انتقامي ڪاروائي ڪو چڱو عمل ڪونهي!

جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري کي سياسي انتقامي ڪاروائي چيو پيو وڃي. جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس نوابشاهه ٿاڻي ۾ رات ترسائڻ بعد ڦل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جتان پوليس کي حڪم مليو ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي طبيعت صحيح ناهي کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي پر ايماندار پوليس کيس سينٽرل جيل کڻي وئي ۽ اتان کان خبر آئي ته کيس حيدرآباد نارا جيل موڪليو ويو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار کي غلام مرتضيٰ جتوئي مان ڪو وڏو خطرو آهي. آخر سندس خلاف سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪرائڻ پٺيان ڪهڙي ڪهاڻي آهي؟ اهو سوال هن وقت خود سرڪار کي به منجهائيندڙ آهي. ڇا جتوئي خاندان خلاف سياسي  انتقامي ڪاروائي ٿي رهي آھي يا وري جتوئي خاندان تي داخل ٿيندڙ ڪيسن جي ڪري عوامي سطح تي همدردي وڌي رهي آھي. اهي سوال معنيٰ خيز آهن پر سنڌ جي وزير داخله ضياء الحسن لنجار  چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري ڪورٽ آرڊر تحت ٿي آھي. گهڙي پل لاءِ گهرو وزير جي ان بيان کي درست مڃي قبول ڪريون ٿا. پر مورو بدران ڦل ٿاڻي تي هڪ ڪيس داخل ڪرڻ جو ڇا مقصد هو؟ جنهن ۾ اي ٽي سي ڪورٽ ضمانت کنئي. پيپلز پارٽي جي پاليسي ۾ انتقامي ڪاروائي جو ته تصور ئي ڪونهي ته پوءِ اسماعيل ڏاهريءَ کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي.

اعجاز ممنائي/نوشهروفيروز

“حقِ لاتعلقي” – جديد دور جي اهم ضرورت

جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾، ڪم ۽ ذاتي زندگيءَ جي وچ ۾ حدون ختم ٿي رهيون آهن. ڪيترائي ملازم دفتري وقت کان پوءِ به اي ميلون، فون ڪالون ۽ پيغام وصول ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، جنهن سبب انهن جي ذاتي زندگي، ذهني صحت ۽ ڀلائي متاثر ٿي رهي آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ “حقِ لاتعلقي” (Right to Disconnect) جو تصور سامهون آيو آهي، جيڪو ملازمن کي ڪم کان پوءِ دفتري رابطن کان محفوظ رکڻ جو حق ڏئي ٿو. حقِ لاتعلقي جو مطلب اهو آهي ته ملازمن کي ڪم کان پوءِ آف لائن رهڻ جو اختيار هجي.  مسلسل دفتري رابطن ۾ رهڻ سبب ملازم ذهني دٻاءُ (Stress) جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جيڪو ڊپريشن ۽ ٻين نفسياتي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. حقِ لاتعلقي انهن کي آرام ۽ ذاتي وقت فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جديد دور ۾ دفتري زندگي ذاتي وقت تي قبضو ڪري رهي آهي. هي حق ملازمن کي سندن ذاتي زندگيءَ تي ڌيان ڏيڻ ۽ خاندان سان وقت گذارڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. حقِ لاتعلقي جديد دور جي ملازمن لاءِ انتهائي ضروري آهي، جيئن اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن پيدا ڪري سگهن. ادارن کي گهرجي ته ملازمن جي حقن جو احترام ڪن ۽ انهن کي ڪم کان پوءِ آزادي ڏيڻ لاءِ پاليسيون جوڙين. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ به ان بابت قانون سازي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملازم وڌيڪ محفوظ ۽ خوشحال زندگي گذاري سگهن.

