ڪئنالن بابت قوم کي ڇوٿا گمراهي ۾ رکو؟

 

ڪيترن ئي مهينن کان مرڪز ۽ وڏي صوبي طرفان سنڌو درياءُ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. سنڌ جون قومپرست جماعتون واضح چئي رهيون آهن ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه نئون ڪئنال ۽ ڊئم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ۽ نه ئي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون قبول آھي. اسان چشما- جھلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسه- پنجند لنڪ ڪئنال کي به ھميشه لاءِ ختم ڪرڻو پوندو. سموري سنڌ جو هڪ آواز آهي ته گريٽر  ٿل ڪئنال فيز- ٽُو منصوبي کي رَد ڪريو. ڀاشا ۽ اکوڙي ڊئم جا منصوبا ختم ڪريو. جيڪڏھن توھان واقعي به گرين پاڪستان چاھيو ٿا ته پوءِ اُن لاءِ پاڻيءَ جا قدرتي وھڪرا ۽ خاص طور تي سنڌو درياءَ جي بَحالي لازمي آھي! انهن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ جي هر شهر ۽ شاهراهه تي ڌرڻا هڻي ان ظلم خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌجن پيون پر حڪمرانن کي شايد ڪنن ۾ ڪپهه ۽ اکين ۾ مرچ پيل آهن جو ارسا جي تصديق باوجود سنڌوءَ کي سڪائڻ وارن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. سنڌوءَ جو دشمن وڏي واڪي اهو چئي رهيو آهي ته سنڌو درياءُ جو سنڌو نالو ختم ڪري پنجاب درياءُ رکو پر مجال آهي جو ان جي خلاف ڪنهن جي زبان مان ڪو لفظ نڪري! گذريل ڏينهن سنڌ جو وزيراعليٰ ھڪ اسڪول جي نياڻي مهڪ مقبول سان شطرنگ کيڏندي ھارائي ويو ۽ اھو سڀ سنڌ جي عوام جي ٽئڪس جي پئسن تي لائيو ڏيکاريو ويو. سندس حامي چون ٿا اهو سندس ذاتي فعل آهي ان تي تنقيد اجائي آهي. افسوس اهڙي سوچ رکندڙن تي ٿئي ٿو هڪ حڪمران اگر اهڙيون حرڪتون ڪري ته رعيت تي ڪهڙي ميار ڏجي. جيڪڏهن اهو فعل معاف ڪجي ته پوءِ انتظامي سربراهه جو اهو بيان ڪاڏي ڪريون جنهن ۾ صاحب جو چوڻ ھو ته ڪينال بابت آئيني رستو وٺنداسون، ڪير ٿو چوي ته ڪئنال ٺهن ٿا؟ وري چون ٿا پنجاب پنهنجي پاڻي تي ڪئنال ٿو ٺاهي. سندن ترڪندڙ زبان هڪ سچ کي لڪائڻ لاءِ ڪيترائي ڪوڙ هڻي رهي آهي. ڪالهه وري سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪينالن خلاف تحريڪون هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پ پ چئي چڪي آهي ڪينال نه ٺهندا ته نه ٺهندا. جڏهن ته ارسا جي نمائندي سرعام چئي ڇڏيو ته صدر زرداري جي صحيح سان اجازتنامو ملي ويو آهي. هي پراڻو دور ناهي جو ظلم ڪري ڍڪ ڏئي ڇڏيوس. هاڻي سوشل ميڊيا تي هر پل جي خبر هوا جي رفتار کان به تيزي سان پهچي ٿي پوءِ ڪوڙ ڪنهن سان ٿا هنيا وڃن ۽ ڪنهن سان دوکيبازي ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياءُ ازل کان وٺي سنڌ ڌرتي جي وجود ۽ جياپي جو سبب رهيو آهي پر پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي راتاهو هڻي سنڌين کان سندن جياپو کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ سرڪار ها ۾ ها ملائي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي.

مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي وانگيئڙن جي واڙي ۾

هن ڳنڀير صورتحال ۾ سنڌ جي عام ماڻهو کي پنهنجي زندگي جي بقا جي هن مسئلي کي سمجهڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو ۽ پنهنجي سنڌ وطن جي بقا خاطر ڳوٺ ڳوٺ واهڻ واهڻ وستي وستي شهر شهر ۽ جهر جهنگ ۾ درياءُ جي لاءِ جدوجهد جو پيغام پهچائڻو پوندو ۽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سنڌوءَ جي دشمن وزيرن جو گهيراءُ ڪرڻو پوندو ته جيئن سنڌ کي اهنجن مان دائمي نجات ڏياري سگهجي.

 

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

نوجوانن جي زندگيءَ ۾ تعليم جو ڪردار

 

تعليم اڄڪلهه جي دؤر ۾ تمام گھڻي اھميت رکي ٿي. زندگيءَ گذارڻ لاءِ جيئڻ کائڻ پيئڻ ضروري آھي ايئن ئي ھن ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ تعليم لازمي آھي. دنيا جيئن جيئن ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل موبائيل تي شفٽ پئي ٿئي. ائين پڙھيل لکيل ماڻهن لاءِ آسان ٿي پئي ته، وري ائين ئي اڻ پڙھيل ماڻهن لاءِ مشڪل ٿي پئي. اسان ۽ توهان سڀني کي گھرجي ته پنهنجي اولاد کي مذهبي تعليم سان گڏوگڏ ھن ڏکئي دور ۾ زندگي آسان گذارڻ لاءِ جديد ۽ ڪپيوٽرائيزڊ تعليم لازمي ڏياريون. پنهنجي معاشري، پنهنجي شھرن، پنهنجي ڳوٺن ۽ پاڙن کي بھتر ڪرڻ لاءِ ھن دور تعليم جو ھجڻ ضروري آهي. پنهنجي اوڙن پاڙن جي نوجوانن کي بھتر زندگي گذارڻ لاءِ بھترين تعليمي بندوبست ڪرڻ گھرجي، نه ته اسڪول ڪاليج ۽ يوينورسٽون ۽ ٻيا تعليمي دارا خالي ۽ بيڪار بڻجي ويندا. تعليم جي بجاءِ منشيات واريون جڳھون ڀريل ھونديون. سڀ نوجوان منشيات جو شڪار بڻجي ويندا. تعليم جي گھٽتائي ھجڻ ڪري، روزگار نه ھجڻ جي ڪري، ڪاروبار نه ھجڻ جي ڪري، ٽئڪنيڪل تعليم نه ھجڻ ڪري، نان اسڪل ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ ڏکي ٿي پوندي. انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نواجونن کي گھرجي ته ڏينهن رات محنت ڪن. مذهبي تعليم، اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم تي خاص توجه ڏني وڃي. اتي نوجوانن کي تعليم سان گڏ غلط ڪمن کان بچڻ جي آگاھي ڏني وڃي، جئين ھو پاڻ بج انهن غلط ڪمن کان بچن ۽ پنهنجي گھرن، پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ اُنهيءَ تي عمل ڪرائي انهن سڀني غلط ڪمن کي روڪرائي سگهن.

 

آفتاب صيفل خاصخيلي/ سڪرنڊ

 

گوبي سؤ ۾ پنج ڪلو

 

