر مڙيل ٿيندا آھن. ٻير ۾ ڪپڙو يا ڪا شيءِ اٽڪي ته اھا مشڪل سان ڇڏائي سگھبي آھي، تنھن ڪري ”ٻير جي ڍنگھريءَ ۾ ڦاسي پوڻ“ وارو اصطلاح عام آھي. سنڌ ۾ ٻيرين جا ٽي قسم ٿيندا آھن (1) سنڌي ٻير (2) صوفي ٻير ۽ (3) ڄاڱري ٻير، جنھن کي ڇاپرو ٻير به چون. ٻيريون مال لاءِ چارو ۽ ماڻھن لاءِ ميوو پيدا ڪن ٿيون، صوفڻ ٻيريون قلمي ٿينديون آھن، ان کان سواءِ ”آمڻ ٻيريون“ به ٿين، جيڪي عام طور گھرن ۾ پوکيون وينديون آھن، ماڻھو خاص ڪري ڄاڱريون يا جھنگلي ٻيريون وڍي، ان جا پن ڇاڻي، گھرن ۾ رکندا آھن، جن کي پلؤ به چيو ويندو آھي، اھو پلؤ چوپائي مال جي کاڌي طور استعمال ٿيندو آھي، ٻيرين جي ڍنگھرين مان ماڻھو گھرن جا لوڙھا ٺاھيندا آھن. اڄڪلھ به سنڌ سميت ڪاڇي جابلو علائقن ۾ ڄاڱري ٻيرن جي ٽارين مان لوڙها ڏنا ويندا آهن. ڄاڱرين ٻيرين ۾ ٻير ننڍا، سنھا ۽ ذائقيدار ٿين ٿا. ٻير جو وڻ انسانن توڙي جانورن لاءِ وڏو ڪارائتو وڻ آھي. لوڪ يا گهريلو ٽوٽڪو آهي ته ٻير جي پنن کي پيھي زخمن تي ٻڌڻ سان انھن جو گند سڪي وڃي ٿو. ھن وڻ جي ٽاري، ٻڪريون شوق سان کائينديون آھن. ٻير جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان کٽن جا اوپرا ۽ اِيسون (سيرون ۽ ٻانھيون) ٺاھيندا آھن. ٻير جي وڻ ۾ ويٺل ماکي، کاڄ (ماکي) گھڻو ٺاھيندي آھي. (حصو پهريون)
منٺار شاھاڻي/ ڪاڇو
ڪئنالن جي اڏاوت سنڌ سان وڏو ظلم
ڪيتري نه ستم ظريفي آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي هڪ حصي ۾ ٻئي حصي جي تباهي تي ترقي چاهي ٿي. موجوده حڪومت سنڌو درياهه مان پاڻي ڪڍي چولستان جي بنجر زمين کي سيراب ڪرڻ لاءِ بضد آهي جنهن کي سنڌ صاف لفظن ۾ رد ڪري ٿي. سنڌو درياهه ۽ ستلج ۾ پاڻي جي سالياني کوٽ بابت ارسا جي رپورٽن کي ڏسندي، چولستان ۾ هزارين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪرڻ جو منصوبو هڪ پاگل پن کان گهٽ ناهي. تربيلا ۽ منگلا ڊيم تيزي سان ڊيڊ ليول جي ويجهو اچي رهيا آهن ۽ ارسا ايندڙ فصلن جي موسم لاءِ پنجاب ۽ سنڌ کي 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جي وارننگ جاري ڪئي آهي. ھن منصوبي ۾ڪجهه حڪمرانن يا فردن جا ڪاروباري مفاد آهن. اهو وقت آهي ته حڪومت منصوبي کان پوئتي هٽي وڃي ۽ سنڌو درياهه جي ڊيلٽا ۽ سنڌ جي زرخيز زمين کي تباهي کان بچائي.
ڪامران اختر صديقي/ سکر
هڪ چٺي ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر ڏانهن!
ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ کوهي مورا، ڳوٺ نڀڙوڪر مورا، ڳوٺ ويسرياٻھ سميجا،ڳوٺ گرڙاٻھ،ڳوٺ ٻانڌو مورا ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ سياري جي موسم چينج ٿيندي ئي کنگھه، بخار، زڪام، جو وائرس تيزي سان پکڙجي ويو آهي. ننڍا توڙي وڏا ماڻھو کنگھه، زڪام، بخار جي وائرس ۾ مبتلا آهن. ان سلسلي ۾ ڀرپاسي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موسم چينج ٿيڻ ڪري وائرس تيزي سان مختلف ڳوٺن ۾ پکڙجي ويو آهي انتظاميا اڃان تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي. ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته ترت نوٽيس وٺي مختلف ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن جون موبائيل ٽيمون موڪلي ننڍن ٻارن ۽ وڏن ماڻهن جي چڪاس ڪري موسمي وائرس جهڙي موذي مرض جو علاج ڪيو وڃي جيئن ٻيا مريض هن وائرس کان بچي سگهن.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر
ڇا ڪتابن کي پڙھڻ جو رجحان گھٽجي رھيو آھي؟
ڪتاب جيڪي اسان جا بھترين دوست ھئڻ سان گڏ اسان کي سڌي واٽ پڻ ڏيکاريندا آھن. پر اڄڪلھه ڏسجي ته ڪتابن کي پڙھڻ جو شوق ڏينھون ڏينھن گھٽجي رھيو آھي. اڳي ماڻھو وڏي شوق سان ڪتاب پڙھندا ھئا انھن ۾ اھي اڪثر ڪھاڻين جا ڪتاب پڙھندا ھئا. پر اڄ جي ان جديد دور ۾ ڏسجي ته ڪتابن کان انسان ڏينھون ڏينھن پاسيرو ٿيندو پيو وڃي. ان جو مکيه سبب موبائل فون جو اچڻ آھي. موبائل فون جو استعمال ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو آھي. توھان کي ھر ٻار وٽ فون ڏسڻ ۾ ايندي. جيڪا انھن جي پڙھائي واري عمر ۾ انھن جي ھٿن ۾ ڪتابن جي بدران موبائل فون اچي وئي آھي. جيڪا انھن کان پڙھائي وارو شوق ختم ڪري رھي آھي. اھي ٻار رات جو ٻارھين وڳي تائين موبائل فون ويٺا ڏسندا آھن. تمام والدين کي اھو عرض ڪندس ته پنھنجي ٻارن کي موبائل فون جي استعمال کان روڪيو. انھن کي ڪتاب پڙھائڻ جي عادت وجھو . انھن کي فارغ وقت ۾ موبائل جي بدران ڪجھ ڪھاڻين ۽ ڊرائنگ وارا ڪتاب وٺي ڏيو جيڪي اھي فارغ وقت ۾ ويھي پڙھن
مير وسيم عباس ٽالپر/سرھاڙي
پنج معذور ٻارڙن جي امڙ جون دانهن
پنگريو ڀرسان ڳوٺ سليمان کوسو جا رهواسي هٿن پيرن کان معزور بڻيل علي احمد کوسو جا پنج ٻارڙا بيوسي لاچاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. پورهيت علي احمد کوسو ٻارڙا جن ۾ ٻه نياڻيون ٽي پٽ ننڍپڻ ۾ ته صحتمند هئا پر جڏھن پنج کان ڏھ سال جي عمر تي پهتا ته معصوم ٻچڙن جي هٿن پيرن سُڪڻ شروع ڪيو. مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پيءُ وٽ علاج جا پيسا نه هئڻ ڪري معصوم ٻچڙا ڦوهه جواني ۾ معذوري جو شڪار بڻجي ويا. نوجوان نياڻين ۽ پٽن کي سندن امڙ اٿاري ۽ ويهاري ٿي. ڪمائي جو ذريعو نه هئڻ ڪري هڪ ويلو کائن ته هڪ ويلو بک تي گذاري رهيا آھن. معذور ٻچرن جي امڙ وزيراعليٰ سنڌ صوبائي وزير عشر زڪوات سميت وس وارن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته فاقا ڪشي واري زندگي گذاريندڙ معذور ٻچرا رمضان جي هن ڀلاڙي مهيني ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ويتر ڪمزور بڻجي رهيا آھن. اعليٰ اختيارن کي گهرجي ته سندن سار لهي معذورن جو علاج ڪرايو وڃي. جيئن هو صحتمندي واري زندگي گذاري سگهن يا کين وظيفو مقرر ڪري ڏنو وڃي. جيئن هو بيوسي لاچاري واري زندگي کان بچي سگهن.