سيد جمال علي/نصيرآباد

 

مادري زبان جي اھميت

 

جڏھن کان انسان پيدا ٿيو آھي ته ٻولي جي به شروعات ٿي، دنيا ۾ مختلف قومون رھنديون آھن. انھن ۾ ھزارين ٻوليون آھن، ھر قوم پنھنجي مادري زبان کي اھميت ڏيندي آھي، اڄڪلهه انٽرنيٽ جي دور ۾ ماڻهو پنھنجي ٻولي ۾ ٻين جي ٻولين جا لفظ استعمال ڪندا رھن ٿا. زبان اظهار جو ذريعو آهي، ٻارن جي ذھن ۾ مادري زبان جو خاڪو موجود ھوندو آھي. ٻولي سڃاڻپ آھي، گفتگو جو پڻ ذريعو آهي، ماڻهو ٻي ٻولي ۾ مضمون، آرٽيڪل، شاعري لکي سگھي ٿو. سوچيندو آھي ته پنھنجي مادري زبان ۾ آھي. ٻولي جي ماھرن جي راھ مطابق ڪا به تحقيق مادري زبان ۾ بھتر ٿي سگھي. ٻي ۽ نئين ٻولي کي سکڻ ۾ ڪو به حرج نه آھي ۽ پنھنجي ٻولي کي ھرگز نه وسارڻ گھرجي. اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي شاھوڪار ٻولين ۾ شمار ڪجي ٿي، جنهن ۾ گرامر جي لفظن جو ذخيرو پڻ ملي ٿو. 21 فيبروري ھر سال ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن جي شروعات بنگالين 1952ع ۾ قرباني ڏني. وڏو احتجاج ڪري سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪايو سندن قرباني کي يونيسڪو نظر ۾ رکندي سندن زبان کي اھميت ڏئي ۽ ھر سال 21 فيبروري تي مادري ٻولين جو ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھر سال ماڻهو پنھنجي ثقافت ٻولي جي تحفظ لاءِ ھي ڏينھن ملھائين ٿا. ھن ڏينھن ۾ ريليون سيمينار ٻولي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺائين ٿا. نئين نسل کي ٻولي جي بابت صحيح آگاھي ڏئي سگھجي.

زاھد حسين حسيني زرداري/ سرھاري

 

