سنڌي شاگردن کي فزيوٿراپي ڏانھن قدم کڻڻ گهرجي
اڄ ڪلھه ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ ڪوڙيون ۽ صحت لاءِ ھاڃيڪار دوائون ھلن ٿيون جنھن ڪري انساني جانيون تباھ ته ٿين ٿيون پر بيماريون به جنم وٺن ٿيون. نقلي دوائن کان بچڻ لاءِ فزيوٿراپي بھتر آھي جنھن ڏانھن لاڙو ماڻھن جو گھٽ آھي. ماڻھن کي ان ڪري جاني مالي نقصان پھچي ٿو. ماڻھو زخمي ٿئي ٿو يا ڄنگھه ٻانھن ڀڄي ٿي ته ڪنڀرن ڏانھن وڃن ٿا ۽ وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي وڃن ٿا. ميڊيڪل جي ھڪ اھم ۽ ضروري فيلڊ فزيوٿراپي آھي جنھن جي اھميت ۽ افاديت کي سمجهڻ گھرجي ته اڄ ڪلھه ماڻھن جو گھڻو لاڙو ميڊيڪل ڏانھن آھي. ماڻھو ٿورڙي سور جي ڪري ڊاڪٽرن ڏانھن رجوع ڪن ٿا ۽ ڳريون دوائون کائي وقتي طور ته فائدو حاصل ڪن ٿا فزيوٿراپي (Physiotherapy) هڪ طبي علاج جو طريقو آهي انسان جي جسماني مشقن، هٿن سان مالش ڪرڻ، جسماني ورزش، گرمي يا ٿڌي علاج، بجليءَ جي لهرن ۽ ٻين غير جراحي طريقن ذريعي جسم جي حرڪت کي بهتر ڪرڻ ۽ تڪليفن کي گھٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي ان جو سبب ھڪ ته ماڻھو ڳرين دوائن کان بچي سگهجي ٿو. مھانگيون دوائون کائڻ سان ٻين بيمارين کي دعوت ڏيڻي ھوندي آھي. ھڪ ته صحت به صحيح نه رھندي آهي ۽ پئسا به ضايع ٿين ٿا. فزيوٿراپي جي اھميت کي سمجھڻ گھرجي. تڪليف ۽ سور ۾ گھٽتائي: عضون، جوڙن ۽ هڏين جي سور کي ختم ڪرڻ ان ۾ مددگار ٿئي ٿي ۽ ھڪ وڏي نقصان کان ماڻھو بچي سگهجي ٿو. آپريشن کان بچاءُ: ڪيتريون ئي بيماريون، جن لاءِ آپريشن جي ضرورت پوندي آھي فزيوٿراپي سان بغير جراحي جي بهتر ٿي سگهن ٿيون. وڏي وڍ ڪٽ ۽ چير ڦاڙ کان ماڻھو بچي سگھن ٿا. جسماني طاقت ۽ لچڪ وڌائڻ: جسماني ورزش سان عضون ۽ جوڙن جي مضبوطيءَ سان جسماني توازن کي بهتر ڪري ٿي. ماڻھو تندرست ۽ صحتمند رھند . اسٽرُوڪ ۽ فالج مان بحالي: فالج جي مريضن کي ٻيهر جسماني حرڪت بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. فالج ۾ خاص ڪري انسان جي جسم جي ڪنهن به حصي تي اثر ٿيندو آھي ۽ اھو عضوو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آھي پر اھو رڪور ٿي سگھي ٿو ان جي لاءِ توھان کي فزيوٿراپڪ ڊاڪٽر ڏانهن دورو ڪرڻ گھرجي. پوڙھائب ۾ مدد : عمر وڌڻ سان گڏ ٿيندڙ مسئلن کي سنڀالڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ساهه جي بيمارين ۾ مدد: ڪجهه ساهه جي مسئلن، جهڙوڪ دم يا COPD ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي. فزيوٿراپي هڪ محفوظ، قدرتي ۽ اثرائتو علاج آهي، جيڪو مختلف حالتن جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ مريض جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي ٿو. سنڌ جي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڳاڙھي پل خزاني تاريخي جڳھه ۾ فزيوٿراپي جي ڊگري ٿي رھي آھي. آصف اسلم لاشاري ھڪ بھترين تعليمدان آھي جيڪو ھن اداري جو بنياد وجھندڙ آھي. ھي ادارو ميڊيڪل لياقت يونيورسٽي سان لاڳاپيل آھي. سنڌ جي نوجوانن کي فزيوٿراپي جي فيلڊ ۾ وڃڻ گھرجي جيئن ڪوڙين دوائن ۽ ڳرين دوائن کان بچي سگھن. شاگردن کي ھن فيلڊ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ گھرجي جنھن مان ماڻھن کي فائدو ملي سگهي ٿو.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو
رمضان المبارڪ اهو بابرڪت مهينو آهي جنهن ۾ نه رڳو رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا آهن پر هي قمري مهينن جو سردارپڻ آهي. الله تعالي هن مهيني ۾ پنهنجي بندن ڏانهن خاص طور متوجه ٿئي ٿو ۽ سندس رحمت مينهن وانگر وسندي آهي. روزي جي متعلق الله جو فرمان آهي ته روزو خاص منهنجي لاءِ آهي ۽ ان جو ثواب يا اجورو آئون پاڻ آهيان. ٿورو سوچجي ته جنهن کي مالڪ ملي وڃي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اجورو ٿي سگهي ٿو؟ هن جو پهريون ڏهو رحمت جو آهي ٻيو مغفرت ۽ ٽيون دوزخ جي باهه کان آزادي جو آهي. رمضان جي هر گهڙي تمام قيمتي آهي ۽ هر روز بارگاهه الاهي طرفان اعلان ٿيندا آهن ته آهي ڪو گهرڻ وارو ته کيس عطا ڪيو وڃي! آهي ڪو پنهنجي گناهن کان توبهه استغفار ڪرڻ وارو ته سندس سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪيا وڃن. هر روز افطاري وقت الله تعاليٰ اهڙن ڏھ لک گناهگارن کي معافي عطا ڪندو آهي جيڪي دوزخ جا حقدار بڻجي چڪا هوندا آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جيڪو شخص ڪنهن روزيدار کي افطاري ڪرائيندو ته ان کي ان روزيدار جيترو اجر ملندو. صحابن عرض ڪيو ته الله جا نبي اسان مان هر ڪنهن وٽ ايتري حيثيت ناهي جو پيٽ ڀري افطاري ڪرائي سگهي. نبي ڪريم صلي الله عليه جن فرمايو ته پيٽ ڀري کارائڻ ضروري ڪونهي الله تعالي ان شخص کي به اھو ثواب ڏيندو جيڪو رڳو پاڻي جي ڍڪ يا کجور تي افطاري ڪرائي. هن مهيني ۾ ماڻهن سان همدري سان پيش اچڻ ۽ پنهنجي حيثيت آهر سندن مدد ڪرڻ جو به نهايت گهڻو ثواب آهي. قرآن مجيد به رمضان المبارڪ جي مهيني ۾نازل ٿيو آهي. ان ڪري رمضان ۾ جيترو ٿي سگهي قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ گهرجي تراويح جو اهتمام به نهايت ضروري آهي جو ان ۾ امام جي پويان قرآن شريف ٻڌڻ جو اعزاز حاصل ٿئي ٿو. رمضان شريف جي آخري ڏهي ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ جو به تمام گهڻو ثواب ٻڌايو ويو آهي. جنهن ۾ ماڻهو دنيا کان لاتعلق ٿي مسجد ۾ الله جو مھمان بڻجي سندس در تي معافي ۽ ثواب جي اميد رکي ويهندو آهي. رمضان شريف ۾ هڪ رات شب قدر آهي جيڪا تمام وڏي اهميت رکي ٿي ۽ ان رات جي عبادت جو ثواب اسي سالن جي عبادت کان وڌيڪ آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ان رات کي رمضان جي آخري ڏهي جي اڪي راتين ۾ ڳوليو. رمضان جو سڄو مهينو ئي برڪتن وارو آهي اسان سڀني مسلمانن کي انهن گھڙين جو قدر ڪرڻ گهرجي. رمضان شريف جا روزا رکڻ سان گڏ پنهنجي گناهن جي معافي ۽ الله جي راضپي وارا ٻيا ڪم سرانجام ڏيندي پنهنجي آخرت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪجي.
