نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ ڪيئن تباھ ٿيندي؟

 

حصو آخري

 

پنجاب جي هن وقت تائين 70 سيڪڙو زمين آباد آهي ۽ 30 سيڪڙو زمين غير آباد آهي پر سنڌ جي 70 سيڪڙو زمين اڄ به غيرآباد آهي ۽ صرف 30 سيڪڙو زمين آباد آهي. پنجاب چاهي ٿو ته سنڌ جي 30 سيڪڙو آباد زمين کي غيرآباد ڪري پنهنجيءَ 30 سيڪڙو غيرآباد زمين کي آباد ڪري ۽ سنڌو درياهه جي مالڪيءَ جو حق سنڌ کان مڪمل طور کسيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هو وقت بوقت پنهنجي مرضيءَ سان پاڻيءَ جا معاهدا به ڪرائيندو رهيو آهي ۽ انهن جي ڀڃڪڙيون به پاڻ ئي ڪندو رهيو آهي. پنجاب جي حڪمت عملي مطابق چولستان سميت ڇھه نوان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ سان گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي بيراجن تي قائم سمورا ڪئنال ۽ واهه  سال جا ڇهه مهينا بند رهندا ۽ باقي ڇهه مهينا به وارا بندي تي وهندا. ان ڪري سنڌ ۾ سال ۾ ٻه فصل ٿي نه سگهندا. پر هر پنجن سالن کانپوءِ جڏهن ٻوڏ ايندي ته هڪ سال ۾ ٻه فصل ٿي سگهندا. پنجاب جي پاڻيءَ جي اهڙي حڪمت عملي سبب ڪچي جي 19 لک ايڪڙ زمين برباد ٿي ويندي ۽ پڪي جي 70 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي. باقي 30 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ به پنجاب جو محتاج رهڻو پوندو ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ جي علائقي ۾ پنجن مان چار سال پاڻي پهچي نه سگهندو؛ جنهن ڪري ٺٽو ۽ بدين ضلعا سامونڊي ويرن جي ور چڙهي ويندا ۽ اتان جون زمينون سم ۽ ڪلر جي سيلاب ۾ ٻڏي وينديون. ڪچي جي پيداوار ختم ٿي ويندي، سنڌوءَ جي ڪنارن وارا ڳوٺ ۽ شهر اجڙي ويندا، ڇهن لکن ايڪڙن جي ٻيلن تي گذران ڪندڙ ويهه لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا ۽ لکين مهاڻا ۽ ميربحر سڀ دربدر ٿي ويندا. ڇوڙ ۾ موجود ڇهن لکن ايڪڙن تي بيٺل تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويندا، اُتي جي ٻي پيداوار، جيئن مڇي، گانگٽ، جڙي ٻوٽيون وغيره ختم ٿي وينديون. سنڌ جون سموريون ڍنڍون، جيئن ڪينجهر، منڇر، هاليجي، هڏيرو ۽ چوٽياري يا ڪاڇڙي، حمل ڍنڍ ۽ ٻيون اٽڪل ساڍيون پنج سؤ ڍنڍون مڪمل طور برباد ٿي وينديون ۽ انهن مان پکين پکڻن، مڇين، ڍورن، ڍڳن، ٻڪرين رڍن، اٺن وغيره يا ٻئي چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويندو ۽ مٺي پاڻيءَ جي وهڪري کانسواءِ سنڌ ڌرتيءَ جو سمورو پاڻي کارو يا ختم ٿي ويندو. هن وقت به سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري دادو، جوهي، ڪي اين شاهه، ميھڙ  جي پاسي پاڻي ٻاڙو ٿي ويو آهي. جنهن ڪري گيسٽرو جي بيماري وبائي شڪل ۾ هر سال سوين ماڻهن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي. سنڌ بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي. سنڌ جي 80 سيڪڙو آباديءَ جو گذران زراعت تي آهي. پاڻيءَ جي بند ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي سڄي زراعت تباهه ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي آبادي بکن ۽ بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي. موجوده عالمي قانون مطابق توڙي سنڌ جي ديني عالمن جي فتويٰ مطابق:” سنڌو درياهه تي شرعي، قانون ۽ تاريخي اعتبار کان صرف سنڌ وارن جو حق آهي.“ ڪو به غيرت مند سنڌي انھن ڪئنالن جو حمايت نه ڪندو.انشاءالله سنڌي عوام جي مزاحمت سان اها ڪئنالن واري رٿا رد ڪبي.

