ڪاڇي جا روڊ روڊس کاتي ۽ ٺيڪيدارن لاء سوني جھرڪي بڻيل
2018ع ۾ ھيروخان کان ويندي جوھي تائين يعني حاجي خان روڊ جي تعمير لاءِ حڪومت طرفان ڪروڙين روپيه جاري ڪيا ويا جنهن کانپوءِ وڏي ڪميشن تي روڊ جو ٺيڪو ڏنو ويو. روڊس کاتي جي ملي ڀڳت سان روڊ کي ڪاغذي ڪاروائي ۾ مڪمل ڄاڻائي 17ڪروڙ ھڙپ ڪري ڇڏيا آھن. 7 سال گذرڻ باوجود ھن مهل تائين روڊ جو تعميراتي ڪم نه ٿي سگھيو آھي. جنهن ڪري مسافر اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھن.
اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ٿو ڪجي ته نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدارن سميت روڊس کاتي خلاف ڪاروائي ڪري ھيروخان حاجي خان روڊ جو تعميراتي ڪم ڪرائي ڪاڇي واسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي
شبير احمد مستوئي/ ھيروخان
پاڻي معاملو ۽ جدوجهد جو رهيل مورچو
سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي مسئلي وارو تڪرار ڪو نئون ڪونهي، ان سلسلي ۾ سنڌ سان ويڌن ڏهاڪن کان جاري آهي، هي 1859ع کان شروع ٿيندڙ تمام حساس معاملو آهي. جنهن ڪري ئي 1935 واري اينڊرسن ڪميشن، 1941 ۾ انڊس رائو ڪميشن، پوءِ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، 1968 واري اختر حسيني ڪميشن، 1970 ۾ فضل حسين ڪميشن، 1981 ۾ انوارالحق ڪميشن ٺهيون. انهي سموري ڪار گذاري کانپوءِ نواز شريف جي دور اقتدار دوران 1991 جو پاڻي معاهدو وجود ۾ آيو، ان تي به سنڌ جا حقيقي اعتراض رهيا آهن، جنهن کي هڪ زوري مڙهيل معاهدي طور سنڌ ياد ڪري ٿي. ان تي به ڪڏهن مڪمل طور ان جي روح مطابق عمل ناهي ٿيو.
سنڌ پهنجي حق لاءِ مختلف دورن ۾ پر امن گس اختيار ڪري جدوجھد ڪندي رهي آهي، انهي جدوجھد جا گھڻا نتيجا، اميدن ڀريا ۽ ڪامياب نڪتا آهن، هن وقت پوري سنڌ سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري زوري زبردستي مسئلي ۾ مڪمل طور احتجاج ۽ جدوجھد واري گس تي روان دوان آهي، هڪ ئي مطالبو، هڪ ئي مقصد آهي ته سنڌو مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍي سنڌ کي رِڻ پٽ ۽ ڪربلا ۾ تبديل نه ڪريو. هن جدوجھد ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي عملي طرح ڪناره ڪشي واري پاليسي تي بيٺل آهي، البته سينيٽ، قومي اسيمبلي فورم تان خانه پوري لاءِ ميمبرن احتجاج ڪيو آهي ۽ ڪي اهڙي نموني جا اخباري بيان سامهون آيا آهن. پر سنڌ انهن کي چوي ٿي توهان ڀلي ڪنهن مصلحت تحت ڏکي جدوجھد ۾ گڏ نه هلو گھٽ ۾ گھٽ سنڌ اسيمبلي ۽ ٻيا به فورم توهان جي هٿ وس آهن اتي ته سنڌ جي ظلمن بابت ڪي ڀرپور آواز اٿاريو. يقينن وطن سان نمڪ حلالي ۽ پنهنجي ووٽرن سان وفائون ڪرڻ جو هي سونهري وقت آهي. هن سلسلي ۾ قومپرست پارٽيون، مذهبي پارٽيون، G.D.A ، سول سوسائٽي وغيره ۽ عام ماڻهو جنهن جي هڪ ايڪڙ به ٻني ڪونهي، اهي به هن مهل اڳيان اڳيان هر اول دستي جيئن هلندا پيا اچن، پر زميندار، وڏيرو، شهري حق پرست بابو ۽ ڪراچي وارا گروهه ماٺ ۾ آهن. هتي هڪڙي ڳالهه شدت سان محسوس ٿي رهي آهي ته هڪ رستو جيڪو اسان اڃا ورتو ڪونهي، اهو آهي عدليه ۾ وڃڻ جو. سنڌ جون سياسي، سماجي پارٽيون، دانشور، وڪيل، قانوندان، آبپاشي ماهر، ماحولياتي موسمي ڄاڻو انهي رستي واري جدوجھد تي ويهي سوچي هڪ مڪمل ڪيس (پاڻي معاملي) تي تيار ڪري عدليه ۾ داخل ڪن، اهو فورم (مورچو) به جدوجھد کان خالي نه رهي. انشاالله ڪاميابي حق ۽ سچ جي ٿيندي. شال سنڌ آباد رهي.