اسڪول جي موڪل کان پوءِ جڏھن پنھنجن ٻارڙن کي گھر واپس موٽرسائيڪل تي کڻي اچي رھيو ھيس ته روڊ جي ڀرسان ھڪ گاڏيءَ تي ڪجھه سبزيون رکيل ھيون ۽ ان گاڏيءَ ۾ لائوڊ اسپيڪر پڻ لڳل ھو جنھن جو آواز پري پري تائين وڃي رھيو ھو ته گوبي سؤ ۾ پنج ڪلو، ٽماٽر سؤ ۾ پنج ڪلو ۽ ٻين ڀاڄين جا ھوڪا پڻ ڏئي رهيا ھئا. اھو آواز ٻڌي ڪري منھنجي ڌيءَ پچيو ته ابو ھن وقت ھر قسم جي ڀاڄي ايڏي ڇو سستي ٿي آھي ڇا ان سان ھاري کي نقصان نه ٿيندو؟ مون چيو ته بابا بلڪل ھن وقت سبزين جا اگھه صفا گھٽ آھن ھاري کي تمام گهڻو نقصان ٿي رھيو آھي. وري چيائين ته ابو ھاري ويچارا ته پھريان ئي غريب ھوندا آھن نه پوءِ ڀلا حڪومت سندن ٿيندڙ  نقصان جي بدلي ۾ ڪا مدد ڪري ٿي ته جيئن ھاري به پنھنجي گھر جو چرخو هلائي. مون چيو ته بابا ڪھڙيون پيون عجيب و غريب ڳالھيون ڪريو حڪومت کي ڀلا ڪڏھن غريبن تي ترس کائيندي ڏٺو اٿئي؟ غريب ڀلي پيو پيڙجي ان جو احساس اڄ جي حڪمرانن وٽ ڪٿي آھي؟ اھي رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۽ عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن. رھندو وري زراعت تي ٽيڪس پيا لڳائين ته جيئن ھاري طبقو اڃا به وڌيڪ پيڙهجي. چيائين ته ابو مون تهپڙھيو آھي ته پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آھي پوءِ ھارين سان ايڏو ظلم ڇو؟ بابا بلڪل اوھان صحيح پيا چئو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي۽ ملڪ جي آباديءَ جو ڳچ حصو زراعت سان وابسته آھي پر حڪومت زراعت کي ھٺي وٺرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه وٺي رھي آھي. بلڪ زراعت کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪين ڇڏي آھي ڏسو ته ھن وقت ڀاڻ، زرعي دوائن جا ۽ زراعت سان وابسته ٻين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيُون ڪري رھيا آھن بابا ڪتابن ۾  لکيل ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي صحيح آھن پر زميني حقيقتون وري ان جي ابتڙ آھن. اسان وٽ غريب ۽ وچولو طبقو ئي وڌيڪ پيو پيڙهجي باقي امير ته ڏينھون ڏينھن امير ٿيندو پيو وڃي. چيائين ته ابو اوھان بلڪل صحيح پيا چئو ھاري ويچارو سردي گرمي سر تي سھي ڪري پنھنجي زمين ۾ ڏينھن رات سخت محنت ڪري فصل تيار ڪري ٿو پر ان کي اھو حق نه ٿو ڏنو وڃي جيڪو کيس ملڻ گھرجي. بلڪل بابا ھارين سان ٿيندڙ ناانصافين جا وڏا وڏا داستان آھن ڪھڙا ٻڌائي ڪھڙا ٻڌايان بس ھن اخبار جي ذريعي منھنجي اعليٰ اختيارن کي مودبانه گذارش آھي ته زراعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ زراعت ۾ استمعال ٿيندڙ شين جا اگھه مناسب رکيا وڃن. ھارين کي پنھنجي ڪاھيل فصلن جا اگھه مناسب ڏنا وڃن، زراعت تي لڳندڙ ٽيڪس ختم ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ جو ھاري به پنھنجي زندگي خوشحالي سان گذاري.

