واضح موقف جي ضرورت: فلسطين جي آزادي کي نقصان ڪنھن پهچايو آھي؟‎

 

فلسطين جي آزادي کي نقصان پهچائڻ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته سڀني مسلمان ملڪن وٽ ان مسئلي تي هڪ جهڙو موقف نه آهي. انهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري فلسطين لاءِ ڪا به مؤثر حڪمت عملي جوڙي نه وئي آھي. ان جي ابتڙ، مغربي دنيا جي پاليسي بلڪل واضح ۽ هم آهنگ آهي. جيڪڏهن مغربي ملڪ حماس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏين ٿا، ته اهي گڏجي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪن ٿا ۽ ان کي دنيا اڳيان ظاهر ڪن ٿا. مسلمان ملڪن کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو اخلاقي حوصلو ضرور هجڻ گهرجي جو هو پنهنجو موقف صاف ظاهر ڪن. جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته حماس هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، ته انهن کي اها ڳالهه واضح طور تي چوڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اهي حماس کي فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد ڪندڙ تنظيم سمجهن ٿا، ته انهن کي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ان جو اعلان ڪرڻ گهرجي. هي غيريقيني ۽ مبهم رويو فلسطين جي مقصد کي سخت نقصان پهچائي چڪو آهي، ڇو ته دنيا کي معلوم ئي نٿو ٿئي ته حقيقت ۾ فلسطين سان ڪير بيٺو آهي ۽ ڪير صرف زباني دعوائن تائين محدود آهي. جنگبندي کانپوءِ، جيڪڏهن هڪ پاسي شڪست کاڌل اسرائيلين جا چهرا ڏسجن ته انهن تي مايوسي، خوف ۽ گهٻراهٽ جا نشان چٽيءَ ريت ظاهر ٿين ٿا. ٻئي طرف، پنجاهه هزار کان وڌيڪ شهيدن جي قرباني ڏيڻ باوجود به فلسطيني عوام جا حوصلا بلند آهن. انهن جي چهري تي آزاديءَ جي روشني جهلڪندي نظر اچي ٿي، انهن جو جذبو ۽ جوش اڳ کان به وڌيڪ مضبوط نظر اچي ٿو. سڀ کان وڌيڪ غور طلب ڳالهه اها آهي ته فلسطيني عوام جو اخلاقي معيار اسرائيلي فوجين کان تمام گهڻو بلند نظر اچي ٿو. جڏهن فلسطيني مزاحمتي تنظيمون اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪن ٿيون، ته اسرائيلين جي چهري تي خوف، تعصب ۽ بيوسي جي ڪيفيت ڇانيل هوندي آهي. ان جي ابتڙ، جڏهن ڪو فلسطيني قيدي آزادي ماڻي ٿو، ته پوءِ ڀلي هو جسماني طور ڪمزور ۽ نحيف ڇو نه هجي، پر ان جو حوصلو ڪنهن به طرح گھٽ نظر نٿو اچي. هو آزاديءَ جا نعرا بلند ڪري ٿو، فتح جي جذبي سان پنهنجا هٿ مٿي ڪري ٿو ۽ حماس سميت سڄي فلسطيني قوم جي چهري تي هڪ نئون جوش، جذبو ۽ خوشي واضح نظر اچي ٿي. اهو ئي اهو لمحُو آهي جتي باطل ۽ حق جي وچ ۾ واضح فرق نظر اچي ٿو.

 

علي رضا سومرو/ڪراچي

تعلقي اسپتال ماتلي ۾ فساد جو ذميوار ڪير…؟؟

 