 

اياز بلوچ/ تنگواني

سحر و افطار بغير ماءُ جي……

 

رمضان جو مهينو ايندو آهي ته گهرن ۾ رونق وڌي ويندي آهي، خاص ڪري جڏهن ماءُ جي شفقت ڀري هٿن سان سحريءَ لاءِ جاڳائڻ ۽ افطاريءَ تي پيار سان طعام رکڻ جو منظر هجي. پر جڏهن ماءُ وڇڙي وڃي، ته انهن لمحن ۾ جيڪا خالي جڳهه پيدا ٿئي ٿي، اها ڪمي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکي آهي. سحري ۾ صرف کاڌي پيتي جو معاملو نه هوندو هو، پر هڪ پيار ڀريو احساس هوندو هو. رات جو پاڻ سان گڏ جاڳائڻ، چپن تي درود، اکين ۾ دعا ۽ نرم آواز سان چوندي: ” پٽ، اُٿي وڃ، روزو وسري نه وڃي!“ پر هاڻي ته سحريءَ جو وقت اچي به وڃي ته اُها ساڳي مٺي صدا سماعتن ۾ نه ٿي پوي. گهڙيال تي نظر پوي ٿي، خود ئي اُٿجي، بغير ڪنهن محبت ڀرئي ڇهاءُ جي. هر ڳڙڪيل گرهه ماءُ جي ياد ڏياري ٿو. افطار جو منظر ته سدائين ماءُ جي موجودگيءَ سان ئي مڪمل لڳندو هو. سندس هٿن سان ٺاهيل مانيون، پڪوڙا، ميوا ۽ خاص ڪري سڳنڌ ڀريل سَيون، جن ۾ سندس محبت پوريءَ طرح شامل هوندي هئي. پر هاڻي ته افطار جو وقت ايندو آهي ته اُها خوشبوءِ گم لڳي ٿي. دسترخوان تي هر شيءِ هوندي آهي، پر ماءُ جو هٿ نه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته کاڌي جي ڀيٽ ۾ سندس نه هجڻ جو احساس ايترو ته وڏو ٿي ويندو آهي جو روزو کولڻ جي خوشي به ويراڳ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. رمضان ۾ ماءُ جي موجودگيءَ جو سڀ کان وڏو احساس تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن دعا لاءِ هٿ اٿارجن. اڳي ماءُ پاڻ اڳيان ويهاري، هٿ مٿي کڻي چوندي هئي: ”الله، منهنجي ٻچن کي سلامت رک!“ هاڻي به هٿ ته اٿن ٿا، پر اکين ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ سان گڏ صرف هڪ ئي دعا نڪري ٿي: ”يا الله، منهنجي ماءُ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي!“ ماءُ جي وڇوڙي کان پوءِ رمضان جا لمحا اڳ وانگر ناهن رهندا، پر سندس محبت جي روشني دل ۾ هميشه لاءِ قائم رهندي. هوءَ بظاهر اسان جي وچ ۾ نه هوندي، پر سحريءَ جي سڏ، افطاريءَ جي مٺاس، ۽ دعائن جي گونج ۾ سدائين زنده رهندي.

 

وفا مختيار جمالي

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن

 

چوندا آھن ته ھر ڪامياب مرد جي پٺيان ڪامياب عورت جو ھٿ ھوندو آ، اسان جي سماج ۾ عورت جو اھم ڪردار رھيو آھي پوءِ اھا ماءُ جي روپ ۾ ھجي يا ڀيڻ جي يا  زال جي روپ ۾ يا ٻئي ڪنهن  رشتي ۾ ھجي جيئن عورت مرد کي مڪمل ڪندي آ تيئن ئي عورت سماج کي به مڪمل ڪندي آ. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو عورت ست قران آھي. دنيا سميت سنڌ جي عورتن کي به سرخ سلام پيش ٿو ڪجي عورت به مرد جيتري ڏاھپ، سياڻپ، ساڃاھ، تعليم، عقل ۽ شعور ٿي رکي اسان جي عورت به ايتري ئي عزت جي لائق آ جيتري عزت مرد جي آ. پر افسوس جو دنيا جي عورتن کي گھٽ سمجھيو ويندو آ، خاص ڪري سنڌ اندر عورت کي نظرانداز ڪيو ويندو آ ۽ عورت تي ظلم ۽ جبر ڪيو ويندو آ، عورت قوم جو ھٿيار آھي. جڏهن  ھڪ عورت پنهنجي  محبوب کي مسڪرائي ڏسي ٿي يا پيار ٿي ڪري ته مرد لاءِ اھو منظر جنت جيان ھوندو آھي. عورت واحد ديوتا آھي جنھن جي آڏو ھر ڌرم جو پوڄاري جھڪي پوندو آھي. ملان کان وٺي پنڊت تائين سڀني جا راز عورت ئي ڄاڻندي آ.  اسان کي کپي ته اسان پنهنجي  نياڻين کي تعليم جي زيور سان نوازيون ۽ عورت کي  مڪمل آزادي سان گڏو گڏ عزت ڏيون.

