صدر آصف علي زرداري جي ڪئنالن جي حمايت کان معذرت
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر زرداري جي ڪئنالن بابت وضاحت سان اھو ته طئي ٿي ويو ته سنڌ جي ماڻهن جا سنڌو سڪائڻ بابت خوف، انديشا ۽ احتجاج بلا جواز ناھن. سنڌ جي وزير اعليٰ ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي قيادت جو ڪئنال نه ٺاھڻ بابت اطمينان ۽ خوشفهمي نه صرف بي جواز آھي بلڪه بادي النظر ۾ ڪئنالن خلاف سنڌ جي ماڻھن جي احتجاج ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش به آھي. صدر آصف زرداري جو گڏيل اجلاس ۾ ڪئنالن بابت انديشا ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڪئنالن نه ٺاھڻ بابت اطمينان، سنڌواسين کي ھڪ پر تشويش ۽ دکدائڪ حيرانگي ۾ مبتلا پيا ڪن ته جنھن پارٽي جي اڳواڻن شھادتون ڀوڳيون، جن لاءِ ماڻھن جيلون ۽ ڪوڙا کاڌا، سڀ صوبا ھٿ ڪڍي ويا پر سنڌ ھن پارٽي سان ناطو نڀائيندي رھي ۽ اڄ جڏھن سنڌ ! دريا بابت موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيھي پنھنجي بقا جي جنگ لاءِ نڪري پئي ته پيپلز پارٽي سنڌ سان گڏ بيھڻ بجاءِ سنڌواسين جي احتجاج کي ڪمزور ۽ سبوتار ڪرڻ جون ڪوششون پئي ڪري. اهو افسوسناڪ آهي.
اعجاز علي ٽالپر
اسٽيبلشمنٽ ڏانھن سنڌي عوام جو کليل خط
پياري پاڪستان جي پياري اسٽيبلشمنٽ، اسلام عليڪم! توهان جي خدمت۾ نيڪ تمنائن سان اسان سنڌ واسي پنهنجي ڌرتيءَ جي دانھن کڻي حاضر خدمت آھيون، اميد ته ضرور غور ڪندا. اسان جي پياري وطن پاڪستان، جي عوام سان ڪجهه حقيقتون جيڪي وابسته آهن، انھن تي به يادگيري ضروري آهي، پياري پاڪستان جي مستحڪم، ھئڻ ۾ اسان سمورن پاڪستانين جو فائدو آهي. پر الئي ڇو اسان سنڌ واسين جي حقن تي، ھميشه ڌاڙا ھنيا ويا آهن، سنڌ صوبو، پاڪستان جو خالق صوبو آهي، سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي خالق اسيمبلي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي 1940ع جي ٺھراءُ جنھن۾مظلوم عوام طبقن صوبن جي حقن جو تحفظ ھو، پاڪستان جو حقيقي روح ھو، پر افسوس ته، انھيءَ ۾ 1946 ع، ۾ ترميم ڪري ئي رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان۾ ننڍن صوبن سان اڻ کٽ زيادتين ۽ ملڪ ۾ مارشلا جو سلسلو شروع ٿي ويو، ۽ جھموريت صرف نالي ماتر رھي آھي. جھموريت لولي لنگڙي، جو لالي پاپ مليل آهي، ته ملڪ جو جھموريت پسند، طبقو خوش آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ننڍن صوبن سان ناانصافين جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. جڏهن، پوري دنيا۾، درياھن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، تڏهن اسان، پاڪستان جو ٺھراء پيش ڪندڙ، سنڌ واسي سنڌو درياءَ جي بقا جي، لاءِ جدوجھد ڪري رهيا آهيون، سنڌو درياءَ جي، پاڻي تي، ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. اسان جي پياري اسٽيبلشمنٽ اسان سلجھليل سنڌي ماڻهن کي خبر آهي ته، گرين پاڪستان جي نالي تي جن منصوبن تي عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي،سنڌو