محمد قاسم چانڊيو/ ڳوٺ علي مراد چانڊيو
قاسم آباد ۾ پاڻي جي کوٽ
فراز ولاز فيز 3 واڌو واھ قاسم آباد جي ڪالوني ۾ ڳچ وقت کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سپلائي جو مسئلو اڃا حل نه ٿيڻ سبب رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. خبرناهي ڪهڙي سبب جي ڪري واسا پاڻي جي سپلائي بند ڪئي وڃي ٿي؟ اھڙي قسم جي شڪايت واسطيدار اداري جي آفيس ۾ ڪئي وئي آهي جن جي چوڻ موجب مسئلو جلد ڪيو ويندو پر ڪيترائي ڏينهن گذري ويا جو ھن ڪالوني ۾ واسا اداري جو پاڻي سپلائي نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري مسئلو اتي جو اتي باقي آھي. ھاڻ ڀلارو مبارڪ مهينو رمضان شريف شروع آهي ان مناسبت سان اختيارين خاص طور ڪمشنر صاحب، ڊپٽي ڪمشنر، ميئر حيدرآباد، واسا جي عملدارن کي اپيل ڪجي ٿي ته فراز ولاز فيز 3 واڌو واھ جي ڪالوني ۾ پاڻي جي سپلائي بحال ڪري رھواسين جي پريشانين جو خاتمو ڪيو وڃي
منظور حسين ڪالرو/قاسم آباد
اي وقت جا حڪمرانو !!سنڌ جي پريا موٽائي ڏيو
سنڌ جي ڌرتي جيڪا ھميشه کان سازشن طور بي حسي جي ور چاڙھي وئي آھي جنهن تي ھر آئي ڏينهن ڪو نه ڪو نئون اشو ڪر کڻي ٿو. ڪافي اھڙا سنگين معاملا آھن جي ھٿ ٺوڪي سازشن ۽ سوچن ذريعي ان اشو کي نرم ڪرڻ لاءِ سڀ حيلا ھلائي وري ڪنهن نئين اشو کي جنم ڏياريو وڃي ٿو ۽ بيوس عوام کي ان مسئلي جي پويان لڳائي پاڻ پنھنجا مقصد حاصل ڪري وڃن ٿا. ھونئن ته انيڪ اھڙا مسئلا آھن جن تي سنڌ سدائين سراپا احتجاج رھي آھي. ڪافي وقت کان واقعي ڪربلا جي ياد ۾ روڊ تي سبيل پياريندڙ سنڌ ڄائي ھندو نياڻي پريا ڪماري گم ڪئي وئي آھي. ميڊيا تي ٿيندڙ بحثن ۾ پريا ڪماري سنڌ جي وڏيرن سياستدانن ھٿان گم ڪرڻ جون بهڳالهيون ھلندڙ آھن. سياسي اڳواڻ آسرا ڏيندا رھيا پر پريا پوءِ به نٿي ملي. پنجاب ڏانهن منتقل ڪرڻ جون خبرون به گردش ھيٺ آھن. سنڌي قوم ۽ ان سان گڏ ھر فڪر سان واڳيل زھن پريا جي آزادي لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آھي جنهن تي کين جس ھجي. ڪافي سياسي، قومي، مذھبي توڙي ھر وجود مذمت ڪئي آھي پر پريا نٿي ملي. صوبائي گھرو وزير, سميت ٻين وس وارن کي کيس ياداشت نامو ڏيارڻ لاءِ ڪراچي جي تين تلوار تي ڌرڻو ھڻي پريا جي بيوس والد ۽ امڙ کي گھرائي يقين ڏياريو ويو ته سنڌ توهان سان گڏ آھي ۽ وري پريا جي والد کي ڪجھ ڌاڙيل سڏائي ڪالون ڪن ٿا ۽ مختلف شرط رکن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان پريا خريد ڪئي آھي ۽ اھو ڏينهن پري ناھي جڏهن سنڌ پريا کي سلامتي سان ڏسندي ۽ اھي ڀاري برج جلد ڪري ڀورا ڀورا ٿيندا. ھڪ دفعو ٻيھر گذارش ڪجي ٿي ته اڄ کان ئي پريا مسئلي تي جاکوڙ شروع ڪري پنهنجو آواز ھر ان ميڊيا تائين پھچايون جيڪا سنڌ جي خيرخواھ ٿي ساٿ ڏي ۽ پريا جي آزادي ممڪن ٿي سگهي.
