ڳوٺ سامٽيا کي سھولتون ڏيو
جيئن ته منھنجو تعلق ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ سامٽيا سان آھي جنھن جي ڪل آبادي ڏھ کان ٻارھن ھزار ٿيندي جيڪو ڪيتري عرصي کان حڪمرانن ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب بنيادي سھولتن جھڙوڪ اسڪول، اسپتال، لائيٽ ۽ روڊ رستن ۽ پڪين نالين کان محروم آھي. ايڏي وڏي آبادي تي مشتمل ڳوٺ لاءِ صرف ٻھ پرايئمري اسڪول آھن ھڪ بوائز ۽ ٻيو گرلس. بلڊنگ نھ ھجڻ جي ڪري نياڻيون ٽينٽ ۾ تعليم وٺڻ تي مجبور آھن. ھاءِ اسڪول نھ ھجڻ جي ڪري ڪيترائي ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم رھجي وڃن ٿا. ڪجھھ ٻار جدوجھد ڪري پاڙي جي ڳوٺن ۾ ڪيئي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙھڻ وڃن ٿا، جن لاءِ سردي گرمي ۽ روڊ ڪراس ڪري وڃڻ وڏو مسيئلو آھي. صحت جي حوالي سان ھن ھيڏي وڏي آبادي تي مشتمل ڳوٺ لاءِ ڪي به سھولتون نه ڏنيون ويون آھن. جنھن جي ڪري ايمفجنسي جي صورت ۾ ڳوٺاڻن کي تڪليفن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. عورتون خاص ڪري ڊليوري جي موقعي تي سواري ۽ روڊ رستا صحيح نه ھجڻ جي ڪري رستي تي فوت ٿي وڃن ٿيون. روڊ رستا ۽ ناليون نه ھجڻ جي ڪري برسات جي ڪري مختلف بيمارين سان منھن ڏيڻو پوي ٿو جھڙوڪ: مليريا، ڊائريا وغيره . وقت جي انتظاميا ۽ حڪمرانن کي گذارش آھي ته ڳوٺ سامٽيا کي ھاءِ اسڪول ڏنو وڃي جيئن ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم نه رھن. انتظاميا کي گھرجي ته ڳوٺ سامٽيا کي بنيادي صحتي مرڪز ڏنو وڃي جيئن ڳوٺاڻا ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ جلد کان جلد فرست ايڊ ٽريٽمينٽ وٺي سگهن وقت جي حڪمرانن کي گھرجي ته ڳوٺ سامٽيا جو ڊرينيج سسٽم ۽ گھٽيون پڪيون ڪرايون وڃن تھ جيئن ڳوٺاڻا بارش يا گٽرن جي پاڻي بيھڻ ڪري پريشان نه ٿين.
پارس نظير سومرو /سامٽيا
پنوعاقل ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامني خلاف هڙتال
سموري سنڌ ۾ اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن بدامني سبب ڪو خاص واقعو نه رپورٽ ٿيندو هجي. هتي چورين، ڌاڙن ۽ ٻين معاملن سبب بدامني جو راڄ قائم آهيئ هڪڙو وقت هو ته پنوعاقل شهر پُرامن ۽ بدامني جهڙن واقعن کان بچيل رهندو هو جنهن جو خاص سبب هتان جي باشعور عوام، سياسي سماجي اڳواڻ، علائقي ۾ ذميوار پوسٽڊ انتظامي آفيسر، سول سوسائٽي ھئي، جن پاران پنھنجو مورچو پاڻ سنڀالڻ بعد علائقي ۾ امن يقيني بڻجي پوندو هو. ڏٺو وڃي ته شهر ۾ اهم ذميوار سياسي سماجي ماڻهو رهيا آهن جن هميشه شهر ۾ خاص ڪري بدامني جهڙن واقعن تي پنهنجو قدم وڌائي سڀني کي سڏي گڏجي هڪ ٿي حالتن جي درستگي ۽ معاملن جي حل جي دعوت ڏئي علائقي ۽ پنهنجي شهر کي امن جو گهوارو