 

ستار سنڌي/ڪنب

 

ڪشمور ضلعي جي استادن سان ايڏي ناانصافي آخر ڇو؟‎

 

گذارش ته اسان NTS ٽيسٽ ذريعي 2014ع ۾ جي ايس ٽي ڀرتي ٿياسين ۽ ھي ڀرتي ھڪ ئي وقت سڄي سنڌ ۾ ٿي. عمرڪوٽ ضلعي ۾ اسان جي بيچ جا دوست 2018ع ۾ ايچ ايس ٽي پروموٽ ٿي ويا ۽ اڄ ڪافي ايچ ايم به آھن جڏھن ته سموري سنڌ ۾ اين ٽي ايس بيچ 2021 تائين پروموشن ماڻي ورتو ۽ ھن مھل اسان کان 6 سال جونيئر IBA 2020 بيچ جا دوست به لاڙڪاڻو ريجن سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ پروموشن ماڻي چڪا آھن پر افسوس ته صرف اسان ڪشمور ضلعي جي استادن سان ئي ويڌن ۽ ناانصافي جي انتھا آھي جو 2 دفعا ڊي پي سي لاءِ ليٽر جاري ٿيڻ ۽ ورڪنگ پيپر ٺھڻ کانپوءِ به مختلف بھانا ۽ جواز ڄاڻائي پروموشن نه پيو ڪيو وڃي. جيئن ته ڪجھه مھينا پھرين ايچ ايس ٽيز جي سينارٽي جاري ڪري ورڪنگ ٽيچرز جو ڪل تعداد 312 ڄاڻايو ويو جن مان ڪجھه فوت ٿيا آھن ته ڪجھه وري رٽائرڊ ٿي ويا ۽ ايندڙ ڪجھه مھينن ۾ 36 ٻيا ايچ ايس ٽيز به رٽائرڊ ٿيندا ۽ سيڪشنڊ پوسٽن جو تعداد 457 آھي تنھن ڪري 150 کان وڌيڪ سيٽون خالي ھجڻ جي باوجود پروموشن نه ڪرڻ سمجھه کان ٻاھر آھي.

 

استاد عبدالغفار ڇڄڻ/ بڊاڻي

 

لاڙڪاڻي جي مذهبي سياسي سماجي اڳواڻن ڏي کليل خط

 

منهنجا سائين: مولانا راشد محمود سومرو صاحب، مولانا ناصر محمود سومرو صاحب، سردار معظم علي خان عباسي صاحب ۽ سردار ظفر خان سانگي صاحب اوهان سڀني اڳواڻن لاڙڪاڻي جي علائقن سميت ٻين علائقن ۾ به ڪيترائي صلح ۽ ٺاهه ڪرايا آهن، ڏهه ڏهه خونن جا مسئلا به اوهان سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن حل ڪيا آهن، پر اوهان هن مهل تائين عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي جي سانگي برادري جو مسئلو ڇو حل ناهي ڪرايو؟ ڇا سانگي برادري اوهان جي ناهي؟ ڇا اوهان انهن جي معصوم ٻارڙن کي اسڪولن ۾ نه ٿا ڏسڻ چاهيو؟  اسان ڄاڻڻ ٿا چاهيون ته سانگي برادري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اوهان انهن جي مسئلي کي ستن سالن کان وٺي نظرانداز ڪندا پيا اچو. هونئن ته اوهان سڀئي اڳواڻ هر جاءِ ته سنڌي قوم کي پيغام ڏيندا آهيو ته امن سان رهو ۽ پنهنجو ساٿ ڏيو ته پوءِ منهنجا سائين اوهان پنهنجي پاڙي عاقل ڳوٺ جي سانگي جو مسئلو ڇو نه ٿا حل ڪرايو؟ ۽ ڇو نه ٿا انهن جي معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچايو؟ خدا جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد ۾ آهي ته صلح ڪرايو، ٺاهه ڪرايو، جنهن ڳالهه کان اوهان سڀئي مذهبي سياسي سماجي اڳواڻ واقف آهيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان ان تي عمل الائي ڇو ناهي ڪرايو. سنڌ جا سڀئي آرٽسٽ اداڪار ساڃاهه وند امن پسند ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ اوهان لاڙڪاڻي جي وس وارن کي هٿ ٻڌي عرض ڪري رهيا آهن ته عاقل ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ ستن سالن کان سانگي برادري جي پراڻي تڪرار جو نبيرو ڪرائي امن کي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