عبدالغني “عبد” آريسر / ساڍر
رسول بخش پليجو جي جدوجهد
هن ديس مان اٿيل ۽ سڄي حياتي پنهنجي وطن جو اوڇڻ ۽ ضمير بڻجي حياتي گهاريندڙ سنڌ جو مدبر ڏاهو اديب رسول بخش پليجو اها عظيم هستي هئي جنهن کي سنڌ صدين تائين پنهنجي ساھ ۾ سانڍي ساريندي رهندي. جنهن هڪڙي حياتي ۾ ڏهن زندگين جيترو پنهنجي مادر وطن سنڌ ۽ پورهيت طبقي لاءِ عملي فڪري ڪم ڪيو. هن معجزي جهڙي شخصيت کي هڪ ڏندڪٿائي ۽ ديومالائي شخصيت طور سڃاڻي سگهجي ٿو. جنهن پنهنجي گهڙي گهڙي کي سجايو ڪيو ۽ ان جدوجهد ۾ موت جي پرواھ کانسواء نه پنهنجون مجبوريون ڳڻيون نه مليل گهاون جي پرواهه ڪيائين ۽ نه وري ڪوڙي واه واه جي گهر ڪيائين.
شوڪت علي ڀيو/ غوثپور
يوڪرين ۽ آمريڪا جا تازا جڙيل ڇڪتاڻ وارا ناتا
يوڪرین جي صدر ولودومير زيلينسڪي ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازو ٿيل ملاقات عالمي سطح تي غير معمولي بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي. ان ملاقات ۾ غير رسمي ٻولي ۽ بيانن سفارتي ادب کي پوئتي ڇڏي ڏنو آھي، جنهن سان عالمي لاڳاپن تي گھرن اثر پوڻ جا امڪان آھن.
ٽرمپ جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. هو هڪ غير رواجي، بيباڪ ۽ پنهنجي شرطن تي دنيا سان معاملا طئي ڪرڻ وارو اڳواڻ آهي. مبالغہ آرائي ۽ غير متوقع بيان سندس سياست جو مستقل حصو رهيا آهن. ٻي طرف، زيلينسڪي، جيڪو بنيادي طور تي هڪ مزاحيه اداڪار هو، هن ملاقات ۾ ٽرمپ جي سامهون پنهنجو اثرائتو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ٽرمپ جا بيان ۽ قدم نه رڳو آمريڪا، پر سموري عالمي سياست تي ڊگهو اثر ڇڏيندا. پر، يوڪرین جي سياست هميشه کان سادي ۽ ڪنهن حد تائين غير حڪمت عملي جو شڪار رهي آهي. ماضي ۾، يوڪرین هڪ خوشحال ۽ ايٽمي صلاحيت رکندڙ ملڪ هو، پر سفارتي چالاڪين ذريعي ان جا جوهري هٿيار کسيا ويا. اڄ، اهو عالمي طاقتن جي رحم و ڪرم تي آهي. آمريڪا، جيڪو يوڪرین جي حمايت لاءِ اڳي تيار هو، هاڻي پوئتي هٽي چڪو آهي ۽ يورپ وٽ به ايتري سگهه ناهي جو روس سان سڌو مقابلو ڪري. ھن پس منظر ۾، يوڪرین سفارتي طور ڪمزور ۽ سياسي طور بي سمت نظر اچي ٿو. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هو عالمي برادري آڏو رڳو پنهنجي مظلوميت جو داستان پيش ڪري حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ھي ملاقات عجيب ۽ غيرمعمولي ثابت ٿي، ڇو ته هيءَ ملاقات ڪنھن به طئي ٿيل ڳالهه ٻولهه، باضابطه صلاح مشوري يا معاهدي ڪرڻ کان سواءِ سڌو ميڊيا سامهون ڪئي وئي. عام طور تي، اهڙيون ملاقاتون اعليٰ سطحي اجلاسن، نجی ملاقاتن، معاونن جي تياري ۽ سفارتي مشاورت کانپوءِ ٿينديون آھن. پر هن ڀيري، ٻنهي صدرن جي وچ ۾ اوچتو هڪ اهڙو غير رسمي تبادلو ٿيو، جيڪو تڪرار ۽ عالمي بحث ۾ تبديل ٿي ويو. حيرت انگيز ڳالهه اها هئي ته آمريڪي صدر جو لهجو غير جانبدار ثالث بدران روس جي موقف سان ويجهو لڳي رهيو هو. هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي هڪ سفارتي چال هئي يا آمريڪا پنهنجي پاليسي ۾ ڪا وڏي تبديلي آڻڻ وارو آهي؟ ھي غير متوقع ۽ غير رواجي سفارتي واقعو مستقبل جي عالمي سياست لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏيندو. ڇا يوڪرین هن صورتحال مان نڪري سگهندو؟ ڇا آمريڪا جي پاليسي ۾ واقعي ڪا بنيادي تبديلي اچي رهي آهي؟ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، ڇا عالمي سفارتڪاري هاڻ هڪ نئين، وڌيڪ غير رسمي ۽ غير متوقع دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي؟ انهن سڀني سوالن جا جواب وقت سان گڏ سامهون ايندا.