ڪجھه ڏينهن اڳ ھڪ عجيب واقعو پيش آيو. مان ھن کي عجيب ئي چوندس ڇو جو ٻئي ڌريون پڙھيل لکيل ويل ايجوڪيٽيڊ ۽ ھڪ مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل آھن جن جو پاڻ ۾ وڙهڻ ھڪ پاسي ماتلي تعلقي جو باشعور ھڏ ڏوکي انسان ڊاڪٽر قاسم کوسو ۽ ٻئي پاسي ساڳئي فيلڊ سان لاڳاپيل ھڪ معزز ماڻهو ڊاڪٽر گل خان پٺاڻ جنھن جو ھڪ معمولي ڳالھه تان تڪرار شروع ٿيو ۽ پوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڳالھه وڃي ھاٿا پائي تائين پھتي جو ھڪ ٻئي کي ڌڪا ٺيلها ڏنا ويا.  ڳالھه گهڻو اڳتي وڃي نڪتي. ڏٺو وڃي ته اهڙي ڪا وڏي ڳالھه به نه هئي جنهن تان ٻن پڙهيل لکيل ڊاڪٽرن کي پاڻ ۾ وڙھڻ گهرجي ها، ڪنهن معمولي ڏند چڪ تان شروع ٿيل ان تڪرار کي اگر ترت حل نه ڪيو ويو ته اهو مسئلو اڃا به ڳنڀير ٿي سگهي ٿو. اگر ڊاڪٽر پاڻ ۾ وڙهيل هوندا ته لازمي آ ته اسپتال ۾ مريضن جو بهتر طريقي علاج به نه ٿي سگهندو. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ڪي سڄاڻ ڌريون يا بالا آفيسر انهن کي گڏ ويهاري ٽيبل ٽاڪ ڪن انهن وڙهيل ڊاڪٽرن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي ان مسئلي کي اتي ختم ڪرايو وڃي. ماتلي جي عوام اعليٰ اختيارين ۽ ساڃاهه وند ڌرين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ جهڙيندڙ ڊاڪٽرن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي کين ڀاڪر پارايا وڃن ته جيئن ماتلي تعلقي جي عوام کي اسپتال مان ڪو لاڀ ملي سگهي. چوندا آهن ته “وڙھن سانَ لتاڙجن ٻوڙا” سو ڊاڪٽرن جي هڪ ٻئي سان تڪرار سبب تعلقي اسپتال جي او پي ڊي بند آهي، ان ڪري انهن ڊاڪٽرن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرايو وڃي ته جيئن تعلقي اسپتال ماتلي جي اوپي ڊي به بحال ٿي سگهي.

 

ياسين علي کوسو

 

يار جي ايم تون جلد صحتياب ٿي اچ

 

گُل محمد يار تون سچ پچ گُل جھڙو نازڪ آھين. تون سدائين گُل جيان مھڪندو رھين تون اسان جي استاد جو لاڏلو شھزادو آھين. تو ۾ ته استاد جو ساھ ڦاٿل آھي. اڄ ڳوٺ ڀوريلو شادي تي وڃڻ ٿيو. انھن جي ھِن خوشين جي ڀريل شامياني ۾ ويٺل ڳوٺ ڀوريلي جي ھر شخص جو چھرو لٿل نظر اچي رھيو ھو، ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ موبائيل فون ھو جيڪو ڪراچي استاد سان گڏ ويل ماڻھن کان پُڇا ڪري رھيو ھو ته جي ايم ڪيئن آھي؟ اھا منظر ڏسي ساجد جون اکيون به آليون ٿي ويون ھر ڪنھن استاد ۽ ھن جي شھزادي کي ياد پئي ڪيو، سڀني استاد جي جگر لاءِ دعائون پئي ڪيون. استاد ھر روز اوھان پي پٽ گڏجي چيلھار ايندا ھئا ۽ اوھان چوندا ھئا ته اسان کي ڪنھن جي نظر نه لڳي گڏجي ھلون ٿا. شايد ائين ئي ٿيو پي پٽ جي جوڙي کي ڪنھن جي نظر لڳي وئي اھا جوڙي پوءِ چيلھار شھر ڪڏھن گڏجي نظر ڪونه آئي. ھلندي ھلندي جي ايم شھر اچڻ به ڇڏي ڏنو اسان اڪثر استاد کان پُڇا ڪندا ھئا ته استاد جي ايم ڇو نٿو اچي. استاد چوندو ھو ته جي ايم جي طبيعت ٿوري گھڻي صحيح ڪونه رھندي آھي انھي ڪري آرام ڪندو آھي. ڏينھن گذرندا ويا استاد جو شھزادو گذرندڙ ڏينھن سان گڏ مزيد بيمار ٿيندو ويو. استاد شھر ته ايندو ھو پر استاد جي چھري جي رونق جو مڪمل طور ڄڻ قتل ٿي ويو آھي. استاد جي چھري تي ھميشه ڇانيل مرڪ ڄڻ ڪنھن کسي ورتي آھي. ھينئر اسان جو ننڍڙو ڀاءُ جي ايم ڊائو اسپتال جي آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي پيل آھي. اسان کي پورو ڀروسو آھي ته جي ايم جلد استاد سان گڏ ٿي واپس ڳوٺ ايندو جتي ڳوٺاڻا جي ايم جو انتظار ڪري رھيا آھن. ڳوٺ ڀوريلو جو ھر جيو جيئرو جي ايم نھڙيو جي انتظار ۾ آھي. ننڍا توڙي وڏا سڀ جي ايم لاءِ دعائون ڪري رھيا آھن انھن جون دعائون اثر ڪنديون. جي ايم جلد اسان سان گڏ چيلھار جي گھٽين ۾ گھمندو ڦرندو ۽ استاد جي خواھش ھڪ بھترين صحافي ٿيڻ جي پوري ڪندو. بس دوستو ڀاءُ جي ايم لاءِ دعائون ڪندا رھو.