آصف علي ويڙهو/پنگريو
+++++++++++++++
ابن ملجم ڪير ھو؟
حضرت علي عليه السلام جي ظاھري خلافت جو دؤر آيو ته حضرت علي عليه السلام يمن ۾ پنھنجي عامل نمائندي کي ھڪ خط لکيو ته عوام سان عدل و انصاف سان پيش اچن ۽ آخر ۾ اھو فرمايو ته اوھان پنھنجي خاص ماڻھن مان جيڪي لائق ھجن مون ڏانھن موڪليو ڪنھن خاص ڪم جي حصول جي لاءِ. حاڪم يمن ھڪ سئو ماڻهن جو انتخاب ڪيو پوءِ انھن مان به جيڪي اھم ترين شخص ھئا انھن جو انتخاب ڪيو اھي ٽوٽل ڏھ چونڊيا انھن ڏھن ۾ ھڪ ابن ملجم مرادي به شامل ھو. جڏھن ھي ٽولو حضرت علي ڪرم الله وجهه جن وٽ پھتو ته ٻين سڀني ابن ملجم کي چيو ته اسان سڀني جي طرفان تون حضرت علي عليه السلام سان گفتگو ڪجان ڇاڪاڻ ته تنھنجي زبان فصيح و بليغ آھي. ابن ملجم مولا علي عليه السلام جي شان ۾ ڪجھ شعر چيا اھي مولا علي عليه السلام جي خدمت ۾پيش ڪيا انھن سڀني شعرن جو لب لباب ھي ھو ته اسان کي اوھان تي فخر آهي اوهان بس پنھنجو حڪم ٻڌايو اوھان جي فرمان ٻڌڻ جي لاءِ اسان بيقرار آھيون، اسين سڀ توھان جي فرمان جا غلام آھيون، اسين سڀ اوھان جي قول جي فرمانبرداري ڪنداسون ۽ اسان سڀني جون تلوارون اوھان جي دشمنن جي لاءِ تيار آھن. حضرت علي عليه السلام ٿوري دير کان پوءِ انھي کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ فرمايو ته اوھان جو نالو ڇا آهي ؟ انھي شخص جواب ڏنو ته : عبدالرحمان. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن وري سوال ڪيو ته تنھنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ ھن جواب ڏنو ابن ملجم. حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ڪھڙي قبيلي مان آھيو ؟ انھي شخص جواب ڏنو ته مراد قبيلي مان! اھي لفظ ٻڌي حضرت علي ڪرم الله وجهه جن ٽي دفعا انھي شخص سان مخاطب ٿيندي چيو ته: ڇا تون مرادي آھين…. ڇا تون مرادي آھين…. ڇا تون مرادي آھين…. ائين چئي پاڻ انھي وقت پنھنجي زبان اطھر مان ھي ڪلما ادا ڪيا…انالله وانا اليه راجعون. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن وڌيڪ پڇيو ته ڇا تنھنجي دائي ھڪ يھودي عورت ھئي…؟ انھي چيو : جي ھا… حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته جڏھن تون روئندو ھئين ته تنھنجي دائي توکي ھي ڪلما چئي چپ ڪرائيندي ھئي ته اي قاتل شتر صالح کان بدتر ماٺ ٿي وڃ، چپ ڪري وڃ … ابن ملجم چوڻ لڳو ته جي ھا آقا ائين ئي آھي. حضرت علي خاموش ٿي ويا ۽ حڪم ڏنو ته ھن جي مھمان نوازي ڪئي وڃي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ابن ملجم بيمار ٿي ويو، جيئن ته انھي جو ھتي ڪير پنھنجو نه ھو ان ڪري شير خدا حضرت علي عليه السلام پاڻ خود ھن جي عيادت ڪئي ۽ ھن جي خدمت ڪئي ايتري تائين جو ھو پاڻ صحتمند ٿي ويو. ابن ملجم سندس انھي روش جي ڪري ويتر حضرت علي عليه السلام جو ديوانو ٿي ويو ۽ عرض ڪيائين ته آقا آئون اوھان کان پري ھرگز نه ويندس اوھان وٽ ئي رھندس. اھو ٻڌي حضرت علي عليه السلام جن فرمايو: انالله وانا اليه راجعون. ابن ملجم سوال ڪيو ته اي مولا انھي وقت ھي آيت پڙھڻ جو ڪھڙو سبب آھي ۽ انھي مان ڇا مراد آهي؟ حضرت علي ڪرم الله وجهه جن فرمايو ته تون منھنجو قاتل آھين… ابن ملجم اھيو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته مان ته مولا جو چاھڻ وارو آھيان انھي جو محب آھيان…ابن ملجم پنھنجو مٿو پٽي روئڻ لڳو ۽ فرياد ڪرڻ لڳو ته اي اميرالمؤمنين ھينئر جو ھينئر مون کي قتل ڪري ڇڏيو جيئن اھو واقعو پيش نه اچي. حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته تو اڃان ڪو جرم ڪيو ئي ناھي آئون ڪيئن توکي جرم ڪرڻ کان اڳ سزا ڏئي ٿو سگھان ۽ قصاص وٺان. (حصو پهريون)
ياسين علي کوسو
ايف آءِ آر داخل ڪرايو!