مجاهد لغاري/ مسڻ وڏي
ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ان جا ڪارڻ
اسان جي ملڪ ۾ بدامني جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪو نه صرف عوام لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر ملڪ جي معيشت، سماج ۽ بين الاقوامي ساک کي به نقصان پهچائي رهيو آهي. بدامني جي ڪيترن ئي سببن جو تجزيو ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن انهن جو تدارڪ ڪري سگهجي. قانوني نظام سست هجڻ ڪري ڏوهاري جلد ضمانت تي آزاد ٿي وڃن ٿا. ملڪ ۾ روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ سبب ڪيترائي نوجوان ڏوهن طرف مائل ٿين ٿا. غربت سبب ماڻهو مجبور ٿي غيرقانوني ڌنڌن، چوري ۽ ڌاڙن ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. حڪومتي ناڪامي سبب عام ماڻهو جي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي، جنهن جو اثر امن امان تي پئجي رهيو آهي. ڪرپٽ سياستدان ۽ اثر وارن ماڻهن جي مدد سان ڏوهاري آزاد گهمن ٿا. گهڻا ڏوهاري سياستدانن جا وفادار هجڻ سبب گرفتار ٿيڻ کان بچي وڃن ٿا. قانون صرف عام ماڻهن لاءِ سخت آهي، جڏهن ته وڏا ڏوهاري آساني سان آزاد رهن ٿا. ملڪ ۾ جهالت وڌي رهي آهي، جنهن ڪري ماڻهو اخلاقي قدرن کان پري ٿي رهيا آهن. علمي ادارن ۾ اخلاقيات، امن ۽ سهپ بابت خاص تعليم نه هجڻ سبب نئين نسل ۾ صبر ۽ برداشت جو مادو گهٽجي رهيو آهي. بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ وڏو سبب آهي، جنهن جي ڪري عام ماڻهو محفوظ ناهي. مذهبي ۽ لساني انتهاپسندي سبب ڪيترائي گروپ ملڪ جي امن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ڪجهه غير ملڪي طاقتون به ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ دهشتگرد گروپن جي مدد ڪري رهيون آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ هٿيارن جي غيرقانوني واپار سبب عام ماڻهو به هٿيار رکي ٿو. ذاتي دشمني، سياسي اختلاف ۽ ذاتي مفادن لاءِ هٿيارن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي. امير طبقي کي قانون کان مٿانهون سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته غريبن کي انصاف نٿو ملي. معاشري ۾ طبقاتي فرق وڌي رهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۾ غصي ۽ انتقام جو جذبو پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هر شهري کي برابري سان انصاف ملي ته بدامني جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. بدامني ختم ڪرڻ جا حل: قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ، قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ڏوهاري سزا کان نه بچي سگهي. پوليس ۽ عدليا کي آزاد ۽ غيرجانبدار بڻايو وڃي. ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ امن، اخلاقيات ۽ ايمانداري بابت خاص تعليم ڏني وڃي. ماڻهن کي امن، سهپ ۽ گڏيل ڀائپي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري. ماڻهن لاءِ وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صنعت، واپار ۽ زراعت کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معيشت مضبوط ٿئي. غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت کي بنيادي سهولتون بهتر بڻائڻ گهرجن. دهشتگرد گروپن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. غيرقانوني هٿيارن تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. ملڪ جي سرحدن کي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن غيرقانوني هٿيارن ۽ منشيات جي اچ وڃ کي روڪي سگهجي. هر شهري لاءِ هڪ جهڙو انصاف يقيني بڻايو وڃي. امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙا قانون لاڳو ڪيا وڃن. طبقاتي فرق ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي پاليسين تي نظرثاني ڪئي وڃي. جيستائين قانون تي صحيح نموني عمل نه ڪيو ويندو، تعليم عام نه ٿيندي ۽ عوام ۾ شعور نه ايندو، تيستائين ملڪ مان بدامني ختم نه ٿيندي. ڪرپشن، بيروزگاري ۽ ناانصافي بدامني جا وڏا سبب آهن. جيڪڏهن اسان انهن مسئلن تي ڌيان ڏيون ته اسان جو ملڪ هڪ پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻجي سگهي ٿو.
ظفر حسين ملاح / خيرپور
زمين وڪڻي 70 وارين چونڊن ۾ پ پ پ کي کٽائڻ ۽ مدد ڪرڻ تائين!
