سنڌي ماڻھن جي تحريڪ نيٺ رنگ لائيندي !
سنڌ پاڻي جي مسئلي تي ھڪ پيج تي اچي وئي. سنڌو تي ڪئنال ٺھڻ نه ڏينداسون ۽ پنجاب تو سان جھيڙو آھي وفاق تو سان جھيڙو آھي جي نعرن جي گونج ۾ سنڌ ورسٽي جي شاگردن ۽ ان کانپوءِ وڪيل برادري ۽ سنڌ جي قوم پرست پارٽين، سنڌ جي ھارين نارين، صحافين، سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا اخبارن ۽ سنڌي چئنل ۽ اسلام آباد ۾ سنڌ جي نياڻين وڏي پئماني تي سنڌو تي 6 ڪئنال ٺاھڻ خلاف ھڪ ڀرپور سگھارو آواز اٿاريو آھي. سنڌ جي ھر شھر مان صرف ھڪ ئي آواز پيو گونجي زرداري تو سان جھيڙو آھي وفاق تو سان جھيڙو آھي. نيٺ پ پ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاق ۽ اقتداري پارٽي نواز ليگ جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ چيو آھي بي اعتمادي رٿ آڻي نواز ليگ حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪنداسين. سنڌي ماڻھو ڪڏھن به پنھنجي حقن تي سوديبازي نه ڪئي نه ئي ڪندا آھن، ماضي مثالن سان ڀريل آھي. سنڌي ماڻھن سنڌ کي بچايو آھي ڀلي ارغون ڇو نه ھجن چاھي ترخان ڇو نه ھجن يا انگريز ڇو نه ھجن يا سنڌ دشمن منصوبا ڇو نه ھجن سنڌي ماڻھو ھميشه وڙھيا آھن. پاڻي جياپو آھي سنڌ پاڻي سان آھي پاڻي تي سنڌي ماڻھو ڪڏھن ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندا. پ پ سوچي وٺي ته ان کي ووٽ سنڌي عوام ئي ڏيندو آھي جو اقتدار ۾ پھچندا آھن ۽ وري به سنڌي عوام وٽ پ پ وارن کي اچڻو آھي. ان ڪري سنڌي عوام جي مالڪي ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي به پ پ کي ئي ڪرڻي آھي. وفاقي حڪومت کي سوچڻ گھرجي ته سنڌ سان ناانصافيون ڪرڻ ڇڏي ڏئي. سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌو درياءَ تي حق صرف سنڌي ماڻھن جو ئي آھي. اسان وڪيل برادري، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن، سنڌ جي شعور ۽ صحافين کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جنھن پنھنجي جيجل تي وار ڪرڻ ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌي ماڻھن کي ٻڌي جي ضرورت آھي جيڪڏھن سنڌ جا حق وٺڻا آھن ته سڀني سنڌ جي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. ٻڌي ۾ طاقت آھي ۽ ٽولن ٽولن ۾ ورھائڻ ٻئي کي موقعو ڏيڻ ھوندو آھي.
شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ
سجاڳ ٻار تحريڪ ٻيلو جو نئون يونٽ
ٻيلو دم دمون ڀرسان ڳوٺ علي محمد سمون ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جو نئون يونٽ قائم ڪيو ويو. يونٽ ٻيلو جي گڏجاڻي ۾ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو صدر عزيز ميمڻ، تعلقي سجاول جو صدر سائين خالد سمون ۽ سائين فضل سمون به شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻين ۾ امتياز ملاح، عمران ڪنڀر، اڪبر خاصخيلي، ڪامران درس، گل محمد ٻجورو، فياض ٻجورو، عبدالرحمان سمون، مدثر سمون، غلام مصطفى پنھور، ريحان سمون، جھانزيب سمون، ارمان سمون، فيصل سمون، ساحل سمون، شاويز سمون، سمير سمون، شمير سمون، عليم سمون به شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلوڪيو ويو ته سمورا دوست بيت شاعري نظم ياد ڪري ايندا عيد کان پو۽ اسٽڊي سرڪل ھلايو ويندو. ايندڙ گڏجاڻي عيدالفطر کان پوءِ 6 اپريل تي ڪئي ويندي.
