پاڪستاني ڪرڪيٽ جي تباھي….!
اسان ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ کيڏندڙ ھجون يا ڪرڪيٽ ڏسڻ کيڏڻ جو شوق به ڀلي نه رکندا ھجون پر جڏھن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ميچ روايتي حريف انڊيا سان ھوندي آھي ته اسان پاڪستاني پرڏيھھ ۾ ھجون يا پاڪستان جي ڪنھن به صوبي جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ته سڀ ڪم ڪار ڇڏي ٻيا ميچ ڏسون يا نه ڏسون اھو انڊيا پاڪستان جو مقابلو ضرور ڏسندا آھيون. توڙي جو اسان جي سرڪاري رڪارڊ ۾ قومي راند ھاڪي آھي پر پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ راند شوق ۽ وڏي چاھ سان ڏٺي ويندي آھي. ان ڏينھن ٻھراڙي جي چانھھ جي مني سئنيما جي ھوٽلن جي اسڪرين تي به ڪرڪيٽ جي ڪامينٽري جو شور ٻڌڻ ۾ ايندو آھي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي سبب اسان کي پنھنجو وقت سيڙائي ميچ ڏسڻ باوجود به ھر ڀيري مايوسي نصيب ٿي آھي. ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جا ھونئن ته ڪيترائي سبب آھن پر منھنجي نظر ۾ ڪجھھ سبب ھي به آھن: پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) بار بار رانديگرن ڪوچن ۽ ڪپتانن کي تبديل ڪري ٿو. جڏهن رانديگر ميچن دوران خراب بيٽنگ خراب فيلڊنگ بالنگ ڪن ته ھڪ ميسج پوري دنيا ڏانھن وڃي ٿو ته پاڪستاني رانديگرن ذهني ۽ جسماني طور تي بين الاقوامي معيار تي پورو نٿا لهن. ھڪ دور هو جڏهن پاڪستاني ٽيم کي دنيا جي سڀ کان خطرناڪ ٽيم سمجهيو ويندو هو پر هاڻ خراب ڪارڪردگي سان، پاڪستان جو اهو منفرد دٻ دٻو به ختم ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جي مختلف ٽيمن کي پاڪستان خلاف کيڏڻ جو خاص ڊپ ئي ھاڻ نه رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم خراب کيڏي ٿي، ته ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ڪرڪيٽ ليگس پاڪستاني رانديگرن تي گهٽ سيڙپڪاري ڪنديون جنهن سان معيشت تي به اثر پوي ٿو. تاريخي طور تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيلنٽ جي لاءِ مشهور رهيو آهي پر هاڻوڪي خراب ڪارڪردگي دنيا کي اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته پاڪستان ۾ هاڻ نئون ٽيلنٽ يا ته صحيح نموني سامهون نٿو اچي يا وري ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ مناسب سهولتون ناهن رھيون. پاڪستاني شائقين دنيا جي جذباتي ترين ڪرڪيٽ فينز مان آهن، پر لڳاتار خراب ڪارڪردگي انهن جي اميدن کي مسلسل ٽوڙي رهي آهي. پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي عالمي سطح تي ملڪ جي ڪرڪيٽ جي ساک کي متاثر ڪري رهي آهي. پاڪستاني ٽيم ۾ ننڍن صوبن جي رانديگرن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ان قسم جي تنقيد عام ماڻھو به سوشل ميڊيا تي ڪري رھيا آھن. پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪڏهن بهترين راند پيش ڪندا آهن ته ڪڏهن تمام گهٽ معيار جي ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو معيار ٻين وڏين ڪرڪيٽ ملڪن جهڙو نه آهي. نئين ٽيلنٽ کي مناسب تربيت جا موقعا نه ملڻ سبب عالمي معيار جا رانديگر