هفتو ڏيڍ اڳ سنڌ ۾ سياسي حرڪتن جي حوالي سان اهم ترين موضوع اين پي پي جي مرڪزي صدر ۽ سابق وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي جي پٽ غلام مرتضيٰ جتوئي کي موٽر سائيڪل کسڻ ۽ ڪجهه ٻين معمولي الزامن ۾ نوشهروفيروز پوليس جي هٿان گرفتاري رهيو. جنهن ردعمل ۾ دادو، نوشهروفيروز، شڪارپور ضلعن جي علائقن ۾ جتوئي قبيلي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ نه صرف احتجاج ڪيو پر جماعت اسلامي، جي ڊي اي، پي ٽي آءِ جي سينيئر قائدين پ پ پ جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت تي انتقامي سياسي دهشتگردي جا الزام به لڳايا. غلام مرتضيٰ جتوئي سکر ، نوشهروفيروز جي سول ۽ دهشتگردي عدالتن کان هاءِ ڪورٽ سنڌ جي نوٽيس وٺڻ تي 12 ڏينهن نارا جيل ۾ گذارڻ بعد آزاد ٿي ويو. هن الزام هڻندي آصف زرداري طرف اشارو ڪندي چيو آهي ته ان طرفان ڀرڀور مزاحمت ۽ پ پ پ ۾ شامل نه ٿيڻ تي انتقامي ڪاروائي ڪئي وئي. ڪجهه اينڪرن اهو به ٻڌايو ته 22/20 هزار ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضي لاءِ به ان جي مينئجر کي تشدد ذريعي نشانو بڻائي ان کي مقامي پوليس بي دخل ڪري مسنگ پرسن بڻايو آهي. نوان جتوئي جيڪو ڪيٽي جتوئي سان گڏيل آهي اتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي انڪشاف ڪيو ته 1970ع وارين چونڊن ۾ ان جي مرحوم والد رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پنهنجي 08 هزار ايڪڙ زمين 70 لک ۾ وڪڻي پ پ پ کي کٽائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ساٿ ڏنو هو. والد محترم 83 ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ليڊنگ رول ادا ڪيو هو. ايتري قدر جو ضياءَ جي فوجي دور ۾ ان کي گولي هڻڻ جا احڪام به جاري ڪيا ويا هئا هي ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي پ پ پ ناهي بلڪه زرداري ليگ آهي جيڪو اهڙن اقدامن خلاف هرگز سرينڊر نه ڪندو.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
سائين پروفيسر غلام محمد ميرجت
سنڌ يونيورسٽي ۾ ھاسٽل ۾ رھڻ دوران به شاگرد سياست ۾ سگرم رھيو آھي. وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ جتي اسڪول عمارتون نه ھيون اتي مسجد اسڪول کوليا ويا. انھي لاءِ لکت ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ٿيا ۽ ميرٽ تي پرائمري ماسڪ اسڪول ٽيچر طور ۸ جون 1987ع ۾ اسان جي ڳوٺ کان ٽي ڪلوميٽر پري ھڪ ڳوٺ خير محمد عاقلاڻي تعلقي ٽنڊو الھيار ۾ نوڪري ملي. جتي اسڪول جي عمارت نه ھئي اسڪول به نئون کليو، نه وري ڳوٺ ۾ ڪا مسجد ھئي ان ڪري ٻارن کي وڻن ھيٺ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. پوءِ ھڪ ڪچو ڪمرو ڳوٺاڻن جي مدد سان ٺاھيائين جنھن جي جي تعمير ۾ خود پاڻ حصو ورتائين. ٻن سالن ۾ ھڪ ٻار کان شروعات ڪري 100تائين ٻار ڪيائين، ٻارن جي بھترين تعليم ۽ تربيت ڪيائين، جنھن جي نتيجي ۾ اتي جا ٻار فوج پوليس جي نوڪرين ۾ پھتا. ھن ڳوٺ جي ڳوٺاڻن ان ڪم کي تمام گھڻو ساراھيو. بعد ۾ اتي ٻن ڪمرن جي عمارت منظور ڪرائي جيڪا سندس وڃڻ بعد ٺھي. ھي اسڪول ان وقت ضلعي جي بھترين اسڪولن ۾ شامل ٿيو. جنھن جي گواھي اڄ به اتي جا رھاڪو ڏيندا. جڏھن اڍائي سالن بعد سال ۱۹۸۹ع ۾ کيس ايچ ايس ٽي سائنس ٽيچر نوڪري ملي پھرين کيس ضلعي ٺٽي ۾ آرڊر ٿيو، وري سانگھڙ ۾ آخر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو ته ڳوٺ خير محمد عاقلاڻي