بڻايو. جن ۾ شهر جي ڄاتل سڃاتل سياسي سماجي شخصيت ايڊووڪيٽ جمال ناصر بلو جنهن هن دفعي به شهرين کي پر امن هڙتال جو سڏ ڏئي ان ڳالهه جو پابند بڻايو آهي ته هڙتال ڪامياب ڪري ڏيکاريو. جيئن علائقي ۾ ماڻهن کي معلوم ٿئي ته نه ٻيلي پنوعاقل جي باشعور عوام ۽ شهري سجاڳ آهنئ اهي ڪنهن به قسم جي بدامني، چوري، ڌاڙو هر گز پسند نه ڪندائ هن وقت اها ئي ڳالهه آهي ته پنوعاقل ۾ پُر امن هڙتال جو سڀني شهرين کي سڏ ڏنو ويو جيڪو سڏ ورنايو ويو ۽ ٻن ڏينھن تائين ڪامياب ھڙتا ڪئي وئي ته جئين بدامني خلاف گڏجي آواز اٿارجي. ياد رهي ته گذريل سال به وڪيل جمال ناصر بلو طرفان هڪ مغوي جي بازيابي لاءِ هڙتال ڪئي وئي هئي تنهن کان جدا ڪپڙي جي واپاري اڪرم آرائين جي پٽ جي بازيابي لاءِ به وڪيل جمال ناصر بلو ۽ مير مبين خان بلو گڏجي هڪ آواز ٿي ميدان ۾ ڪم ڏيکاريو هو ۽ هتان جي انتظاميا کي پابند بڻايو هو ته جيئن بدامني ختم ٿئي ۽ گهربل نتيجا ملن ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ۽ يقيني بڻائجي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ماضي ۾ علم جو مرڪز رھندڙ ٺٽو اڄ منشيات جو مرڪز بڻيل
ٺٺو ضلعو، جيڪو ماضيءَ ۾ علم، ثقافت ۽ تهذيب جو مرڪز رهيو، اڄ منشيات جي وڪري ۽ واپرائڻ جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي. تاريخي طور تي هي علائقو مدرسن، اسڪولن، ۽ علمي شخصيتن جو ڳڙھ هو، جتان ڪيترائي عالم، اديب ۽ سياستدان پيدا ٿيا. پر افسوس، هاڻي اهو ضلعو منشيات جي خوفناڪ وبا جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي، جنهن جو بنيادي شڪار نوجوان نسل آهي. هيروئن، چرس، آئس ۽ ٻين نشي آور شين جي عام وڪري سبب نوجوان پنهنجون زندگيون برباد ڪري رهيا آهن. منشيات نه رڳو صحت کي تباهه ڪري ٿي، پر ان سان سماجي بگاڙ، ڏوهن ۾ اضافو ۽ خاندانن جي تباهي به ٿي رهي آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرد به ان ناسور جو شڪار ٿي رهيا آهن، جنهن سبب تعليمي معيار زوال پذير آهي. حڪومت جي خاموشي ۽ لاپرواهي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا يا ته بيوس آهن يا وري مافيا سان ملي ڀڳت ڪري منشيات جي وڪري کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن فوري طور تي سخت قدم نه کنيا ويا ته ٺٽي جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو. سماجي تنظيمن، والدين، ۽ استادن کي گڏجي هن وبا خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. حڪومت کي پڻ گهرجي ته منشيات جي روڪٿام لاءِ سخت قانون لاڳو ڪري، منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ نوجوانن لاءِ مثبت سرگرمين جا موقعا پيدا ڪري، جيئن هو هن ناسور کان بچي سگهن ۽ پنهنجو مستقبل بهتر بڻائي سگهن.
