عورتن جو عالمي ڏينهن، سندن برابر جا حق ملڻ گھرجن!

 

اڄ عورتن جو عالمي ڏهاڙو آهي، پاڻ جڏهن ترقي يافته ملڪن تي نظر وجهنداسون جتي عورتن کي برابر جا حق ڏنا وڃن ٿا، تعليم سان گڏ عورتون مردن سان گڏ مختلف ڪم ڪار ڪندي نظر اينديون آهن، ان مان ثابت ٿي ٿو ته ترقي جو دارو مدار عورتن جي تعليم سان آهي، انهي جي ڪري ته چوندا آهن ته مرد پڙهيو فرد پڙهيو عورت پڙهي پورو گهر، ڪنٽپ، خاندان پڙهيو. بدقسمتي سان پاڻ جڏهن سنڌ جي عورتن جي ذڪر ڪنداسين ته اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا. صوفين ۽ امن جي ڌرتيءَ تي هر  روز عورتن تي تشدد جا واقعا، ڪارو ڪاري جهڙي ڪني ۽ بيڪار رسم جتي  عورتن  کي الزام ڏئي قتل ڪري بنا غسل ۽ ڪفن جي دفنائڻ جا واقعا ميڊيا جي زينت بڻيل آهن. خاص ڪري ڳوٺاڻي عورتن کي غيرت جي نالي تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي. ڳوٺن ۾ ڪٿي ته ائين به نظر ايندو آهي جو مرد ٽوپ نرڙ تي رکي پاڻ سڄو ڏينهن هوٽل تي گذاريندا ۽ گهر جو سمورو ڪم ڪار، گاهه ڪرڻ، ڪاٺيون ڪري اچڻ، مال چارڻ، زمين جو ڪم ڪار، گهر جو سودو سامان وٺي اچڻ عورتن تي هوندو آهي. اگر جيڪڏهن عورت تي ٿورو به شڪ گمان هوندو ته ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪيو وڃي ٿو. ٻيو ته اظهار جي آزاديءَ هر ماڻهو جو حق آهي پر افسوس جو پاڻ وٽ اگر ڪا عورت پنهنجي والد يا گهر ڀاتين سان ڪنهن سان پسند جي شادي جو اظهار ڪندي آهي ته ان کي به قتل ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ عورت کي جنسي حوس جي پورائي ۽ ٻار ڄڻڻ واري مشين سمجهيو وڃي ٿو. اسان وٽ حشر اهو به آهي ته مڙس پنهنجي وني کي صرف خريد ڪيل غلام سمجهي ٿو. هاڻي به وقت ويو ناهي، حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن، عورت جي حقن واري تنظيمن کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي. عورتن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. عورت جي تعليم تي خاص توجه ڏني وڃي جنهن سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ممڪن ٿي سگهي.

 

عامر جوڳي/ سکر

 

8 مارچ: عورتن جا حق

 

8 مارچ سڄي دنيا ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي (International Women’s Day) طور ملهايو ويندو آهي. هيءُ ڏهاڙو عورتن جي حقن، برابري، سماجي، سياسي ۽ معاشي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي. عورتن جا حق انساني حق آهن، جن ۾ شامل آهن: تعليم جو حق – هر عورت کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي. برابر موقعا – نوڪري، سياست ۽ ٻين شعبن ۾ برابري جو حق. معاشي خودمختياري – پنهنجي آمدني ۽ وسيلن تي مڪمل اختيار. صحت ۽ تحفظ – طبي سهولتن تائين رسائي ۽ تشدد کان بچاءُ جا قدم. اظهار جي آزادي – پنهنجون ڳالهيون چوڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جو مڪمل حق.پاڪستان ۾ عورتن جي حقن بابت ڪجهه مثبت قدم کنيا ويا آهن، جيئن ته: عورتن جي تحفظ جا قانون (گهرن ۾ تشدد، جنسي هراسان ۽ جبري شاديءَ خلاف قانون) تعليم ۽ ڪاروبار جا موقعا. سياست ۾ عورتن جو ڪردار (پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن ۾ عورتن جي شرڪت) پر ان جي باوجود، عورتن کي اڃا به ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جهڙوڪ: صنفي امتيازي سلوڪ، جبري شاديون،گهريلو ۽ جنسي تشدد، گهٽ اجرت ۽ روزگار ۾ رڪاوٽون.  هيءُ ڏهاڙو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته عورتن پنهنجي حقن لاءِ ڪيئن جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڃا ڪيتري ضرورت باقي آهي. ان ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ ريليون، سيمينار ۽ بحث مباحثا ٿين ٿا، جن ۾ عورتن جي ڪاميابين کي ساراهيو ويندو آهي ۽ انهن جي مسئلن تي روشني وڌي ويندي آهي. اسان ڇا ڪري سگهون ٿا؟ عورتن جي حقن بابت آگاهي وڌايون..تعليم ۽ خودمختياري جي موقعن کي هٿي ڏيون..صنفي امتياز خلاف آواز اٿاريون..عورتن خلاف تشدد ۽ هراسان ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون. هيءُ ڏهاڙو صرف عورتن لاءِ نه، پر هڪ برابر ۽ انصاف تي ٻڌل سماج ٺاهڻ لاءِ به اهم آهي، جتي هر ماڻهوءَ کي هڪجهڙا موقعا ملي سگهن.

