سنڌ ۾ ڪڻڪ لهڻ باوجود هاري مايوس
اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آهي جتي ستر سيڪڙو عوام جي روزي روٽي جو ذريعو زراعت آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي چڪو آهي ۽ لابارو ڪٿي پئجي چڪو آهي ڪٿي وري لاباري جي تياري آهي. هونئن هن مند ۾ هارين جي منهن تي سرهائي ۽ خوشي هوندي آهي پر هن سال ڪڻڪ جو فصل تيار هئڻ جي باوجود به هارين جي منهن تي اداسي ۽ مايوسي نظر اچي پئي جنهن جو سبب حڪومت طرفان ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر نه ڪرڻ آهي. جنهن ڪري کين انديشو آهي ته کليل ماڪيٽ ۾ کين اهو اگھه نه ملندو جيڪو کين ملڻ کپي جنهن مان سندن گهر جي چلھه ٻرندي ۽ سندن ٻچن جو پيٽ گذر ٿيندو. هاري ويچارو ڇھه مهينا رات ڏينهن هڪ ڪري لنڊيون لتاڙي مس وڃي ٿو فصل تيار ڪري ان فصل کي تيار ڪرڻ ۾ هو سيٺين کان ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ڪجھه نقد رقم اوڌر تي کڻي ٿو. جيڪا هو فصل لهڻ تي کين واپس ڪري ٿو ۽ اڳتي جو وهنوار سڌو ڪري ٿو پر هن دفعي سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگھ مقرر نه ڪيو آهي جنهن ڪري کين خوف ورائي ويو آهي ته فصل تي ٿيل خرچ ئي متان نه لهي سگهي ۽ کين پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي. ڪجھه سالن کان مسلسل سنڌ جو هاري مشڪلاتن کي منهن ڏيندو پيو اچي ڇو ته سنڌ ۾ اڪثر ٻج نقلي ملي رهيا آهن ۽ زرعي ڀاڻ دوائون جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي ويتر کين پنهنجي جنس جو مناسب اگھه به نه ٿو ملي جنهن ڪري هاري ويچارو پريشان ۽ مايوس آهي سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد ڪڻڪ جي امدادي قيمت پنج هزار مقرر ڪرڻ کپي ته جيئن ملڪ جو هي پيڙهيل طبقو سک جو ساھ کڻي سگهي ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهي.
حسن وساڻ / ڳوٺ جهنگو وساڻ
سچل سرمست جي ڪلام ۾ گهڙوليءَ جي افاديت
حصو پهريون
سچل سرمست سنڌ جو اهو يگانو شاعر ، ڏاهو، محقق ۽ تصوف جو پرچار ڪندڙ هو جنهن پنهنجي شاعريء ۾ نت نوان لاڙا، گس، راهون ۽ طريقه ڏسيا آهن ‘ سندس ڪلام تي سرسري نظر ڦيرايون ٿا ته جتي سندس ڪلام ۾ توحيد، وحدانيت، محبت، امن، عاشقي جا موضوع چٽا ۽ نروار ملن ٿا اتي سندس شاعريء ۾ گهڙولي جو به ذڪر هڪ نمايان ۽ جدا حيثيت سان ملي ٿو. گهڙولي ڇاکي ٿو چئجي؟ ان بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته هن ۾ عورت جي زباني محبوب جي خذمت جو جذبو ظاهر ڪيل هوندو آهي. آزي نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي، ھن صنف ۾ خدمت جي اظھار لاءِ وراڻي طور گهڙولي ڀرڻ ضرور ايندو آهي. (سرمست 1997 ص 48 ) 1. ان جو مطلب ته گهڙوليءَ تي نالو گهڙا (دلا) ڀرڻ واري اصطلاح تان پيو آهي جنهن جو مطلب خدمت ڪرڻ. 2. گهڙولي اول اول ڪنهن لکي؟ ان بابت ناميارو ليکڪ محترم مختيار ملڪ لکي ٿو ته گهڙولي سچل سائينءَ سڀ کان اڳ گهڙي ۽ ان کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو. (سرمست 1985 ص 88) گهڙوليءَ جا موضوع: ھن بابت علامه حزب الله آءِ سومرو لکي ٿو ته گهڙوليءَ جو مطالعو ڪبو ته ان ۾ سچل سرمست پنھنجا مذھبي نظريا پيش ڪيا آهن. ھن ۾ ھو ٻڌائي ٿو ته سلسله قادريه سان تعلق رکي ٿو. جنھن جو اڳواڻ سيد عبدالقادر جيلاني آهي هو خلفاءِ راشدين کي ساراهي ٿو. کين مسلمانن جا امام قرار ڏئي ٿو. هن ۾ هو بيبي ام ڪلثوم بنت علي رض جو حضرت عمر فاروق رض سان شاديءَ جو ذڪر ڪندي سندس قرب ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته پنجتنن وٽ تڏهن ماڻهو قابل قبول ٿيندو جڏهن چئن يارن کي مڃيندو ڇو ته پنجتن ميوو آهن ته چار يار انهن جو گل آهن. (سچل سرمست جي گهڙولي ص 4 ) سچل سرمست جي گهڙوليءَ تي گهري نظر ٿا وجهون ته ان ۾ کوڙ سارا موضوع نظر اچن ٿا. جيڪي ان شي جي گواهي ٿا ڏين ته رب دل ۾ ئي هجي ٿو. جيئن سچل سرمست چوي ٿو ته: رب جو دل ۾ ھجڻ:
صورت الله دي وڃ ڄاڻي ‘
وفي انفسکم صحيح سڃاڻي ‘
محو ذاتي وچ مرندي هان .
وري جڏهن وڌيڪ سچل سائين جي گهڙولي تي نظر وجهجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته ڪيئن نه هو عشق خدا ۾ گم صم رهي ٿو پيو. سچل ۽ خدا جو عشق .
ڪيتا نور الله دي تجلا ‘
تن من سارا عشق اجلا ‘
ھمه شمس قمر دي هان .
جتي سچل سرمست پنهنجي گهڙولي جي بندن ۾ مختلف موضوعن، فقهن، رازن، جي ڳالھه ڪئي آهي اتي هن اهو به فخريه چيو آهي.
ان الله ينطق علي لسان عمر دي ‘
شب معراج دي نال پيغمبر ‘
شڪر اولاد عمر دي هان .
ان سان گڏوگڏ حضرت سچل سرمست جتي پنھنجي شاعري ۾ صحابه ڪرام جو ذڪر ڪيو ويو آهي اتي هن پنجتنن جو ذڪر به ڪيو آهي جيڪو هن ريت آهي.
پيش پنجان دي تڏهن پئي هان ‘
جوان دا جڏهن امر مني هان ‘
نال سفارش دي چڙهندي هان .
