سنڌ جھنگلي کاتو ماحولياتي تحفظ جو ادارو يا ڪرپٽ مافيا جو آکاڙو؟

 

سنڌ ۾ ڪيترائي سرڪاري ادارا عوامي مفاد لاءِ قائم ڪيا ويا آھن، جن جو بنيادي مقصد عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ قدرتي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ آھي، پر بدقسمتي سان اھي ادارا پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين تان اکيون بند ڪري صرف ڪرپشن جا مرڪز بڻجي ويا آھن. انهن ادارن مان سنڌ جھنگلي کاتو (Forest Department Sindh) ھڪ آھي، جيڪو ماحولياتي تحفظ، ٻيلا وڌائڻ ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت لاءِ قائم ڪيو ويو هو. پر صرف ڪرپشن، نااھلي ۽ مافيائن جي سرپرستيءَ تائين محدود ٿي ويو آھي. سنڌ ۾ هر سال لکين وڻ پوکڻ جون دعوائون ڪاغذن تي ڪيون وڃن ٿيون، پر زميني حقيقت بلڪل ابتڙ آھي. ٺٽو، بدين، ڪنڌڪوٽ، نوشهروفيروز، خيرپور، ۽ سجاول ۾ هزارين ايڪڙ ٻيلي زمين مافيائن حوالي ڪري وڪرو ڪئي وئي آھي. ادارو اڄ قدرتي وسيلن جي نسل ڪشي ۾ سڀ کان اڳتي نظر اچي ٿو. اسان سنڌ حڪومت، سنڌ اعليٰ عدالت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ٻيلي کاتي جي سڀني آفيسرن ۽ ملازمن جي ملڪيتن، اثاثن ۽ ساک بابت شفاف جاچ ڪئي وڃي. ٻيلي زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪري زمينون سرڪاري قبضي هيٺ آنديون وڃن. عوامي شڪايتن لاءِ فاريسٽ هيلپ لائن قائم ڪئي وڃي ۽ هر ضلعي ۾ وڻڪاري مهم جي تصديق لاءِ آزاد ڪاميٽي جوڙي وڃي. جيڪڏهن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان جلدي ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سنڌ جي ٻيلا رڳو تاريخي داستانن جو حصو رهجي ويندا ۽ سنڌ جو ماحول ناقابل تلافي نقصانن کي منهن ڏيندو.

 

فياض حسين شر

 

ڳوٺ حاجي ميهڪ مري (کاهي) بنيادي سهولتن کان محروم

 

ڳوٺ حاجي ميهڪ مري جتي سوين خاندان رهن ٿا، اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي. تعليم، صحت، پاڻي، بجلي، روڊ، ۽ روزگار جهڙيون سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آهن، پر افسوس جو هتي رهندڙ ماڻهو اڃا به انهن سهولتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول موجود ناهي، جنهن سبب اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏورانهين علائقن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ اهو سفر مشڪل بڻجي وڃي ٿو، جنهن سبب ڪيترائي ٻار تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا. ان کان علاوه، ڳوٺ ۾ ڪا به لائبرري موجود ناهي. ڳوٺ ۾ صحت جي ڪا به سهولت موجود ناهي. ايمرجنسي جي صورت ۾ مريضن کي شهر وٺي وڃڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو طبي سهولتن کان محروم رهجي وڃن ٿا. ڳوٺ ۾ صاف پاڻي جي سهولت ناهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ عام آهي، جڏهن ته گئس جي سهولت بلڪل به موجود ناهي. ڳوٺ حاجي ميهڪ مري تائين ايندڙ رستا انتهائي خراب آهن. مٽيءَ جا رستا هجڻ ڪري ماڻهو وڏي تڪليف سان سفر ڪن ٿا. ڳوٺ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا محدود آهن، جنهن سبب بيروزگاري وڌي رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ جديد طريقا متعارف ڪرايا وڃن. نوجوانن لاءِ هنرمندي جا مرڪز قائم ڪيا وڃن. ننڍا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي قرض فراهم ڪيا وڃن. اسين وزيراعليٰ، ضلعي انتظاميا، ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪريون ٿا ته هو ڳوٺ حاجي ميهڪ مري جي بنيادي مسئلن جو نوٽيس وٺي فوري حل لاءِ قدم کڻن.