 

صفدر عرف دودو خان سولنگي / ڪوڙي جا ڀاڻ

 

عورتن جي حقن جي تحريڪ‎

 

فيمينزم انگريزي لفظ آهي جنهن کي اردو ۾ “نسائيت” سنڌي ۾ عورتاذات چيو وڃي ٿو. فيمينزم لفظ جي معنيٰ آهي، عورت جي حقن جي تحريڪ. فقط اسان وٽ  ئي نه بلڪه هر ملڪ ۾ عورت ذات سان ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ فيمينزم جي تحريڪ جنم ورتو. جنهن جي شروعات سجاڳي واري دور ۾ يورپ کان ٿي. معاشري ۾ مرد کي عورت کان وڌيڪ حق مليل  هئا. تعليمي، مذهبي، معاشي، حوالي سان عورت کي به برابر حق ڏنا وڃن ان ڪري اها تحريڪ اڳتي وڌي. هن تحريڪ کي چار دورن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ پهريون دور 1848 کان 1920ع تائين هو. 1848 ۾ فيمينسٽ تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ ايلزبيٿ ڪيڊي اسٽيشن، لوڪريشا ڪوفن موٽ ۽ ٻين عورتن “سينڪافالز” ۾ مجلس ذريعي عورتن جي آزادي جو اعلان ڪيو. آمريڪا ۾ عورتن جي آزادي لاءِ باقاعده آئين جوڙڻ جي گهر ڪئي وئي. عورتن کي مردن جي مقابلي ۾ پگهار ۽ حيثيت گهٽ ڏيندا هئا بلڪه ڪم ايترو ئي ڪنديون هيون جيترو مرد. هن دور جي تحريڪ وڏي پيماني تي يورپ ۾  پهچي وئي، 1920ع ۾ عورت کي تعليم، روزگار، ذاتي ملڪيت، ووٽ ڏيڻ جو قانوني حق حاصل ٿيو. ٻيو دور  1960کان 1980ع جنهن ۾ عورت جي ثانوي حيثيت ۽ سندس سماجي حقن تي غور ڪيو ويو. فرائيڊين ڪجهه ٻين فيمينسٽ عورت سان ملي “عورتن جي قومي تنظيم” جو پڻ بنياد وڌو. ٽيون دور1988کان 2007  فيمينزم جي ٽين دور ۾ عورت جي جائيداد ووٽ جي حقن تائين محدود نٿي رهي عورتن پنهنجي مرضي سان شادي، پنهنجي مرضي سان شادي بنا رشتا رکڻ، ويم لاءِ موڪل، حمل ضايع ڪرڻ، ٻار پيدا ڪرڻ جو وقفو، گهريلو تشدد، جنسي تشدد، مسئلن کان ڇوٽڪارو پڻ ڏياري ٿو. انهن مطالبن سان گڏ  خراب مطالبا به سامهون آيا. فيمينزم جو چوٿون دور 2008ع کان شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين هلي رهيو آهي. پهرين ۽ ٻئي دور ۾ عورتن جي مناسب حقن جي ڳالھه ڪئي وئي ٽين ۽ چوٿين دور ۾ مثبت پاسي کان ٿيندي ڇڙواڳي جهڙا مطالبا ۽ رويا سامهون آيا. عام رواج ۾ ڏسندا آهيون ته اسان کي ائين لڳي ٿو عورت سان ظلم مرد ڪري رهيو آهي، بلڪه عورت سان ناانصافيون طبقاتي نظام جي ڪري ئي ٿين ٿيون. جاگيرداري نظام هٿان هاري طبقو، سرمائيداري نظام هٿان مزدور طبقو. انهي ڪري عورت کي ورهاست سمجهي جيئن چاهي استعمال ڪن ٿا. فيمينزم جو تصور سنڌ ۾ ڪهڙي طرح جڙيو. سنڌ ۾ به سرمائيداري نظام کان اڳ فيوڊل دور هو جنهن ۾ عورت کي تعليم نه ملندي هئي، نه اظهار جي آزادي، نه  گهر کان نڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. انگريزن جي دور ۾ فيمينزم جو سنڌ ۾ پهريون دور هو جنهن ۾ مثبت پھلو ڏسڻ ۾ آيا. سنڌ ۾ ٻه روپ سماج جا نظر اچن ٿا هڪ شهري سماج جنهن ۾ عورت مضبوط آهي، پنهنجي طور طريقن سان زندگي بسر ڪري سگهي ٿي. پر ڳوٺن ۾ اڄ به عورتن سان اهو  ظلم آهي پنهنجي ملڪيت سمجهي حيوانن کان به بدتر زندگي گذارين ٿيون. ڳوٺن جي عورتن کي ننڍي عمر ۾ شادي، ٻار پيدا ڪرڻ،  تعليم نه حاصل ڪرڻ ڏين، ان کان علاوه به ڪيئي اهڙا ظلم آهن جنهن جي خلاف قانون کي بل پاس ڪرائڻ کپن. جيئن ته ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ، ڇوڪري جي پيدا ٿيندي ئي ماري ڇڏڻ، انهن کان علاوه به ٻيا گهڻا مسئلا آهن جن تي غور ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي عورتن جي زندگي تبديل ڪرائي سگهن ٿا. مگر اڄڪلهه جي ڪمرشل دور جو فيمينيسٽ 8 مارچ تي لانگ مارچ ڪرائي يا ته فوٽو ڪڍي ليڪچر ڏئي ميرا جسم ميري مرضي جو نعرو هڻائي بس تهوار وانگر ملهائي خاموشي جي چادر پنهنجي پاڻ چاڙهي ڇڏن ٿيون. اصل فيمينيسٽ ٿيڻو آهي ته انهن ڳوٺن جي  عورتن لاءِ آواز اٿاريو جنهن کي سرمائيدار پنهنجي هوس پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي اوطاق جي رونق بڻائي ٿو. انهن لاءِ آواز اٿاريو جنهن عورتن کي ڪاروڪاري ڪري ماريو ڇڏين. انهن عورتن لاءِ آواز اٿاريو جنهن جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائن ٿا. تڏهن لڳندو ته واقعي اڄ جي دور جون فيمينيسٽ عورتن جي حق لاءِ آواز بلند ڪري انهن کي حق وٺرائي ڏين ٿيون.