علي رضا سومرو /ڪراچي
لاڙڪاڻي شهر جي ٽيچرس ڪالوني جا مسئلا حل ڪيا وڃن
سال 24-2023 کان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول الاهي بخش جتوئي ايٽ ٽيچرس ڪالوني سٽي لاڙڪاڻو جو تباه ٿيل ڀوت بنگلو ٽائپ اسڪول سنڀاليو، هن اسڪول ۾ ڪل ٽي بينچون ۽ ٻه ڪرسيون هيون جڏهن ته حاضري پهريان زيرو هئي منهنجي پهچڻ ڪوششن کان پوءِ هن وقت 200 کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسڪول کي صرف ٻه ڪمرا ۽ هڪ ورانڊو آھي، اسڪول جي ڪلاسن جا بلاڪ فرش ٽٽل ڦٽل خراب صورتحال جو شڪار آهن، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ شاگردن لاءِ هڪ به واش روم ڪونهي ۽ پاڻي جي ڪا به سھولت ناهي. اسڪول جو سمورو رنگ روپ ختم ٿي ويو آھي، بجلي جي ڪا به سهولت ڪونهي. سياري کان پوءِ هاڻي لاڙڪاڻي جي سخت گرمي اچڻ بعد شاگرد توڙي استاد هڪ وڏي عذاب کي منهن ڏيندا ۽ گرميءَ سبب سخت تعليم متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي. انھي ڪري فوري طور تي ٽيچرس ڪالوني پرائمري اسڪول کي سولر سسٽم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي گڏوگڏ ئي هن اسڪول کي 3 ٽن ڪلاس رومس ۽ هڪ آفيس جي سخت ضرورت آھي. قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جميل احمد سومرو ۽ سھيل انور سيال کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا ٽيچرس ڪالوني اسڪول جي مالڪي ڪري اسڪول ۾ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن جيئن غريبن جا ٻار تعليم پرائي سگهن.
اياز حسين تنيو/ هيڊ ماستر ٽيچرس ڪالوني سٽي لاڙڪاڻو
ڇا رمضان ۾ مهانگائي جون جن بوتل مان ٻاهر نڪري ايندو؟
اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ مهانگائي ته سال جا ٻارهن ئي مهينا پنهنجي عروج تي آهي ليڪن سال ۾ هڪ مهيني لاءِ ته ڄڻ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويندو آهي. خيرن سان رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي چڪو آهي ۽ ڀلارو مهينو شروع ٿي چڪو آهي. روز جيڪو فروٽ جنهن قيمت ۾ ملندو هو اڄ ان جي قيمت کي پر لڳي چڪا آهن، اڄ کان کاڌي پيتي جي شين جا اگھ چوٽ چڙهي چڪا آهن. هر سال رمضان ۾ لڳندو ائين آهي ته ڄڻ منافعي خور رمضان اچڻ جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن ته جيئن رمضان اچي ۽ کوڙ سارو منافعو ڪمائي سگهن. هن مهانگائي جي دور ۾ جتي غريب ڏهاڙيدار مزدور ٻه ويلا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. اهو هن ڀلاري مهيني ۾ ايندڙ مهانگائي جي طوفان سبب ويتر پريشان ٿي ويندو آهي. رمضان ۾ منافعي خور اهو چئي هر شيءِ جو پاڻمرادو اگھ ٻيڻو ڪري ڇڏيندا آهن مٿان عيد لڳي پئي آهي، سو اها “مٿان عيد” واري ڳالھ هر کاڌي پيتي توڙي ضرورت جي شين کي غريب عوام جي رسائي کان پري ڪري ڇڏيندي آهي. حڪومت کي گهرجي ته رمضان ۾ پيدا ٿيندڙ هٿرادو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگهي. هر ضلعي جي ڊي سي کي گهرجي ته روزانه جي بنياد تي پرائس لسٽون چيڪ ڪن ۽ وڌيڪ اگھ وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
وفا مختيار جمالي