 

جيتيش گوسوامي

 

سنڌ جي شاهراهن تي وڌندڙ حادثا

 

سنڌ ۾ هر نئون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن شهر جي مين شاهراه هجي يا ڪو معمولي رستو ڀيانڪ حادثن جي خبر ڏئي ٿو. جنهن جو اهم سبب آھي روڊن جي بدتر حالت ۽ ناقص انتظام. ڇو ته بهتر ۽ معياري روڊن کان پهرين بهتر انتظام هئڻ ضروري هجن ٿا ڇو ته سنڌ ۾ ايتري ته لاقانونيت وڌي وئي آھي جو ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل آھي. هر مسافر گاڏي هلائيندڙ کي اها تڪڙ هجي ٿي ته مان سڀ کان اڳيان هجان هڪ منٽ به صبر نٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري اوور ٽيڪنگ ۽ تيز رفتاري سبب ڊرائيور ڪيترن ئي انساني جانين کي موت جو کاڄ بڻائن ٿا. تازو سيوهڻ انڊس هاءِ وي تي ٻن ڪارن جي ٽڪر ۾ پنج انساني زندگيون موت جو شڪار ٿي ويون ۽ ڪيترائي ماڻھو زندگي ڀر لاءِ معذور ٿي ويا ۽ ٻيو حادثو راڻيپور گڏيجي ويجهو قلندڙ جي پانڌيئڙن جي مسافر بس سان ٿيو. ان ۾ به ڏهه حياتيون اجل جي منهن چڙھي ويون ۽ ڪيترائي زخمي ٻڌايا ويا. حادثا سنڌ جي وڏين شاهراهن ۾ انتظاميه جي لاپرواهي سبب ٿين ٿاڇو ته ٽرانسپورٽ لاءِ ڪوبه قانون ناهي هرڪو ڊرائيور پنهنجي مرضي مطابق رستا بدلائيندو ۽ تڪڙ سبب اوور ٽيڪنگ ڪندو رهي ٿو. انهن خوفناڪ حادثن کي روڪڻ ۽ انسانن جون جانيون بلاجواز موت جي منهن ۾ چڙھڻ کان بچائڻ موٽر وي توڙي هاءِ وي پوليس جي ذميواري آهي پر افسوس جو ڪير به پنهنجي ذميواري کي مڪمل طرح ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ڊرائيور حضرات کي ته هميشه  پنهنجي نمبر تي پهچڻ ۽ مسافر کڻڻ جي تڪڙ هجي ٿي. اهڙين غيرذميوارين ۽ لاپرواهين سبب ڪيترن ئي خاندانن جا گهر اجڙي ۽ ويران ٿي وڃن ٿا. روڊن جو بهتر هجڻ ۽ ان تي هلندڙ تمام مسافر توڙي ٻين هيوي گاڏين جي لاءِ روڊن تي هڪ اهڙو بهتر ۽ جديد ٽيڪنالاجي وارو  سسٽم نصب ٿيل هجي جيئن تيزرفتار گاڏي جي رفتار کي ضابطي ۾ آڻجي لاپرواهي ڪندڙ مسافر گاڏي توڙي ٻين تي  چالان سسٽم نافذ هجي جيئن هو مسافرن جون زندگيون اوجهڙ ۾ نه وجهڻ جا بلڪل پابند ٿي سگهن.

