غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ جتوئي خاندان
سنڌ ۾ جتي بدامني، بک، بدحالي، تعليم کان محرومي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙا، ڌارين جي آبادڪاري، روزگار جو مسئلو، ٻيا کوڙ سارا انتظامي بدحالي جا مسئلا عروج تي آھن اتي ئي سنڌ حڪومت پنھنجي ھڪڙي ٽارگٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مصروف آھي اھو ٽارگيٽ ھي آھي ته مخالفن کي رستي کان ھٽائي ھميشه لاءِ منزل آسان ڪري ڇڏجي. ٻيو ڪو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن يا نه ڪن ليڪن ان مسئلي کي بخوبي پايه تڪميل تي پھچائڻ لاءِ اعليٰ قيادت جي احڪامن جي بنياد تي روز بروز ڪنھن مخالف کي ڪنھن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي پوليس ۾ عدالت ۾ روڊن رستن تي ذليل ڪيو ٿو وڃي. ڪڏھن ڪھڙو مخالف ته ڪڏھن ڪھڙو مخالف ان انتقام جي چڪي ۾ پيسجندي نظر ايندو آھي. ڪجھه ڏينهن پھريان اسماعيل ڏاھري ان چڪي ۾ پيسجندي نظر آيو. هاڻ مرتضيٰ جتوئي آهي. غلام مرتضي جتوئي کي گرفتار ڪري دھشتگردن جيان ھٿڪڙيون ھڻي بڪتربند گاڏين ۾ سوار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. بالآخر ان راڪاس کي جھڪائڻ جي منصوبي تي عمل ٿيڻ شروع ٿي چڪو آھي. سنڌ گورنمينٽ ٻين سڀني وانگر شايد جتوئي خاندان کي ھلڪو سمجھيو آھي جو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. اگر ان قوت ۽ زبردست طريقي سان سنڌ ۾ ناسور بڻيل ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته گھڻي بھتري اچي سگھي ٿي. سنڌ حڪومت کي به گھرجي ته صوبائي عوامي مسئلن کي حل ڪري امن امان بحال ڪرائي تعليم جي بھتري تي ڪو منصوبو جوڙي عوام کي سھولتون ميسر ڪري.
صديق سھندڙو/ رحيم آباد
سنڌ جي تعليم پوئتي ڇو ؟؟
اسان سڀني کي خبر هوندي ته ھر ملڪ ۾ ڏينھون ڏينھن تعليم ۾ بھتري ٿيندي پئي وڃي ۽ اھي ملڪ ئي اعليٰ ۽ ترقي يافتا سڏيا ٿا وڃن. تنھن ڪري ھر ملڪ پنھنجي تعليم ۾ واڌرو ٿو آڻي. ھر سڌريل ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ به تعليم جي لاءِ رکي ويندي آھي. تعليمي ترقي ۾ بھتري جي حوالي سان اسان جي حڪمرانن جي سنجيدگي جو اندازو تعليم لاءِ رکيل بجيٽ مان ئي آساني سان لڳائي سگھجي ٿو. جڏھن تعليم جي لاءِ بجيٽ نه ھجڻ جي برابر آھي ته اتي تعليم ۾ ترقي ڪيئن ايندي؟ سنڌ جي تعليم ۾ ھر روز گھٽتائي ٿي رھي آھي. ڪيترن ئي اسڪولن جي بلڊنگ صفا ناڪاره ٿي وئي آھي. جيڪڏهن بلڊنگ ڪجهھ ٺيڪ آهي ته وري فرنيچر نه ھوندو ۽ ھاڻي وري ڪتاب به موجود ناھن. جيڪڏھن ڪتاب نه ھوندا ته ان بلڊنگ ۽ فرنيچر جو ڪھڙو فائدو؟؟ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيل آھن. ھزارين اسڪولن ۾ استاد ناھن. باٿ روم کان وٺي پيئڻ جو صاف پاڻي به ڪونھي. پوءِ ائين ڪيئن چئي سگھجي ٿو ته پڙھندي سنڌ ته وڌنڌي سنڌ؟ ان جو مطلب صاف ظاھر آھي ته سنڌ جي تعليم کي ھٿ سان تباھي جي ڪناري تي آندو ويو آھي. سنڌ جي تعليم ھڪ نازڪ مرحلي مان گذري رھي آھي. جيڪڏھن تعليم جي اھڙي صورتحال رھي ته اھا سنڌ جي مستقبل جي لاءِ تمام گھڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بجلي ناھي، سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ سڀ کان پھرين نمبر تي آھي. اسان وٽ حڪمران تعليم کي ترجيح ئي نٿا ڏين . پر اھي حڪمران صرف پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا ۽ لفظي چون ٿا ته اسين تعليم بھتر ڪنداسين پر عملي ڪم نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جا 39 سڪيڙو کان وڌيڪ ٻار تعليم جي بنيادي زيور کان محروم آھن. تنھن مان 50 سيڪڙو نياڻيون به اسڪول ۾ داخل نه ٿي سگھيون. جيستائين اسان تعليم ۾ اڳڀرا نه ٿينداسيون، تيستائين پھنجا حق حاصل ڪري نه سگھنداسون. علم جي ذريعي پنھنجي سنڌ جو مستقبل سينگاري سگھنداسين. تعليم اسان کي حق حاڪميت ۽ مالڪي ۽ ورثي جو مالڪ بڻائن ۾ مدد فراھم ڪندي. ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته جيستائين حڪمرانن جا پنھنجا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل نه ڪندا تيستائين تعليم ۾ بھتري نه ايندي.