مبارڪ سولنگي ٻيلو/سجاول
جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا
سنڌ جي حقيقي مزاحمتي شعور کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، جھڙي طرح سنڌ جي مزاحمتي شعور ماضيءَ ۾ ون يونٽ تحريڪ ھجي ڪالاباغ ڊئم خلاف تحريڪ ھجي سنڌ جي امن پسنديءَ ۽ رواداريءَ جي تاريخي روايت کي مذھبي انتھا پسندي جي باھ ۾ جلائڻ خلاف تحريڪ ھجي سنڌ جي حقيقي مزاحمتي شعور شاگردن، استادن، وڪيلن، عورتن، ٻارڙن، ھارين، پورھيتن عام ماڻھن ھر دفعي پاڻ ملھايو آھي. اھڙي طرح سنڌو درياھ تي لڳايل ڌاڙي خلاف ٿيندڙ احتجاجن جھڙي طرح ھڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آھي، ھر تحريڪ جيان ھن تحريڪ به ھن رياست جا بنياد لوڏي ڇڏيا آھن ۽ ان جي واڳ ڌڻين، اسٽيبلشمنٽ ۽ انھن جي وفادار اقتدار پرست سياسي جماعتن کي وائڙو ڪري ڇڏيو آھي، انھن جي اڳواڻن کي انھن جي پاليل نانگن جاگيردارن، ڀوتارن، سردارن، ميرن، پيرن، وڏيرن، مذھبي انتھا پسند ملن ۽ انھن جي حمايت ڪندڙ ننڍن توڙي وڏن سنڌ دشمن، انسان دشمن، عوام دشمن، عورت دشمن، پورھيت دشمن ، ھاري دشمن، درياھ دشمن، ماحول دشمن ماڻھن کي چٽيءَ طرح وائکو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي چون پيا ته ادا ڪجھه ڪو نه ٿيندو احتجاجن سان وري توھان ڪھڙي سنڌ فتح ڪندا، پر انھن کي اھو نه وسارڻ گهرجي ته جڏھن عام ماڻھو پنھنجي تاريخ پاڻ لکندا آھن ته سماج ۾ وڏي اٿل پٿل ايندي آھي ۽ تاريخ پنھنجي ھر دؤر جي فرعون ۽ يزيد کي تاريخ جو ڪارو باب ۽ ھر دؤر جي موسيٰ ۽ حسين کي تاريخ جو سونهري باب ٺاھي ڇڏيندي آھي. پيپلزپارٽي جي وڏي وزير سميت سڀئي وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز پاران جيڪا غلط بياني ڪئي پئي وڃي ته ڪو به ڪئنال نه پيو ٺھي ۽ جھڙي طرح پيپلزپارٽي ڪالاباغ ڊئم خلاف تحريڪ هلائي ان کي ختم ڪرايو اھڙي طرح پيپلزپارٽي ڪينال به ٺاھڻ نه ڏيندي. پر پيپلزپارٽي سميت ساڄي ڌر جي اقتدار پرست سياسي جماعتن ن ليگ، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي وغيره جي تاريخ رھي آھي ته اھي سڀئي واڳ ڌڻين جي آشيرواد سان واري واري سان اقتدار جا مزا ماڻيندڙ گروھ آھن، جيڪي حڪومت کان ٻاھر ھوندا آھن ته عوام دوست ۽ وطن دوست ھجڻ جو ناٽڪ ڪندا آھن ۽ جڏھن اھي ساڳيا ماڻھو اقتدار ۾ ھوندا آھن ته اھي انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا انسان دشمن، عوام دشمن، وطن دشمن، ماحول دشمن، عورت دشمن، ھاري پورھيت دشمن فيصلا ڪرڻ ۾ ڪو به آر محسوس ناھن ڪندا. پر ھي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو جديد دؤر آھي اڄ ھڪ معصوم ٻار به توھان جي مڪارين کان ۽ توھان جي چالاڪين کان ڀلي ڀت واقف آھي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جھڙي طرح صدر آصف زرداري صاحب سنڌ جي حقيقي مزاحمتي شعور آڏو