 

محمد اسماعيل  لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو

 

وتائي فقير جا گفتا‎

 

ڌرتي جي گولي تي ھر ملڪ توڙي قوم ۾ ڪيترائي ڏاھا انسان پيدا ٿيا آهن سڀئي انسان پنهنجي سيرت ۽ ڪردار ۾ ھڪ جھڙا نـ ھوندا آهن. ھر ماڻهو ۾ قدرت ڌار ڌار ڏاھپ مڻيا ۽ ڏات رکي آهي. ڪيترائي ماڻهو ظاهري طرح کل ڀوڳ ۽ مزاح جون ڳالهيون ڪندا آهن پر اھي ڏاھپ ڀري ڳالھـ اھڙي انداز ۾ ڪرڻ جي سگھـ رکندا آهن روئندڙ به کليو پون ۽ عقل وارا ان مان نصيحت جا ڪي نڪتا ڪڍيو نروار ڪن. اسان جي آڏو اھڙا املھه انسان اڄ به موجود آهن وتايو فقير به اھڙو ئي ھڪ  ڏاھو انسان ھو. ھن جون ڳالهيون ظاهري طرح چرچو لڳنديون ھيون پر انهن جو مطلب معنيٰ وارو ھوندو ھو. ڳالھه ٿا ڪن ته وتائي  فقير کي سيون ڏاڍيون وڻنديون ھيون عيد جي رات ھئي فقير ڌڻي در سوال ڪيو تـ يا الله اڄ جنهن وقت سڀ ڳوٺ وارا سيون تيار ڪن ته سمورا ماڻهو مري وڃن پو آئون ۽ امان سڄي ڳوٺ جون سيون کڻي اچي گهر رکون پو امان به الله کي پياري ٿي وڃي پوءِ رڳو آئون سيون کاوان. وتايو فقير ضلعي ٽنڊي الھيار جي نصرپور شھر  جو رھواسي ھو. سندس ڪيترائي قصا مشهور آهن. ماڻهو سندس ڳالهين تي کلندا به آهن ته انهن مان سبق به پرائينداآھن سندس قبر ٽنڊي الھيار جي ڀرسان قبي نالي مقام ۾ موجود آهي.

 

سھيل احمد زرداري/ سرھاڙي

 

هڪ چٺي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺري ميرواھ ڏانهن!‎

 

محترم جناب ! اسسٽنٽ ڪمشنر سليم گڏاڻي صاحب جيئن ته تعلقي ٺري ميرواھ ۾ حددخلين جو اهم مسئلو اوهان جي ڌيان ۾ آڻڻ لاءِ لکي رهيو آهيان. تعلقي جي علائقن ۾ سرڪاري زمينن، روڊن ۽ عوامي هنڌن تي حددخليون عوام لاءِ آزار بڻيل آهن جنهن ڪري رهواسين کي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن ۽ علائقي جي مجموعي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هنن حددخلين جي ڪري نه رڳو قيمتي سرڪاري زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي پر غيرقانوني اڏاوتن، وينڊرز ۽ اسٽالن کي به عروج تي پهچايو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ جي گنجائش، ماحولياتي تباهي، ۽ علائقي جي جماليات گهٽجي وئي آهي. روزانو شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ عوام کي ڪيترين ئي پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن حدخلين جي ڪري شهرن جي سونهن به متاثر ٿئي ٿي ان سان گڏوگڏ ماحوليات تي به وڏو اثر پوي ٿو جنهن سان جاني ۽ مالي نقصان به ٿين ٿا. هڪ ته روزانو اسڪول ۽ ڪاليج کان ايندڙ ويندڙ شاگردن ۽ والدين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. ٻيو ته عوام کي ڇو ته انهن حدخلين جيڪري ٽريفڪ جام ٿيندي آهي. مٿين ڳالهين جي روشنيءَ ۾ مان اوهان کي گذارش ٿو ڪريان ته تعلقه ٺري مير واهه ۾ حددخلين خلاف مهم شروع ڪريو. هن ڊرائيو جو مقصد هي هجڻ گهرجي: 1. سرڪاري زمينن، روڊن ۽ عوامي جڳهن تي ڪيل سمورن حددخلين جي نشاندهي ڪري هٽايو وڃي. 2. غير قانوني اڏاوتن ۽ حدخلين کي ڊاهي پٽ ڪيو وڃي. 3. وينڊرز ۽ اسٽالن کي مقرر ڪيل علائقن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. 4. سرڪاري زمينن جي واپسي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوامي جڳهن کي بحال ڪيو وڃي.