درياءَ مان، ڇھ 6 ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ واسي هن سنڌ دشمن ڪئنالن جي خلاف ھڪ آواز آھن. توهان سمجهيو آهي، ته اسان ڪئنال ڪڍي پنجاب جا ريگستان آباد ڪنداسين، ماڻهو،احتجاج پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ صدر پاڪستان جي ڪندا رھندا، پاڪستان تي اثر نه پوندو، اھا توهان جي شايد غلط فھمي ھجي، منهنجي پياري پاڪستان جي پياري اسٽيبلشمنٽ، توهان ملڪ جي بقا جا ضامن آھيو، ته ملڪ جي استحڪام، مضبوطي جو فيصلو ڪيو، سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن جا منصوبا فوري طور ختم ڪيو. پياري اسٽيبلشمنٽ، اسان سنڌ واسي باشعور عوام آھيون، ڄاڻ رکندڙ مظلوم عوام آھيون، سنڌ۾ ھڪڙي چوڻي آهي ته، ھيٺيائين تان جھليان ته جلھجي نه، مٿيائين تي چاڙھيان ته چڙهي ئي نه، سنڌ۾اڄ ڪلھ اھڙي صورتحال آهي، جو احتجاج جو رخ، صدر پاڪستان جي خلاف آهي ۽ توهان جي خلاف ھڪڙن۾ احتجاج ڪرڻ جي جرئت، ناھي، ٻين کي توهان ۾ اميدون آهن، اسان سمورن جون توهان ۾ اميدون آهن ته توهان سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ سمورن ڪئنالن کي بند ڪري سنڌ جي عوام سان انصاف ڪندا. (حصو پهريون)
وفا سانوڻ نوحاڻي/ڪڙيو گھنور
سانگي برادري جي ٻارڙن جي تعليم جو سوچيو
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي تعليم ته اڳي ئي گهڻي متاثر آهي، پر خوني تڪرارن ۽ قبائلي جهيڙن ڪري اها اڃا وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. ستن سالن کان وٺي سوشل ميڊيا سميت پرنٽ ميڊيا وسيلي سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ امن پسند ماڻهو دانهون ڪري رهيا آهن ته عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ سانگي برادري جي خوني تڪرار جو نبيرو ڪرايو، پر ڪو به وس وارو سردار، پير، مير هن تڪرار جي خاتمي لاءِ ظاهر ناهي ٿيو. هنن جهيڙن کي برقرار رکڻ سان ڪو فائدو ناهي. ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ سان گڏ ٻنهي ڌرين کي خوف رهندو آهي، جنهن ڳالهه کان لاڙڪاڻي جا وس وارا سردار به واقف آهن، پر افسوس جو انهن جي خاموشي تي سنڌ سڏڪي رهي آهي. پنجاهه، پنجاهه فردن تي مشتمل هن ٻنهي ڌرين جي ٺاهه لاءِ ڪنهن وس واري سردار جو ظاهر نه ٿيڻ امن پسند ۽ سنڌ واسين لاءِ ڏک جهڙي ڳالهه آهي. ستن سالن جو هي پراڻو تڪرار ڪيترو ناسور هوندو، اوهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا، ڪيترن ئي ٻارڙن جي تعليم رُلي وئي آهي. روزگار سميت ڪيتريون ئي تڪليفون ٻئي ڌريون ڏسي رهيون آهيون، تنهن باوجود به ڪنهن کي احساس ناهي. ڏهن ڏهن خونن جا فيصلا وس وارن ڪيا آهن. انهن جا فيصلا ٿين ٿا، پر ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته عزيز سانگي ۽ سانگي برادري جو تڪرار اڄ ڏينهن تائين ختم ٿي ناهي سگهيو. جنهن تي لاڙڪاڻي جا وس وارا سردار تماشائي بڻيل آهن، جن کي ڪنهن جي به دربدري جو احساس ناهي، اَٺ ميڙون کڻڻ باوجود به وس وارن جي خاموشي انهن جي مفاد پرستي کي ظاهر ڪري ٿي، خدارا هن تڪرار کي سياسي نظر سان ڏسڻ بجاءِ انسانيت ۽ امن ناتي ڏسي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سنڌ پوليس جا ڪمانڊوز الائونس کان محروم