چولستان ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو – زرعي ترقي يا سياسي تڪرار؟‎

 

چولستان ۾ جاري “گرين پاڪستان انيشيٽو” ظاهري طور هڪ اهم زرعي منصوبو آهي، پر ان جا سياسي ۽ انتظامي پاسا ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا آهن. ابتدائي رپورٽن موجب، پنجاب حڪومت هن منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪجهه يونٽس ۾ پوک به ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪي آهي. هڪ يونٽ تقريباً هڪ هزار ايڪڙ تي مشتمل آهي، پر چولستان جي ڪُل زمين کي ڪيترن يونٽس ۾ ورهايو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪيترن يونٽس تي هي منصوبو لاڳو ٿيندو، ان بابت اڃا تائين واضح ڄاڻ نه آهي. هن منصوبي جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري پاسو اهو آهي ته سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ان جو آغاز ڪيو ويو، جنهن سبب بين الصوبائي اختلاف وڌڻ جو امڪان آهي. چيو ٿو وڃي ته صدر آصف علي زرداري هن منصوبي جي منظوري ڏني آهي، پر سياسي حلقن ۾ هي بحث شدت اختيار ڪري چڪو آهي ته ڇا اهو فيصلو سندس ذاتي هو يا پاڪستان پيپلز پارٽي جي اندروني منظوري کان پوءِ ڪيو ويو. جيڪڏهن هي فيصلو پارٽي جي مشاورت کانسواءِ ڪيو ويو آهي ته اهو پيپلز پارٽي جي اندروني اختلافن کي وڌيڪ واضح ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن پارٽي خاموشي سان ان جي اجازت ڏني آهي، ته اها حڪمتِ عملي بعد ۾ پارٽي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ ۾ هن منصوبي خلاف احتجاج جاري آهن ۽ عوامي ردِعمل سخت ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته حڪومت پنهنجي طاقت جي زور تي ان کي عملي جامو پارائڻ ۾ رڌل آهي. اها صورتحال ملڪ ۾ وڌيڪ سياسي انتشار پيدا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته عوامي مزاحمت کي طاقت سان دٻائڻ جي ڪوشش هميشه الٽو اثر وجهندي آهي. پيپلز پارٽي لاءِ هي فيصلو ڪنهن ڌڪ کان گهٽ ناهي ۽ ان جا اثر نه رڳو آصف علي زرداري جي سياسي ساک پر بلاول ڀٽو زرداري جي مستقبل تي به منفي طريقي سان پئجي سگهن ٿا. هي معاملو سياسي حڪمت عملي ۽ ڏاهپ جو متقاضي هو، پر لڳي ٿو ته حڪومت هن تي ڪا مضبوط حڪمت عملي اختيار نه ڪئي آهي. جيڪڏهن سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ هن منصوبي کي زبردستي اڳتي وڌايو ويو، ته هي تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪندو، جيڪو بين الصوبائي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام کي پڻ هٿي ڏيندو. طاقت عارضي طور تي نتيجا ڏئي سگهي ٿي، پر تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي ته طاقت جو استعمال نيٺ طاقت رکڻ وارن جي زوال جو سبب بڻجي ٿو. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي قيادت فوري طور تي هڪ گڏيل حل ڳولي، ته جيئن هي معاملو ڪنهن وڏي بحران ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي سگهي.