عابد سومرو
امر اقبال جي ”اڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“
حصو آخري
مان به ڪووڊ واري وقت ۾ ابراهيم کرل ۽ رزاق سهتي کان اتساهُه وٺندي هڪ اڌ ڪهاڻيون لکيون، هڪ ڪھاڻي ته مون سوشل ميڊيا تي ونڊ به ڪئي هئي، پر ٻي ڪهاڻي جيڪا مون جنوري 2020ع ۾ اڌ رات جو ليپ ٽاپ تي ڪمپوز ڪري رکي هئي، سا به ليپ ٽاپ جو سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب وڃائجي وئي ۽ رَڪورِ نه ٿي سگهي. مان ان ڪيفيت مان گذري چڪو آهيان. امر اقبال جي گم ٿي ويل ڪهاڻيءَ جو ڏک مون کي به چڀي رهيو آهي، هن ڪتاب جي مطالعي دوران مون کي پنهنجي وڃايل ڪهاڻيءَ جو به ڏک محسوس ٿي رهيو آهي، جيڪا ڪجهه ڪوششن بعد به نه لکي سگهيو آهيان.”زندگي خوبصورت آهي!“، ”اڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“، ”ڍَو بنان ڍوليا …“، ” مئٽرڪ“، ”ارڏو“، ”بارُ“، ”نئون چوٽيهون دَرُ“، ” اسانَ وٽ…“، ”ليپ ٽاپ“، ”ڪٿي به نه…“،”ٽامو“، ”موڪل“ ۽ ” اڌ ماني“… هي اُهي ڪهاڻيون آهن جيڪي مون وڏي دلچسپيءَ سان ٻه ڀيرا پڙهيون ۽ ائين پئي محسوس ٿيو شايد اهي ڪهاڻيون يا ڪردار امر اقبال جي ذاتي زندگيءَ جو حصو هجن ۽ هن وقت به خيرپور ۽ ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ رُلندا هجن. ڪهڙي به ادب ۾ ڪهڙي به صنف ۾حقيقت نگاري ٿيل هجي، اها منهنجي لاءِ دلچسپ ڳالهه رهي آهي، آئون حقيقت نگاريءَ جو وڏو قائل آهيان، انهن ڪهاڻين کي پڙهندي مون کي محسوس پئي ٿيو ته امر انهن سڀ حالتن مان گذري چڪو آهي ۽ فن وسيلي ان کي لفظن ۾ قيد ڪري، امر ڪيو اٿائين! جيئن اينٽون چيخوف ۽ چارلس ڊڪنس جو مٿي ذڪر ڪيو ته هو به پنهنجي معاشري جي حقيقت کي لفظن ذريعي ڪاغذن ۾ قيد ڪري ويا. هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين کي پڙهندي مون کي ٿورڙي وقت لاءِ ائين به محسوس ٿيو ته شايد ڪجهه ڪهاڻيون منهنجي ذاتي حالتن تي لکيل هجن جن مان، مان گذري چڪو آهيان. ڪهاڻيون پڙهندي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته مان ساڳين گهٽين ۾ هلي رهيو آهيان، ساڳين ڪردارن ۽ حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهيان. ادب جي اها ئي خوبي هوندي آهي، پڙهندڙ کي ان تخليق ۾ پاڻ نظر ايندو آهي. ڪردارن، حالتن ۽ ڪيفيتن جي تصوير اهڙي محسوس ٿي ڄڻ مان پنهنجي اکين اڳيان سڀ ڪجهه ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون صرف ڪهاڻيون نه آهن؛ اهي زندگيءَ جي خوبصورتي، درد ۽ اڻپورائيءَ کي ظاهر ڪندڙ آئينا آهن ۽ اينٽن چيخوف يا چارلس ڊڪنس وانگر، امر اقبال صرف پنھنجو، ماڻهن، روين، سماج ۽ وهنوار جو مشاهدو نٿو ڪري؛ ان تي تنقيد ڪري، پنهنجن ڪردارن ذريعي حقيقت جي جهلڪ پيش ڪري، لمحن کي قيد نٿو ڪري، هو انھن کي لفظن ۾ امر ڪري ٿو ڇڏي.
راحيل بڙدي
قوم جي اڏيندڙن سان ايڏا وڏا ظلم !