 

پريا گوسوامي/عمرڪوٽ

 

عمر بند رکبيون نه، نياڻيون سياڻيون

 

عورتن جي عالمي ڏينهن تي اسان کي 8 مارچ 1857 جو ڏينهن ياد اچي ٿو، جڏهن نيويارڪ شهر ۾ ڪپڙي جي ملن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پاران ڌرڻو هنيو ويو. اهي عورتون پگهار ۾ اضافو ۽ مردن جي غير انساني سلوڪ جي خلاف مظاهرو ڪري رهيون هيون. هن ڌرڻي تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪئي وئي. هن جاکوڙ ۾ هڪ چڻنگ ڀڙڪي. عورت جو مقام ته اصل کان ابد تائين بلند رهڻو آهي، اها جنت ۾عورتن جي سردار بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنه، هندو عورت مڌر ٽريسا هجي، مسيح عورت هيلن ڪيلر هجي، اها يهودي عورت ارينا سينڊلر هجي، يا سياسي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي هميشه لاءِ امر ٿي ويندڙ بينظير ڀٽو هجي. عورتن هميشه هر ڏک ۽ سک ۾ مردن جو ساٿ ڏنو آهي، پر موٽ ۾ سندن ڏک، طعنا، ذلتون، رسوايون، جبر ۽ اڻبرابري ئي ملي آهي. اٺين مارچ،  انساني سماج جي خوبصورتي لاءِ، عورت جي ڪومل خوبين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. برصغير واري پراڻي دور جي ماتا سيتا جهڙي نارين جي قرباني کان ڪير اڻڄاڻ آهي. سائنسي دور ۾ ڪلپنا چاولا جهڙي بهادر سائنسدان، جنهن پنهنجي حياتي جي پرواهه ڪونه ڪئي هئي، جنهن جي بهادري هر ڏينهن نوا ن جذبا پيدا ڪندي. اسلامي قانون جي مطابق شادي هڪ معاهدو آهي، نڪاح جو لفظي مطلب آهي، اهو معاهدو جيڪو ٻن بالغ ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندو آهي. قديم زماني ۾ ته شادي جي لاءِ معاهدي جي ضرورت ئي نه هوندي هئي، پر اسلام مسلمانن کي شادي جي سلسلي ۾ نڪاح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ ريت ٻين مذهبن به اهڙي خوبصورت رشتي کي قانوني ڪرڻ لاءِ پنهنجي مذهب جي حوالي سان ڪجهه رسمون ۽ معاهدا رکيا آهن. اڄڪلهه جي دور ۾ ته نياڻين جي بالغ ٿيڻ کان اڳ، انهن جي ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪرائڻ هڪ عام ڳالھه ٿي وئي آهي. تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادي ٿيل ڇوڪرين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ اهو هڪ اڻ ختم ٿيندڙ سلسلو بڻجي ويو آهي، جيڪو سراسر اسلام جي حڪم ۽ آئين جي خلاف آهي. سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي نه ٿيندي هجي. افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن جن جو مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رنڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ٿي رهيون آهن. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها. يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن  جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لا۽ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون. رڳو تهوار ملهائڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو آهي. عورتن جا حق ماضي ۾ به ماريا ويا ته حال ۾ به عورتن جا حق کسيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ سان اسان جي عورتن جي عملي زندگيءِ ۾ ڪا بهتري آئي آهي يا نه…….؟؟؟؟ ان جو جواب اڃا مون کي نه ملي سگھيو آهي.