 

ارسلان جاويد شر /ٺري ميرواھ

 

رمضان جي متعلق چند اھم ڳالھيون

 

رمضان جا 29 يا 30 ڏينهن آهن. قرآن پاڪ ۾ ان کي چند ڏينهن چيو ويو آهي. پوءِ ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي، موبائيل پيڪيج کان پاسو ڪريو، غير ضروري ڪمن کان پاڻ کي بچايو، نماز جو بندوبست ڪريو، تراويح جو انتظام ڪريو، تلاوت ڪريو، ٻارن کي غير ضروري ڪمن کان بچايو، پنهنجي مڙس ۽ گهر ڀاتين سان نرمي سان پيش اچو، پنهنجي ماتحتن سان نرمي ڪريو، سخاوت کي عام ڪريو، نيڪيءَ کي چڱيءَ طرح پکيڙيو، نيڪي کي هٿ سان وڃڻ نه ڏيو، اکين سان نيڪي وڃائڻ نه ڏيو. اها نيت سان هجي، هاڪاري سوچن سان هجي، ڪوڙ ۽ ڪوڙي ڪمن سان هجي، تسبيح سان هجي، جيترو ٿي سگهي وڌاءُ ڪريو.انهن ڏينهن ۽ راتين کي پنهنجي حق ۾ قبول ڪريو، ڪم چوري بدران محنت ڪرڻ جي عادت وٺو، سحري ۽ افطاري ڪرڻ کان نه ڊڄو ۽ تعاون ڪريو، روزي کان نه ڊڄو، روزا رکڻ کان نه ڊڄو ۽ روزانو ويهه رڪعتون تراويح پڙهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ سڀني سنت نمازن کي اختيار ڪيو ۽ هر قسم جي نفل نماز ادا ڪريو. جيڪڏهن وقت تي اشراق نماز نه پڙهي سگهو ٿا ته پوءِ نماز بعد ۾ پڙهو ۽ چاشت جي نماز صالحن جي نماز آهي. هر روز زوال جا چار نفل پڙهڻ جي ڪوشش ڪريو. عصر جي سنتن وانگر ھڪ سلام سان. زبان سان زيادتي نه ڪريو، سخت مجبوري کان سواءِ بازارن ۾ نه وڃو، استغفار ۽ درود شريف جو خاص بندوبست ڪريو، سحري ۽ افطار جي وقت جيڪي دعائون گھرجن اهي ئي قبول ٿينديون آهن، سحري ۽ افطار ڪرڻ ۾ سخاوت جو مظاهرو ڪريو. غريب پاڙيسرين ۽ مسڪينن جو خيال رکو ۽ ٻارن کي سٺين ڳالهين ۽ سٺين عادتن جي رهنمائي ڪريو. ٻارن جي سامهون نامناسب ڪم نه ڪريو ۽ نه ڳالهايو. مٿو ڍڪيو وڃي. حاجي، نمازي ۽ پرهيزگار ماڻهوءَ جو رويو اختيار ڪيو وڃي، امت جي مغفرت لاءِ نيڪ دعائون گهريون وڃن. پاڪستان جي حالتن جي بهتري لاءِ دعائون گهريون وڃن، هر ڪنهن سان دل مان نفرتون ڪڍيون وڃن. محبت ۽ رشتا معمول تي اچي وڃن. سڀني لاءِ دعا ڪندا رهو ۽ سڀني کي معاف ڪندا رهو ۽ سڀني لاءِ دعا ڪندا رهو پوءِ اميد آهي ته توهان لاءِ به دعا ڪئي ويندي.