نماز کان واپسيءَ تي آءٌ ۽ منھنجو ننڍو پٽ واپس گھر اچي رھيا ھئاسين ته رستي ۾ چيائين ته ابو بينڪ مان لون وٺي مون کي ڪار وٺي ڏي آءٌ ڪار ڪرائي تي ھلائيندس پوءِ توکي به گاڏي ۾ کڻي گھمائيندس ۽ پيسا به جام ڪمائيندس. مون چيو ته نه بابا تون پڙھ تنھنجي ھي عمر پڙھڻ جي آھي محنت ڪر اسان جي دعا اٿئي ته انشاءَ الله ھڪ ڏينھن تون وڏو آفيسر ٿيندين ته پوءِ توکي سرڪاري گاڏي ملندي. مون کي چيائين ته ابو وڏو آفيسر ته توکي به ماڻھون چوندا آھن پوءِ توکي گاڏي ڇو نه ملي آھي.؟ سندس ڳالھ ٻڌڻ کانپوءِ مون سوچيو ته يار ننڍڙو چوي ته پنھنجي جاءِ تي سچ ٿو پر ڇا ڪجي اسان جي ملڪ جو نظام ئي اھڙو آھي ھتي ڪجھه کاتي جي آفيسرن کي حڪومت مختلف قسم جون گاڏيون، بنگلا، ٻاھرين ملڪن جا ٽوئر وغيره ۽ ٻيون آسائشون فراهم ڪندي آھي جڏھن ته ڪجھه کاتي جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ھوندو آھي. مطلب ته انھن کي صرف ئي صرف پگھار ملندي آھي. انھن مظلوم ملازمن ۾ پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل استاد پڻ آھن. استاد جيڪو پنھنجي علم، عقل ۽ ڏاھپ سان مستقبل جي معمارن کي تعليم سان سنواري ڪري کين پنھنجن پنھنجن منزلن تي رسائي ٿو پر افسوس جو کين اھي سھولتون، مراعتون ۽ عزت نه ٿي ڏني وڃي جيڪا دنيا جي مهذب ملڪن ۾ استادن کي ڏني وڃي ٿي. ھتي استاد نوڪري ملڻ کان وٺي رٽائرمينٽ تائين پنھنجي ھر جائز ڪم جي عيوض جي لاءِ به جيستائين رشوت نه ٿو ڏئي تيستائين سندس جائز ڪم به نه ٿا ٿين استاد پوءِ چاھي اھي اسڪول سائيڊ جا ھجن يا ڪاليج توڙي جو يونيورسٽي جا اھي ويچارا مجبور ٿي ڪري جڏھن پنھنجي حقن جي لاءِ روڊن تي اچن ٿا ۽ پر امن احتجاج ڪن ٿا ته پوءِ جيڪا حڪومت ساڻن ورتاءُ ڪري ٿي اھو به ڪنھن کان ڳجھو ناھي. استادن جي مٿان حڪومت فورسز جي مدد سان آنسو گئس، پٿراءُ ۽ واٽر ڪينن استمعال ڪرائي ٿي ڄڻ ته اھي ڪي ڪچي جا وڏا ڌاڙيل ھجن نه صرف ايترو ئي پر کين گوسڙو ۽ ٻين اڻ وڻندڙ لقبن سان پڻ نوازيو وڃي ٿو. منھنجون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ منھنجي پٽ چيو ته ابو استادن جو ته وڏو دردناڪ قصو آھي افسوس قوم جي اڏيندڙ سان ايڏو وڏو ظلم! ھا يار ھي پھاڪو نه ٻڌو اٿئي ته جيڪي لوھ ڪٽين لوھار تن کي ڪھڙو قدر سون جو. ھي بي رحم ۽ بي قدر حڪمران استادن سان وڏا ڪيس ڪندي ٿڪجن به نه ٿا.