سنڌ پوليس جو اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (SPU)ملڪ جي اهم ترين سيڪيورٽي ادارن مان هڪ آهي، جيڪو خاص طور تي سي پيڪ جهڙي بين الاقوامي سطح جي پروجيڪٽ جي تحفظ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان باوجود، ڊي آءِ جي SPU (سي پيڪ) طرفان ڪيترائي ڀيرا آءِ جي سنڌ کي الائونس لاءِ ليٽر لکيا ويا، پر اڄ ڏينهن تائين انهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو. هن ناانصافي سبب يونٽ جي جوانن ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي، جڏهن ته ساڳي وقت سنڌ پوليس جا ٻيا اسپيشل يونٽ، جهڙوڪ: CTD، RRF، ۽ SSU، اڳ ئي الائونس حاصل ڪري رهيا آهن. SPU جا ڪمانڊوز ڏينهن رات سي پيڪ جهڙي ترقياتي منصوبي جي حفاظت لاءِ تيار رهن ٿا، ته جيئن ملڪ، خاص طور تي سنڌ، ۾ اقتصادي ترقيءَ جو سفر جاري رهي. ان ڪري سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو آهي ته هن اهم معاملي تي فوراً نوٽيس وٺي، جوانن سان ٿيندڙ ناانصافي ختم ڪري، ۽ الائونس جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اهڙي قدم سان نه صرف جوانن جو حوصلو بلند ٿيندو، پر سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽس جي ڪارڪردگيءَ ۾ به وڌيڪ سڌارو ايندو، جيڪو نيٺ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي ۽ استحڪام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
قاصر نواز/ بدين
ستل عوام ۽ پاڻي تي ڌاڙو
اڄ ڳوٺ جي ڪجھه ماڻهن کي ٻڌايو ته ڪئنالن جي خلاف وڪيل برادري جو احتجاج زور ۽ شور سان جاري آهي انهن ۾ ڪافي اهڙا وڪيل آهن جن وٽ هڪ ايڪڙ زمين ناهي پر انهن وٽ ضمير ضرور آهي توهان به پنهنجي حصي جي دانھن ڪريو هر ساھ واري لاء پاڻي ضروري آهي پاڻي کان سواءِ ڪجھ به ناهي هر دانھن ڪوڪ هر ڳوٺ شهر وهاڻ وستي مان ٿئي ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور. ڳوٺ جي ماڻهن چيو ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ ۾ ٻوڏ ڪونه ايندي سنڌ ترقي ڪندي توهان ڪئنال جا مخالف نه حمايتي ٿيو. مون چيو واقعي جهالت جا اگر سڱ هجن ها ته توهان کي پنج فٽ جيترا هجن ها. دنيا جا دانا ماڻهو نه بڻجو ايترو عقل ڪٿان ٿا وٺي اچو جڏهن ڇھه ڪئنال وهندا تڏهن پويان توهان کي پاڻي جو ڍڪ ڪونه ملندو جيڪو پي پنهنجي اڃ مٽايو. فصل ته پري جي ڳالھه آهي توهان گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪونه ڪري سگهندا. اٿو پنهنجي مستقبل ۾ پاڻي پاڻي ڪري مري وڃو ان کان بهتر آهي هينئر آواز بلند ڪيو. توهان جي آواز کي ديوار نٿي روڪي سگهي، احتجاج ڪريو سوشل ميڊيا تي دانهون ڪوڪون ڪريو. توهان کان توهان جي جياپي جو مين ڪارڻ کسجي پيو توهان ستا آهيو هڻو نعرو. پاڻي خاطر پاڻي ٿيندو جهيڙو توسان جهونجهاڙي ٿيندو.