جي ڳوٺاڻن جو اکيون آليون ٿي ويون ته ھھڙو محنتي استاد اسان مان نه وڃي. سندس شاگرد به پريشان ٿيا. ھاءِ اسڪول ٽيچر طور پھرين پوسٽنگ آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ ڳوٺ بھار خان ميرجت ھاءِ اسڪول ۾ ٿي جتي سائنس جا مختلف سبجيڪٽ پڙھائڻ، شاگردن کي انھن سبجيڪٽن جا پريڪٽيڪل ڪرائڻ سان گڏ رانديون ڊبيٽ، ٽيبلو ڪرائڻ سان گڏ بابا جي ايف اي ۽ انچارج ھيڊ ماستر ھئڻ سبب اسڪول جي انتظامي معاملن کي ڏسڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. جتي پنھنجي ڀاءُ اميد علي ميرجت کان پگھارن جي بلن ٺاھڻ سروس بوڪن ۾ فڪسيشن ۽ ٻيا ڪم پڻ سکيا. حيدرآباد ڊويزن سطح تي شاگردن جي ڊرامن راندين ۽ ٻين ڪو ڪريڪيليم جي ڪمن ۾ حصو وٺرايو ۽ شاگردن حيدر آباد ڊويزن ۾ انعام حاصل ڪيا. سال ۱۹۹۷ ع ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيڻ لاءِ ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد طرفان اي سي آر گھرايون ويون پر سندس سبجيڪٽ ۾ سينارٽي لسٽ ۾ ڪنھن اھڙي استاد جو نالو غلطي وچان لکجي ويو جيڪو ڪٿي موجود نه ھو پر ان جون اي سي آر نه ملڻ سبب ھن جو پروموشن دير ٿي ويو . وري به ٻي ڀيري اھو ساڳيو حال ٿيو، نيٺ ان جو نالو چيڪ ڪرايو وي ته ان نالي سان ڪوبه استاد نه آھي پوءِ ھن جو نالو فائينل ڪيو ويو ۽ نيٺ ڊسمبر 2000ع ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ زولاجي طور پروموشن ٿيو. ٽنڊو ڄام ويجھو موسا کٽياڻ ڳوٺ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پوسٽنگ ملي. ان اسڪول ۾ وائيس پرنسپل ۽ انچارج پرنسپل ٿي رھيو. ان دوران اسڪول لاءِ نئين عمارت ۽ اضافي ڪمرا منظور ڪرايائين. اسڪول جي ٻن ھنڌن تي ھلندڙ ڪلاسن کي گڏائي ھڪ ھنڌ ڪرايائين ان کان سواءِ اسڪول جي لاءِ اسلام آباد جي ھڪ اداري مان 25 ڪمپيوٽر ۽ ھڪ پرنٽر پڻ منظور ڪرايائين. اسڪول ۾ رانديون ڪرائڻ فنڪشن ڪرائڻ جھڙا ڪم ڪرائيندو ھو. اتان ڪجھه سال گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول محمد بخش شورو ۾ عارضي بدلي ڪرائي ڪجھ وقت اتي ڪم ڪيائين.2015ع ۾ موسيٰ کٽياڻ مان ايس ايس طور گورنمينٽ غلام حسين ھدايت الله ھائير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد ۾ بدلي ٿيس. اتي بائلاجي ليب جيڪا فنڪشنل نه ھئي ان کي ڪارائتو ڪري نه رڳو سندس اسڪول جي شاگردن کي پريڪٽيڪل ڪرايائين پر ٻين اسڪولن جي شاگردياڻين کي به ان ليب ۾ پريڪٽيڪل ڪرايائين، ان کان اسڪول جي ڪو ڪريڪيليم ايڪٽيوٽيز ۾ به حصو وٺڻ کان سواءِ لطيف شناسائي جي پروگرامن ۾ ضلعي ليول جي ٽيم ۾ شامل ٿي مختلف اسڪولن ۾ پروگرام ڪرايا. اتان اسسٽنٽ پروفيسر طور 18گريڊ ۾ ترقي ملڻ سبب 2018ع ۾ ھائر سيڪنڊري اسڪول ڳوٺ ھاليپوٽا ضلع حيدرآباد ۾ پوسٽنگ ٿي. ان وقت گاڏي يا موٽر سائيڪل نه ھئڻ سبب مشڪل سان سوزڪين ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. ايترو پنڌ ڪري به ڊيوٽي تي وقت تي پھچندو ھو. اتي ڪاليج سيڪشن ۾ شاگردن، شاگردياڻين جو وڏو تعداد داخل ھئڻ جي باوجود اسڪول ۾ حاضر نه رھندو ھو جنھن جي لاءِ اتي جي پروفيسرن سان گڏجي ڳوٺن ۾ وڃي شاگردن کي اسڪول اچي پڙھڻ لاءِ آمادہ ڪيو ويو جنھن ۾ پروفيسر مرحوم علي اڪبر سولنگي، پروفيسر سجاد گھانگرو، پروفيسر شيراز صبحپوٽو، سينئر ھيڊ ماستر غلام نبي نظاماڻي، سائين فياض ھاليپوٽو، منير هاليپوٽو ۽ پرنسپل ابرار قريشي شامل ھئا. (حصو ٻيو)
آپا زينت ميرجت/ٽنڊوالهيار