بيوس بڻجي پنھنجي واڳ ڌڻين کي ميڙ منٿ ڪرڻ تي مجبور ٿي پنھنجي ان ڪڌي عمل جو اعتراف ڪيو آھي ۽ وري ھر دفعي جيان ھن دفعي پڻ موقعي پرستي جو مظاهرو ڪندي پاڻ کي سنڌ دوست ۽ عوام دوست قرار ڏيڻ جو ناٽڪ شروع ڪيو آھي. سنڌ جي مزاحمتي شعور کي ھاڻي سنڌ جي ھر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي ائين ئي متحد ٿي مستقل مزاجي سان بيھڻو پوندو، چاھي پاڻي جو مسئلو ھجي، زرعي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا ھٿرادو اگھه زرعي جنسن جا غير مناسب اگھه، مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، اغوا ڪاري، ڌاڙيل ڪلچر، ناظم جوکيو، پروفيسر اجمل ساوند، صحافي جان محمد مھر، صحافي عزيز ميمڻ، صحافي نصرالله گڏاڻي، ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر، معصوم فاطمه ڦرڙو ۽ اھڙن الائي ڪيترن بيگناھ قتل ٿيل ماڻھن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ۽ معصوم پرياڪماري سميت سنڌ جي سڀني مغوي ماڻھن جي آزادي وغيره جھڙن بنيادي مسئلن تي متحد ٿي مستقل مزاجي ۽ حڪمت عمليءَ سان بيھڻو پوندو. ڪينالن خلاف تحريڪ ۽ ڪالاباغ ڊئم خلاف تحريڪ جا نتيجا توھان جي سامھون آھن. فتح عوام جي ٿيندي، اھي مفت خور سرمائيدار ، جاگيردار، ڪيڏا بزدل آھن اھو ته ھاڻي سڀ ڪنھن کي معلوم ٿي چڪو آھي.
امام دين مھر/سٺ ميل
تعليم جي وزير جي نانءُ
محترم جناب وزير تعليم سنڌ! اميد ته خوش ھوندا جناب اعليٰ! سنڌ حڪومت تعليم کي ھٿي وٺرائڻ جي لاءِ گذريل ڪجھه سالن کان وٺي سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ريگيولر گروپ جي سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کان انرولمينٽ ۽ امتحاني فارم جي مد ۾ فيس نه ٿي ورتي وڃي جيڪو بھترين قدم آھي. ان سان تعليم جي شرح ۾ ڏينھون ڏينھن وڌارو ٿي رھيو آھي ۽ جڏھن تعليم وڌندي ته پوءِ سنڌ وڌيڪ خوشحالي ماڻيندي، پر جناب اعليٰ جيڪي غريب ٻار ريگيولر نه ٿا پڙھي سگھن ۽ اھي محنت مزدوري ڪري پنھنجو ۽ والدين جو پيٽ پالين ٿا پر پوءِ به پڙھڻ جي خواهش رکندي پنھنجي من ۾ ڪيترائي خواب سانڌين ٿا ته جيئن اسين به علم سان روشناس ٿيون ۽ پنھنجن خوابن جي تعبير ماڻيون. انھن غريبن کان ھزارين رپيا انرولمينٽ ۽ امتحاني فيس جي مد ۾ ورتا وڃن ٿا ڪيترائي ئي ٻار ھن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ ڳري في نه ڀرڻ سبب فارم ڀرائڻ کان رھجي وڃن ٿا ۽ ائين سندن خواب به اڌورا رهجي وڃن ٿا. جيڪا ساڻن سراسر ناانصافي آھي. ھن اخبار جي ذريعي منھنجي اوھان کي مودبانه گذارش آھي ته غريب شاگرد جيڪي پرائيويٽ نموني سان ڊگري ڪرڻ چاھين ٿا انھن جي به في ريگيولر شاگردن جيان معاف ڪئي وڃي ته جيئن سندن حوصلا افزائي ٿئي ۽ اھي به پنھنجي تعليم ريگيولر شاگردن جيان جاري رکي سگھن. پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.