 

نُور احمد مري/ ڳوٺ حاجي ميهڪ مري

 

جهيڙي جو حل ڳالهيون آهن‎

 

گذريل مهيني نيوڇور جي عمراڻين ۽ مهيشورين ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو هو. جهيڙو وڃي پوليس FIR تائين پهتو. پهرين مهيشوري برادري جي ماڻهن عمراڻي ڇوڪري کي مارڪٽ ڪئي پوءِ بدلي جي باھ سيني ۾ سانڊي عمراڻي برادري جي ڇوڪرن مشوري برادري جي ماڻهن کي زخمي ڪيو. مهيشوري برادري تي ڇور پوليس عمراڻي برادري جي نوجوانن کي گرفتار ڪيو پاڙي ڪيس به هليو نيٺ ڪلھه ڳالهين ذريعي ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ معافي تي رضامندي ٿي وئي. پاڙي جي جهيڙي کي وڌائڻ وارن نام نهاد ماڻهن جي ڪري پاڙي جو معمولي جهيڙو خطرناڪ موڙ وٺي ويو هو. هي ٻئي ڌريون نيوڇور جي سرزمين تي ڪافي سالن سان رهنديون اچن پيون. پاڻ ۾ ڀائيچاري آهي پر ڪجھه تعصب پرستن جي ڪري انهن جو هڪ معمولي جهيڙو اڳتي وڌيو هو. ٻنهي ڌرين جا فرزند پڙهيا لکيا آهن انهن پاڙي جي ڳالھه سوچي ڪلھه فيصلو ڪرائي پاڻ ۾ ٺاھ ڪري ڇڏيو. جهيڙو ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن. نيوڇور جي عمراڻي برادري ۽ مهيشوري برادري جي بهتر مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون، شل انهن ۾ ۽ پوري سنڌ ۾ امن ڀائيچارو قائم رهي.

 

ارباب منور نوهڙي/ ڇور

نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ ڪيئن تباھ ٿيندي؟

 

حصو پهريون

 