گهٽ نڪرندا آهن. رانديگر محدود موقعا ملڻ سبب عالمي ليول جي Exposure کان محروم رهن ٿا. انتظامي پاليسيون ٽيم تي خراب اثر وجهن ٿيون. ڪوچ سليڪٽر پي سي بي چيئرمين ڪوچنگ اسٽاف ۽ ڪپتاني بار بار بدلجڻ سان تسلسل متاثر ٿيندو رھي ٿو. چيمپئنز ٽرافي ۾ پڻ ٽيم جي فيلڊنگ تمام ڪمزور رھي. بيٽنگ لائين اپ ڪافي عرصي کان غير مستحڪم رهي آهي. اوپنرز خاص ڪري ٽيسٽ ۽ ون ڊي ميچن ۾ بھترين شروعات نه ڏئي سگهيا آھن. جڏهن ته مڊل آرڊر بار بار ناڪام ٿيندو رهيو آهي. ٽيم عام طور تي پنهنجي فاسٽ بالنگ تي وڌيڪ ڀاڙيندي آهي. ٽيم اڪثر خراب فيلڊنگ ڪندي آهي، ڪيچ ڇڏڻ ۽ غلط فيلڊنگ سان ميچ وڃائڻ جا واقعا ھاڻ ته ھر ميچ ۾ عام آهن. ڪيترائي ڀيرا تجربيڪار رانديگرن کي غيرمنصفاڻي نموني ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ٽيم کي نقصان ٿيو. ٽيم جي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ لاءِ مضبوط ڊوميسٽڪ سسٽم، سٺي فٽنس، فيلڊنگ جي بهتري، مستحڪم انتظامي پاليسين ۽ نفسياتي طور مضبوط رانديگرن جي تياري ضروري آهي جيڪڏهن اهي مسئلا حل ڪيا وڃن ته پاڪستاني ٽيم ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي اڳ جھڙي ساک بحال ڪري سگهي ٿي.
عابد حسين شر/ ٺري ميرواھ
مولانا ناصر محمود سومري ڏانهن کليل خط
منهنجا سائين: اوهان پنهنجن مدرسن، خطابن، جلسن جلوسن ۾ امن امان، انصاف ۽ ٺاهه جون ڳالهيون ڪندا آهيو ۽ ريليون ڪڍي سنڌ جي مسئلن تي نڪري ايندا آهيو، پر اوهان پنهنجي ويجهي ۽ اباڻي ڳوٺ عاقل ڳوٺ ۾ جتي اوهان جو والد صاحب شهيد خالد محمود سومرو ڄائو ۽ وڏو ٿيو، ان ئي ڳوٺ ۾ سانگي برادي جو تڪرار ستن سالن سالن کان هلندڙ آهي ان جي ٺاهه لاءِ اوهان پاران ڪوششون ڇو نه ورتيون ويون آهن؟ ڇا انهن ٻنهي ڌرين وٽ معصوم ننڍڙا ٻار ناهن؟ ڇا اُهي پڙهڻ نه ٿا چاهن؟ ڇا قرآن مجيد ۾ ٻن کي ٺاهڻ جو ذڪر ناهي؟ اوهان ئي پنهنجن خطابن ۾ ڪيترائي ڀيرا فرمايو آهي ته پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ڏياريو. هاڻي اوهان ئي فيصلو ڪيو ته ڇا تڪرار هوندي ٻار سڪون سان پڙهي سگهن ٿا؟ خدارا ٻنهي ڌرين جي معصوم ٻارڙن تي رحم ڪيو ۽ سانگي برادري جي پراڻي تڪرار جو نبيرو ڪري انهن معصوم ٻارڙن جي اونداهي مستقبل کي روشنيءَ ڏي موڙي تڪرار جو خاتمو ڪيو. سموري سنڌ جا آرٽسٽ اداڪار ڪهاڻيڪار ليکڪ اوهان ڏي ڏسي رهيا آهن ته عزيز سانگي ۽ سانگي برادري جو مسئلو جلد حل ڪرائي، سنڌ جي مستقبل کي امن جو رستو ڏيکاريو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
سياسي مخالفن کي ڇڏي ملڪ جي معيشت کي ڏسو
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽيم ئي کيس غلط صلاحون ڏئي جيل ۾ بند ته ڪرائي ڇڏيو. پر اهڙو ته بند ڪرائي ڇڏيو آهي جو 2024 جي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندي به اڄ تائين ٻاهر نڪري نه ٿو سگهي. يعني عمران خان جا اسٽيبلشمينٽ ۽ آرمي چيف بابت اهڙا ته غلط ڪن ڀريا ويا جو هو اسٽيبلشمينٽ خلاف هر محاذ تي آواز اٿارڻ کان پوئتي هٽڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو کڻي. سندس حڪومت ۾ جن اربن روپين جي ڪرپشن ڪري دولت جمع ڪئي اهي کيس تڪليفن ۽ ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. هاڻي عمران خان جيل ۾ هٿن مان ويندڙ سونهري وقت بابت سوچيندو رهي ٿو. دنيا ۾ جنهن به حڪمران ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو ان ۾ هميشه اسٽيبلشمينٽ ئي ڪامياب ٿيندي ڏٺي آهي.