ستار سنڌي/ڪنب
سنڌو اسان جو سڃاڻپ ڪارڊ آھي
سنڌو جيڪو ھماليه جي عظيم پھاڙن ۽ مانسرور ڍنڍ ، جتي حسن ۽ حيرت، اثر ۽ طاقت، پوترتا ۽ پاڪيزگي جي ھڪ گنڀير، دل ڏاريندڙ ڀيانڪ دنيا آھي تنھن مان شينھن جي گجگوڙ ڪندو نڪري نروار ٿئي ٿو. رستي جي ھيٺاھين، مٿانهين، جبلن ۽ ٽڪرن مان وکون کڻندي ٻاھر ميدانن تي نروار ٿئي ٿو . سنڌو کي ھن ديس جي ماڻهن جا بدلجندڙ چھرا، انھن جو ننڍپڻ، ڦوھ جواني، پيري ۽ ڏٻرائپ سڀ ياد آھن. سنڌو جيڪو قديم زماني جا قصا ۽ بادشاھن جون حڪومتون، انھن جون فاتحائون ۽ شڪستون سڀ ڏسي چڪو آھي، سنڌو مُھين جو دڙو جي خوشحالي ۽ برباديءَ جو قصو پاڻ وٽ محفوظ رکيو ويٺو آھي. ھڪ اھڙي سپر سالار جيڪو پوري دنيا فتح ڪري ٿو ۽ جڏهن سنڌو کي گجگوڙ ڪندي ڏسي ٿو ته سندس جسم ڏڪي پئي ٿو، سنڌو جڏهن پنھنجي محبوب ديس سنڌ ۾ اچي پھچي ٿو ته ديس جا ماروئڙا سنڌو ديوتا چونس ٿا ۽ سنڌو انھن سان به پيار وچان کين ھڪ عاليشان تھذيبَ ڏئي ٿو، ان ديس سان محبت ڪري ٿو انھن جي اڃ ختم ڪري ٿو انھن کي سرسبز شاداب ڪري ٿو، ۽ انھن ديس جي زمين کي بچائڻ خاطر پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿو ، ۽ ھاڻي وفاق سمجهي ٿو ته هي رڳو پاڻيءَ جو وهڪرو آهي، ابا اسان سنڌي ماڻهو، چئون ٿا ته سنڌو ندي صرف پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي، بلڪه هزارين سالن جي تهذيب جو تسلسل، اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جي زندگي آهي. سنڌ جي عوام پنهنجي شعوري موقف سان سنڌو تي ٺهندڙ ڪنهن به ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا، سنڌوءَ مٿان ٺهندڙ ڪئنال نامنظور!
امن لغاري
سنڌ ۽ سنڌو درياهه تي وفاق جا ڌاڙا: تاريخي جائزو
سنڌو درياهه نه رڳو پاڪستان پر سموري ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي ندي آهي، جنهن جي وهڪري تي سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ ثقافت جو دارومدار آهي. تاريخي لحاظ سان، سنڌو درياهه واديءَ جي تهذيب 2600 ق.م ۾ هتان ئي هلي رهي هئي. قديم موھن جو دڙو، هڙاپا ۽ ٻين شهرن جا آثار به سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد هئا. انگريزن 19هين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان تي قبضو ڪرڻ بعد سنڌو درياهه کي استعمال ڪندي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ مختلف واهن جو نظام جوڙيو. 19هين ۽ 20 هين صديءَ دوران وڏا واهه، جيئن سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهيا، جن سان سنڌ جي زراعت کي وڏو فائدو ٿيو.1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سنڌو درياهه جا مٿيان حصا (پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه) هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ورهائجي ويا. هندستان 1948ع ۾ پاڪستان ڏانهن پاڻيءَ جي فراهمي روڪي ڇڏي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو. 