 

عارف علي مري/ ڳوٺ حاجي ميهڪ مري

 

سنڌ ۾ تعليم جي شعبَي سان لاڳاپيل اهم مسئلن مان هڪ هارڊ ايريا پاليسي

 

جڏهن سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ هارڊ ايريا وارن کي 33 مارڪون تي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، تڏهن عدالت سڳوري ان تي اعتراض ڪندي پاليسي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پر عدالت کي ان تي پڻ غور ڪرڻ کپي ته جيڪڏهن هارڊ ايريا پاليسي ختم ٿي ته اربن (شهري) ۽ رورل (ديهي) ڪوٽا پڻ ختم ٿيڻ گهرجي.  جڏهن شهري علائقن ۾ 33 مارڪون حاصل ڪندڙ کي 17 گريڊ جو آفيسر مقرر ڪيو وڃي ٿو، تڏهن ساڳي مقابلي واري امتحان ۾ ديهي علائقن جو نوجوان 50+ مارڪون وٺي به ناڪام قرار ڏنو وڃي ٿو. هيءُ صورتحال واضح طور تي ناانصافي ۽ ٻٽي معيار جي عڪاسي ڪري ٿي.  هارڊ ايريا جي اميدوارن، جيڪي 33 مارڪون حاصل ڪري چڪا هئا، انهن پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. پر، افسوس جو ٻه سال گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين ڪو به حتمي فيصلو نه آيو. سنڌ ۾ گهڻائي علائقا قبيلائي جھيڙن ۾ ڦاٿل آهن، جنهن جو هڪ اهم سبب قانون ۽ عدالتن مان انصاف جو نه ملڻ آهي. جڏهن عدالتون وقت سر فيصلا نه ڏينديون ته ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن، جنهن سان سماج ۾ بيچيني ۽ ناانصافي وڌي ٿي.  سنڌ جي تعليم واري وزير کي هارڊ ايريا جي اميدوارن لاءِ خاص پاليسين تي غور ڪرڻ کپي ته جيئن سندن حق غصب نه ٿين. ساڳي وقت، عدالتن کي به گهرجي ته بنا دير انصاف فراهم ڪن. هارڊ ايريا جي نوجوانن کي تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ بدران، اڳتي آڻڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ به تعليمي ترقي ممڪن بڻجي سگهي.

 

رحمان حڪيم رستماڻي/ واھي پانڌي دادو

اخباري صنعت تي آيل ڏکيا ڏينهن

 

دنيا اندر ماضي ۽ حال ۾ باخبر رکڻ لاءِ مختلف ذريعن جو استعمال ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا/اخبار، آڊيو ميڊيا/ريڊيو، اليڪٽرانڪ ميڊيا/ٽي وي ۽ هاڻ سوشل ميڊيا جو واهپو هلي پيو. ماضي ۾ اخبار جِي صنعت جو ڪجھه عرصو انتهائي عروج وارو رهيو، سينيئر هاڪر ٻڌائن ٿا، ته ڪجھه ڏهاڪا اڳ ماڻھو اخبار جي انتظار ۾ هوندا هئا ۽ اخبار پچهڻ شرط وڪامجي ويندي هئي. پر جڏهن کان سوشل ميڊيا جو واهپو عام ٿيو آهي، ته اخبار جو ڄڻ زوال شروع ٿيو هجي، نصيرآباد شھر ۾ مون 2019 کان 2024 تائين 5 سال هاڪري ڪئي آهي، انهن 5 سالن جي شروعاتي وقت ۾ مختلف اخبارن جِي سرڪيوليشن 600 ڪاپيون هئي، جيڪا هن وقت فقط 100 ڪاپيون وڃي بچي آهي. ان جا ڪجھ سبب هي به آهن، ته اخبار جو ڪاغذ مهانگو ٿيڻ ۽ ٻين خرچن جي وڌڻ سبب 20 رپين واري ڪاپي 40 رپين تي پهتي آهي، اڪثر ماڻهو خرچ بچائڻ لاءِ به اخبار کي الوداع ڪري ويا آهن، جيڪو اخباري دنيا لاءِ الميو آهي. جنهن رفتار سان جدت ۽ ترقي ٿي رهي آهي، ان مان لڳي ٿو ته اخباري دنيا جو سج لهڻ لڳو آهي ۽ اخبار جِي جاءِ سوشل ميڊيا والاري ورتي آهي. افسوس جِي ڳالھ اها به آهي، ته اخبار ڄاڻ جو ذريعو هئڻ بجاءِ اشتهارن جو پليٽ فارم ٿي وئي آهي.