ستار سنڌي/ ڪنب
لاڙڪاڻي جا وس وارا سانگي برادري جو تڪرار ڇونه ٿا ختم ڪرائن؟
ڪيڏو نه ڏک جو مقام آهي جو سنڌ جو بهترين آرٽسٽ اداڪار عزيز سانگي هن مهل پنهنجي پوري خاندان سان گڏ دبدري جي زندگي گذاري رهيو آهي. ذاتي يا قبائلي جهيڙا ڏهن ڏهن خونن تائين پهچي ويندا آهن ۽ انهن جو ٺاهه به ٿيندو آهي. قرآنن نياڻين ۽ چار چڱن کي عزت به ڏبي آهي. ٻيو ته اسان سنڌي مسلمان آهيون تڏي تي آيل نياڻين قرآنن تي ڏهه ڏهه خون به معاف ڪري ڇڏيندا آهيون. افسوس جو سانگي برادري جي متاثر ڌر ڏي اٺَ ميڙون قرآنن نياڻين ۽ معززين سميت ويون آهن، پر پوءِ به ڪا ورندي ناهي ملي. لاڙڪاڻي جي سردارن کي ڪيترائي ڀيرا چوڻ باوجود به هن تڪرار جو توڙ ٿي ناهي سگهيو. اسان لاڙڪاڻي جي وس وارن سردارن پيرن ميرن کي انساني جانيون بچائڻ ناتي اسم الله جو اسم رسول جو واسطو ٿا ڏيون ته خدارا اوهان چڱا آهيو، وڏا آهيو. اوهان متاثر ڏي فيصلي جي تاريخ وٺڻ ويندؤ ته ڪسا ڪونه ٿيندؤ ۽ نه ئي لهي ويندؤ. ٻئي ڌريون هن وقت وڏي مشڪلات ۾ آهن، ننڍڙن جي تعليم، بيماري بڙي، لڱائي چڱائي، روزگار، ماحول ۾ خوف هراس هي سڀئون شيون هن وقت لاڙڪاڻي جي عاقل ڳوٺ ۾ لاحق آهن. خدارا هن تڪرار کي ختم ڪرايو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سنڌو تي غيرآئيني ڪئنال نامنظور
سنڌ ڌرتي ست ڪروڙ ماڻھن جو سرسبز شاندار وطن ۽ ديس آھي هن خوشحال ڌرتي جا ماڻھو هميشه اڏول همٿ ڀريا محنت ڪش مزدور ۽ هاري رهيا آھن. هن ڌرتي جي پنج هزار سالن جي تاريخ جو شاندار ڏيک ڏيندڙ سنڌو درياھ آھي جنهن مان سنڌ سرسبز خوشحال آسودي رهندي اچي پئي ۽ هي ڪڻڪ، ڪپھهم سڻيم سارين جي خوشبوءَ سان مهڪيل سرزمين سان غيرقانوني طرح ناانصافين جي شروعات ته ڪنهن پلاننگ تحت اڳ ۾ رٿيل هئي جنهن کي غيرقانوني گرين پاڪستان جي نالي سان ڊڪليئر ڪيو ويو آھي جنهن سان غيرآئيني ڪئنالن ۽گرين پاڪستان پروجيڪٽ جي نالي سان سنڌ جي ماڻھن جي ٻنين کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي پيو، جنهن سان سنڌ ڌرتي هڪ ويران برپٽ ريگستان بڻجي هميشه لاءِ تباھ ٿي ويندي ۽ سنڌ جي ست ڪروڙ آبادي قبرستان پهچي ويندي ۽ اسين پنهنجي صدين جي خوشحال ڌرتي تي بدحال ٿي وينداسين. هن غيرآئيني پلاننگ تحت سنڌ جي ماڻھن ۾ ھڪ وڏو crisis جنم وٺندو جنهن سان سنڌ جي ماڻھن جو جيئڻ محال ٿي ويندو ۽ سنڌ هميشه جي لاءِ تاريخ ۾ دفن ٿي ويندي ۽ سنڌ جو ماڻھو ويتر عذابن ۽ جنجال ۾ جڪڙجي ويندو. انهي ڪري هن وقت سنڌ جي واهڻ ۽ وسندين ۾ سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪرڻ سنڌ جي باشعور طبقي کي جاڳرتا مهم هلائڻ گھرجي ۽ هر سنڌ جي واھڻ ۽ وسندي ۾ وڃي انهن کي پنهنجي سنڌو مهراڻ جي جياپي جي جنگ وڙھڻ لاءِ تيار ڪن ۽ انهن ماڻھن کي ميدان وٺي اچڻ گھرجي جنهن سان اسين سنڌي هڪ آواز ٿي پنهنجي صدين جي شاندار تاريخ رکندڙ مهراڻ درياءُ جو ڪيس اعليٰ ايوانن تائين پهچائي سگھون. تنهن ڪري سنڌ جي هرهڪ فرد کي گھرجي ته سنڌو جي وڪالت ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ۽ ڏاڍ جبر جي اڳيان جهڪڻ جي بجاءِ هن غيرآئيني ڪئنالن خلاف اڏول ٿي بيهن. وفاقي حڪومت ڏانهن هي پيغام موڪلڻ گھرجي ته اسين 7 ڪروڙ سنڌي غير آئيني ڪنئالن کي رجيڪٽ ڪريون ٿا ۽ اسين هر فورم تي هن خطرناڪ سنڌو جي موت جو سبب بڻجندڙ غيرآئيني هٺ ڌرمي جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪرڻ چاهيون ٿا ته سنڌ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتيون بند ڪيو ۽ غيرآئيني ڪئنالن لاءِ فنڊنگ بند ڪيو ۽ سڌو مهراڻ ۽ انهي جي خوشحال ڌرتي کي ڀڙڀانگ ۽ ويران ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن سنڌ جو مظلوم ماڻھو پنهنجي ڌرتي تي پرسڪون رهي سگھي.
قربان سهتو/ عمرڪوٽ
ھڪ چٺي ايس ايس پي سانگهڙ جي نالي::
جناب ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو صاحب توھان کي سانگهڙ ۾ بطور ايس ايس پي ٿي اچڻ کي ڪافي ميھنا گذري ويا آھن پر سسٽم ۾ بھتري نه آئي آھي ضلعي جي ننڍن وڏن اسٽاپن ۾ ھڪ اسٽاپ ڄام صاحب شھر سان لڳو لڳ سانگهڙ ضلعي شروع ٿيندي ئي کڏڙو پريتم آباد ٿاڻي جي حد ڄام واھ لڳ سرعام منشيات جو وڪرو ھلندڙ آھي تنھن خلاف ڪو به قدم ن کنيو ويو آھي، منشيات فروش سرعام منشيات جيڪا نوجوانن نسل جي تباهيءَ آھي، ڄام واھ جھڙي ننڍي اسٽاپ ۾ ھلندڙ آھي جتي ڪچو پڪو شراب، نشي آور سوپاريون، چرس، افيم وڪرو ٿي رهيو آھي جتي پندرھن سالن جا نوجوان نشي جا عادي ٿين پيا، منشيات فروشن جو چوڻ آھي ته اسان پوليس کي منٿلي ٿا ڏيون غرض اھو آھي ته مھرباني ڪري ھن منشيات تي ڪنٽرول آڻي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ، منشيات زھر آھي جنھن جو اوھپو ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃي، نوجوان نسل جي بچا لآ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
مير مرتضيٰ شر/ ڄام صاحب
ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ قومي جدوجهد
جيڪي حڪمران ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهي بادشاهن وانگر هلائين ٿا، اهي هميشه پنهنجن پيدا ڪيل مسئلن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. ماضي ۾ به ائين ٿيو ۽ اڄ به ساڳي تاريخ ورجائي پئي وڃي. اقتدار جي نشي ۾ چور اهي قوتون قومي وسيلن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي استعمال ڪن ٿيون، پر جڏهن انهن پاليسين جا نتيجا سامهون ايندا آهن ته ناڪامي ۽ نامرادي انهن جو مقدر بڻجي ويندي آهي. سنڌو درياهه تي ڪئنالن ٺاھڻ جو تازو منصوبو خاص طور تي پنجاب جي چولستان واري ريگستاني علائقي کي آباد ڪرڻ، اتي زراعت کي وڌائڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. بظاهر هي منصوبو زرعي ترقي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، پر حقيقت ۾ اهو سنڌ جي پاڻيءَ جي وسيلن تي هڪ نئون وار آهي. سنڌ جيڪا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي، ان جي اڃ کي نظرانداز ڪري پنجاب جي ريگستاني علائقن لاءِ نوان واهه کوٽڻ نه صرف ناانصافي آهي، پر وفاقي پاليسين جو سنڌ سان ٿيندڙ روايتي ظلم جو تسلسل پڻ آهي. سنڌ ۾ ان نام نھاد ڪئنالن خلاف ھڪ تحريڪ شروع ٿي وئي آھي، شروعاتي طور تي جيڪي احتجاج انفرادي يا محدود سطح تي نظر اچي رهيا هئا، اهي هاڻ اجتماعي شڪل اختيار ڪري هڪ منظم عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ سدائين مختلف قومپرست جماعتون پنهنجن محدود نظرياتي دائرن ۾ قيد رهندي “ڏيڍ سري مسجد” واري سياست ڪنديون رهيون آهن، جنهن جو نقصان هميشه اجتماعي مفادن کي پهتو آهي. پر هاڻ وقت جي تقاضا آهي ته سڀ قومپرست جماعتون ۽ سياسي قوتون پنهنجي ذاتي انا پاسي تي رکندي هڪ گڏيل محاذ ٺاهن ته جيئن سنڌ جي پاڻيءَ جي بنيادي مسئلي تي اثرائتي جدوجهد ڪري سگهن. اڄ جڏهن هي احتجاج هڪ مضبوط تحريڪ جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، ته حڪمرانن جي ايوانن ۾ بيچيني واضح طور تي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. پر رڳو حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪرڻ ڪافي ناهي، بلڪه هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي مستقل بيقرار رکجي ته جيئن هو سنڌ جي عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهن. ماضي ۾ سنڌ جي قومپرست سياست سخت ورهاست جو شڪار رهي آهي، خاص طور تي عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي وچ ۾ شديد نظرياتي ۽ تنظيمي اختلاف ڏسڻ ۾ آيا آهن. پر هاڻ وقت گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي ۽ پاڻيءَ جو بحران سنڌ واسين لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. تنهن ڪري لازم آهي ته اهي سڀئي ڌڙا هڪ ئي ميز تي گڏ ٿين ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙين، ٻي صورت ۾ انهن جي ورهاست وفاقي قوتن لاءِ ڪاميابي ۽ سنڌ لاءِ ناڪامي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سنڌ جو پاڻيءَ وارو مسئلو رڳو ڪنهن هڪ جماعت جو نه پر سموري سنڌ جي عوام جي وجود جو سوال بڻجي چڪو آهي. ان ڪري ضروري آهي ته قومپرست جماعتن سان گڏوگڏ ٻين وڏين سياسي قوتن کي به هن عوامي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن اجتماعي تحريڪ ذريعي وفاقي پاليسين کي ناڪام بڻائي سگهجي. جيڪڏهن موجوده سياسي منظرنامي جو جائزو وٺجي ته سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪو واحد معتبر آواز ۽ عملي جدوجهد نظر اچي ٿي، اها سيد زين شاهه جي قيادت هيٺ هلي رهي آهي. جيڪڏهن سموريون قومپرست ۽ سياسي جماعتون انهن جي اڳواڻي هيٺ گڏ ٿي وڃن ته ان تحريڪ کي هڪ اهڙي مزاحمتي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪا ڏاڍي جي مٿي کي ڏاري سگھي ٿي. هاڻوڪي وقت جي تقاضا اها آهي ته سنڌ جي حقن لاءِ هر سطح تي عملي ۽ اثرائتي جدوجهد ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪا به طاقت سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.
علي رضا سومرو/ڪراچي