عرض محمد
پرائمري اسڪول راوتيون دل ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي
تاريخي ضلعي ٺٽي جي علائقي سال سرزمين جي تاريخي پرائمري اسڪول راوتيون دل جي پرائمري اسڪول ۾ تعليمي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، خاص طور تي استادن جي گھٽتائي جو مسئلو انتهائي سنگين بڻجي چڪو آهي. هتي 140 کان وڌيڪ شاگردن کي صرف هڪڙو استاد پڙهائي رهيو آهي، جنهن سان تعليمي معيار تي خراب اثر پئجي رهيو آهي. تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ مناسب تعداد ۾ استاد مقرر ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جڏهن شاگردن جو تعداد وڌي وڃي، ته استادن جي مقرري به ان مطابق ٿيڻ گهرجي. پر، بدقسمتي سان، اسان جي اسڪول ۾ اڃا تائين ڪو اضافي استاد مقرر ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب والدين ۽ شاگردن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي. اسان اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته: فوري طور تي وڌيڪ استادن جي مقرري ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي بهتر تعليم ملي سگهي. اسڪول جي سهولتن کي بهتر بڻايو وڃي، جيئن ٻارن کي معياري تعليمي ماحول ملي. تعليمي نظام جي بهتري لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن ته جيئن اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪري روشن مستقبل طرف وڌي سگهن. جيڪڏهن هي مسئلو جلد حل نه ڪيو ويو، ته اسان والدين ۽ شاگردن سان گڏجي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. اميد آهي ته تعليم کاتي جا اعلي عملدار جلدي ڪارروائي ڪندي اسان جي اسڪول جي صورتحال کي بهتر بڻائيندا.
طاھر عطا دل/سال سرزمين ٺٽو
تعليم جي روشنيءَ ۽ اسان جو وساريل ڳوٺ
محترم وزير تعليم صاحب! تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ جو بنياد آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر قوم پنهنجي ايندڙ نسل کي علم سان آراسته ڪرڻ لاءِ بهترين تعليمي سهولتون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. علم انسان جي اک آهي، جيڪا کيس زندگيءَ جو سچو شعور ڏئي ٿي. تعليم ئي آهي، جيڪا هڪ عام ماڻهوءَ کي باشعور بڻائي، سماج ۾ عزت ۽ سڃاڻپ ڏئي ٿي. چوڻي آهي ته علم انسان جي ٽي اک آهي، جيڪا کيس دنيا جي حقيقتن کان واقف ڪري، روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. تعليم ئي آهي، جيڪا قومن کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري ٿي. بدقسمتيءَ سان، منهنجو ڳوٺ اڃا تائين انهيءَ روشنيءَ کان محروم آهي. هتي علم جو معيار زيرو برابر آهي ۽ اسان ڄڻ جهنگ جي زندگي گذاري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته هتي تعليمي سهولتن جو وجود ئي ناهي. اڄ به منهنجي ڳوٺ جا معصوم ٻار سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. انهن لاءِ نه ڪو پڪو اسڪول آهي، نه فرنيچر، نه ڇت، نه ئي ڪا بنيادي سهولت. سج جي تپش هجي يا سيءُ اهي معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. عرض آهي ته منهنجي ڳوٺ لاءِ اسڪول جي بلڊنگ ڏيو، جيڪڏهن توهان جي هڪ نظر اسان جي اسڪول تي پوندي، ته توهان کي بلڊنگ ويران، فرنيچر ٽٽل ۽ ٻار بي يارو مددگار نظر ايندا. اهي ٻار ڪڏهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي پڙهندا آهن، ته ڪڏهن زمين تي ويهي پنهنجا ڪتاب سنڀاليندا آهن. انهن جا چهرا اميد سان ڀريل آهن، پر حالتون سخت مايوس ڪندڙ آهن. ڇا اهي ٻار هن ملڪ جا شهري ناهن؟ ڇا انهن کي ساڳيون تعليمي سهولتون ملڻ نه گهرجن؟ استادن جي کوٽ ختم ڪري، هتي قابل استاد مقرر ڪيا وڃن، جيڪي ٻارن کي سٺي تعليم ڏئي سگهن.
امان چانڊيو/نئون ڪوٽ
فچ پاڪستان جي بحالي کي تسليم ڪيو.
فچ ريٽنگز، هڪ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي، ملڪن، ڪارپوريشنن ۽ مالي ادارن جي ڪريڊٽ ويليو کي جانچيندي آهي ۽ انهن جي قرض واپس ڪرڻ جي صلاحيت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگز جاري ڪندي آهي. اهي ريٽنگز سيڙپڪارن، قرض ڏيندڙن ۽ مالي ادارن کي ڪنهن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي خطري جي سطح کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. هي ايجنسي 1914ع ۾ جان نولز فچ طرفان آمريڪا ۾ قائم ڪئي وئي ۽ شروعاتي طور تي ڪارپوريٽ ۽ سرڪاري بانڊن جي ريٽنگ تي ڌيان ڏنو. بهرحال، 1990ع جي ڏهاڪي ۾ خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ هڪ اهم ادارو بڻجي ويو ۽ تڏهن کان وٺي قومي معيشتن جو جائزو وٺڻ ۾ عالمي مالي نظام ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فچ تازو پاڪستان جي معاشي بحالي کي تسليم ڪيو آهي ۽ ڪجهه مثبت اڳڀرائين کي نمايان ڪيو آهي، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان پاليسي ريٽ 12سيڪڙو تائين گهٽائڻ، جنوري 2025ع ۾ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي 2سيڪوڙ تائين ۽ مٽاسٽا جي شرح کي مستحڪم رکڻ شامل آهن. سخت پاليسيون لاڳو ڪرڻ سان گهريلو طلب تي به ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. انهن سڌارن جي باوجود، فچ خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي اڃا به وڏن معاشي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو. ملڪ کي مالياتي سال 2025ع دوران 22 بلين ڊالر جو خارجي قرض واپس ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ 13 بلين ڊالر ذخيرا آهن، جيڪو هڪ وڏو چئلينج آهي. وڌيڪ، خارجي مالي وسيلا حاصل ڪرڻ به هڪ اهم مسئلو رهي ٿو، ڇو ته پاڪستان کي بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF)، ورلڊ بئنڪ ۽ دوست ملڪن کان مالي مدد وٺڻ جاري رکڻي پوندي، ته جيئن مالي بحران کان بچي سگهجي. فچ پاڪستان جي معاشي بهتري کي تسليم ڪري ٿو، پر وڏن قرضن جي واپسي ۽ خارجي مالي خطرن کي اڃا به وڏيون ڳڻتيون قرار ڏئي ٿو. حڪومت کي IMF جي سهڪار سان معاشي سڌارا جاري رکڻا پوندا، ته جيئن سيڙپڪارن جو اعتماد بحال رهي ۽ ملڪ ممڪن معاشي بحران کان بچي سگهي.
سينگار علي وساڻ/خيرپورميرس
لاڙڪاڻي وڌندڙ بدامني سواليا نشان ؟؟
لاڙڪاڻو، جيڪو تاريخ، ثقافت، علم ۽ سياست جو اهم مرڪز رهيو آهي، اڄ هڪ سنگين بحران جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. هيءُ شهر ڏوهارين جي بي خوف سرگرمين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ناڪاميءَ سبب مسلسل انتشار جو شڪار ٿي رهيو آهي. شهر ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ بي لغام اضافي عوام کي مستقل طور تي خوف ۽ بي اعتماديءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. چوريون، ڦرون، قتل، قبيلائي جهيڙا ۽ منشيات جو واپار روزانو جي معمول جو حصو بڻجي چڪا آهن. عوامي هنڌن تي هٿياربندن جي رستا روڪو عام ٿي چڪي آهن. ڪاروباري مرڪزن، مارڪيٽن ۽ رهائشي علائقن ۾ ڏوهارين جو راڄ آهي، جتي معصوم شهري آسانيءَ سان سندن شڪار بڻجي وڃن ٿا. قتل ۽ انتقامي ڪارروايون، قبيلائي دشمني هجي يا ذاتي وير، قتل جي وارداتن ۾ اضافو شهر کي خوني ماحول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غيرسنجيدگي سبب قاتل بي خوف گهمي رهيا آهن ۽ عام ماڻهوءَ جو حياتيءَ تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال جو بدترين ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب پوليس ۽ انتظاميا جي نااهلي ۽ لاپرواھي آهي. قانون جي اثرائتي عملدار پوليس سياسي مداخلت، ڪرپشن ۽ سفارشي نظام جو شڪار آهي. ڏوهن جا ڪيس نه ته صحيح نموني داخل ٿين ٿا، نه ئي انهن تي بروقت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. نتيجي طور ڏوهاري بي خوف ٿي پنهنجو عمل جاري رکيو پيا ٿا اچن. سماجي ۽ اقتصادي اثرن سبب لاڙڪاڻي جو مستقبل خطري ۾ آھي. امن ۽ امان جي غيرموجودگيءَ سبب شهر جي روزاني زندگي تي تباهي مچائي ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي جهڙي شهر، جتي ماضيءَ ۾ سڄي سنڌ مان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا، اڄ اسڪولن، ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين ۾ عدم تحفظ جي لهر پکڙيل آهي. والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم لاءِ موڪلڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو ته تعليمي ادارن جي ڀرسان ڏوهاري ۽ منشيات فروش بي خوف سرگرم آهن. ان کان علاوه واپارين ۽ سيڙپڪارن لاءِ لاڙڪاڻو هاڻي محفوظ شهر نه رهيو آهي. ڪيترن ئي واپارين پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سيڙپڪاريءَ جو رجحان به گهٽجي ويو آهي. مسلسل عدم استحڪام سبب روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، جنهن جو اثر عام شهريءَ جي روزاني زندگيءَ تي پئجي رهيو آهي. شهر کي ٻيهر امن ۽ استحڪام ڏيارڻ لاءِ ڪجهه فوري ۽ بنيادي قدمن جي ضرورت آهي.
“غازي” آفاق احمد آفاق
ٽائون ڪاميٽي فقير آباد جي روڊن جي مرمت ڪرايو
ٽائون ڪاميٽي فقير آباد تعلقي ڪوٽڏجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آھي. ھن ٽائون ۾ قديمي ڳوٺ ولي محمد ڀٽي، دليل خان اڄڻ، محله استاد محمد مراد کوکر، دين محمد کوکر ۽ ٻيا ڳوٺ پڻ شامل آھن جيڪي ھزارين گھرن ۽ ڳتيل آباديءَ تي مشتمل آھن پر افسوس جو سندن آمدرفت جا روڊ، رستا گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي ھنڌان ھنڌ اکڙي پيا آھن جنھن سبب ھنن ڳوٺن سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي تعليمي ادارن تائين پھچڻ ۾ ڪافي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ نوڪري پيشه ماڻھن، ڪاروباري حضرات ۽ عمر رسيدہ ماڻھن ۽ مريضن کي پڻ اچ وڃ ۾ ڪافي ڏکيائون محسوس ٿي رھي آھيون ۽ روڊ ٽٽل ھئڻ سبب ايڪسيڊنٽ ٿيڻ پڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي. تڪ جي ايم پي اي،ايم اين اي، ٽائون ڪاميٽي فقير آباد جي چيئرمين ۽ ٻين وس وارن کي مودبانه گذارش آھي ته مٿي بيان ڪيل ڳوٺن جي روڊن جي مرمت جو ڪم جلد کان جلد ڪرايو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻا سک جو ساھ کڻن.
ستار سنڌي/ڪنب
سورهيـ بادشاھ
سنڌ ڌرتي ڪيترئي بھادر انسان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي مٽي جو مان مٿانھون ڪيو آهي پير سائين پاڳارو جنھن کي سورھيـ بادشاه سڏجي ٿو انهن مانجھي مردن مان ھڪ ھو. سورھيه بادشاهه 13 صفر 1327ھـ مطابق 4 مارچ 1909ع تي خيرپور ميرس جي ڀرسان پير ڳوٺ ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو سيد محمد صبغت الله شاھ آهي ھن گادي جو سلسلو سندن ڏاڏي سيد محمد راشد سان ملي ٿو جنهن کي روزي ڌڻي به سڏيندا آهن. پير سائين پاڳارو ۽ حر جماعت ھمشه اسلام جي سر بلندي خاطر ڪوشان رهيا آهن. مير ڪرم علي خان ٽالپر جي دور ۾ سيد صبغت الله شاهـ اول سکن خلاف جھاد جو اعلان ڪيو. سورھيه بادشاه اڃا 13سالن جو ھو ته سندس والد شاھ مردان شاھ اول وفات ڪري ويو ان ڪري پاڻ ننڍي وھي ۾ سجاده نشين ٿيا. انگريز سرڪار ھن ننڍڙي عمر واري پير سائين پڳاري کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لا خطاب ۽ تلوار ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر اھو چئي انڪار ڪيائون ته اسان لاءِ پير پاڳاري جو خطاب ئي ڪافي آهي. انگريزن کي سندن اھا ڳالهه ڪانه وڻي سو ھٿيار رکڻ جو بھانو بڻائي 26 مارچ 1930ع تي کين گرفتار ڪيائون. سورھيه بادشاه 1931ع ۾ جيل اندر ھڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ آزادي جي شعور بابت وضاحت ڪيائون ۽ اھو ڄاڻايائون تج “انسان غلام ٿيڻ لا پيدا نـ ٿيو آهي آزادي جو تعلق انسان سان ايئن آهي جيئن دل جو دماغ سان رت جو رڳن سان ڦڦڙن جو ساھ سان” سورھيه بادشاهه تي بغاوت جو ڪيس ھلائي 20 مارچ 1943ع تي کيس سوري چاڙھي شھيد ڪيو ويو. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي اھڙن ئي سورھيه سرويچن لاءِ فرمايو آهي ته:
سوري سڏ ٿيو ڪا ھلندي جيڏيون
وڃڻ تن پيو نالو نينھن ڳنھن جي
سندس فرزند سيد شاھ مردان شاھ ثاني 4 فيبروري 1952ع تي پير پاڳارو ستون گادي تي ويٺو ۽ 1 اپريل 1952ع تي حڪومت لوڙھن کي ختم ڪري سڀني حرن کي آزاد ڪيو. سورھيه بادشاهه پنهنجي وطن تان قربان ٿي اسان لاءِ ھڪ سھڻو ۽ يادگار مثال ڇڏي ويو.
سھيل احمد زرداري /سرھاڙي
سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار تي عمل جو سوال
سنڌ جا ڪجهه شهر ڏسبا جتي ٽيڪسٽائيل ملز آھن جن ۾ حڪومت پاران اعلانيل ماھوار 37 ھزار روپيه پگهار ادا نٿي ڪئي وڃي. فقط هڪ يا 2 مِلون ٻڌجن ٿيون جن ۾ 37 ھزار روپيه پگهار ڏني وڃي ٿي. باقي ٻين ٽيڪسٽائيل ملز ۾ ظلمتن جا سلسلا ڏٺا وڃن ٿا ۽ خوف وچان ڪو آواز بلند ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي. ھڪ غلامي واري دور وانگر ملازم ملز ۾ ملازمتون ڪن ٿا جن سان ماٽيجي ماءُ وارا رويا روا رکيا وڃن ٿا اهڙيو خبرون رپورٽ ٿيڻ لڳيون آھن. سنڌ جي ٽيڪسٽائيل ملز جي مالڪن وچ ۾ لڳي ٿو ته ڪو اھڙو ٺاھ ٿيل آھي جنهن وسيلي ملازمن/پورھيتن کان غلامي وانگر پورهيو ورتو وڃي ٿو پر پگهارون ۽ ٻيون سھوليتون ڏيڻ ضروري نٿو سمجهيو وڃي. ھن ڏس ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي ٽيڪسٽائيل ملز ۾ ملازمن سان سخت بي واجبي ٿي رهي آهي. ايتري قدر جو EOBI جي سھوليت کان به پري رکيو ويو آھي. پورھيتن کي جائز حق حلال جو اجورو به ڏِيڻ مناسب نٿو سمجهيو وڃي. ھن افسوسناڪ صورتحال ۾ مزدرون جي معاملن کي ڏسندڙ سرڪاري ادارن، انساني حقن جي تنظيم، مزدورن جي فيڊريشنز سميت واسطيدار حدن جي ايم اين ايز، ايم پي ايز کي ٽيڪسٽائيل ملز ۾ پورھيتن کي جائز پگهارون نه ڏيڻ توڙي علاج معالجي سميت ٻين سھوليتن لاءِ انسانيت ناتي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.
منظور حسين ڪالرو/ قاسم آباد