طاھر عطا دل
ھڪ دور جي پڄاڻي۔ رئيس شير محمد خان انڙ
ھي دنيا يقينن فاني آھي ھتي ڪير به رھڻو ناھي پر ڪي موت اھڙا به ھوندا آھن جيڪي اکين ۾ لڙڪ ۽ من ۾ آھون دانهون سڏڪا ڏئي ويندا آھن. قاضي احمد جي ھڪ دور جي پڄاڻي ٿي آھي انتھائي معتبر سياسي سماجي سماج سڌارڪ شخصيت اڳوڻو ايم پي اي ۽ ٽائون چيئرمين رئيس شير محمد خان انڙ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ڪراچي جي خانگي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڪيترن ئي ڏھاڙن کان ھلندڙ علاج دوران سندس جي ساھ جي تند ٽٽي پوڻ جي نتيجي ۾ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس فوت ٿيڻ واري خبر کانپوءِ قاضي احمد شھر توڙي علائقي اندر سوڳ ڇائنجي ويو. شھر جا اڪثر ڪاروباري مرڪز سوڳ سبب بند ٿي ويا. شير محمد خان انڙ جي پيدائش سرداري گھراڻي رئيس شاھنواز خان انڙ جي گھر ۾ 1946ع ۾ ٿي رئيس شير محمد خان انڙ پنھنجي ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي ھو. سندس وڏو ڀاءُ رئيس دوست محمد خان انڙ هو ان کان پوءِ نبي بخش خان انڙ ۽ علي بخش خان انڙ هو. پاڻ ڊاڪٽر جي ڊگري هجڻ ڪري جواني ۾ ڊگھو عرصو 25 سال ڊاڪٽري به ڪئي. ھر خميس ۽ جمعي تي پرائيويٽ ڪلينڪ هلائي وڏي انگ ۾ مسڪين ماڻھن کي مفت دوائون ڏنيون. پاڻ ڊاڪٽري جي سرڪاري نوڪري نه ڪري سگھيا ڇاڪاڻ ته سندس والد رئيس شاھنواز خان انڙ جي طبيعت سھي نه ھجڻ ڪري سندس خدمت ۾ زندگي گذاريائين. 1983ع ۾ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي قاضي احمد جون ذميواريون ادا ڪيون ۽ 1984ع ۾ اليڪشن دوران ايم پي اي چونڊيو ويو. رئيس شير محمد خان انڙ قداور سياسي شخصيت ھجڻ سبب ملڪ جي نامور سياستدانن اڳوڻي وزير اعظم غلام مصطفا خان جتوئي، سيد شبير احمد شاھ، سيد مراد علي شاھ، شير سليمان، سيد غلام مصطفا شاھ، نثار ميمڻ سميت ٻين سان گڏ رھيو. عوامي ڀلائي لاءِ ڪروڙين روپين جا قيمتي ذاتي پلاٽ اسڪولن، اسپتال، وٽنري اسپتال ۽ ٻين ادارن کي بنا معاوضي پڻ ڏنا. سندس سادگي، شرافت، پراڻين ريتن رسمن کي اوجاگر ڪرڻ سندس سڃاڻپ هئي. هنن ۾ ڪڏھن به وڏائي يا وڏيرپ نظر نه آئي. شفيق انسان، رحمدل طبيعت جو مالڪ هو.21 فيبروي 2025ع تي ھزارين سوڳوارن کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
الھ رکيو سيال/ قاضي احمد
نظرياتي سياست جي پڄاڻي ٿيندي پئي وڃي
ڪو وقت هو جڏهن سياسي پارٽين ۾ سينيئر ۽ وفادار ڪارڪنن کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ سياسي پارٽين ۾ وڏي تعداد ۾ نظرياتي ڪارڪن ڪامياب ٿي ويندا هئا. سنڌ ۾ نظرياتي سياست جي تاريخ اهم حيثيت رکي ٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پهرين ۽ پوءِ سنڌ ۾ نظرياتي ليڊرن جي سٺي کيپ تيار ٿيندي رهي آهي. اڳي نظرياتي پارٽين ۾ فڪري سگھه مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي اڳواڻ پاڻ نظرياتي موضوعن تي ڪتاب لکندا هئا، جيڪي ان پارٽي جو ڪيڊر هجڻ سان گڏ پارٽي موقف جي طور ڊاڪيومينٽ جو حصو هوندو هو. پر اڄ ملڪ ۾ نظرياتي سياسي ڪارڪن موجود ضرور آهن، پر سياسي پارٽين ۾ سندن حيثيت هاڻي ڪجهه به نه رهي آهي. موجوده دور ۾ رڳو ٻن قسمن جا ماڻهو سياست ڪري سگهن ٿا، هڪ اهي جيڪي چمچاگيري جا ماهر هجن ۽ ٻيا اهي جن وٽ تمام گهڻو