 

فائزه ايوب

 

ڪئنال ڪڍڻ سان ٿيندڙ نقصان

 

ارسا طرفان پنجاب گورنمنٽ کي باقائده طور تي اجازت ڏني وئي آھي ته چولستان آباد ڪرڻ لا۽ ڪئنال ڪڍي، جيڪا سنڌ سان ۽ سنڌين سان سراسر ناانصافي آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ۽ غيرآباد چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جھڙي زرخيز سرزمين کي بنجر ڪرڻ لاءِ سامراج پنھنجون سڀ حدون پار ڪري چڪو آھي، ۽ ڪئنالن تي ڪم به تيزي سان جاري آھي. اھڙي ڪريل حرڪت تي سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي به خاموش آھي اسيمبلي ۾ ويھي ڳالھيون ته وڏيون ڪن ٿا پر ڪو سخت ردعمل نٿا ڏين. ان کان وڏي غداري ٻي ڪھڙي ٿيندي جو خود صدر زرداري جي اڳواڻي ۾ ميٽينگ ٿئي ٿي جنھن ۾ ڪئنالن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي. پيپلز پارٽي جي انھن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي جيڪي سنڌ ڌرتي سان پاڻ کي وفادار سمجھن ٿا. باقي اميرن جي درن تي جي رش لڳل ھوندي آھي. سنڌين لاءِ ھي ڏکيو وقت آھي مذھبي، سياسي ۽ سماجي پارٽيون ھڪ ٿي سنڌو جي لاءِ نڪرن ۽ پنجابي سامراج جي اسلام آباد پھچي رستا روڪ ڪن. بظاھر اھو تمام ڏکيو ڪم آھي پر جڏھن ماهه رنگ ھڪ عورت ٿي ڪري حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿي ته اسان سنڌي ڇو نه؟ ڪوئلو سنڌ جو، گئس سنڌ جو، بجلي سنڌ جي، بندرگاھ سنڌ جو جنھن تان سڄو تجارتي سامان پنجاب وڃي ٿو جيڪڏھن پنجاب پاڻي بند ڪرڻ لاءِ ايتري قدر ڪري ٿو ته سنڌين کي به انتھائي قدم کڻڻا پوندا جنھن جي ذميوار حڪومت پاڻ ھوندي. سنڌ جي ھر ڳوٺ مان چندو ڪري به چار کان پنج ماڻھو اسلام آباد لاءِ نڪرن، جيڪڏھن ھر ڳوٺ مان چار کان پنج ماڻھو به نڪتا ته ھزارين ماڻھو ٿي ويندا. ھي وقت آھي نڪرو پنھنجي ايندڙ نسل لاءِ پنھنجي سنڌو لاءِ پنھنجي زندگي لاءِ نڪرو پنھنجي ٻچن جي ايندڙ مستقبل لاءِ.

 

محمد ٻارڻ ساحل