ڪاشف ڪنڀر/ نيوڇور
تعليم جي ذميواري اين جي اوز حوالي
اسان جي حڪومت سنڌ اين جي اوز کي اربين روپيه سنڌ جا ڏئي سمهي پئي آ ته بس هو سنڌ کي صحت تعليم ۽ امداد ڏيندا. ڪيڏو نه شرم جو مقام آ ته جنهن سنڌ جي پئسن تي پينو فقير اڄ ارب پتي بڻجي ويا وڏي دعويٰ سان پيا وڏا وڏا اشتهار ڏيارين ته هنن سنڌ جي لکين ماڻهن کي تعليم صحت ۽ فلاحي امداد ۾ اربين روپيه خرچ ڪيا آهن پر جيڪڏهن انهن جي مڪمل آڊٽ ٿي ته خبر پوندي هنن پنهجو هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو هوندو. ويتر سنڌ جي اٻوجھه ماڻهن کان اربين روپيه ڦريا هوندا. ايڌي اڄ به شڪارپور کان ڪراچي مريض لاءِ 70 هزار روپيه ايمبولينس جا پيو چارج ڪري، الخدمت جيڪا نج چندو وٺي ٺهي سا به شڪارپور کان لاڙڪاڻه 12000 روپيه پئي گهري. 1122 هميشه مصروف گاڏين جو چئي پئي جان آزاد ڪرائي. اسان جا ڀلا ڀلا اسڪول وڏين وڏين خيراتي کرب پتي اين جي اوز حوالي ڪري ظلم ڪيو ويو آ جيڪي پهريان ئي نمبر 1 هئا پر افسوس انهن کي ٻهراڙين جي اسڪولن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪونه ڪو پروگرام ڏنو ويو، اسان جون ڀليون اسپتالون پڻ انهن خيراتي ڪاروباري تنظيمن کي دان ۾ ڏنيون ويون. ويتر اربين روپين جون بلڊنگون ڏئي اربين روپين جون امدادي سرڪاري وسيلن مان ڏئي ڄڻ ته سنڌ دشمني ڪئي جو اڄ به سنڌ جي ڪنهن مريض جو معياري ۽ مفت علاج نه پيو ٿئي. اهڙا انڪشاف نيب جي رپورٽن ۾ NICVD ۽ GIMS JIMS جهڙن ادارن جون اچي چڪيون هن ۽ ساڻ PPHI جهڙا به ڪجھ غريب مسڪينن لاءِ ڀلائي جو سبب نه بڻجي سگهيا جو اڄ به ماڻهو پنهجو علاج گهر کپائي پيا ڪرائين پر اسان جا حڪمران وڏيون وڏيون پيا لٻاڙون هڻن. سو اسان جي استدعا آهي سنڌ سرڪار کان تمام رياستي ادارن و اختيارين کي ته خدارا سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪيو جيڪي اسان جا حڪمران مال غنيمت سمجهي پيا ورهائين. خيراتي کرب پتي ادارن ۾ جن ۾ گمبٽ جيڪب آباد سرفهرست آ ۽ 1122 جهڙا ادارا به قوم سنڌ تي بار بڻبا جلد جو سڀ قرضن تي سنڌ شروع ڪيا هن. انهن اسپتالن جي ڳرن بلن جي ادائگي بعد ميت ڏني پئي وڃي تدفين لاءِ سو اسان نيب اينٽي ڪرپشن ساڻ ايف آءِ اي سنڌ کي اپيل ڪنداسون سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن کي روڪيو جو هو سنڌ جي وسيلن کي پيا واري جيان کپائين ۽ سنڌ وتي پئي وفاق آڏو جهولي جهليو صاف پاڻي پاڪ ماحول لاءِ رڙيون ڪندي.