پئسو هجي. باقي فڪري يا سچي ماڻهوءَ کي رسوائي کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا تي نظر وجهجي ٿي ته هر سياسي پارٽي جو ڪارڪن پنهنجي ليڊر کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، انهن مان ڪي ته پنهنجي ليڊر جي ساراهه ۾ اهڙيون ڊگهيون ڪهاڻيون لکن ٿا، جيڪي پڙهي توهان جي پيٽ ۾ سور ٿيڻ لڳي ٿو. اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته اقتدار واري ماڻهوءَ جا گيت ڳايا وڃن ٿا. جيئن پي ٽي وي لاءِ مشهور آهي ته سرڪار جي حمايت کان سواءِ ڪابه خبر ناهي هلائڻي ائين چئجي ٿو ته جيڪڏهن بلڊپريشر کان بچڻو اٿوَ ته PTV ڏسو. ڇو ته خانگي چينل توهان کي مخالفن جون خبرون ٻڌائيندا. احتجاج به ڏيکاريندا. ڪرپشن بدامني بيروزگاري ۽ روز روڊن تي ٿيندڙ ايڪسيڊنٽن واريون خبرون ٻڌائي توهان کي وڌيڪ بيمار ڪندا آهن. ان ڪري سرڪار پيڪا قانون تحت انهن چينلز ۽ اخبارن تي پابندي هڻڻ جو قانون ٺاهي پاڻ کي شفاف جمهوريت جو دعويدار قرار ڏنو آهي. ڇوته ملڪ جي سياستدانن کي غلط چوڻ گناهه ڪبيرا آهي. جيڪڏهن انهن جي علمي حيثيت ڏسون ته اسلامي ملڪ ۾ کين اسلام بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي. شراب کي قانوني طور ماکي قرار ڏين ٿا. قومي خزاني جي لٽڻ کي جائز قرار ڏين ٿا. پئسن عيوض چونڊون کٽي وزارتون وٺي وري انهي پئسي مان ٻيا پئسا ٺاهين ٿا. يعني سياست هن ملڪ جو بهترين ڪاروبار آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته سياسي ڪارڪن چمچا گيري جو رستو ڇو اختيار ڪيو؟ شايد ان ڪري جو اڄ جا سياسي اڳواڻ به انهن سياسي ڪارڪنن کي ترجيح ڏين ٿا جيڪي انهن جي ساراهه ڪن ٿا ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو سياسي چمچن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان جو هڪ اهم سبب نظرياتي سياست جو خاتمو آهي. هاڻي اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته نظرياتي سياست ڪيئن ختم ٿي؟ ڪو وقت هو جڏهن سياسي پارٽين ۾ ڪارڪنن کي ڳالهائڻ جي اجازت هوندي هئي، سياسي ڪارڪن پنهنجو نقطه نظر پيش ڪندا هئا، پارٽيءَ جي پاليسين ۽ پنهنجي اڳواڻن سان اختلاف به ڪندا هئا ۽ اهڙن سياسي ڪارڪنن کي نظرياتي ورڪر چيو ويندو هو، جيڪي پنهنجي نفعي ۽ نقصان جو نه پر پنهنجي قيادت ۽ پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي فائدي ۽ نقصان جو سوچيندا هئا. پر هن وقت سياست ۾ شخصي چاهت وڌڻ سبب نظرياتي سياست جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري اجتماعي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن. انفرادي مسئلا اهميت موجب حل ٿي رهيا آهن. سياست عبادت مان نڪري ڪاروبار ۽ ذاتي مفادن طرف گامزن آهي جنهن ڪري عوام به ان روش طرف هلي پيو آهي. هر شهر ڳوٺ تعلقو ضلعو پر پورو صوبو ئي ڌوڙ لڳو پيو آهي. موروثي سياست ۽ موروثي قومپرست اڳواڻيءَ سنڌ ۾ نظرياتي سياست جو خاتمو آندو. انھن ئي سنڌ جي حقن جي سوديبازي ۽ مرڪزي سياسي غلاميءَ جو ٻج پڻ پوکيو آهي. نظرياتي سياست جي پڄاڻيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته جڏهن سياسي ڪارڪنن پنهنجين سياسي پارٽين لاءِ جيل ڪاٽيا، قربانيون ڏنيون ۽ جانيون به ضايع ڪيون تڏهن به کين يا سندن خاندان کي عزت نه ملي.
ايتري تائين جو سندس خاندان جي پوئواري ئي نه ڪئي وئي. جيئن سنڌيء ۾ چوڻي آهي ته ” جنين ڪاڻ مئاس سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا“ يعني جن قربانيون ڏيئي پارٽيء جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچايو ان کي ڪا اهميت نه ڏنائون. مان هڪ سياسي ۽ مذهبي جماعت جو ڪارڪن رهيو آهيان. پوري ضلعي اندر مسلسل ست سال ڳوٺن توڙي شهرن تائين بيداري مهم هلائي ۽ پوري پاڪستان ۾ بهترين ڪارڪردگيء تي ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ ۾ منهنجي جستجو کي ساراهيو ويو ڇوته مان پارٽيء جي حڪم کي اکين تي رکي اڳتي وڌندو رهيس. ملڪ جون ايجنسيون ۽ ادارا مون تي نظر رکڻ لڳا پر مان اهڙو ڪوبه غلط ڪم نه پئي ڪيو جو مون کي روڪي سگهن. سماجي ڪمن واري شعبي کي اهميت ڏيڻ منهنجو اصول رهيو. ان جي باوجود مون کي بنا ڪنهن ڏوهه جي مسلسل 10 سال زير عتاب رکيو ويو پر پارٽيء جي ڪنهن فرد به نه پڇيو ته منهنجو حال ڪهڙو آهي؟ منهنجو گهر ۽ اولاد ڪيئن پيو گذاري؟ سماجي تعلقات ڪيئن پيا هلن؟ مطلب ته انهن کي ايتري جرئت به نه ٿي ته منهنجي ڪيس ۾ منهنجي مدد ڪن. مون پنهنجو رت ست وقت ۽ پئسو ان پارٽي جي دفاع توڙي واڌ ويجهه لاءِ وقف ڪيو پر موٽ ۾ اڪيلي سر پنهنجو ڪيس وڙهي پار پهتس. هڪ غريب نظرياتي ورڪر پنهنجي زندگيءَ جا 30 سال پارٽيءَ کي ڏئي ٿو، پئسا خرچ ڪري ٿو، هر قسم جون قربانيون ڏئي ٿو، پر جڏهن کيس عزت ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته ان نظرياتي ورڪر کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ۽ ترجيح ان اميرزادي کي ڏني وڃي ٿي، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ ٻي پارٽيءَ مان آيو هو، شايد اهو ئي سياسي اڳواڻن جو نظرياتي سياست ڏانهن رويو آهي. اهو سچ آهي ته هاڻي سياسي پارٽين ۾ پنهنجا پنهنجا نظريا ختم ڪيا پيا وڃن، موجوده سياستدانن جا رويا ڏسي نظرياتي سياست جو ڪنڌ جهڪي ويو آهي. هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ پئسو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. منهنجي خيال ۾، جيستائين اهو رويو تبديل نه ٿيندو، تيستائين نظرياتي سياست ترقي نه ڪري سگهندي ۽ جيڪڏهن نظرياتي سياست ترقي نه ڪري سگهي ته پوءِ سياسي استحڪام خواب ئي رهندو ۽ اسٽيبلشمينٽ سامراجي سوچ راڄ مٿان غالب اچي ويندي. هن وقت فڪري علمي ۽ نظرياتي سھپ وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي. سياست ۾ شخصيت پرستي زھر وانگر آھي جيڪا سنڌ کي پنھنجي پيرن تي بيهڻ نه ٿي ڏئي.
صاحب خان
سياست جا ڪم ته ڏسو
ڪيڏو نه عجيب آ پنهجي دؤر حڪمراني جي مهانگائين کي سستائپ جو ليبل هڻي پنهنجا منهن کڻي هر پيج تي پيا ڦڪي کل کلن. اسان جي ملڪ ۾ گذريل پنجن سالن کان قدرتي آفتن ۽ سياسي شعبده بازين سبب قوم پئي پيسجي هر پل هر لمحه حيات پر افسوس اسان جا سياسي حڪمران قوم جي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن جو هر شعبه حيات پيو زندگيء جا سور سھي پر ڪڇي نه پيو جو اسان جي نانءُ تي ويٺل عوامي نمائندن اهڙا ته قانون پاس ڪيا آهن جو جنهن ڪڇيو سمجهو مئو پر پاڻ ڪنهن به قانون ۽ آئين تي هلڻ عيب پيا سمجهن. پاڪستان جي آئين ۾ سڀني شهرين کي هڪجهڙا حق حاصل آهن پر افسوس سواءِ عام عوام جي سڀني کي آئين تي هلڻ کان استثنا مليل آهي جو جيڪو وڻين ڪن ڪو قانون انهن تي ناهي لڳڻو باقي عام عوام جيڪڏهن ڪنهن کان سوال پڇيو ته ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا دڙڪا پيا ملن ۽ ڪو جج صاحب کان سائل سوال ڪري پيو ته اسان کي انصاف ڇو نه پيو ملي مرڻ کان پهريان ته ان کي توهين عدالت جي تلوار ڏيکاري پيو ڊيڄاريو وڃي يا جيڪڏهن ڪنهن وڪيل کان پڇيو ته في ڏيڻ باوجود هو عدالت ۾ سندس ڪيس ڇو نه پيو هلرائي ۽ رڳو تاريخ تي تاريخ وٺي ڇو پيو ان کي قرضي بڻائي ۽ وياجين کان پيو جيئري مارائي ته هو وڪيلن سان منهن ماري تي سندس ڪيس تي پيش نه ٿيڻ ۽ فيس ۽ ڪيس جو فائل به واپس نه ڪرڻ جو دهمان ڏئي پيو ڊيڄاري. پر جيڪڏهن غلطيءَ سان پنهجي نمائندي کان پيو سوال ڪري ته هو ان کي پيو چوي تو ڪهڙو ووٽ ڏنو هو جو پيو سوال ڪرين؟ باقي ڪمدارن جيان بنگلن جون ڪرسيون صاف ڪرڻ وارن لاءِ ته هو هر مس ڪال تي پيو ڪال ڪري باقي عام عوام کي ته پنهنجي نمائندن تائين به رسائي ممڪن ناهي. پوءِ ان ملڪ جو مان ۽ قوم جو شان ڇا وڌندو. اسان جي آئين ساز ادارن ۽ انهن جي حلف کڻندڙ محافظن کي اپيل آھي ته خدارا قوم جو فرياد سڻو ان جا اهنج سهنج ڪيو صاف سٿرو ماحول، خالص ۽ سستي خوراڪ مهيا ڪيو. تعليم صحت روزگار جا بهترين موقعا انهن جي گهرن تائين پهچايو. اسڪول اسپتالون بڻايو ڪتاب استاد ڊاڪٽر ۽ دوائون به مهياأ ڪيو انصاف سستو ۽ فوري مهيا ڪيو .
استاد جاويد احمد هڪڙو/ شڪارپور
بدامني جي باھ ڪير وسائيندو؟
اتر سنڌ ۾ بالخصوص ضلع شڪارپور ضلع ڪشمور ۾ اغوا ھڪ معمول بڻجي چڪو آھي. اڳ ۾ روز ڪو غريب ماڻهو اغوا ٿي ويندو ھو روڊ تي ڦرجي ويندو ھو ڪو واھر ڪرڻ وارو ڪونہ ھوندو ھو. اڳ ۾ صرف غريب ماڻهو ان ۾ متاثر ٿيندا ھئا ھاڻي امير غريب ۾ ڪو فرق نہ بچيو آھي. ڪجھ وقت پھرين جي ڳالھ آھي تہ سردار مير غالب خان ڊومڪي تي ڦورن طرفان قاتلاڻو حملو ٿيو جنھن ۾ مير صاحب جا فيملي جا افراد زخمي ٿيا ۽ ھڪ ڌاڙيل بہ مارجي ويو. ان کان پوءِ پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ بين الاقوامي شھرت يافتہ نعت خوان مولانا شاھد عمران عارفي جڏھن شڪارپور اچي رھيا ھئا تہ ھمايون روڊ تي ڦورن طرفان يرغمال بڻجي ويو. سندس گاڏي موبائل فون روڪ رقم ڦورو ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنھن بعد انتظاميہ کي اطلاع ڏنو ويو انتظاميہ طرفان تعاون جي خاطري ڪرائي وئي. 20 ويھ ڏينھن گذري ويا آھن ھن مھل تائين شاھد عمران عارفي بي يارو مددگار شڪارپور ۾ ترسيل آھي. انتظاميہ طرفان ڪڏھن ڪو جواب اچي ٿو ڪڏھن ڪونہ. ان کانسواءِ ڪلھ جي يو آء ضلع شڪارپور جي امير مولانا عبداللہ مھر جڏھن گھر طرف وڃي رھيا ھئا تہ رستي ۾ ڦورن طرفان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنھن ۾ سائين محفوظ رھيا. سنڌ گورنمينٽ صوبائي وزير داخلا ۽ وفاقي وزير داخلا وزير اعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي گذارش آھي تہ ان ناسور بڻيل ڌاڙيلن خلاف فيصلہ ڪن ڪاروائي ڪري عوام کي ھميشہ لاءِ سڪون جي فضا مھيا ڪئي وڃي.
صديق سھندڙو رحيم آباد