آرمي به ملڪ جي حفاظت خاطر وڏيون وڏيون شهادتون ڏيندي آهي. ملڪ جي سياستدانن کي احساس هجڻ گهرجي ته ملڪ جو عوام رات جي پهر ۾ آرامي هوندو آهي پر آرمي جو جوان اکيون کولي بيٺل هوندو آهي. بھرحال پاڪستان جي سياست جو هڪ وڏو الميو پنهنجي سياسي مخالفن کي برداشت نه ڪرڻ آهي. اسان جي ملڪ ۾ سياستدانن جو گڏيل مزاج سياسي تنقيد گهٽ پر سياسي دشمني وارو وڌيڪ آهي. سياسي جماعتون جمهوريت ۽ جمهوري طرز عمل جا دعويدار ته آهن پر انهن جماعتن جي مجموعي سياست جمھوري ۽ اخلاقي اصولن جي برعڪس آهي. اهڙا مسئلا ڪنهن هڪ سياسي جماعت تائين محدود ناهن پر ملڪ جي هر سياسي جماعت پنهنجو پنهنجو حصو ان راند ۾ شامل ڪندي رھي آهي. پاڪستان ۾ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو وڏو وڏو فقدان آهي. اهوئي سبب آهي جو پاڪستان معاشي طور اڀرڻ بجاءِ وسامجي رهيو آهي. هاڻي ته وزيراعظم عوامي جلسن ۾ ڪوڙا واعدا ڪري رهيو آهي ته جلد ئي پاڪستان ڀارت کان معاشي طور اڳڀرو ٿيندو. ڊاڙ وڏي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪيتري به ڪوشش ڪري 50 سالن ۾ به ڀارت جي معيشت کي پڄي ڪونه ٿو سگهي. ها! ڪو معجزو ئي ائين ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن وقت ڀارت وٽ 700 ارب ڊالرن جي نيٽ ڪيش آهي. پاڪستان وٽ صرف 16 ارب ڊالر، اهي به قرضن ۾ ڏيڻا آهن ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ڪيترن سالن ۾ ڀارت کان معاشي طور اڳڀرو ٿيندو؟ صرف عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اهڙا دل کي خوش ڪرڻ وارا وزيراعظم بيان ڏئي رهيو آهي. ترقي جو راز ملڪ جي بهترين بجلي آهي. پاڪستان ۾ بجلي ناياب ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي ناهي. سولر ڇا ڪندو. پاڪستان ۾ جيستائين حقيقي سياست تي توجه نه ڏني ويندي تيستائين ملڪ معاشي ڌٻڻ مان ڪيتريون به ڪوششون ورتيون وڃن ڪڏهن به نڪري ڪونه سگهندو. جيڪڏهن سياستدان هڪ ٻئي سان سچا ۽ وفادار هجن ته ملڪ جي فوج کي سياست ۾ اچڻ جو موقعو ئي نه ملي. فوج ڇا ڪري. ان کي ڄاڻي واڻي ملڪي سياست ۾ گهليو وڃي ٿو. سول قيادتن جي ناڪاميءَ کان پوءِ فوج ملڪ جي سياست ۾ ٽپندي آهي. پاڪستان کي هاڻي هڪ نئين سياست جي ضرورت آهي. اها سياست جيڪا پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام وچ ۾ نفرت نه وجهي. هر پارٽي کي موقعو ملڻ گهرجي. عوام جنهن کي مينڊيٽ ڏي ان کي 5 سال مڪمل ڪرڻ ڏنا وڃن. ٻيهر ان پارٽي کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ملندو. سياست کي جمهوري اصولن تحت اڳتي وڌائڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهو عمل ڏکيو ضرور آهي پر ڪارآمد آهي. نفرت ۽ دشمني واري سياست کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ان سان نه کٽندڙ دشمنيون وڌنديون آهن ۽ پوءِ نسلن جا نسل تباهه ٿي ويندا.