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدوٿيو، جنهن تحت هندستان کي راوي، بياس ۽ ستلج نديون، جڏهن ته پاڪستان کي سنڌو، جهلم ۽ چناب نديون مليون. پاڪستان جي قيام کانپوءِ، وفاقي حڪومت درياهه جي پاڻيءَ تي پنهنجو اثر وڌائڻ لڳي. سنڌ جي سياستدانن ڪيترن ئي ڀيرا وفاق تي الزام لڳايو ته پنجاب سنڌو درياهه جو پاڻي غير منصفاڻي نموني ورهائي رهيو آهي. سنڌ جي اهم اعتراضن ۾ شامل آهن: 1. ڪالا باغ ڊيم جو تڪرار – 1980ع کان وٺي سنڌ ۾ ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ٿيندي رهي آهي، ڇو ته سنڌ کي خدشو آهي ته ان سان پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيندي. 2. غير قانوني ڪئنال ۽ پنجاب جي اجاراداري – سنڌ جو موقف رهيو آهي ته پنجابي انتظاميه غير قانوني ڪئنال ذريعي سنڌ جي حصي جو پاڻي استعمال ڪري رهي آهي.3. انڊس رورل سسٽم اٿارٽي (IRSA) – 1991ع ۾ پاڻي ورڇ لاءِ ٺهيل انڊس رورل سسٽم اٿارٽي (IRSA) تي پڻ سنڌ کي اعتراض رهيو آهي ته اها پنجاب جي اثر هيٺ ڪم ڪري ٿي. سنڌ جي سياسي جماعتن جهڙوڪ جسقم، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن هميشه وفاقي پاليسين جي مخالفت ڪئي آهي. 2010ع کانپوءِ موسمياتي تبديلي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. سنڌ ۽ سنڌو درياهه تي وفاقي ڌاڙا هڪ تاريخي تڪرار آهي، جيڪو هلندڙ آهي. سنڌ جا ماڻهو، خاص ڪري آبادگار، هميشه اها شڪايت ڪندا رهيا آهن ته وفاقي پاليسيون سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪري رهيون آهن. هي تڪرار صرف سياسي نه پر اقتصادي، زرعي ۽ ثقافتي اهميت پڻ رکي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ به پاڪستان جي سياست تي اثرانداز ٿيندو.
ظفر حسين ملاح/ خيرپور
اسٽيبلشمنٽ ڏانھن سنڌي عوام جو کليل خط
حصو آخري
باقي اسان کي اھا به خبر آهي ته جڏهن ڪالاباغ ڊيم، ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، تڏهن به اھڙا ڪڌا ڪردار ھئا، جيڪي اڄ ليڊري پيا چمڪائين. اھي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾پيش ٿيندڙ ٺھراءُ وقت سنڌ اسيمبلي جا دروازا بند ڪري ڀڄي ويا ھئا. ھڪڙا ٻيا اھڙا ڪردار آهن، جن جڏهن ملڪ ۾ ضياءُ الحق مارشلا جو ڪارو دور ھو. آئين معطل ھو اسان معصوم سنڌ واسين تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا پئي ويا، تڏهن به دلالي ڪندڙ ڪير ھئا ڪھڙا ڪردار ھئا، جن چيو پئي ته ضياءُ الحق شريف النفس آهي؟ ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪنھن پئي چيو ڪفن چورن جي تحريڪ آھي ۽ ھا منهنجي پياري اسٽيبلشمنٽ توهان کي چڱيءَ طرح انھن ڪردارن جي خبر آهي، جن مارشلائن جي خلاف هلندڙ تحريڪن وقت چيو پئي ته ھي وقت جدوجهد جو نه پر گھر جي ڪنڊن ۾ ويھي ڪتاب پڙهڻ جو آھي. جيڪي پرويز مشرف جي مارشلا ۾ ساٿاري رهيا وزارتون ورتيون مشرف کي وردي ۾ ووٽ ڏئي صدر چونڊرايو. ايل ايف او جھڙا بل منظور ڪرايا توهان کي به خبر آهي اھڙن ڪردارن جي اوقات کان چڱي طرح واقف آهيو ۽ منهنجي پياري اسٽيبلشمنٽ جيڪو جدوجهد جو رخ اڄ پيپلز پارٽيءَ جي طرف موڙيو ويو آهي سڀاڻي جڏهن پيپلزپارٽي ميدان ۾ نڪتي ته پوءِ ڪئنالن جي خلاف جدوجھد ھڪ نئون رخ اختيار ڪري ويندي ۽ اھو عوامي سمنڊ ھوندو ۽ پوءِ ھي توهان جي وس۾ نه ھوندو جو ڪو نئون رخ ڏئي سگھن. سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪئنالن جو منصوبو اسٽيبلشمنٽ نگران حڪومت ۾ شروع ڪيو ويو ھو. ڪم ان ئي وقت شروع ٿي ويو ھو پر ھڪ سازش جي تحت صدر پاڪستان کي ذميوار قرار ڏئي سياست ڪندڙ جي جلد سياست بي نقاب ٿي ويندي. محترم پياري اسٽيبلشمنٽ توهان کي چڱيءَ طرح خبر آهي،ننڍن صوبن جي عوام سان ويساهه گهاتيون ڪيون وينديون آهن ته پوءِ اتي جا مظلوم عوام پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جمهوري پر امن احتجاج ڪندا آهن، جيڪو انهن جو آئيني حق آهي. ھن وقت پياري پاڪستان جون حالتون بهتر نه آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي صورت حال آهي ڏاڍي مايوس ڪن صورتحال آهي، پوري پاڪستان۾مايوسي جي لهر ڇانيل آهي. امن جي حوالي سان به خطرناڪ صورتحال آهي، سياسي سماجي بحران آهي. توهان جي اھڙين حالتن ۾ وڌيڪ اھم فيصلن سان ئي پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. منهنجي پياري اسٽيبلشمنٽ توهان ملڪ جي اھم ضرورت آھيو ۽ گڏوگڏ ملڪ جي عوام ۽ صوبا به پاڪستان جي طاقت آهن. مستحڪم پاڪستان جي لاءِ مضبوط ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي سماجي معاشي استحڪام ضروري آهي، انھيءَ جي لاءِ پياري اسٽيبلشمنٽ توهان کي عرض آهي ته سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو سنڌو درياءَ آهي، جنهن کي پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت سنڌ واسين جي جياپي سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. پنجاب حڪومت وفاقي حڪومت جو توهان اسٽيبلشمنٽ ساٿ ڏئي رهيون آھيو سنڌ واسين جو آواز نه پيو ٻڌو وڃي. ھٺ ڌرمي طاقت جي زور تي سنڌو درياءَ مان ڪئنالن کي ڪڍيو پيو وڃي. سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي، جڏهن سنڌو کي سڪائي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو معاشي تباهيءَ جو پروانو جاري ڪيو ويندو ته پوءِ اتي لازمي سنڌ جو عوام احتجاج ڪندو. اگر سنڌ جي عوام جي احتجاج کي مان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ سنڌ پنھنجي درياءَ ۽ ڌرتيءَ جي بقا جي لاءِ ھر قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ھڪ حقيقت آھي، سموري فيصلا سازيءَ ۾ اسٽيبلشمنٽ جي ڪردار کان ڪير به انڪاري ناهي، انھيءَ جي ڪري توهان کي قابل احترام اسٽيبلشمنٽ، سنڌ واسين جي پاران ھڪ کليل عوامي خط لکي التجا ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ھڪ طرفي فيصلن، ننڍن صوبن سان ناانصافين، مظلومن محڪومن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي سبب پھريان ئي پاڪستان غير مستحڪم ٿيو آهي، ترقي جي ڊوڙ۾ دنيا کان پوئتي آهي، دنيا جي مقابلي ڪرڻ جي لاءِ مضبوط مستحڪم پاڪستان ضروري آهي، انھيءَ لاءِ توھان کي صوبن کي اختيار ڏيڻا پوندا، صوبائي خودمختياريءَ ڏيڻي پوندي، صوبن کي پنهنجي ملڪيت جو مالڪ بنائڻو پوندو. ھن وقت سنڌ واسي سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن جو ذميوار توهان کي قرار ڏئي رهيا آهن، انھيءَ ڪري توهان ھن منصوبن کان يا ته لاتعلقي جو اعلان ڪيو يا سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي حق ۾ فيصلو ڪري ڪئنالن جو تڪراري منصوبو ھميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
وفا سانوڻ نوحاڻي/ڪڙيو گھنور