 

علي رضا سومرو/ڪراچي

 

ملڪ سڪندر ميونسپل لائبريري جي حالت بهتر بڻايو

 

ضلعو ڄامشورو جي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي پيءَ جي نالي سان منسوب ملڪ سڪندر ميونسپل پبلڪ لائبريري ڪوٽڙي جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. لائبريري ۾ داخل ٿيڻ جو رستو سوڙهو بنايو ويو آهي صرف هڪ ماڻهو گذري سگهي ٿو. ميونسپل چيئرمين ۽ هتان جي ايم اين اي کي گهرجي نوٽيس وٺي اچ وڃ جو رستو ويڪرو بڻائيندا ۽ لائبريري جا ٻه پورشن آهن. هڪ پورشن اڪثر بند پيل هوندو آهي جتي ڪافي ڪچرو ۽ گند پيل آهي. انهي کي صاف ڪري استعمال ۾ آندو وڃي هي تاريخي پراڻي پاڪستان کان اڳ جي لائبريري آهي. لائبريري ۾ اهم مسئلو هي آهي صرف ٽي اخبارون اچن ٿيون اخبارن جو تعداد وڌايو وڃي ۽ ميگزين ڊائجسٽ پڻ گهرايا وڃن. لائبريري جي پهرين پورشن جي ڇت جا ڇاپڙ ڪِري پيا آهن جيڪي فرش تي پيل آهن. لائبريري ۾ ايندڙن کي ڪافي تڪليف ٿئي پئي ڪِريل چاپڙ کڻايا وڃن. لائبريري جي بهتري لاءِ هڪ دفعو وري گذارش ڪنداسين تڪ ڪوٽڙي جي ايم اين اي سردار ملڪ اسد سڪندر خان کي ۽ ايم پي اي شهزاده ملڪ سڪندر خان کي ته لائبريري ۾ سهولتون مهيا ڪن.

 

حافظ دائود خان لغاري ڪرمي/ ڪوٽڙي

پنوعاقل ۾ ٻار اغوا معاملو وڪيلن ۽ شهرين پاران ريلي!

 

پني عاقل ۾ ٻيهر ٻار اغوا رپورٽ ٿيو شهر مان نور الدين پٺاڻ جي ٻارڙي عابد پٺاڻ کي اغوا ڪري ويا. ڏٺو وڃي ته پنوعاقل ۾ چورين، ڌاڙن ۽ اغوا رڪجي نٿا رڪجن جنهن جو ڪارڻ پوليس پاران ڪارڪردگي غير موثر ۽ ناڪام ردعمل آهي. انتظاميا قانون تي عمل ڪرائي ته بهتر ۽ عدالت حساب ڪري ته بهتر آهي. لڳي ائين ٿو ته هتان جا چونڊيل نمائندا هر قسم جي مافيا کي قبول ڪيو ويٺا آهن بدديانتي، ڪوڙ، رشوت، حرام خوري سميت سڀ ڪجهه برداشت آهي. خير حڪومت کي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ عوام جي تحفظ جي ذميواري پوري ڪندي انتظاميا کي ڪم ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي اهڙن مسئلن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي ڌاڙا، اغوا واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع پاليسي ترتيب ڏيڻ گهرجي. ٻه ڏينهن اڳ پني عاقل ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڪيلن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي پنوعاقل بار صدر جمال ناصر بلو ڪري رهيو هو. ريلي سڌوجه چوڪ، مندرگلي، شاهي باراز ، عيد گاهه چوڪ تائين گشت ڪيو ۽ نعري بازي ڪئي وئي. ڏٺو وڃي ته ريلي جي ترجماني ۽ اڳواڻي ڪندي ايڊوڪيٽ بلو پر امن طور تي ريلي اڳواڻي ڪندي امن جو ميسيج کڻي نڪتل نظر آيو. ان معاملي ۾ شهر ۾ بدامني جي خاتمي امن امان بحالي لاءِ هن وقت ممتاز صحافي ۽ وڪيل سياسي سماجي شهري واپاري حضرات سان گڏ ميڊيا ورڪر پڻ ساٿ ڏيندي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن پيا بقول ڪجهه دوستن جي ته لڳي ائين ٿو ته پنوعاقل ۾ سڄو معاشرو پوليس جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي سماج ۽ نظام ۾ هر برائي عروج تي پهچي ته ان جو زوال به ضرور ٿيندو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل