سردار معظم خان عباسي ڏي کليل خط: عزيز سانگي جو مسئلو حل ڪرايو

محترم سائين: اوهان جي تخت بخت جو دعاگو، ڪيڏو نه افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان جهڙي سٺي سياستدان سردار هوندي به لاڙڪاڻي عاقل ڳوٺ ۾ سانگي برادري جو مسئلو ستن سالن کان هلندڙ آهي، جتان اوهان هر ڀيري ووٽن لاءِ به ايندا آهيو ۽ اڪثريت به ماڻيندا آهيو، پر ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته اوهان سانگي برادري جو مسئلو اڄ تائين حل ڪرائي ناهيو سگهيا. اوهان ته امن جا سفير سڏيا ويندڙ سٺا سياستدان امن قائم ڪرڻ لاءِ الائي ته ڪاٿي ڪاٿي ويندا آهيو، پر اوهان جي گهر جي ڀرسان تڪرار اڄ تائين حل ٿي ناهي سگهيو. اوهان ته شهيد سورهيه بادشاهه جي منشور جا پوئلڳ آهيو، اوهان ته تعليم جون الائي ڪيتريون ڳالهيون ڪندا آهيو ته پنهنجن ٻارڙن کي پڙهايو، منهنجا سائين سانگي برادري ٻنهي ڌرين جا ٻار به هن مهل ڏاڍا اداس آهن، هو پڙهي نه ٿا سگهن، جهيڙي جي ڪري ٻنهي ڌرين جا معصوم ٻارڙا روشن مستقبل ڏي نه ٿا وڌي سگهن، ڪاش اهو احساس اوهان جي دل ۾ جاڳي پوي ۽ اوهان جي روح ۾ رحم پئي ۽ اوهان هي پراڻو تڪرار جلد کان جلد ختم ڪرائي گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جو مستقبل سنواري ڏيکاريو.

ناشاد شوڪت شنباڻي/لاڙڪاڻو

 

ڪشمور ضلعي ۾ پي ايس ٽي /جي ايس ٽي کان ايچ ايس ٽي جعلي پروموشن ماڻيندڙن خلاف ايڪشن ڪير کڻندو ؟‎

سنڌ ۾ ھر طرف ۽ ھر اداري ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن عروج تي آھي. آفيسون ڪرپشن جو مرڪز بڻجي چڪيون آھن ۽ ڪير بہ ڪرپشن خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار نہ آھي. ڇو تہ ھر ھڪ کي صرف پنھنجو حصو گھربل آھي. اھڙي ئي طرح ڪشمور ضلعي ۾ سال 2022 کان 2024 جي عرصي ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر سيڪنڊري لاڙڪاڻو ريجن جي دؤر ۾ پي ايس ٽي کان ايچ ايس ٽي سوين بوگس پروموشن پيسن عيوض ڪيا ويا ۽ في پروموشن تي لکين روپيا ورتا ويا پر افسوس جو سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کان ويندي منسٽر ايجوڪيشن تائين سڀني کي مڪمل ثبوت ڏناسين تہ اسان کي ليگل پروموشن کان محروم رکي ھي سوين بوگس پروموشن ڪيا ويا آھن پر صرف فارملٽي پوري ڪري ڪجھ ليٽر جاري ڪيا ويا ۽ معاملي جي انڪوائري لاءِ لکيو ويو پر اڄ تائين جعلي پروموشن ماڻيندڙ پگھارون پيا کڻن ۽ ڪير بہ انھن کي رورٽ ڪري واپس اصل پوسٽن تي موڪلڻ لاءِ تيار ناھي. اسان ڪشمور ضلعي جا جي ايس ٽي استاد پنھنجي جائز پروموشن لاءِ دانھون پيا ڪيون تنھن ڪري وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون تہ خدارا ڪجھ انصاف ڪيو ۽ بوگس پروموشن ماڻيندڙن کي اصل پوسٽن تي واپس ڪري حقدار استادن کي پروموٽ ڪيو وڃي.

عبدالغفار ڇڄڻ بڊاڻي /ڪشمور

 

” Reveal And Get Relieved ”

ڊسمبر جا ننڍڙا ڏينهن ۽ طويل راتيون ايئن بس سيمسٽر جي امتحانن ۾ گذري رهيون هيون منهنجي ڪلاس فيلو نوجوان ليکڪ آڪاش منٺار مون کي سندس لکيل ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب گفٽ ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪافي مصروفتن جي ڪري فون کڻڻ کان به لنوائيندو هئس. جيئن ئي سيمسٽر جا فائنل ايگزم ختم ٿيا ۽ ونٽر وڪيشن شروع ٿي ايئن ئي ڳوٺ وڃي پهتس. ٿيلهو ڪتابن سان ڀري ويو هوس انهي نيت سان ته ڳوٺ ۾ ڪتاب پڙهندس پر هڪڙو صفحو به پڙهي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن ۾ نج فطري سونهن آهي جتي سوين حقيقي ڪهاڻيون آهن انهي فطرت جي هنج ۾ پوڻ کانپوءِ ڪتابي ڳالهيون بي سواد لڳنديون آهن. خير سياري جون موڪلون ڳوٺ ۾ گهاري جيئن ئي واپس حيدرآباد پهتس. يونيورسٽي ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري آنلائن ڪلاس به شروع ٿيا. پوءِ ته پڙهڻ لاء وقت ملي ويو. مان به سندرو ٻڌي هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ٿي ويس. ادب جو شاگرد هجڻ ناتي جيڪو ڪجھ پڙهيو انهي جو تبصرو هتي رکان ٿو. ليکڪ جو نالو آڪاش علي آهي پر ادبي نالو آڪاش منٺار آهي سندس بابا سائين شهيد منٺار علي پوليس کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن نوجوان جو سنڌ جي انهي قمبر شهر سان تعلق آهي جيڪو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حوالي سان گهڻو مشهور آهي. هي ڪتاب ڪهاڻين تي مشتمل آهي. نوجوان ليکڪ آڪاش علي به حساس طبيعت جو مالڪ تمام گڻن سان ڀرپور ۽ پنچيول شاگرد آهي.

آڪاش سماج ۾ انهن زنده ڪهاڻين ۽ ڪردارن جي چونڊ ڪئي جيڪي ڪڏهن به ڪنهن کان نه ٻڌا ويا. هن انهن لڪيل رازن جو پردو فاش ڪيو جيڪي ورهين کان دٻيل هئا. هن انهن سماجي براين تي لکيو جيڪي سماج کي کوکلو ڪري رهيون آهن. هن مرداڻي سماج جي انهن زهر آميز اصولن تي لکيو جيڪي عورت کي صرف ملڪيت يا فحاشي پروڊڪٽ سمجهندا آهن. هن انسانن جي هن ڪاري چهري کي اگهاڙو ڪيو جيڪو ٽرانسجينڊر کي انسان مڃڻ لاء تيار ناهي.

هي ڪتاب “REVEAL AND GET RELIEVED” لڳ ڀڳ سئو صفحن تي ٻڌل ڪتاب آهي, جنهن ۾ 13 حقيقت تي ٻڌل ڪهاڻيون آهن. هر ڪهاڻي منفرد موضوع سان گڏ پرثراريت سان ڀريل آهي. ليکڪ انساني احساسن، تمنائن، خوابن ۽ جوان جذبن کي انتهائي سنجيدگي سان چٽيو آهي. هونئن ته سڀئي ڪهاڻيون معنا خيز آهن پر ڪجھ ڪهاڻيون جن جو اثر اڃان تائين منهنجي ذهن تي رهجي ويو آ اهي هي آهن:

1)Reveal and Get Relieved-No More Silence

2)I aimed to be a beautician

3)Innocent Aliza

4)My father is criminal because he killed my spirit

5)Unheard Voices

6) Unbroken Spirit

سڀئي ڪهاڻيون تمام سولي ٻولي ۾ لکيل آهن جو هر شاگرد بهترين نموني پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ليکڪ جو ادب جي ميدان ۾ پهريون قدم آهي آئون نيڪ تمنائن سان گڏ پنهنجي اصلاحي راءِ رکندس ته انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ به لکي. اميد آهي ته ايئن ئي لکندو رهي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهي.

دولت دراوڙ / حيدرآباد

 

لوڻ کاڻ ۾ بجلي جي وڌندڙ لوشٽينگ‎

تعلقي کپري جي حيسڪو انتظاميا ماھ رمضان جي بابرڪت ميهني جي آمد کان پهرين بجلي جو ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آھي گذريل پندرنهن ڏينهن کان لوڻ کاڻ جي لوڊشٽنگ جو ٽائيم وڌائي ڇڏيو آهي. بجلي 24 ڪلاڪن مان مشڪل سان ڏھ ڪلاڪ به نٿي هلي. عوام سخت مشڪلات ۾ آهي. انتظاميا بيخبر لائين مين پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن. حيسڪو انتظاميا بجلي جا ڳرا بل ڏيڻ باوجود عوام کي بجلي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي سانگهڙ جي شهر لوڻ کاڻ ۾ بجلي نظام کي هٿ سان خراب ڪيو ويو آهي آخر هن ڪريڪ ڊائون ڪندڙ خلاف ادارا ڇو ڪونه ٿا جاڳن. آخر هي ايترا پاور فل آهن جو عوام کي مڇرن جي آزار ۾ هڻي پاڻ پنهنجي بنگلن ۾ سڪون سان ستل آهن. بجلي جي فراهمي واپڊا عملي جي ذميواري آهي پر هتي انتظاميا انهن ڪالا بازاري لائين مين توڙي لائين سپرنٽينڊنٽ خلاف ايڪشن نٿي وٺي. اسان اعلا اختياري کي گذارش ڪريون ٿا ته لوڻ کاڻ شهر جي رهواسين جي بجلي جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏائي انهن کي بجلي بهتر نموني سان فراهم ڪئي وڃي.

ادريس ڪنڀر/ لوڻ کاڻ کپرو

 

شاھ عبداللطيف ڀٽائي‎

شاھ عبداللطيف ڀٽ ئي  مٽياري ضلعي (اڳوڻي حيدرآباد) جي ڀئين پور ڳوٺ ۾ 1102ھ/ 1690ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شاھ حبيب ھو. شاھ حبيب جي وفات کان پوءِ شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ھڪ روايت آهي ته شاھ سائين  امي ھو! پر ان بابت مختلف عالمن مختلف رايا ڏنا آهن ڪن کيس يگانو عالم سڏيو آهي ته ڪن صاحبن جي راءِ ۾ کيس علم لدني حاصل ٿيل ھو جيڪو ڌڻي طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي. شاھ سائين  سان ٽي  ڪتاب سدائين ساڻ ھوندا ھئا قرآن شريف مثنوي مولانا روم ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو رسالو. شاھ جو رسالو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو عظيم دستاويز آهي. شاھ سائين جي شاعري ۾ فني ۽ فڪري گھرائي سڀني کان نرالي آهي. سندس ڪلام ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. شاھ صاحب سڄي سنڌ جو پيرن پيادو سير سفر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي رھڻي ڪھڻي وغيره جو مشاهدو ڪري پنهنجي شاعري ۾ پلٽيائين. سنڌ جا ماڻهو کيس عقيدت وچان ڀٽائي  گهوٽ، لاکيڻو لطيف ۽ لالئون لال لطيف جي نالن سان ياد ڪن ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي  14صفر 1165ھ / 1752ع تي وفات ڪئي.

آگميو آهي لڳھ پـس لطيف چئي

وٺو مينهن وڏ ڦڙو ڪڍو ڌڻ ڪاھي

ڇن ڇڏي پٽ پئـو سمر سنباھي

وھو م لاھي آسرو الله مان.

سھيل  احمد زرداري/ سرھاڙي

 

تعليم ڇو ضروري آھي‎

اسان تعليم جي روشنيءَ سان ئي جھالت جي اونداهي کي ختم ڪري سگهون ٿا. ترقي تڏھن ممڪن آھي جڏھن اسان وٽ تعليم ھوندي. تعليم ۽ علم سان نه فقط ھڪ انسان ۽ ھڪ خاندان پر اسان جو سمورو سماج ترقي جي راھن ڏانهن وڌندو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ جي قابل ٿيندو. اھو ئي سبب آھي جو ھر دور ۾ تعليم کي وڏي اھميت حاصل رھي آھي. تعليم ڪاميابي جي ڪنجي آ يا علم انسان جي ٽين اک آهي. عظيم چوڻيون اسان وٽ رڳو مشهور آھن، ان تي عمل شايد ئي ڏسون ٿا. اسان سنڌ صوبي جو ذڪر ڪنداسين صورتحال بلڪل ٻين صوبن کان مختلف ملندي جيڪا تمام گهڻي مايوس ڪندڙ آھي. ھڪ زمانو ھو تہ جڏھن سنڌ علم ۽ ادب جو مرڪز بڻيل ھئي. پري پري کان ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ ايندا ھئا. اڄ اسان جو تعليمي نظام ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ خطرو بڻجي رهيا آھن. جتي سرڪاري انگن اکرن مطابق 26,ملين کان وڌيڪَ ٻار اسڪول کان ٻاهر آھن. جن مان اڪثريت ڳوٺاڻن جي علائقن جي آھي. پاڪستان ۾ تعليم جي صورتحال کي ڏسندي ڪيترائي چئلينج سامھون آيا آھن. انھن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء حڪومت ۽ سماجي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيئن تعليم جي معيار کي بهتر بڻائي سگھجي. ھتي ڪجھ مشهور چوڻيون پيش ڪجن ٿيون جيڪي ڇوڪرين جي تعليم جي اھميت کي اجاگر ڪن ٿيون. جيڪڏھن توھان ھڪ مرد کي تعليم ڏيو ٿا توهان ھڪ فرد کي تعليم ڏيو ٿا پر جيڪڏهن توهان ھڪ عورت کي تعليم ڏيو ٿا توهان ھڪ قوم کي تعليم ڏيو ٿا. جيڪڏهن اسان غربت ختم ڪرڻ چاھيون ٿا تہ ڇوڪرين جي تعليم ان جو اھم حصو آهي. جيڪڏهن توهان ھڪ ڇوڪري کي تعليم ڏيو ٿا مطلب ته توهان ھڪ خاندان جي غربت کي گھٽايو ٿا. مقصد ته تعليم اسان جي لاءِ ضروري آھي. تعليم کي وڏي اھميت آھي. علم کان بغير ترقي نه ٿا ڪري سگهون.

زاھد حسين زرداري سرھاري

 

ڀارتي مسلمان ۽ ڀارتي سرڪار

انگريزن کان آزادي جي لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي بزرگن، نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن جان جون قربانيون ڏنيون ۽ ڪافي جدوجهد کانپوءِ هڪ آزاد رياست حاصل ڪئي. اسان جي اڳواڻن جن ۾ نه صرف مسلمان شامل آھن، پر غير مسلمانن پڻ آزادي جي انهي تحريڪ ۾ پنهنجي ڀرپور محنت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪيو. انهي آزادي کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي عوام جشن ملهايو. ٻنهي ملڪن ۾ مسلم ۽ غير مسلم آباد آھن. پاڪستان ۾ هڪ اسلامي رياست هجڻ باوجود غير مسلمانن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويو، جيڪي غير مسلمان خوشي سان ڀارت وڃي رهيا هئا، تن کي الوداع چيو پئي ويو ۽ جيڪي مسلمان پاڪستان اچي رهيا هئا تن کي ڀليڪار چيو پئي ويو. هن وقت پڻ پاڪستان ۾ غير مسلمان تمام گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، جن کي  مڪمل تحفظ حاصل آھي. پر هندستان ۾ اها صورتحال نه آھي. ڀارت جي مسلمانن کي هن وقت به مذهب جي  آزادي جي اها سهوليت حاصل  نه آھي. ڪجھ انتهاپسند گروپن ڀارتي مسلمانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي. مسلمانن کي اقليت جو درجو هجڻ باوجود ڪنهن به قسم جو تحفظ نه آھي. مسلمانن کي حراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آھي. هن وقت هڪ وڊيو پڻ وائرل ٿي آھي جنهن ۾ هندو انتهاپسندن جو هڪ ٽولو هڪ مسجد جي ٻاهران نچي رهيو آھي ۽ گوڙ ڪري رهيو آھي ته جيئن مسلمانن جي عبادت ۾ خلل پيدا ڪري سگهجي. مقصد اهو ئي آھي ته مسجدن جي بيحرمتي جو سلسلو ڀارت ۾ جاري آھي. تازو هڪ تاريخي مسجد کي هندو شھيد ڪيو ويو آھي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هڪ مسلمان نوجوان کي صرف انهي ڪري قتل ڪيو ويو جو هن هڪ مندر مان پاڻي پيتو. ڀارت جي تاريخي ميلي ڪنڀ ۾ هندن سان گڏو گڏ مسلمان پڻ ويندا هئا، جيڪي هندو برادري ۾ کاڌو، پاڻي ۽ ٻيو سامان تقسيم ڪندا هئا ته جيئن محبت ۽ ڀائيچاري جو اهو سلسلو برقرار رکي سگهجي، پر هن ڀيري مسلمانن جي شرڪت تي مڪمل پابندي لڳائي وئي. پرياگ راج واري علائقي مان هڪ مسلمان کي ڊوڙائي بڄايو ويو، ڇوته هو  ڪافي سالن کان انهي علائقي ۾ ديوي ديوتائين جون مورتيون ۽ پوسٽر وڪڻندو هو. مقصد اهو ته هاڻي ڀارت ۾ مسلمانن کي روزگار ڪرڻ به نه پيو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو مسلمان اهڙي قسم جو ڪاروبار ڪري رهيو آھي ته پوليس تي دٻاءُ وجهي کيس گرفتار ڪرايو پيو وڃي. ڀارت ۾ نه صرف مسلمان غير محفوظ آھن پر ٻيون اقليتي برادريون پڻ هاڻي پنهنجو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيون آھن. جنهن جو مثال اهو آھي ته ڪجھ مهينا پهرين مني پور رياست ۾ عيسائي عورتن سان زيادتين جا واقعا سامهون آيا. ڀارت ۾ هاڻي ته سفر به مسلمانن لاءِ مشڪل بڻجي ويو آھي. ريلوي سفر دوران پڻ مسلمانن تي تشدد جا واقعا سامهون اچي رهيا آھن. انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته جڏهن کان ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي حڪومت آئي آھي، ۽ نريندر مودي اقتدار سنڀاليو آھي، تڏهن کان اقليتن تي تشدد جي واقعن ۾ اضافو  ٿيو آھي. اقوام متحده سميت اسلامي ملڪن کي متحد ٿي ڀارت جي سرڪار تي زور ڏنو وڃي ته هو ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن سميت سڀني اقليتن جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ هر فرقي کي مذهبي آزادي ڏني وڃي.

نديم علي خواجه/تلهار