استاد جاويد احمد هڪڙو/شڪارپور
شھيد بينظير آباد ضلعي ۾ پيپلز بس سروس کي ڪامياب بڻايو
سنڌ حڪومت پاران عوامي سھولتن جي لاءِ ڪراچي کان پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي جيڪو ھڪ سارھ جوڳو عمل آهي. ھن سروس سان نه رڳو ماڻھن کي آرام وارو پر محفوظ سفر پڻ ميسر ٿيو آهي. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان شھيد بينظيرآباد ۾ به ھي سروس ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ جنوري جي پھرئين ھفتي ۾ تعلقي سطح تي سڪرنڊ کان نواب شاھ لاءِ پيپلز بس شروع ڪئي وئي جنهن تي ماڻھن سرھائي جو اظهار به ڪيو پر غلط پلاننگ يا مشوري جي ڪري ھن سروس مان عام ماڻھن کي ڪو به فائدو نه ملي سگھيو آهي ان جو سبب ھڪڙو اھو به آهي ته بس جو سٽاپ شھر کان تقريبن اڌ منو ڪلوميٽر پري رکيو ويو ۽ ٻيو ته ڪرايو به ھڪ سو روپيا مقرر ڪيو ويو جڏهن ته باقي سڀ پرائيويٽ بسون شھر مان گذرن ٿيون ۽ انهن جو ڪرايو به ساڳيو ھڪ سو روپيا ئي آهي جنهن جي ڪري ماڻھن کي پنڌ ڪري شھر کان ٻاهر وڃي بس ۾ چڙھڻ جي ضروت محسوس ڪانه ٿي ٿئي. ٻيو سبب اھو آهي ته 2 فيبروري کان مھيني جي اندر ئي بس جي ڪرائي ۾ 20 روپين جو اضافو ڪري ڪرايو 120 روپيا ڪيو ويو آهي جنهن سبب ھن بس مان بظاھر عام پورهيت ماڻھن کي ڪو فائدو يا ريليف نه پيو ملي ان ڪري سنڌ حڪومت اڳيان عرض رکجي ٿو ته سرھاڙي ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي جيئن سڪرنڊ يا نوابشاھ ۾ اچ وڃ جي سھولت ملي ان ڪري گذارش تي غور ڪيو وڃي ته جيئن پيپلز بس جو حقيقي ثمر غريب عوام کي ملي سگهي.
سھيل احمد زرداري/ سرھاڙي
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنالن وارو منصوبو سنڌ لاءِ خطرو
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنالن جي کوٽائي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهن عوام سول سوسائٽي، سياسي ۽ قومپرست پارٽين سان گڏ زرعي شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن به احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻن پيا. انهن مظاهرن ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي مبينا “ڌاڙي” خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آھي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪنهن به غيرقانوني قبضي کي فوري طور روڪيو وڃي. اهي ڪئنال پنجاب ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن پر سنڌ جا ماهر ۽ سياستدان ان قدم کي سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بحران ۾ واڌ جو ڪارڻ قرار ڏئي رهيا آهن. ماھرن جو چوڻ آھي ته سنڌ اڳ ئي شديد پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي سنڌو درياه مان وڌيڪ پاڻي جي ڪٽوتين سبب زراعت تباهه ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڀاڙي ٿي جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ وڌي وئي ته پوک جو عمل متاثر ٿيندو جنهن سان نه رڳو هارين جو روزگار ختم ٿيندو پر خوراڪ جي کوٽ به پيدا ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ جو پاڻي گهٽجي ويو ته ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي سگهي ٿو جنهن سان زرعي زمينون بنجر بڻجي سگهن ٿيون. ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ ھن وقت موجود آھي جڏھن ته سنڌو درياءَ ڪراچي کي به پاڻي فراهم ڪري ٿو جيڪڏهن پاڻي گهٽجي ويو ته شهرين کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جون قومپرست پارٽيون، جن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي (STP) عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قوم پرست پارٽيون شامل آهن انهن اعلان ڪيو آهي ته هو سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي ڪو به سودو نه ڪندا ڪيترين پارٽين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن انھن ڪئنالن جو ڪم بند نه ڪيو ويو ته هو سنڌ ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ۽ قومي شاهراهون بند ڪرڻ جهڙا قدم کڻندا. پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌ ۾ حڪمران پارٽي آهي پڻ هن معاملي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن. ٻئي طرف پنجاب حڪومت ۽ وفاقي اختيارين جو موقف آهي ته اهي ڪئنال زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن ۽ ان سان سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي تي ڪو به اثر نه پوندو پر سنڌ جا ماهر ۽ سياستدان ان بيان کي رد ڪري رهيا آهن ۽ ان کي “سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو” قرار ڏئي رهيا آهن. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال کوٽڻ جو منصوبو سنڌ لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جي عوام، هاري ۽ سياسي پارٽيون هن منصوبي خلاف متحد ٿي احتجاج ڪري رهيون آهن جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ جي خدشن کي نظرانداز ڪيو ته مستقبل ۾ هي معاملو وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو، جنهن جا اثر نه رڳو سنڌ پر سموري پاڪستان جي سياست ۽ معيشت تي پئجي سگهن ٿا.
مير مرتضيٰ شر/ ڄام صاحب