سنڌو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جي سطح زمين جي برابر ٿي وڃي ٿي، جنهن ڪري انهيءَ مان هزارين سالن کان وٺي واهه ۽ ڪسيون وغيره کوٽي زمينون آباد ڪيون وينديون رهيون آهن. جنهن مان چاڙهه وارن ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ ڏهه لک ڪيوسڪ پاڻي وهي سنڌ ۾ پهچندو آهي. انهيءَ مان ساڍا ست لک ايڪڙ زمين ڪچي جي، ڇهه لک ايڪڙ زمين ٻيلن جي ۽ چاليهه لک ايڪڙ پڪي جي زرعي زمين آباد ٿيندي آهي ۽ درياهه جي، ڇوڙواري علائقي ۾ ڇهن لکن ايڪڙن تي دنيا جي ڇهين نمبر وڏي ڊيلٽا ۾ آبي جيوت پلجندي آهي ۽ درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان واهن ۽ بيراجن مان وونئڻ، ڪڻڪ ۽ ڪمند يا ٻيو فصل پيدا ٿيندو آهي. هزارين سالن کان سنڌو درياهه تي سنڌ جي ملڪيت جو حق تسليم ٿيل آهي. پنجاب 1925ع کان اڳ ۾ سنڌودرياهه مان پاڻيءَ جو ڦڙو به کڻي ڪونه سگهندو هو. انهيءَ کان اڳ ۾ 1855ع ۾ انگريز آفيسر مسٽر فائيف انگن اکرن سان ٻڌايو ته سنڌودرياهه تي سکر، گڊو، سيوهڻ ۽ ڪوٽڙيءَ وٽ بئراج تعمير ٿي سگهن ٿا. جن مان سڄي سنڌ سرسبز ۽ سائي ٿي سگهي ٿي. انهيءَ رپورٽ کان پوءِ پنجاب باقاعدي سنڌودرياهه جي پاڻيءَ ۾ اکيون وڌيون ۽ گريٽر ٿل پراجيڪٽ لاءِ وائسراءِ هند کي لکيو. جنهن گهڻي غور ويچار کان پوءِ اهو پراجيڪٽ رد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته اهڙيءَ طرح سنڌ ريگستان ۾ تبديل ٿي ويندي. انهيءَ کان پوءِ 1923ع ۾ پنجاب سکر بئراج پراجيڪٽ تي اعتراض ڪيو، جنهن کي به هندستان جي سرڪار رد ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ وري پنجاب سنڌودرياهه مان ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي گهريو، جنهن کي به وائسراءِ هند اٿندي ئي رد ڪري ڇڏيو. پنجاب جي اعتراض تي روهڙي ڪئنال جي سورهن هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ کي ڏهه هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو. جنهن ڪري سکر بيراج مان پنجاسي لکن جي بدران چوونجاهه لک ايڪڙ زمين لاءِ پاڻي ملڻ لڳو. آخر ڪار سنڌ حڪومت جي درخواست تي 1941ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ راءِ ڪميشن جوڙي وئي. جنهن ٻنهي ڌرين جي موقف ٻڌڻ کان پوءِ 1945ع ۾ ”سنڌ پنجاب ايگريمينٽ“ مطابق پنجاب کي سنڌ جي پاڻي جي ناجائز واپرائڻ تي معاوضو ڀري ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪو هن اڄ سوڌو ڪونه ڏنو آهي. انهيءَ ٺهراءَ مطابق سنڌودرياهه تي صرف سنڌ جو حق تسليم ڪيو ويو. پر پنجاب جي اسرار تي کيس گريٽر ٿل ڪئنال وٽان سنڌو درياهه مان 25 سيڪڙو پاڻي انهيءَ شرط تي کڻڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جي موٽ ۾ هو، پنهنجن پنجن درياهن جو 40 سيڪڙو پاڻي پنجند وٽان لازمي طور سنڌو درياهه ۾ ڇڏيندو. يعني پنجاب پنجن درياهن مان ٻن درياهن جو پاڻي ڏيندو. 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت پنجاب جڏهن کان پنهنجا ٽي درياهه اوڀر پنجاب کي وڪڻي ڇڏيا، تڏهن کان هو سنڌودرياهه جو پاڻي زوريءَ ۽ چوريءَ کڻندو رهيو آهي ۽ سنڌو درياهه مان چشما ڪئنال ۾ پاڻي کڻي، جهلم ندي ڀريندو رهيو آهي. جيڪو ڀٽي مرحوم جي حڪومت جي معاهدي مطابق صرف ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ کولڻو آهي پر اهو ٻارنهن ئي مهينا کليل رهندو آهي. اهڙي نموني هو تونسا پنجند ڪئنال ۾ به ناجائز نموني سان پاڻي کڻي رهيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ صرف پنجاب ۾ ئي ڊيم ۽ بئراج ٺهيا آهن. سنڌ طاس معاهدي مطابق هندستان کي ڏنل ٽن ندين جي پاڻيءَ ۾ به سنڌ جو حق هو؛ ڇاڪاڻ ته انهن درياهن جو 25 کان 40 سيڪڙو پاڻي پنجند وٽ فطري طور سنڌو درياهه ۾ اچي پوندو هو، جنهن کان سنڌ هاڻ محروم ٿي وئي آهي.

 

اياز بلوچ/ تنگواني