عبدالقدير جلباڻي
مهانگائي
اڄ عام ماڻھو بيروزگاريءَ ۽ مهانگائيءَ جي ور چڙهي ويو آھي. عام ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ انتھائي ڏکيو بڻجي ويو آھي. عام شين جي اگھن ۾ بي حساب واڌ ٿي چڪي آھي ۽ قانون نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي.ڪيترائي ماڻهو مجبور ۽ پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن. پنھنجي زندگيءَ کان بيزار ٿي ھٿ کڻڻ تي مجبور ٿي رھيا آھن. ھزارين تعليم يافتھ نوجوان شاگرد ڊگريون ھٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ دربدر آھن. سنڌ جو پڙھيل لکيل طبقو ھاري ۽ مزدور به سخت پريشان آھي. جنهن ڪري نوجوان طبقو ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ڪوششن ۾آھي تھ ڪي وري ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آهن.ٻئي طرف مهانگائي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آھي. بنيادي ضرورتن جون شيون جھڙوڪ کنڊ، گيھھ، اٽو، چانھھ، چانور، داليون وغيره وغيره کاڌي پيتي جو سامان دوائون، ڪپڙا، گئس ۽ بجلي جا بل عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿي ويا آهن. مزدور طبقو ۽ ھاري ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھي. کاڌي پيتي جا به اگھھ، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا اگھھ لڳاتار وڌي رھيا آھن. جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهن تي پئجي رھيو آھي. ان صورتحال کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
زاھد حسين حسيني زرداري/ سرھاري
بلوچستان ۾معصوم انسانيت جو ٿيندڙ وحشياڻو قتلام
اسان جي پياري وطن پاڪستان ۾ دھشتگردي جو ڪيترائي مظلوم ماڻهو شڪار ٿيندا رهيا آهن، دھشتگردي پاڪستان جي لاءِ ھڪ ناسور بڻجي چڪي آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾روزانو انساني رت ريلا ڪري وھي رھيو آھي. انھن دھشتگردن ڪي پي ڪي، ۽ بلوچستان ۾مسڪين ماڻهن جو خون سستو ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ظالم وحشي دھشتگردن جي ھتان پاڪستان جي شھرين سان گڏ پاڪ فوج جا بھادر نوجوان، رينجرز ، پوليس جي نوجوانن سميت سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شھادتون ماڻي رهيا آهن. ڪٿي بم ڌماڪا ٿي رهيا آهن ته ڪٿي فورسز جي نوجوانن تي حملا ڪيا پيا وڃن. انھيءَ منظم دھشتگردي جي پٺيان ملڪ دشمن قوتن جو ھٿ آهي، جن ۾ افغانستان جي طالبان حڪومت ۽ ڀارت جي سپورٽ شامل آهي. چوندا آهن ته ھڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي پر بي رحم دھشتگردن جيڪي بلوچستان ۾رت جون نديون وهايون آهن، انھيءَ ظلم ۽ بربريت جو بيان ڪرڻ سان انسان حيران رهجي وڃي ٿو. سمورين سوچن جا سلسلا ، سندن ظلمن تي رڪجي ٿا وڃن. جيڪي آزادي جي تحريڪ جي نالي تي دھشتگردي کي تحريڪ جو نالو ڏئي رهيا آهن، دنيا ۾ڪا به اھڙي تحريڪ ناهي، جنهن ۾مظلوم انسانيت جو رت وهايو وڃي. ھي ڪھڙي تحريڪ آهي، جنهن ۾معصوم ٻارڙن عورتن پيرسن والدين جو قتل عام ھلي رھيو آھي؟ انھيءَ کي ڪھڙو نانءُ ڏجي، ڪھڙو به جبو اوڍايو وڃي، پر دھشتگردي دھشتگردي آهي. جيڪا قوم جي لاءِ ھڪ ناسور بڻجي چڪي آهي. اھڙي دھشتگردي خلاف قوم کي متحد ٿي ميدان تي نڪري شڪست ڏيڻي پوندي انھن معصوم ٻچن جي آھن دانھن جو درد رکندڙ معصوم دلين تان ڇا گذريو ھوندو ، اھو ته صرف انسانيت جو درد رکندڙ دليون ئي سمجهي سگهن ٿيون. ان کي دھشتگردي ئي سمجهي پاڙ کان ختم ڪيو وڃي، دشمنن جي ايجنٽ بڻجي وطن تي حملا ڪندڙن کي چٿيو وڃي. معصوم شھرين جي قاتل دھشتگردن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري شھيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. انھن جي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي. ھر شھري جي جان جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. شھرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي شھيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ڪنھن بھ قسم جي رعايت ھزارين شھيدن جي خون سان غداريءَ ۾ شامل ھوندو . مظلوم شھيدن جي رت جو بدلو وٺڻ رياست جي اولين ترجيح ۾ شامل ھجڻ گھرجي. شھيدن جي خون سان انصاف وفاداري ھر پاڪستاني جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي. شھيدن جي خون جي قطري قطري جو دھشتگردن کان حساب ورتو وڃي.
وفا سانوڻ نوحاڻي/ ڪڙيو گھنور
سنڌو تي ڌاڙو نا منظور
منهنجي خيال ۾ سنڌ تي ھي پھريون دفعو سنڌو مان ڪئنال ڪڍي ڌاڙو نھ پيو ھنيو وڃي پر صدين کان سنڌ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن جيڪي عوامي طاقت سان ناڪام ڪيا ويا. صدين کان ڪڏهن سنڌ جي درياھن تي تھ ڪڏهن جبلن تي ۽ وري ڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي ۽ سنڌ جي معدنيات تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃنئ سنڌو درياھ واحد جياپو آھي سنڌ جي ماروئڙن جو جنهن تي سنڌ جا ماڻھو گذارو ڪندا آھن. اگر سنڌو درياھ مان ڇھھ ڪئنال ڪڍيا ويا تھ سنڌ بنجر ٿي ويندي. ماڻھن لاءِ ڇا پر جانورن لاءِ بھ پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو، انساني زندگي جي سڀ کان اھم ضرورت پاڻي آھي پر سنڌ کي پنهنجي پاڻي کان بھ محروم پيو ڪيو وڃي. گذريل ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ سراپا احتجاج آھي. پاڻي جي معاملي تي سنڌ جي ڪيترن ئي پليٽ فارمن تان آواز پيو اٿاريو وڃي جنھن ۾ نوشھرو فيروز جو شاگرد سڄاڳ سٿ بھ سنڌو مان ڪئنال خلاف مسلسل آواز پيو اٿاري. سنڌ جي ماڻھن جو ھڪ سوال اھو آھي تھ اخر ھڪ ريگستان کي آباد ڪري ۽ آباد ٿيل سنڌ کي ريگستان ڇو پيو بڻايو وڃي؟ صدر زرداري سنڌ جو ٿي ڪري سنڌو مان ڪئنال ڪڍي ڪھڙو پلاند پيو ڪري؟ گذريل سورھن سالن کان PPP سرڪار سنڌ کي اڏوھي جيان ڇو کائي تباھ ڪري رھي آ؟ ڇا اھو ھو اوھان جو منشور ؟ سنڌ ڪالاباغ ڍيم جيان ڇھن ڪئنالن کي بھ رد ڪري چڪي آ. سنڌ حڪومت جا وزير TV تي اچي روز پريس ڪانفرنسن ۾ دعوائون پيا ڪن تھ اسان ڪھڙي بھ صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نھ ڏينداسين ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جو صدر زرداري ڪئنالن جي منظوري واري بل تي صحيح ڪري چڪو آھي. سنڌ اسان جي ماءُ آھي ۽ اسان پنهنجي ماءُ سان ڪڏهن بھ ناانصافي ٿيڻ نھ ڏينداسين. سنڌ گورنمنٽ عوام کي بيوقوف سمجھي رھي آ پر عوام جاڳي چڪو آ. ڪھڙي بھ صورت ۾ سنڌو مان ڌاڙو نھ ھڻڻ ڏنو ويندو. اگر سنڌ جي پاڻي مان سنڌ جو ھڪ ڍڪ بھ کنيو ويو تھ سنڌ جو ست ڪروڙ عوام روڊن تي نظر ايندو. سنڌو درياھ سنڌي ماڻھن جو جياپو آھي ۽ سنڌي پنهنجي جياپي تي ڪڏهن بھ سمجھوتو نھ ڪندا. سنڌ حڪومت سميت صدر زرداري سنڌو مان ڪئنالن واري بل کي واپس وٺي سنڌي ماڻھن جي جياپي سان ٿيندڙ ناانصافي کي واپس وٺي.
صفدر سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ نوشھرو فيروز