 

عبدالمنان سھندڙو/ رحيم آباد

 

رمضان مھيني جي فضيلت

 

حضرت محمد مصطفيٰ صه شعبان مھيني جي آخر ۾ ھڪ خطبو ڏيندي فرمايو ته اي انسانو! توهان ڏانهن الله تعاليٰ جون رحمتون ۽ برڪتن ڀريو مھينو اچي رھيو آھي. ھي مھينو الله تعاليٰ جي نزديڪ ٿيڻ لاءِ سڀني مھينن کان افضل ھن مھيني جا ڏينھن ٻين ڏينھن کان ۽ ھن مھيني جون راتيون ٻين راتين کان ۽ ھن مھيني جون گهڙيون ٻين گھڙين کان وڌيڪَ افضل آھن. جنهن ۾ توهان کي الله تعاليٰ جي مھماني ڏانهن پڪاريو وڃي ٿو ۽ توهان کي الله تعالي جي طرفان صاحب ڪرامت بندن مان قرار ڏنو وڃي ٿو. توهان جي ھر ساھ کي تسبيح ۽ توهان جي ننڊ کي عبادت قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ جنهن ۾ توهان جو عمل قابل قبول ۽ توهان جي دعا مستجاب آھي. لھٰذا توهان کي الله تعاليٰ روزا رکڻ ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ بدبخت آھي. اھو انسان جيڪو الله تعاليٰ جي بخشش کان ھن مھيني ۾ محروم رهجي وڃي. ھن مھيني ۾ بک ۽ اڃ جي ذريعي قيامت جي بک ۽ اڃ کي ياد ڪريو. مسڪينن ۽ فقيرن کي صدقو ڏيو پنھنجي زبانن جي حفاظت ڪريو اکين کي حرام ڏسڻ ۽ ڪنن کي حرام ٻڌڻ کان بچايو. افطاري جي باري ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن فرمايو آھي ته جيڪو شخص ڪنھن مؤمن کي روزو افطار ڪرائيندو ته الله تعاليٰ ان کي ھڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب ۽ سابقه گناھن جي بخشش فرمائيندو، ڪنھن سوال ڪيو ته يارسول الله اسان ته غريب آهيون ۽ افطار نه ٿا ڪرائي سگهون ته پاڻ سڳورن صه فرمايو آھي ته افطار ۾ ڏنل اڌ کارڪ ۽ ھڪ شربت جو ڍڪ توهان کي جھنم کان بچائي سگهي ٿو.

 

عزادار  حسين بلوچ سرھاري

 

سنڌ جا شاگرد به دھشتگرد آھن؟

 

اسان شاگرد به دھشتگرد آھيون ۽ جيڪي افغاني ھتي اچي ھٿيارن جو واپار ڪن ٿا اھي دھشتگرد ناھن. جيڪي اسان جي زمين تي قبضو ڪن ٿا اھي دھشتگرد ناھن جيڪي اسان جي چادر ۽ چؤديواري جو تقدس پامال ڪري اسان جي پيارن کي  کنڀي گم ٿو ڪيو وڃي. اھا دھشتگردي ناھي باقي اسين سنڌي پنھنجي حق سچ جي ڳالھه ڪنداسين ته اسان کي  دھشتگرد قرار ڏئي کنڀي گم ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل حوالي ڪيو ويندو ۽ اسان جا وڪيل به دھشتگرد آھن ته اسان جا استاد به دھشتگرد آھن اسان جا شاگرد به دھشتگرد آھن. اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟

 

ھالار چانگ /ميرپوربٺورو