مادري ٻولين جي اھميت ۽ اسان جون ذميواريون

ٻولي زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. دنيا جي مختلف ملڪن، صوبن ۽ خطن ۾ مختلف ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. پر سڀ کان پياري ٻولي، ان کي تسليم ڪيو ويندو آھي. جيڪا مادري ٻولي ھوندي آھي. اها رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو نه، پر هڪ پوري ثقافتي سڃاڻپ جو حصو هوندي آهي. ٻوليءَ سان تاريخ جڙي ٿي، قومن جي سونهن نروار ٿئي ٿي ۽ احساسن کي اظهار ملي ٿو. ٻوليءَ سان قوميت جي شناخت پڻ ٿئي ٿي. دنيا ۾ ٻولين تي ۽ انھن جي سماجي استعمال تي تحقيقون ٿي رھيون آھن. وقت جي وھڪري سان ٻولين ۾ بدلائڻ اچي ٿي. انگريزي ٻولي جيڪا چوڏھين صديءَ ۾ لکي وئي ھئي، اڄ ان طريقي سان نه ٿي لکجي. ڇاڪاڻ ته وقت جي لحاظ سان ان ۾ بدلاءُ ايندو رھي ٿو. ٻولي زندگيءَ جو حصو آھي ۽ ٻوليءَ جي بنا زندگي گونگي جيان آھي. ٻوليون قومن جو قيمتي سرمايو آھن. مادري ٻولين جي اھميت ڄاڻڻ لاءِ 21 فيبروري کي يونيسڪو مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو مقرر ڪيو. دنيا ۾ تقريبن 8,324 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جن مان ڪيترين ئي ٻولين کي سماجي ۽ دنياوي سببن جي ڪري مسئلا درپيش آھن. ائين کڻي چئجي ته خطري ۾ آھن. ھن سال مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ کي پنجويهون سال يعني سلور جوبلي مڪمل ٿيندي. ھن ڏھاڙي کي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ جي پويان سڌو يا اڻ سڌو بنگلاديش جي بنگالي شاگردن ۽ بنگالي ٻوليءَ جي تحريڪ (52-1950) جو ڪردار آھي. ھن عالمي ڏهاڙي ملھائڻ جو بنيادي مقصد پنھنجي مادري ٻوليءَ جي بقا، ان جو دفاع ڪرڻ، پيش ايندڙ خطرن کان محفوظ ڪري اپاءَ وٺڻ ۽ پنھنجي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ آھي.  اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي دؤر ۾ ٻولين کي ڪيترائي خطرا درپيش آھن. ھڪ ته انگريزي ٻولي دنيا جي لنگوا فرئنڪا (عام واهپي جي) ٻولي بڻجي، دنيا تي راج ڪري رھي آھي. ايستائين جو پاڪستان جي نادرا ڪارڊ کان معمولي شين تي به انگريزي لازمي لکيل ھوندي آھي. جيڪڏھن مادري زبان وارا پنھنجي ٻولي ڳالھائڻ ڇڏي ڏين، پنھنجي ٻوليءَ کي ڇڏي ٻي ٻوليءَ کي اھميت ڏين ته اھڙي ٻولي زوال پذير ٿي ويندي. اھڙي طريقي سان ٻولين جو وجود دنيا تان ختم ٿي ويندو. ان کي لئنگئيج ڊيٿ سڏيو ويو آھي. سنڌي ٻولي اسان جي مادري ٻولي آھي. اڄ جديد ٽيڪنالوجي دؤر ۾ به ماجد ڀرڳڙي جھڙن جوانن جي ڪوششن جي ڪري، اسين فخر سان چئي سگھون ٿا ته اسان جي مادري ٻولي گوگل، مصنوعي ذھانت جھڙن سافٽويئرن جھڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، ڊيپسيڪ ۾ شامل آھي ۽ ايندڙ سافٽويئر پڻ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندا. پر ھڪ بدقسمتي اها به آھي جو اسان پنھنجو پاڻ کي ماڊرن ڪرڻ جي چڪر ۾ پنھنجي شاھوڪار ۽ وسيع مادري ٻوليءَ کي ڪنھن حد تائين وڃائي رھيا آھيون. اسان پنھنجي ٻوليءَ لاءِ پاڻ ئي خطرو بڻيل آھيون. مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ کي سلور جوبلي ٿيڻ جي موقعي تي اسين پنھنجي مادري سنڌي ٻوليءَ تي فخر ڪيون ٿا، ان کي ترجيح ڏيون ٿا ۽ ڪوشش ڪيون ٿا ته وڌ کان وڌ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالھايون، لکون، پڙھون ۽ ان کي ترقي وٺرايون.

پنھنجي ٻوليءَ ۾، ميان جي تون چوندين ماءُ،

توکي اھڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي. (شيخ اياز)

طارق راڄپر/ سڪرنڊ

 

آخري چمي !

وقت مرهم جيان هر ڦٽ ميٽي ڇڏيندو آهي پر ان جا نشان رهجي ويندا آهن. آئون انهن ماڻهن منجهان آهيان جن يونيورسٽي جي چئن سالن جي پنڌ ۾ ڇهه سال لڳايا. ان جي پويان ڪجهه پنهنجون من مانيون، ڪجهه گهڻ گهرن ۽ البيلن دوستن جو ساٿ، ڪجهه جواني جون جهڙپون ۽ گهڻو هٿ هن ڪرپٽ ۽ بي بنياد رياست جو هو. دل چئي پئي ته اڃا ٻه سال ٻيا به ڏجن پر گهڻي گهل به چڱي ناهي. عربي شعبي کان سنڌي ۽ سنڌي کان ڪرمنالاجي جو سفر بيحد شاندار، منجهائيندڙ پر دلچسپ رهيو . ڪشمور، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين جي دوستن جي ڊگهي لسٽ ٺهي پر متاثر ڪن چند ڪيو . ورسٽي جا وسيع ڪاريڊور خدا جي ان اڻ ڏيکاريل جنت جيان لڳا جتي هر احساس ٻيهر جيئرو ٿيندي ڏٺم.  خود سياسي تنظيم سان وابستگي جي ڪري سياسي دوست جڙيا جن منهنجي زندگي تي وڏو اثر ڇڏيو. پويان ٻه سال ڪرمنالاجي شعبي پنهنجي ڪشادن ڪلاس رومن ۽ ڪاريڊورن ۾ پناھ ڏني. سچ ته ان سفر ۾ جڙندڙ هر ياد ڪڏهن به من تان ميساري نه سگهبي.”ورسٽيءَ جون وارداتون ” نالي هڪڙو ڪالم لکيو هيو جيڪو ورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿيندڙ ۽ نه وسرندڙ عجيب و غريب يادن تي مشتمل آهي جيڪو ھينئر تائين ڪنهن سان ونڊ ناهي ڪيو ان ۾ گهرائي سان يادن کي قلمبند ڪيو اٿم. ٢٨ جنوري تي فائنل ۾ کنيل تحقيقي موضوع جو زباني امتحان هو خير جو ٿي ويو.  ١٢ کان ١٤ سوال پڇيا ويا ۽ اهو زباني امتحان ڪرمنالاجي شعبي جي سيمينار لائبريري ۾ ٿي رهيو هو. مون کان آخري سوال اهو پڇيو ويو ته هن لائبريري جو نالو ڇا آهي هيترن سالن ۾ ان لائبريري جي نالي جي مون کي ان ڏينهن خبر پئي. ٿيو ائين جو سيمنار جي ٻاهران اسان بيهي پنهنجي نڀر اچڻ جو انتظار پيا ڪريون. واري واري سان سڀني ٿي زباني امتحان ڏنو. ڊاڪٽر تنصيف اسان جي شعبي جو اهو واحد استاد رهيو هو جنهن کان گهڻو متاثر ٿيو هيس. ان هڪ ڏينهن پنهنجي ليڪچر دوران اسان کي ٻڌايو ته ڪرمنالاجسٽ هجڻ جي ناتي سان سڀ کان پهريان اوهان پنهنجو ذهن سالم رکندا ڪيو ۽ هر جڳهه جو پهريان غور سان معائنو ڪندا ڪريو . انتظار دوران مان سيمينار لائبريري جي ٻاهران شين کي ڏسڻ لڳس. لائبريري جي دروازي جي مٿان سندس نالو لکيل هو. سزربڪاريا سيمينار لائبريري. لائبريري جو اهو نالو آخري ڏينهن تي خبر پئي پر پوءِ به صحيح وقت تي پئي. مون امتحان وٺندڙ کي صحيح جواب ڏنو.

زباني امتحان جي تياري نه ٿيل هئي پر امتحان ڏيندي  ڏاڍو انجوائي ڪيو . ٿوري وٿي کان پوءِ اڄ اچڻ مهل ورسٽي اوپري اوپري پئي لڳي پر جڏهن آرٽ فيڪلٽي پهتس ته جان ۾ جان اچي وئي. آئيني ڊرامي ۾ ڪامريڊ شير  جو ڊائلاگ ياد اچي ويو جيڪو پنهنجي ساٿي کي چوندو آهي ته “اڄ ته درياھ تار پيو وهي”. ان حسن جي درياھ ۾ اسان بس اکين سان ٽٻيون ۽ غوطا کاڌا. سو ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي اسان به اکيون ٺارڻ لاءِ آرٽ لابي طرف وڌياسين. محبوب جي محرومي واري اذيت به اذيتناڪ اذيتن مان وڏي اذيت آهي. اسان ته وڏا خواب کڻي هتي پهتاهاسين پر سي خواب ڪن محرومين جي ڪري ساڀيان ٿي نه سگهيا. پنهنجي پيار جي ٻوٽي کي وقت سر پاڻي نه مليو جنهن ڪري اهو ٻوٽو پنهنجي اکين آڏو ڪوماٽجندو آخر سڪي سڙي ويو . منهنجي ماضي جي ساروڻين ۾ صرف ڀوڳنائون ئي آهن. ڪنهن جرمن فلاسافر زندگي جي باري ۾ لکيو آهي ته زندگي هڪ بار آهي جو هرڪو ڍوئي رهيو آهي. اڄ منهنجا قدم ڳرا ٿي پيا آهن. شايد ڇهن سالن جي سفر جو وزن الاهي ٿي چڪو آهي جيڪو چاهيندي به مان کڻي نٿو سگهان. تنهن ڪري فيصلو ڪريان ٿو ته ڪجهه وزن هلڪو ڪجي. ان لاءِ پوين سڀني يادگيرين کي تيلي ڏيان ٿو. ۽ ورسٽي کي آخري چمي ڏئي اڳتي وڌجي ٿو.

سلام اڄڻ

 

سولر انرجي منصوبو، عوامي ڀلائي يا سياسي حڪمت عملي؟

سنڌ حڪومت غريب عوام کي مهانگي بجلي جي بار کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ قابل تجديد توانائي جي واڌاري لاءِ سولر انرجي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. ان قدم جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عالمي سطح تي شمسي توانائي جي ترقي هڪ اهم رجحان بڻجي چڪي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي چين، جرمني ۽ آمريڪا شمسي توانائي تي وڏيون سيڙپڪاريون ڪري رهيا آهن. پاڪستان خاص طور تي سنڌ شمسي توانائي جي منصوبن جي وڏي صلاحيت رکي ٿو جنهن جو فائدو احسن طريقي سان ورتو وڃي ته مستقبل ۾ انرجي بحران کي گهٽائي سگهجي ٿو. سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ وارو قدم توانائي جي خرچن کي گهٽائڻ ۽ وسيلن کي عوامي ڀلائي جي ٻين منصوبن لاءِ وقف ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. هن وقت تائين 45 سرڪاري عمارتن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۽ ٻيا اهم ادارا شامل آهن. ٻه لک گهرن کي شمسي توانائي مهيا ڪرڻ واري منصوبي تحت هر گهر کي هڪ سولر پليٽ، هڪ پکو، ٽي بلب، بيٽري بيڪ اپ ۽ موبائل چارجرفراهم ڪيو پيو وڃي. هي منصوبو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل خاندانن لاءِ مخصوص آهي جنهن سان مستحق گھراڻن کي بجلي جي مستقل ۽ مفت سهولت حاصل ٿيندي ان سان نه رڳو ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو پر بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به واضح گهٽتائي ايندي. منصوبي مان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيندو پر پيپلز پارٽي کي به سياسي سطح تي مثبت اثر ملندا. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جي بحران سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن منصوبي کي مؤثر طريقي سان مڪمل ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو يقيني آهي. هي هڪ تاريخي اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿي جيڪا سنڌ جي عوام لاءِ ڊگهي مدي وارا فائدا مهيا ڪندي ۽ ملڪ ۾ شمسي توانائي جي واڌاري جو سبب بڻجندي.

مجاھد بوزدار

 

سلائي جا اچانڪ وڌندڙ اگھه ‎

رمضان ۾ مشڪل سان اٺ ڏھ ڏينهن بچيا هوندا. رمضان کان ٻه ٽي ڏينهن پهرين مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري ويندو. ڀاڄين فروٽ کان ويندي عام واهپي جي هر شي مهانگي ٿي ويندي. هن وقت نيوڇور ۾ سلائي جا ريٽ آسمان تي پهچي ويا آهن. نيوڇور جي درزين سلائي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. ڪاٽن 1200 فيشني 1500 سادو هزار روپيا ريٽ مقرر ٿي ويو آهي. رمضان جو ميهنو عبادتن جو هوندو آهي پر هتي ڪاسائي بازار برقرار ٿي ويندي آهي، جتي غريب پورهيت طبقو ڇيلي وانگي ڪسجي ويندو آهي. هن وقت نيوڇور جي درزين کان ڪير پڇاڻو ڪري ٿو ته درزي آسمان ۾ نهاري ورندي ڏيندا آهن ته اسان کي تنهنجا ڪپڙا ناهن ٺاهڻا. هنن خلاف ڪارووائي ڪئي وڃي سرڪاري ريٽ مقرر ڪري ان تي عمل ڪرايو وڃي.

مير ڪنڀر/ نيوڇور

 

مادري زبان جي اهميت

جڏهن کان انسان پيدا ٿيو آهي ته ٻولي جي به شروعات ٿي، دنيا ۾ مختلف قومون رهن ٿيون انهن جون هزارين ٻوليون آهن. هر قوم پنهنجي مادري زبان کي اهميت ڏيندي آهي پر اڄڪلهه انٽرنيٽ جي دور ۾ ماڻهو پنهنجي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪري رهيا آهن. ٻي يا نئين ٻولي سکڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي پر پنهنجي ٻولي کي هر گز نه وسارڻ گهرجي. اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي شاهوڪار ٻولين ۾ شمار ڪجي ٿي جنهن ۾ گرامر ۽ لفظن جو ذخيرو پڻ ملي ٿو. 21 فيبروري هر سال ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو، بنگالين 1952ع ۾ قرباني ڏئي وڏو احتجاج ڪري پوري دنيا جو ڌيان ڇڪايو ۽ سندن قرباني کي يونيسڪو نظر ۾ رکندي سندن زبان کي اهميت ڏني ۽ هر سال 21 فيبروري تي مادري ٻولين جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. سنڌ جي وڏي عالم ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسرجي چوڻ مطابق ته سنڌي زبان دنيا جي زبانن ۾ ام اللسان آهي يعني زبانن جي ماءُ ۽ تاريخ جي حوالن  مان خبر پئي ته سنڌي ٻولي ڏهه کان پندرهن هزار سال قديم آهي.  ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏيندڙ دنيا جي جنهن به علائقي ۾ رهن ٿا اتي سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ اهڙي عمل سان هو ٻولي کي زندهه رکيو آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ مختلف يونيورسٽيون ٻولي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر اهو غير سنجيده آهي، سنڌي ادبي سنگت ماضي ۾ ٻولي لاءِ بهترين قدم کنيا جنهن ۾ اديبن ۽ شاعرن خوب نڀايو. اڄ به ادبي سنگت ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو آهي. وقت جا حاڪم ۽ پارليامينٽ جا ميمبر هن عمل ۾ ڪو بهتر قدم نه کڻي سگهيا آهن. ايتري قدر جو تعليم کاتي جي آفيسرن جو حڪم ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين ادارن جهڙوڪ آرمي اسڪول يا ڪيڊٽ ڪاليج جتي سنڌي مضمون نالي ماتر پڙهايو وڃي ٿو يا بلڪل نه ٿو پڙهايو وڃي. دوستو اسان کي به پنهنجي ٻولي کي زندهه رکڻ لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ استادن ۽ اديبن جو ڪردار اهم آهي، اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ته جيئن مستقبل جا معمار اسان کي ميارنه ڏين ته انهن ماڻهن پنهنجي دور ۾ ٻولي لاءِ ڪو ڪم نه ڪيو.

آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

 

سنڌ جو پاڻي نه کسيو

سنڌو درياء سنڌ جو جياپو آهي ان کان سواءِ سنڌ بنجر بڻجي ويندي. اسان اڃ بک سبب هن ڌرتي جي گولي تان هميشه لاءِ ميسارجي وينداسين. سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. نوان ڪئنال ٺاهي درياءَ جو رخ چولسان طرف ڪيو پيو وڃي. هي هڪ اهڙو ظلم آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. سنڌ پنهنجي درياءَ جي مالڪ آهي. لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ کي پاڻي لاءِ نه تڙپايو نه ته سنڌ جي هيءَ اڃ سڄي ملڪ جي نڙيءَ ۾ لهي ايندي ۽ پوءِ سڀني کي تڪيلف مان گذرڻو پوندو.

ارشاد شيخ/لاڙڪاڻو