 

عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي/نصيرآباد.

 

ڊائريڪٽر ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري سکر ڏانهن لکيل خط

 

ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولس ريجن سکر.اوهان جي صحت لاءِ دعاگو آهيون: منهنجا مانوارا سائين اوهان ته سدائين پنهنجن ننڍڙن ملازمن پٺتي پيل لوئر اسٽاف جي حقن جي ڳالھه ڪندا آهيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان خيرپور ضلعي جي ننڍڙن مسڪين ملازمن جا 2006ع کان ڪلارڪي پروموشن نه ٿي سگهيا آهن، مون سميت ڪيترائي اوهان جا ننڍڙا ملازم M.A.M.Ed.۽ ڪمپيوٽر ڪورس پاس آهن، جڏهن ته 2015 ۾ هاءِ ڪورٽ سڳوري طرفان اسان جي حق ۾ فيصلو به آيل آهي، ته اسان کي پروموشن ڏنا وڃن. پر افسوس جو اڃا تائين اسان آسرن تي ئي ويٺا آهيون. اسان خيرپور ضلع جا ننڍڙا ملازم ڊائريڪٽر پرائمري سکر علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ ڊائريڪٽر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري سکر حافظ شھاب الدين انڍڙ کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا اسان مسڪين لوئر اسٽاف ايجوڪيشن ضلع خيرپور جا جلد ڪلارڪي پروموشن ڪري اسان سان انصاف ڪندا جيڪڏهن سائين اوهان به اسان مسڪين لوئر اسٽاف ملازمن جي سار نه لهندؤ ته باقي ڪير لهندو.

 

ملازم شنباڻي/ ڳوٺ غلام عباس ڀنڀرو

 

سنڌ جا غيرتمند وڪيل

 

سنڌ جي پوتر ڌرتي پنھنجو پاڻ ملھايو جيڪا غيرت، ھمت، حوصلو ۽ انصاف جي چاھيندڙ جي گواھي ڏئي رھي آھي. سنڌ جا غيور وڪيل جيڪي عوام جي حقن، مظلومن جي دانھن ڪوڪن، انصاف جي قيام  ۽ سنڌ ماتا جي آئيندي جي اوني لاءِ ميدان ۾ نڪتا آهن. ھي لانگ مارچ ڪنھن ذاتي مفاد جي لاءِ ناھي بلڪي سنڌ جي عوام، سنڌ جون حالتون، سنڌ جون زمينون، سنڌو درياءَ ۽ ان جي بنيادي ضرورتن جي لاءِ آھي. انھن جي حفاظت ۽ پوئواري جي لاءِ آھي. ھي وڪيل ڇويھين آئيني ترميم ۽ سنڌو درياهه جي ڪک مان ناجائز ڇھه ڪئنال جھڙن دشمن منصوبن جي خلاف پنھنجي آواز بلند ڪري رھيا آھن ۽ ھي واضح ڪري رھيا آھن ته سنڌو جي پاڻي، سنڌ جي زمين کي لٽجڻ نه ڏينداسين. ھي لانگ مارچ سنڌ جي بقاءَ ۽ ان جي تحفظ خاطر ھڪ مضبوط ديوار بڻبو. سنڌ جي عوام جي لاءِ به لمحه فڪر آھي ته ھو اٿي بيھن ۽ سنڌ جي انھن غيرتمند وڪيلن جو ڀرپور ساٿ ڏين. ھي معمولي احتجاج ناھي پر سنڌ جي مستقبل جي تحفظ جي جنگ آھي. اڄ اگر سنڌ جا ماڻهو خاموشي جا زيور پائي اگھور ننڊ ۾ سمھي پيا ته ايندڙ نسل اسان کي ڪڏھن به معاف نه ڪندا. اسان جي ھن رويي تي  جھڙي طرح اسان جي سنڌ جي وڪيلن ظلم بربريت خلاف آواز بلند ڪيو آھي اسان کي انھن جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. سنڌ جي ڌرتي ڪڏھن به ظالم آڏو پنھنجو سر ناهي جهڪايو. ڪڏھن به ظلم جبر ڏاڍ اڳيان ناھي جھڪي ۽ اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته اسان جو شعور اسان جو ضمير اڃان ستل ناھي، پنھنجن حقن خاطر ھر قرباني جي لاءِ تيار آھيون.

 

ياسين علي کوسو

 

اسان جي منزل اڃان بـ اڳتي

 

صلاح الدين ابڙو قاسم علي شاه جو ھڪ بھترين شاگرد آھي ۽ پاڻ يوٽيوب ۽ فيس بڪ تي سنڌ جي غريب شاگرد جي لاءِ گھر ويٺي آن لائن ڪورس ڪرائيندو آھي. جيڪو سنڌ جي تعليم لاءِ بھترين ڪم ڪري رھيو آھي جنھن قاسم علي شاھ جي اردو ڪتاب جو سنڌي ۾ بھترين لکڻي ۾ ترجمو ڪيو آھي. ھي ڪتاب ھڪ Motivational ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھ صاحب ٻڌايو آهي ته زندگيءَ ۾ ڪيئن انسان ننڍن ننڍن ڪمن مان پنھنجي زندگي ڪاميابيءَ سان گذاري سگھي ٿو. ڪتاب ۾ ھر ڪالم ۽ ڪھاڻي ۾ بھترين سبق سکڻ لاءِ آھن. ھن ڪتاب ۾ شاھ صاحب ”ارادي“ جي حوالي سان Motivational تاريخي ھڪ قصو لکيو آھي. ھي قصو آھي دنيا جي حسين ۽ يادگار پل Brooklyn Bridge جيڪا ٻن شھرن کي پاڻ ۾ ملائيندي آھي. ٻئي ھنڌ شاھ صاحب لکي ٿو ته ”صالحن جي صحبت توھان کي صالح بڻائيندي آھي“ يقينن جھڙو ٻڌندا اھڙو ڳالھائيندا. انسان جي صحبت ئي ان جو تعارف بڻجندي آھي. آخر ۾ قاسم علي شاهه جي ھڪ ٻئي مضمون کي لکڻ ضروري سمجھندس جيڪو ھن وقت دنيا جو Top Level Topic آھي Skills ”مھارت“ ڇو ته اڄ جي دنيا مھارت کي سلام ڪندي آھي. روبن شرما جي چوڻي آھي تـ ”ھر انسان جي اندر ڪمال ڀريلَ ھوندا آھن جيڪي ٻاھر اچڻ لاءِ بيتاب ھوندا آھن“. دنيا هميشه انهن ماڻهن کي عزت ڏيندي آهي، جيڪي پنهنجي مهارت ۽ صلاحيتن سان دنيا ۾ ڪجھه نئون ڪري ڏيکاريندا آهن. ٻين ملڪن ۾ انھن ماڻھن جي تمام گھڻي عزت ھوندي آھي جن ۾ خاص قسم جي ڪا مھارت يا انھن ۾ قابليت ھوندي آھي.

 

عبدالحفيظ ڪنڀر

 

اسلام ۾ عورت جو اتم درجو!!!

 

الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”۽ جنهن مادي ۽ نر کي پيدا ڪيو“۽ ان ذات جو قسم جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو، اها وڏي عجيب قدرت آهي جو هن سڀني جاندارن، پکين ۽ انسانن توڙي وڻن ۾ نر ۽ مادي جي تخليق ڪئي، ساڳي ماءُ، ساڳي پيءُ، پر پٽ ۽ ڌي جو الڳ الڳ ڪردار بنايائين، مثال طور حلال رزق مان اولاد جي پرورش ڪرڻ پيءُ جي ذميداري آهي ۽ ماءُ جي ذميداري آهي ته پيءُ جيڪو رزق ڏئي ان جي حفاظت ڪري، ان کي ضايع نه ڪري ۽ اولاد کي پيار سان پالي ۽ انهن جي سٺي تربيت ڪري. هاڻي ٻنهي جا ڪم الڳ الڳ آهن هڪ جو ڪم آمدني آڻڻ ۽ ٻئي جو ڪم خرچ ڪرڻ آهي، ٻنهي کي ثواب ملندو. جيئن توهان وٽ فوج آهي، هڪ فوج ۾ هڪ آفيسر آهي ۽ ٻيو هڪ سپاهي آهي. سپاهيءَ جي پنهنجي ذميواري آهي ته سپاهي کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ تي انعام ملندو. جيڪڏهن هوءَ عورت آهي ته هوءَ عورتن جو ڪم چڱيءَ طرح ڪري سگهي ٿي.

محسن انسانيت رحمت العالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله وسلم عورتن بابت چيو ته سڀ کان پھريان مان جنت جو دروازو کوليندس. ھڪ عورت مون کان پھريان جنت م داخل ٿيندي مان پڇندس تون ڪير آھين ھو چوندي مان بيواھ آھيان ھي يتيم ٻار آھن مڙس جو حق ادا ڪيو ۽ مڙس جون خوبيون بيان ڪندي اھڙي عورت کي شھيد جي برابر درجو آھي. جنھن عورت نڪاح ڪيو فرض ادا ڪيو ۽ گناھن کان پرھيز ڪيو مڙس ۽ اولاد جي سٺي پرورش ڪئي ان کي ثواب ملندو. جيڪا عورت حمل سان ھوندي ھن کي الله تعاليٰ جي رستي ۾ روزو رکي جھاد ڪرڻ ۽ رات جو عبادت ڪرڻ واري عورت جي برابر ثواب ملندو. عورت جي جسماني طاقت پنهنجي آهي، مرد جي جسماني طاقت پنهنجي آهي، مرد جي ذهني طاقت پنهنجي آهي، عورت جو سڀ ڪجهه پنهنجو آهي، ان جو مزاج به آهي، اسلام عورتن کي مردن جا برابر حق ڏنا آهن. اسلام عورت کي گھر جي زينت بڻايو پر اڄ جي عورت کي وچ بازار ۾ بيھاريو وڃي ٿو ابن آدم جون حوس ڀريل نظرون ھن جي تن تان آر پار ٿي وڃن ٿيون ان جي چادر کي ليڙون ليڙون ڪيو ويو آهي۔ نبي پاڪ جن ته دشمن جي نياڻين کي به چادر پارائي پر ان جي امت ته پنھنجن نياڻين جون چادرون لاھي ڇڏيون آهن. اسلام ته عورت کي پسند جو حق به ڏنو پر ھن سماج ۾ جيڪڏھن ان پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو ته ان کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، مطلب ته ھر دور ۾ عورت ظلم جي چڪي ۾ پيسجندي رھي اگر ڪٿي جنگ لڳي ته به ظلم عورت جي مٿان، اگر نياڻي پيدا ٿئي ته به طلاق جو ٽڪو عورت جي مٿان لڳندو آهي. گھر ان جي لاءِ جھنم بڻايو ويندو ڄڻ ته پٽ ۽ ڌي عورت جي ھٿ ۾ هجي. اچو اسلام جي روشني ۾ عورت کي پرکيون ۽ ان کي اهو مقام ڏيون جيڪو اسلام کيس ڏنو آهي.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

 

پاڻيءَ جي اھميت

 

پاڻي الله تعاليٰ جي ھڪ قيمتي ۽ خوبصورت نعمت آھي، جيڪا زندگي جو بنياد آھي. پاڻي کانسواءِ زندگيءَ جو تصور به نٿو ڪري سگھجي. اسان کي پاڻي جي قدر ڪرڻ گھرجي ۽ ان کي ضايع ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ڇو ته پاڻي نه رڳو انسانن لاءِ، پر جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن لاءِ به تمام اھم آھي. پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪيترائي جاندار تڪليفن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. پاڻي جا ڪيترائي ذريعا آھن، جھڙوڪ کوھ، درياهه، ڍنڍون، سمنڊ ۽ مينھن. مينھن جو پاڻي زمين تي زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ مددگار ثابت ٿئي ٿو ۽ سڀني جاندارن کي پيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو. پاڻي اسان جي روزمره زندگيءَ ۾ گھڻن ڪمن لاءِ ڪم اچي ٿو، جيئن پيئڻ، ڌوئڻ، ڀاڄين ۾ وجھڻ، فصل پوکڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ. زراعت لاءِ به پاڻي بنيادي وسيلو آھي، ڇو ته فصلن جي واڌ ويجھه پاڻي تي دارومدار رکي ٿي. دنيا جو 71 سيڪڙو حصو پاڻي تي مشتمل آھي، پر ان مان صرف 3 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي قابل آھي. صاف پاڻي اسان جي جسم کي صحتمند رکندو آھي ۽ بيمارين کان محفوظ ڪري ٿو. اسان کي ھميشه صاف پاڻي پيئڻ گھرجي ڇو ته خراب پاڻي ۾ مٽي، جراثيم ۽ وائرس ھوندا آھن، جيڪي اسان کي بيمار ڪري سگھن ٿا. خاص طور تي بيٺل پاڻي ۾ جراثيم پيدا ٿيندا آھن، ان ڪري ھميشه ھلندڙ صاف پاڻي پيئڻ گھرجي. صاف پاڻي اسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آھي. مينھن زندگي لاءِ ضروري آھي، پر ان جي گھڻي وسڻ سان ٻوڏ اچي سگھي ٿي، جيڪا وڏي تباهي آڻي ٿي. ٻوڏ جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي وڃن ٿا ۽ مختلف بيماريون پکڙجن ٿيون. آلوده پاڻي پيئڻ بيماريون وڌي سگھن ٿيون. پاڻي جي گدلاڻ ماحولياتي مسئلن مان ھڪ اھم مسئلو آھي. ڪارخانن جو گندو پاڻي دريائن ۽ ڍنڍن ۾ ڇڏڻ سان پاڻي گدلو ٿي وڃي ٿو، جيڪو جاندارن ۽ انسانن لاءِ نقصانڪار آھي. پاڻي ھڪ قيمتي وسيلو آھي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. پاڻي جي کوٽ مستقبل ۾ وڏو بحران بڻجي سگھي ٿي، ان ڪري اسان کي پاڻي بچائڻ بابت آگاهي پکيڙڻ گھرجي. جيڪڏهن اسان پاڻي کي ضايع ڪرڻ بند نه ڪيو ته ايندڙ نسل پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي سگھي ٿو. پاڻي جي بچاءُ لاءِ مختلف قدم کنيا وڃن، جيئن پاڻي جو صحيح استعمال، گندگي کان بچاءُ ۽ مينھن جو پاڻي محفوظ ڪرڻ. پاڻي زندگيءَ جو خزانو آھي. اسان کي پاڻي جي اھميت کي سمجھي، ان جي بچاءُ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڻي بچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آھي، ڇو ته پاڻيءَ جي بغير زندگي ناممڪن آھي. جيڪڏهن اسان اڄ پاڻي جي بچاءُ لاءِ قدم نه کنيا ته مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي سگھون ٿا. اچو ته گڏجي پاڻي جي اھميت کي سمجھي، ان کي ضايع ڪرڻ کان بچايون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پاڻي محفوظ ڪريون.

حسنين رند/سڪرنڊ