جيئن ته سڄي سنڌ ۾ روزانو جي بنياد تي ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون معمول بڻيل آھن ۽ مان پاڻ به ان جو شڪار رھيو آھيان. جڏھن مان 15 فروري 2023 اربع جي ڏينھن منجھند جو تقريبن 2 وڳي سنڌي ماستري واري نوڪري پوري ڪري تعلقي روھڙي جي ٽائون ڪاميٽي ڪنڌرا مان پنهنجي ڳوٺ نورآباد وڃي رھيو ھئس ته ٽن اڻڃاتل ماڻھن ھٿيار جي زور تي منھنجي موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا. جاءِ واردات تي پوليس اسٽيشن ڪنڌرا جو وڏو منشي پھتو ۽ منھنجو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ ڪجھه ڏينھن کان پوءِ تمام گھڻن منٿن کان پوءِ ڪچي ڪاغذ تي منھنجي اين سي درج ڪئي پر اھا به ھڪ ڪاغذ تائين محدود آھي. پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي يا جاچ نه ڪئي آهي، جڏھن ته اعليٰ اختيارين کي دانھن ڏجي ٿي ته ڪنڌرا ٿاڻي وارا غلط بياني ڪندي چون ٿا ته فريادي اسان ڏي آيو ئي ناھي. ھاڻي مان باقاعدا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ٿو چاھيان ڇو ته پوليس منھنجي ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري، ان جي ڪري اعليٰ اختيارين کي عرض آهي ته منھنجي ايف آءِ آر داخل ڪرائي مون استاد سان انصاف ڪيو وڃي.
سيد رميز شاھ/ روھڙي
ٻهراڙيءَ ۾ گڏيل ڪٽنب جو نظام: محبت يا مجبوري؟
اسان جي ٻهراڙيءَ ۾ گڏيل ڪٽنب جو تصور ڪنهن وقت هڪ مضبوط ۽ لازوال رشتن جو مظهر هوندو هو، جتي گڏجي رهڻ، هڪ ٻئي جو سهارو ٿيڻ ۽ خوشي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ کي بهترين زندگي سمجهيو ويندو هو. پر وقت بدلجڻ سان حالتون به بدلجي ويون. هاڻ هي ساڳيو نظام، جيڪو محبت جي علامت هجڻ گهرجي ها، اڪثر تڪرارن، نفرتن ۽ جهيڙن جو سبب بڻجي ٿو. گهڻن ئي خاندانن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن ڀائر وڏا ٿين ٿا، ته معمولي ڳالهين تان اختلاف شروع ٿين ٿا—زمين جي ورهاست، خرچن جو بوجھ، اختيار جو مسئلو ۽ انائن جي ٽڪراءُ سبب ڪٽنب ورهائجي وڃن ٿا. ڪالهه جيڪي ڀائر ساڳئي ٿالهيءَ مان کاڌو کائيندا هئا، اڄ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن. دلين ۾ ناراضگيون، وات تي الزام ۽ نتيجي ۾ خوني رشتن ۾ ويڇا—هي سڀ ڪجهه اسان جي ڳوٺن ۾ عام ٿي چڪو آهي. پر سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اهي ساڳيا والدين، جيڪي پنهنجي ڀائرن کان الڳ ٿي نئون گهر جوڙين ٿا، اُهي وري پنهنجن ٻارن لاءِ گڏيل گهر ٺاهڻ جا خواب ڏسن ٿا. بيشڪ، هي انهن جي محبت آهي، سندن خواهش آهي ته اولاد هميشه گڏ رهي، پر ڇا انهن کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي ڀائرن سان گڏ رهي نه سگهيا، ته سندن ٻار ڪيئن رهندا؟ ۽ هن نظام جو هڪ ٻيو وڏو الميو اهو آهي ته ڪجهه فرد، جيڪي شايد غريب، بي وس يا صرف “پنھنجن جي لحاظ” سبب الڳ ٿيڻ نٿا چاهين، اهي سڄي حياتي عذاب ۾ گذارين ٿا. اهي اختلافن، تڪرارن، ظلم ۽ بي حسيءَ کي سهي، زنده لاش بڻجي وڃن ٿا. انهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو ڪنهن اهڙي تڪليف ۽ پيڙاءُ ۾ گذري ٿو وڃي جيڪو کين خوشي خوشي جيئڻو ھو. ان کان علاوه، هڪ وڏو مسئلو هي به آهي ته جڏهن ورهاست جو وقت ايندو آهي ته پراڻا گهر ڊاهي نوان گهر ٺاهڻا پوندا آهن، جيڪو مالي طور تي تمام وڏو بوجھ هوندو آهي. جيڪڏهن والدين اڳواٽ ئي گهر اهڙي طرح ٺاهين، جو هر اولاد کي پنهنجي جاءِ آساني سان ملي سگهي، ته نه رڳو وڙهڻ کان بچي سگهجي ٿو، پر مالي نقصان کان به بچي سگهجي ٿو. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن، جيڪي سندن لاءِ محبت جا دروازا کولن، نه ڪي تڪرارن جا. محبت جو اصل قدر ان ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو جدا ٿيڻ چاهي ته به دلين جا رستا کليل رهن، عزت برقرار رهي ۽ ڪو به مجبور نه رهي. اچو ته هڪ نئين سوچ اختيار ڪريون، هڪ اهڙو ماحول ٺاهيون جتي نه زبردستي هجي، نه نفرتون—بس عزت، سمجهه ۽ حقيقي محبت جو ساٿ هجي!
ناصر علي جلباڻي/ ڳوٺ ھوت خان جلباڻي
ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي-قتل گاهه بڻيل…!!
هن مهل هر پاسي راڪاس وارو ماحول آھي بدامنيءَ جو راڄ، اَمن جا خواب رت ۾ وهنجڻ لڳا آهن. سنڌ جي سرزمين، جيڪا پيار، محبت ۽ ثقافت جي نشاني هئي، هاڻي دهشتگرديءَ، بدامني ۽ رت جي راند ۾ ڦاسي وئي آهي. ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي، ڪڏهن عام ماڻهن لاءِ امن جو پناهگاهه هئا، اڄ خوف هراس، ڌاڙيل گرديءَ جون نگريون بڻجي ويا آهن. ڏوهارين جي بي خوف راڄ سبب هتي ڪنهن جي به زندگيءَ محفوظ ناهي رهي. هنن علائقن ۾ روز بيگناهه ماڻهو، مزدور، واپاري، مسافر ۽ معصوم ٻار گولين جا کاڄ بڻجي ٿا وڃن.ڌار ڌار وارداتن ۾ تازو پنج جانيون به اجل جو شڪار بڻجي ويون. پر قانون نافذ ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.اناج منڊي، جتي مزدور پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ ايندا آهن، اڄڪلهه موت جو بازار بڻجي وئي آهي. تازو شيخ برادريءَ سان تعلق رکندڙ مزدور،آدم شيخ جيڪو پنهنجي ٻچن لاءِ حلال روزي ڪمائي رهيو هو، انهيءَ کي ڏوهارين گولين جو نشانو بڻائي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو. ڪنڌڪوٽ ۾ رهندڙ هندو برادريءَ جي نوجوان انيش ڪُمار کي به ڌاڙيلن نشانو بڻايو. مُعاشري جي هن پرامن طبقي سان انتهائي خطرناڪ ظلم ڪيو پيو وڃي، پر حڪومت خاموش آهي. ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي ۾ بدامني جي حالتن کي ڏسي لڳي ٿو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ناڪام ٿي ويا آهن. قتلن، ڌاڙن ۽ اغوا جي واقعن تي پوليس صرف رپورٽ داخل ڪري خاموش ٿي وڃي ٿي، پر عملي طور تي ڪا به ڪارروائي نظر نٿي اچي. عوام مايوس ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو پنهنجن پيارن جي لاشن تي روئي، انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن.گذريل ستن سالن کان ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي ۾ امن امان قائم ٿيڻ بجاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صرف واعدا ڪري رهيا آهن، پر انهن واعدن جو ڪو به نتيجو نظر نه ٿو اچي. ڏوهارين جا ٺڪاڻا سڀني کي معلوم آهن، پوليس انهن خلاف ڪوئي به اثرائتي ڪارروائي نٿي ڪري.
مختيار علي بلوچ/ تنگواڻي